Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 18, 2021

پنجاب ۾ قبضا مافيا خلاف شروع ٿيل آپريشن سنڌ ۾ نٿو ٿي سگهي؟

 اربع 03 اڪٽوبر 2018ع    سھیل سانگي 

پوري پنجاب ۾ حد دخلين ۽ قبضا مافيا خلاف وڏي پئماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. رڳو ٽن ڏينهن ۾ تقريبا 3 کرب رپين جون حد دخليون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن. لاهور، گجرانوالا، سيالڪوٽ، ملتان، راولپنڊي، ساهيوال، اوڪاڙا، گجرات سميت ڪو اهڙو شهر ناهي، جتي قبضا مافيا خلاف ڀرپور آپريشن زبردست نموني ۽ بنا فرق جي جاري نه هجي. ڪمرشل توڙي گهرو عمارتن، دڪانن، هوٽلن، توڙي ننڍين ننڍين گهٽين ۾ عام ماڻهن پاران ڪيل قبضا ختم ڪرڻ جو شاندار ڪم جاري آهي.  پنجاب ۾ صوبائي حڪومت قبضا مافيا ۽ حد دخلين خلاف آپريشن جي منظوري ڏني ۽ سڀ کان اڳ  قبضا گروپن ۽ حد دخلين خلاف آپريشن طاقتور مافيا کان شروع ڪيو ويو آهي. لاهور جون وڏيون بازارون، انارڪلي، سبزا زار، گلبرگ جي بازارن ۾ دڪاندارن جا قبضا، دڪانن جا شٽر، وڏا وڏا بورڊ سڀ قانون جي زد ۾ آڻي هڪ ڌڪ سان اڏايا پيا وڃن. سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت آپريشن کي تمام طاقت سان ۽ ڀرپور نموني جاري رکيو ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير پنجاب جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجي ڀرپاسي ۾ قبضا مافيا جي نشاندهي ڪئي وڃي، اسان ڪارروائي ڪنداسين.

پوري ملڪ ۾ قبضا مافيا ۽ حد دخلين خلاف آپريشن جاري آهي، پر سنڌ اڄ به ڪراچي کان ڪشمور تائين قبضا گيرن جي ور چڙهيل آهي. سنڌي جي سرڪاري زمينن تي قبضن ۽ انهن جي بي بها وڪري خلاف ته ڪورٽن ۾ ڪيس هلندڙ آهن، جو جڏهن کان پيپلزپارٽي حڪومت اقتدار ۾ آئي، تڏهن کان شهرن جون سرڪاري زمينون هجن يا ٻيلي کاتي جون زرخيز زمينون هجن، اهي ايئن قبضا ڪري وڪرو ڪيون ويون آهن، ڄڻ ته انهن جي اليڪشن منشور ۾ اهو لکيل هو ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ ايندا ته سرڪاري زمينن جو ڪو ٽڪر نه ڇڏيندا-

ڪراچيءَ ۾ ٿيل چائنا ڪٽنگ هڪ اهڙو مثال آهي، جنهن ڪاروبار مان اربين رپيا ڪمايا ويا. ڪيترائي اهڙا پلاٽ آهن، جتي بلڊرن عمارتون ٺاهي ڇڏيون آهن، ڪيترن هنڌن تي ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ بابر غوري جهڙن جا شادي حال ٺهيل هئا، جيڪي هو ڀاڙي تي هلائي انهن مان لکين رپيا ڪمائيندا رهيا. توڙي، جو جيڪي سرڪاري پلاٽ چائنا ڪٽنگ باوجود بلڊرن جي حوالي نه ٿيا، انهن تان شادي حال ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، پر سوال اهو آهي ته جيڪي پلاٽ چائنا ڪٽنگ تحت رهائشي اسڪيمن ۾ کپي ويا، انهن جو حساب ڪتاب ڪنهن کان ورتو ويندو؟

