Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 18, 2021

پنجاب ۾ قبضا مافيا خلاف شروع ٿيل آپريشن سنڌ ۾ نٿو ٿي سگهي؟

 اربع 03 اڪٽوبر 2018ع    سھیل سانگي 


پوري پنجاب ۾ حد دخلين ۽ قبضا مافيا خلاف وڏي پئماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. رڳو ٽن ڏينهن ۾ تقريبا 3 کرب رپين جون حد دخليون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن. لاهور، گجرانوالا، سيالڪوٽ، ملتان، راولپنڊي، ساهيوال، اوڪاڙا، گجرات سميت ڪو اهڙو شهر ناهي، جتي قبضا مافيا خلاف ڀرپور آپريشن زبردست نموني ۽ بنا فرق جي جاري نه هجي. ڪمرشل توڙي گهرو عمارتن، دڪانن، هوٽلن، توڙي ننڍين ننڍين گهٽين ۾ عام ماڻهن پاران ڪيل قبضا ختم ڪرڻ جو شاندار ڪم جاري آهي.  پنجاب ۾ صوبائي حڪومت قبضا مافيا ۽ حد دخلين خلاف آپريشن جي منظوري ڏني ۽ سڀ کان اڳ  قبضا گروپن ۽ حد دخلين خلاف آپريشن طاقتور مافيا کان شروع ڪيو ويو آهي. لاهور جون وڏيون بازارون، انارڪلي، سبزا زار، گلبرگ جي بازارن ۾ دڪاندارن جا قبضا، دڪانن جا شٽر، وڏا وڏا بورڊ سڀ قانون جي زد ۾ آڻي هڪ ڌڪ سان اڏايا پيا وڃن. سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت آپريشن کي تمام طاقت سان ۽ ڀرپور نموني جاري رکيو ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير پنجاب جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجي ڀرپاسي ۾ قبضا مافيا جي نشاندهي ڪئي وڃي، اسان ڪارروائي ڪنداسين.

پوري ملڪ ۾ قبضا مافيا ۽ حد دخلين خلاف آپريشن جاري آهي، پر سنڌ اڄ به ڪراچي کان ڪشمور تائين قبضا گيرن جي ور چڙهيل آهي. سنڌي جي سرڪاري زمينن تي قبضن ۽ انهن جي بي بها وڪري خلاف ته ڪورٽن ۾ ڪيس هلندڙ آهن، جو جڏهن کان پيپلزپارٽي حڪومت اقتدار ۾ آئي، تڏهن کان شهرن جون سرڪاري زمينون هجن يا ٻيلي کاتي جون زرخيز زمينون هجن، اهي ايئن قبضا ڪري وڪرو ڪيون ويون آهن، ڄڻ ته انهن جي اليڪشن منشور ۾ اهو لکيل هو ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ ايندا ته سرڪاري زمينن جو ڪو ٽڪر نه ڇڏيندا-

ڪراچيءَ ۾ ٿيل چائنا ڪٽنگ هڪ اهڙو مثال آهي، جنهن ڪاروبار مان اربين رپيا ڪمايا ويا. ڪيترائي اهڙا پلاٽ آهن، جتي بلڊرن عمارتون ٺاهي ڇڏيون آهن، ڪيترن هنڌن تي ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ بابر غوري جهڙن جا شادي حال ٺهيل هئا، جيڪي هو ڀاڙي تي هلائي انهن مان لکين رپيا ڪمائيندا رهيا. توڙي، جو جيڪي سرڪاري پلاٽ چائنا ڪٽنگ باوجود بلڊرن جي حوالي نه ٿيا، انهن تان شادي حال ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، پر سوال اهو آهي ته جيڪي پلاٽ چائنا ڪٽنگ تحت رهائشي اسڪيمن ۾ کپي ويا، انهن جو حساب ڪتاب ڪنهن کان ورتو ويندو؟

ڳالهه رڳو ڪراچي جي به ڪونهي، پر گاديءَ واري ان هنڌ جو وڌيڪ ذڪر ان ڪري ٿئي ٿو، جو اتي ان قسم جو ڪم ڄڻ ته مافيائون ڪنديون رهيون، پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙي انڌير نگري متل رهي آهي، جو ”جيڪو ڏاڍو، سو گابو“ واري ڪار رهي آهي، يعني جيڪو اقتدار ۾ ويٺو آهي، ان جي مرضي ته پنهنجي تر ۾ ڪنهن سرڪاري ملڪيت تي قبضو ڪري يا ڀلي ڪنهن اهڙي خانگي ماڻهوءَ جي زمين تي قبضو ڪري ڇڏي، جنهن جي ڪا وڏي پهچ نٿي هجي. جيڪو اقتدار ۾ ويٺو آهي، پوليس وٽ به ان جي هلندي، روينيو ۾ به ان جي هلندي ته انتظاميا وٽ به ان جي هلندي، پوءِ جنهن جي زمين تي قبضو ٿيو آهي، اهو ڪٿي دانهين؟ اهو هڪ طرفي ٽريفڪ جهڙو انداز وڏي عرصي کان سنڌ ۾ هلندو رهيو آهي، جنهن تحت خانگي ماڻهن وٽ ٻه رستا ئي بچندا آهن، ته يا هو ڏاڍي ڌر کي سندس مرضيءَ واري اگهه تي پنهنجي ملڪيت لکي ڏئي يا وري ان زمين تي قبضي ٿيڻ لاءِ زهني طور تي تيار ٿي وڃي، پوءِ پيا ڪيس هلندا، جڏهن ڪو فيصلو ٿئي!