ڳالهه رڳو ڪراچي جي به ڪونهي، پر گاديءَ واري ان هنڌ جو وڌيڪ ذڪر ان ڪري ٿئي ٿو، جو اتي ان قسم جو ڪم ڄڻ ته مافيائون ڪنديون رهيون، پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙي انڌير نگري متل رهي آهي، جو ”جيڪو ڏاڍو، سو گابو“ واري ڪار رهي آهي، يعني جيڪو اقتدار ۾ ويٺو آهي، ان جي مرضي ته پنهنجي تر ۾ ڪنهن سرڪاري ملڪيت تي قبضو ڪري يا ڀلي ڪنهن اهڙي خانگي ماڻهوءَ جي زمين تي قبضو ڪري ڇڏي، جنهن جي ڪا وڏي پهچ نٿي هجي. جيڪو اقتدار ۾ ويٺو آهي، پوليس وٽ به ان جي هلندي، روينيو ۾ به ان جي هلندي ته انتظاميا وٽ به ان جي هلندي، پوءِ جنهن جي زمين تي قبضو ٿيو آهي، اهو ڪٿي دانهين؟ اهو هڪ طرفي ٽريفڪ جهڙو انداز وڏي عرصي کان سنڌ ۾ هلندو رهيو آهي، جنهن تحت خانگي ماڻهن وٽ ٻه رستا ئي بچندا آهن، ته يا هو ڏاڍي ڌر کي سندس مرضيءَ واري اگهه تي پنهنجي ملڪيت لکي ڏئي يا وري ان زمين تي قبضي ٿيڻ لاءِ زهني طور تي تيار ٿي وڃي، پوءِ پيا ڪيس هلندا، جڏهن ڪو فيصلو ٿئي!

مٿئين سطح تي ان انداز جو اثر ئي آهي، جو شهرن ۾ حددخليون ڪرڻ واري رواج جي حوصلا افزائي به ٿي آهي. عام ماڻهو ڏسي پيو ته جڏهن سندن چونڊيل نمائينده ايڏي وڏي پيماني تي قبضو پيا ڪن ته ڇا کين پنهنجي گهر يا دڪان آڏو ننڍڙي حد دخلي ڪرڻ جو حق به ڪونهي؟ سنڌ هڪ اهڙو جسم بڻجي چڪي آهي، جنهن تي حد دخليون سندس خوبصورت عضون تي پونءِ سان ڀريل ڦرڙين وانگر بدصورتي پکيڙي رهيون آهن. سنڌ جي هر شهر جي هر روڊ، بازار توڙي گهٽيءَ تي غريب توڙي امير سڀني اهڙا  قبضا ڪيا آهن، جو بحيثيت قوم جي اسان لاءِ شرم جو مقام آهي، جو اسان ڪا سوڙهي گهٽي به ناهي ڇڏي. سنڌ ۾ ميونسپل نظام حڪمران جماعت جي ڪرپشن سبب تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ڪنهن به شهر جي ڪنهن به گهٽي، روڊ، رستي، پارڪ، اسڪول جي پلاٽ، نالي توڙي گٽر تي ڪو به قبضو ڪري مجال آهي، جو ميونسپل وارا ان کي اچي روڪين. جيڪڏهن ڪو ميونسپل آفيسر ڪجهه همت ڪري اهڙي ڪارروائي ڪري ٿو ته حد جو ايم پي اي، ايم اين  اي ان جي نوڪري چٽ ڪرائي ڇڏي ٿو. مان پنهنجي شهر روهڙي جو مثال ڏيان ته شهر جون ويڪريون خوبصورت گهٽيون قبضا گيرن قبضا ڪري، ايتريون سوڙهيون ڪري ڇڏيون آهن، جو ڪيترين گهٽين مان ته جنازا به ناهن نڪري سگهندا. گهٽين ۾ قبضي جو طريقو اهو ٿئي ٿو ته، پنهنجي ديوار گهر جي دڪي يا ڏاڪڻ وٽ سوري اچن ٿا ۽ دڪي يا ڏاڪڻ وري گهٽي ۾ سرڪاري زمين تي  قبضو ڪري ٺاهي ويندي آهي، وري ڪجهه سالن بعد ساڳيو عمل دهرائي گهٽي ۾ اڃا اڳتي قبضا ڪيا ويندا آهن. گهڻن هنڌن تي ته گٽر جي مين لائين به ڪجهه گهرن قبضن هيٺ آندي آهي، معنيٰ ته جي شهر جو گٽر بند ٿئي ته انهن گهرن جو در کڙڪائي سندن پڌر ۾ وڃي گٽر صاف ڪن. ٻئي پاسي بازارن ۾ دڪاندار انتهائي زور زبردستيءَ سان دڪان جي سامهون وارو سرڪاري زمين جو حصو قبضو ڪن ٿا. ايترو وڏو سندن دڪان ناهي هوندو، جيترو هو ان جي سامهون وارو سرڪاري رستو پنهنجي قبضي ۾ آڻيندو آهي. گهڻن هنڌن تي بازارن ۾ ته اهڙي قسم جا دڪاندار پنهنجي دڪان جي سامهون وارو ٽڪرو ڪنهن ٻئي اسٽال واري کي الاٽ ڪري ان کان ڪرايو به وٺندا آهن. اها صورتحال ڪا ڪنهن هڪ شهر جي ڪونهي، سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر جو ساڳيو حال آهي ۽ ان جون ذميوار سياسي حڪومتون آهن.

سنڌ ۾ بنا فرق جي ايئن ئي آپريشن شروع ٿيڻ گهرجي، جيئن چائنا ڪٽنگ خلاف آپريشن شروع ٿيو هو. حڪومت هڪ بي رحم آپريشن ڪري، ڪمرشل توڙي گهرو، روڊ توڙي رستي، بازار توڙي ننڍي کان ننڍي گهٽي مان حد دخلي ختم ڪرائي وڃي. آپريشن هڪ هڪ ڊويزن ۾ ٻهاري ڏئي پوءِ وري ٻي ڊوزن ۾ ڪجي ته جيئن آپريشن تي فوڪس هجي. رڳو پاڙن، بازارن واريون حد دخليون نه هجن، پر جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ ڪنهن سرڪاري زمين تي به ڪو ناجائز قبضو ٿيل آهي ته ان کي انهيءَ آپريشن جي دائري ۾ آڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن انهن مافيائن جي حوصلا شڪني نه ٿيندي ته پوءِ اسان جا شهر خوبصورت ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن بدصورتيءَ جي ور چڙهي ويندا- اسان تصور ڪريون ته ڪراچيءَ اندر پبلڪ پارڪن جي زمينن تي جيڪڏهن چائنا ڪٽنگ نه ٿئي ها، جيڪڏهن اتي واقعي به پارڪ تعمير ٿين ها ته ڇا شهر جو نقشو اهو هجي ها، جيڪو اڄ آهي؟ سنڌ ۾ موجوده حڪومت کان اها اميد ته ناهي ته اهي سنڌ جي سونهن تي ڪينسر جيان ڦهليل حد دخلين کي ختم ڪرائيندا، پر شايد پنجاب مان اها بيماري ختم ڪرائيندڙ ادارا سنڌ کي به پنهنجو سمجهن ۽ اتان به اها بيماري صاف ڪن.

memonsuhail@hotmail.com

Labels: ,

Sunday, December 27, 2020

Sohail Sangi kawish columns 2018

 http://www.thekawish.com/Articles1/Sohail%20Sangi/2013/2013.htm 

SOHAIL SANGI

2018

جنوري 2017

سومر 08 جنوري 2018ع

ڇا هي ننڍا واقعا ڪنهن ”وڏي رٿا“ جو حصو سمجهڻ گهرجن؟

ڇنڇر 27 جنوري 2018ع

حڪومتون زينب ۽ نقيب جي قتل کان اڳ سجاڳ ڇو نٿيون ٿين؟

فبيروري 2018

اربع 14 فيبروري 2018ع

لوڌران ۾ فتح کانپوءِ نواز شريف لاءِ هالتون بهتر ٿي وينديون؟

مارچ 2018

اربع 21 مارچ 2018ع

نواز شريف کي مقابلي مان ڪڍڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا پتا کيڏيا ويندا؟

خميس 29 مارچ 2018ع

وزيراعظم-چيف جسٽس ملاقات: نواز شريف پير ’پوئتي‘ ڪيا آهن يا ’پختا‘ ڪيا آهن؟

اپريل 2018

جمع 06 اپريل 2018ع

ايندڙ عام چونڊن ۾ به ”سينيٽ چونڊ“ واري فارمولا تي عمل ٿيندو؟

خميس 26 اپريل 2018ع

شهباز شريف جي ڪراچي آمد شهر جي سياست کي تبديل ڪري سگهندي؟

مئي 2018

سومر 07 مئي 2018ع

چونڊن کان اڳ ايم ڪيو ايم جا گروپ گڏ ڪيئن ٿيا آهن؟

جمع 16 مئي 2018ع

ڇا نواز شريف پاڻ ٿو چاهي ته مٿس غداريءَ جو ڪيس ٺهي؟

جون 2018

اربع 06 جون 2018ع

چونڊن بابت ايتري غيريقينيءَ وارو ماحول ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟

اربع 20 جون 2018ع

ڇا جمهوريت رڳو چونڊون ڪرائڻ جو نالو آهي؟

جولاءِ 2018

اڱارو 03 جولاءِ 2018ع

ڇا چونڊن ۾ اقليتن جي انصاف ڀري نمائندگي هوندي آهي؟

خميس 05 جولاءِ 2018ع

ڇا احتساب عدالت سڀاڻي نواز شريف کي سزا ٻڌائيندي؟

ڇنڇر 21 جولاءِ 2018ع

پيپلز پارٽيءَ جي چونڊ مهم مان آصف زرداري آئوٽ ۽ بلاول سرگرم ڇو آهي؟

اڱارو 24 جولاءِ 2018ع

سڀاڻي واري چونڊ کان اڳ جا منظر ۽ نتيجن جي ساک بابت اٿاريل سوال!

جمع 27 جولاءِ 2018غ

اليڪشن کانپوءِ حڪومت سازيءَ لاءِ ٿيندڙ صلاحون!

آگسٽ 2018

ڇنڇر 04 آگسٽ 2018ع

تحريڪ انصاف جون ”نئين پاڪستان“ لاءِ سوديبازيون سنڌ کي وڌيڪ پراڻو ته نه ڪنديون؟

جمع 17 آگسٽ 2017ع

سنڌ جي نئين حڪومت ۽ پيپلز پارٽي -نواز ليگ جي فاصلن جو پسمنظر

سيپٽمبر 2018

سومر 03 سيپٽمبر 2018ع

عمران خان جي حڪومت پنهنجي دعوائن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پئي آهي؟