مٿئين سطح تي ان انداز جو اثر ئي آهي، جو شهرن ۾ حددخليون ڪرڻ واري رواج جي حوصلا افزائي به ٿي آهي. عام ماڻهو ڏسي پيو ته جڏهن سندن چونڊيل نمائينده ايڏي وڏي پيماني تي قبضو پيا ڪن ته ڇا کين پنهنجي گهر يا دڪان آڏو ننڍڙي حد دخلي ڪرڻ جو حق به ڪونهي؟ سنڌ هڪ اهڙو جسم بڻجي چڪي آهي، جنهن تي حد دخليون سندس خوبصورت عضون تي پونءِ سان ڀريل ڦرڙين وانگر بدصورتي پکيڙي رهيون آهن. سنڌ جي هر شهر جي هر روڊ، بازار توڙي گهٽيءَ تي غريب توڙي امير سڀني اهڙا  قبضا ڪيا آهن، جو بحيثيت قوم جي اسان لاءِ شرم جو مقام آهي، جو اسان ڪا سوڙهي گهٽي به ناهي ڇڏي. سنڌ ۾ ميونسپل نظام حڪمران جماعت جي ڪرپشن سبب تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ڪنهن به شهر جي ڪنهن به گهٽي، روڊ، رستي، پارڪ، اسڪول جي پلاٽ، نالي توڙي گٽر تي ڪو به قبضو ڪري مجال آهي، جو ميونسپل وارا ان کي اچي روڪين. جيڪڏهن ڪو ميونسپل آفيسر ڪجهه همت ڪري اهڙي ڪارروائي ڪري ٿو ته حد جو ايم پي اي، ايم اين  اي ان جي نوڪري چٽ ڪرائي ڇڏي ٿو. مان پنهنجي شهر روهڙي جو مثال ڏيان ته شهر جون ويڪريون خوبصورت گهٽيون قبضا گيرن قبضا ڪري، ايتريون سوڙهيون ڪري ڇڏيون آهن، جو ڪيترين گهٽين مان ته جنازا به ناهن نڪري سگهندا. گهٽين ۾ قبضي جو طريقو اهو ٿئي ٿو ته، پنهنجي ديوار گهر جي دڪي يا ڏاڪڻ وٽ سوري اچن ٿا ۽ دڪي يا ڏاڪڻ وري گهٽي ۾ سرڪاري زمين تي  قبضو ڪري ٺاهي ويندي آهي، وري ڪجهه سالن بعد ساڳيو عمل دهرائي گهٽي ۾ اڃا اڳتي قبضا ڪيا ويندا آهن. گهڻن هنڌن تي ته گٽر جي مين لائين به ڪجهه گهرن قبضن هيٺ آندي آهي، معنيٰ ته جي شهر جو گٽر بند ٿئي ته انهن گهرن جو در کڙڪائي سندن پڌر ۾ وڃي گٽر صاف ڪن. ٻئي پاسي بازارن ۾ دڪاندار انتهائي زور زبردستيءَ سان دڪان جي سامهون وارو سرڪاري زمين جو حصو قبضو ڪن ٿا. ايترو وڏو سندن دڪان ناهي هوندو، جيترو هو ان جي سامهون وارو سرڪاري رستو پنهنجي قبضي ۾ آڻيندو آهي. گهڻن هنڌن تي بازارن ۾ ته اهڙي قسم جا دڪاندار پنهنجي دڪان جي سامهون وارو ٽڪرو ڪنهن ٻئي اسٽال واري کي الاٽ ڪري ان کان ڪرايو به وٺندا آهن. اها صورتحال ڪا ڪنهن هڪ شهر جي ڪونهي، سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر جو ساڳيو حال آهي ۽ ان جون ذميوار سياسي حڪومتون آهن.

سنڌ ۾ بنا فرق جي ايئن ئي آپريشن شروع ٿيڻ گهرجي، جيئن چائنا ڪٽنگ خلاف آپريشن شروع ٿيو هو. حڪومت هڪ بي رحم آپريشن ڪري، ڪمرشل توڙي گهرو، روڊ توڙي رستي، بازار توڙي ننڍي کان ننڍي گهٽي مان حد دخلي ختم ڪرائي وڃي. آپريشن هڪ هڪ ڊويزن ۾ ٻهاري ڏئي پوءِ وري ٻي ڊوزن ۾ ڪجي ته جيئن آپريشن تي فوڪس هجي. رڳو پاڙن، بازارن واريون حد دخليون نه هجن، پر جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ ڪنهن سرڪاري زمين تي به ڪو ناجائز قبضو ٿيل آهي ته ان کي انهيءَ آپريشن جي دائري ۾ آڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن انهن مافيائن جي حوصلا شڪني نه ٿيندي ته پوءِ اسان جا شهر خوبصورت ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن بدصورتيءَ جي ور چڙهي ويندا- اسان تصور ڪريون ته ڪراچيءَ اندر پبلڪ پارڪن جي زمينن تي جيڪڏهن چائنا ڪٽنگ نه ٿئي ها، جيڪڏهن اتي واقعي به پارڪ تعمير ٿين ها ته ڇا شهر جو نقشو اهو هجي ها، جيڪو اڄ آهي؟ سنڌ ۾ موجوده حڪومت کان اها اميد ته ناهي ته اهي سنڌ جي سونهن تي ڪينسر جيان ڦهليل حد دخلين کي ختم ڪرائيندا، پر شايد پنجاب مان اها بيماري ختم ڪرائيندڙ ادارا سنڌ کي به پنهنجو سمجهن ۽ اتان به اها بيماري صاف ڪن.

memonsuhail@hotmail.com

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home