جمع 07 سيپٽمبر 2018ع

تبديليءَ واري حڪومت جي ڪجهه غير عوامي فيصلن جو ذڪر

جمع 14 سيپٽمبر 2018ع

تحريڪ انصاف جي حڪومت مالياتي ايوارڊ جي ورڇ ۾ انصاف ڪري سگهندي؟

آڪٽوبر 2018

اربع 03 اڪٽوبر 2018ع

پنجاب ۾ قبضا مافيا خلاف شروع ٿيل آپريشن سنڌ ۾ نٿو ٿي سگهي؟

جمع 05 اڪٽوبر 2018ع

ڇا راڻا مشهود جي ڳالهين کي ”هوائي فائر“ سمجهڻ گهرجي؟

نومبر 2018

اربع 07 نومبر 2018ع 

عمران خان حڪومت ارڙهين ترميم جو خاتمو ڇو ٿي چاهي؟

Labels: , ,

Thursday, October 04, 2018

ڇا راڻا مشهود جي ڳالهين کي ”هوائي فائر“ سمجهڻ گهرجي؟

ڇا راڻا مشهود جي ڳالهين کي ”هوائي فائر“ سمجهڻ گهرجي؟
جمع 05 اڪٽوبر 2018ع
What Rana Mashood says
سياسي حلقن ۽ ميڊيا ۾ اهو تاثر جڙي رهيو آهي ته عمران خان کي هٿ وٺي شهه ڏئي ڪنهن به طرح سان وزيراعظم بڻايو ويو پر هو گهربل نتيجا نه پيو ڏيئي سگهي. ”نئين پاڪستان“ جي نعري خلاف مصالحو گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف حڪومت نه عوام کي ڪجهه ڏيئي سگهي آهي ۽ نه وري حڪومت ۾ آڻڻ وارين ڌرين جو ڪو ڀلو ٿي سگهيو آهي. ملڪ مالي توڙي پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان بدستور گهوٽالي جو شڪار آهي. هر ڌر جي تحرڪ کي باقي ڌريون ڏاڍي غور سان ڏسي رهيون آهن.
نواز ليگ جي اڳواڻ راڻا مشهود علي جي هڪ خانگي ٽي وي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جو وڏو چئوٻول آهي. شهباز شريف جي دور ۾ راڻا مشهود پنجاب جو وزيرِ تعليم رهيو آهي ۽ ٻنهي شريف ڀائرن کي ويجهو رهيو آهي. ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه- سندس بيان تي هر ڌر پنهنجي راءِ ڏيڻ ۽ تبصرو ڪرڻ ضروري سمجهيو. پاڪ فوج جي ترجمان سندس بيان کي بي بنياد ۽ افسوسناڪ سڏيندي چيو ته اهڙي غير ذميوارانه روين سان ملڪي استحڪام کي نقصان پهچندو. پي ٽي آءِ کي ته ڪاوڙ لڳڻي ئي هئي. ان پنجاب اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي. سُڌ سماءَ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري چوي ٿو ته راڻا کي ڪهڙي خبر ته مذاڪرات ڪهڙا ٿيا آهن؟
جيتوڻيڪ کانئس پارٽي طرفان پڇا ڳاڇا ٿيڻ تي وضاحت ڪئي وئي ته سندس بيان کي سياق سباق کان ڌار ڪري پيش ڪيو ويو آهي. پر سندس هن وضاحت سان ڪم هلي نه سگهيو. نواز ليگ جي ترجمان قومي اسيمبلي جي ميمبر مريم اورنگزيب راڻا جي هن بيان کي ذاتي راءِ سڏيو ۽ چيو ته هن بيان سان پارٽي ۽ ان جي قيادت جو ڪوبه تعلق ناهي. بيان حيرت جوڳو آهي. نواز ليگ جي سربراهه شهباز شريف هن تڪراري بيان تي راڻا مشهود جي پارٽي رڪنيت معطل ڪندي راجا ظفر الحق جي اڳواڻي ۾ ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا کانئس پڇا ڪري پارٽي کي ٻن ڏينهن اندر رپورٽ ڏيندي. اڳوڻو صوبائي قانون وارو وزير راڻا ثناءُالله چوي ٿو ته پنجن سالن ۾ نواز ليگ تي جيترا الزام مڙهيا ويا، ان کان پوءِ ڊيل جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پارٽي سمورا معاملا پارليامينٽ اندر طئي ڪندي. سندس چوڻ آهي ته ڪي ماڻهو پنهنجي خواهشن کي خبر ٺاهي وٺندا آهن. راڻا مشهود جيڪي ڪجهه چيو آهي، سا سندس خواهش ته ٿي سگهي ٿي پر ان جو حقيقت سان ڪو تعلق ناهي. بهرحال اڳوڻي قانون واري وزير اهو به چيو ته راڻا مشهود اهو بيان پنهنجي سمجهه ۽ معلومات جي بنيادن تي ڏنو آهي. هو اها به اميد رکي ٿو ته چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت جاچ ڪندڙ پارلياماني ڪميشن، پي ٽي آءِ جي ”جعلي“ مينڊيٽ جي حقيقت پڌري ڪري ڇڏيندي. اهي ته آهن تحريڪ انصاف، نواز ليگ جي پارٽين جا سرڪاري طرح ڏنل بيان ۽ وضاحتون.
چوڌري فواد جي توڙي راڻا ثناءُالله جي بيان ۾ اهڙا اشارا موجود آهن ته دال ۾ ڪجهه ”ڪارو“ ضرور آهي. سُڌ سماءَ واري وزير فواد حسين جا اهي لفظ معنيٰ رکن ٿا ته راڻا مشهود کي ”ڪهڙي خبر ته ڪهڙيون ڳالهيون“ ٿيون آهن. هن جو رٽيل جملو اهو آهي ته ڳالهيون ٿيون آهن، جن جي راڻا مشهود کي خبر ناهي. راڻا ثناءُالله چوي ٿو ته اهو بيان راڻا مشهود پنهنجي سمجهه ۽ ڄاڻ جي بنياد تي ڏنو آهي. هتي به ڳالهين ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو. بيان، جنهن تان ٻڙدڪ متو، ان ۾ راڻا مشهود علي اها دعوا ڪئي هئي ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ پنجاب ۾ اسان جي حڪومت ٺهندي. جن پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو آهي، اهي سوچين پيا ته پي ٽي آءِ وارا ڊليور نه ڪري سگهيا آهن ۽ اهو احساس ٿي رهيو آهي ته چونڊن ۾ جيڪي ٿيو، سو غلط ٿيو. اهي ڌريون سمجهن ٿيون ته شهباز شريف ئي بهتر چوائيس هئي. سندس بيان جي کول تڏهن به ٿي، جڏهن هن پنهنجي بيان جي واضاحت ڪئي. هن وضاحت ۾ چيو هو ته، مون ڪنهن ڊيل جي ڳالهه نه ڪئي هئي. ادارن جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿيندي آهي ان جي بنياد تي چوان پيو ته، پنجاب ۾ اسان جي حڪومت ٺهندي. هو چوي ٿو ته ان ۾ ايندڙ مهينن دوران ڇوٽي چونڊ ٿيڻي آهي. عدالت يا عوام ذريعي حڪومت جو خاتمو ٿيڻو آهي. سندس اهو به چوڻ آهي ته آزاد اميدوارن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا، اهي نه نڀايا ويا. نتيجي ۾ اهي پنهنجي تڪ ۾ منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهيا آهن.
جيڪڏهن راڻا مشهود جو بيان خام خيالي تي ٻڌل ۽ ڀڀڪيون هجي ها ته ڪير ان بيان کي ليکي به نه ها، اهو بيان پنهنجي موت ائين مري وڃي ها جيئن روز ڪيترائي سياسي بيان مري ويندا آهن. خام خيالي تي ايترو ردعمل ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. نواز ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ادارن سان معاملا طئي ٿي ويا آهن ته ان ۾ خراب ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ان لاءِ ته مختلف ڌريون ماضي ۾ به ڪوششون ڪنديون رهيون آهن.
گذريل ڪجهه مهينن دوران جڏهن کان نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب عتاب هيٺ آهي، ڊيل ڊيل ۽ اين آر او جون ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن. هڪ عدالتي فيصلي جي نتيجي ۾ نااهلي، ان کانپوءِ احتساب عدالت طرفان ايون فيلڊس ڪيس ۾ سزائون ٿيون. نواز شريف جڏهن پنهنجي گهر واري جي طبيعت پڇڻ لاءِ لنڊن ويو ته اهي ڳالهيون هلايون ويون ته اهي موٽي نه ايندا. جڏهن عدالت سزا ٻڌائي تڏهن به نواز توڙي مريم ٻئي لنڊن ۾ هئا، پر هو موٽي آيا ۽ گرفتاري ڏنائون. تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهڻ بعد هڪ دفعو وري نواز شريف سان مفاهمت جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. اينڪر پرسن لڏو اهي ڪهاڻيون گهڙيندو ۽ خبرون ڏيندو رهيو ته سعودي عرب نواز شريف جي آزادي جي عيوض 12 ارب يا 2 ارب ڊالر ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي يا وري اهو ته اوڌر تي تيل ڏيڻ آڇيو آهي. ڪلثوم نواز جي وفات تي نواز شريف سان سعودي، ترڪي توڙي ٻين ملڪن جا سفير عذرخواهي لاءِ آيا. اهڙين ”خبرن“ کي هوا ملي. اڃا فضا ۾ انهن ”خبرن“ جو پڙاڏو موجود هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جو فيصلو معطل ڪندي نواز شريف، سندس ڌي ۽ ناٺي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سزائن جي معطلي نواز شريف سان ڌرين جي سرچاءَ پرچاءَ وارين خبرن تي ويساهه نه ڪندڙن کي به سوچڻ تي مجبور ڪيو. مٿان وري چيف جسٽس جا گهٽ ۾ گهٽ ٻن موقعن تي موجوده حڪومت بابت سخت ريمارڪس سامهون آيا، جن کي تجزيه نگار صورتحال ۾ تبديلي سان گڏڻ لڳا. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته ٺاهه يا ڳالهيون جيڪي به ٿيون، سي عدالت سان ته ڪونه ٿيون هونديون، اهي اصل ڌر ڌڻين سان ٿيون هونديون. ها، ان جو اظهار عدالت ۾ ٿي سگهي ٿو. نواز شريف ۽ مريم اڃا ڪلثوم نواز جي سوڳ ۾ آهن. وقت وڏو مرهم آهي، جيئن جيئن وقت گذري پيو ۽ سزائن جي معطلي بعد روزمره جي زندگي جون ڳالهيون معمول تي اچن ٿيون، هو عدالتن ۾ به پيش ٿي رهيا آهن. ها اهو ضرور آهي ته نواز شريف ۽ سندس ڌي ماٺ آهن. اها ڊگهي ماٺ ڏاڍي معنيٰ خيز آهي.
جيڪڏهن راڻا مشهود جو بيان رڳو ”هوائي فائر“ هجي ها ته مخالف کڻي پنهنجي چڙ ڏيکارين ها، پر سوال اهو آهي ته نواز ليگ ان تي ايترو جذباتي ڇو ٿي وئي؟ جيڪڏهن واقعي ڪا ڳالهه سر زمين تي نه هئي ته اهو بيان هيڪاري سرڪاري ڌر تي داٻي لاءِ سٺو هو، جنهن مان نواز ليگ مزو وٺي ها. جيڪڏهن راڻا ثناءُالله جي تبصري کي وٺجي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ”نواز ليگ سمورا معاملا پارليامينٽ ۾ طئي ڪرڻ گهري ٿي“ مطلب ته اڃا قومي سيمبليءَ جي 11 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 13 سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿيڻ ڏي وڃي پئي. اهو تعداد قومي توڙي پنجاب اسيمبليءَ جي عددي اڪثريت لاءِ اهم آهي، جيڪو تعداد اتي ڪيفتي تبديلي آڻي سگهي ٿو، توڙي جو اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته ننڍي چونڊ هميشه حڪومتي ڌر کٽندي آهي. هڪ ٻي اهم ڳالهه سامهون آئي آهي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ ويجهڙائپ وڌي رهي آهي. مولانا فضل الرحمان لڳو پيو آهي ته اهي ٻئي پارٽيون ويجهو ٿين ۽ گڏيل اپوزيشن ٺهي. شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي چيمبر ۾ خورشيد شاهه سان وڃي ملاقات ڪئي.
عوام تڪڙو رليف چاهي ٿو پر کيس مهانگائي پئي ملي. چونڊن جي موقعي تي تڪڙ ۾ پي ٽي آءِ جي غيباڻن گهوڙڻ تي سواري ڪندڙ اسيمبلين ۾ ته آيا آهن، پر کين ملي ڪجهه به نٿو. حڪومتي پاليسين بابت ڌر ڌڻين سان ناتا ۽ واعدا اهم آهن. مشهود جي خام خيالي نه هوندي، لڳي ٿو ته هن ڪنهن وڏي پٿر جي چُرڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي.

Labels: , ,

Monday, July 23, 2018

ڇا احتساب عدالت سڀاڻي نواز شريف کي سزا ٻڌائيندي؟ سهيل سانگي

ڇا احتساب عدالت سڀاڻي نواز شريف کي سزا ٻڌائيندي؟

سهيل سانگي

  ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي جا رڳو شريف خاندان تي ئي نه، پر ملڪي سياست تي گهرا ۽ وڏي حد تائين هاڃيڪار اثر پوندا. جيڪڏهن نواز شريف کي سزا اچي ٿي ته ان صورت ۾ ان کي سياسي طور ورتو ويندو. ڪن تجزيه نگارن موجب ائين ملڪي تاريخ جو هڪ اهڙو باب کلڻ پيو وڃي، جنهن ۾ جمهوري عمل، آئيني نظام ۽ سياسي ماحول سڀ ڪجهه خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. احتساب عدالت جو فيصلو وڏي پيماني تي ايندڙ چونڊن تي اثرانداز ٿيندو. هونئن به هيستائين جيتري چونڊ مهم هلي آهي، ان تي به نواز شريف حاوي رهيو آهي. اهو سلسلو فيصلي اچڻ بعد وڌيڪ ڇانيل رهندو. هفتو کن اڳ تائين سياسي بازار ۾ اهي ڳالهيون ٿي هليون ته نواز شريف سياست مان به هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي ۽ هو پارٽي ۽ سياست شهباز شريف جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. شرط اهو آهي ته سندن جان ڪيسن مان ڇُٽي ۽ گڏوگڏ اهو ته سندس ملڪيت کي هٿ نه لاتو وڃي. اهڙي صورت ۾ محتاط رهندڙ ۽ نرم رويو رکندڙ شهباز شريف کي کيڏڻ جو موقعو ڏنو ويندو، جيڪو چوڌري نثار جي ساٿين سان گڏ سيٽ اپ ٺاهي وٺندو. هن فارمولي جي وڪالت ڪندڙن موجب وفاق ۾ عمران خان جي گڏيل حڪومت جڙندي. باقي صوبن ۾ جيئن چونڊن کان اڳ صورتحال هئي، تيئن بيهندي. عمران خان انهيءَ فارمولا تي راضي ناهي. هو پاڻ وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو ۽ اهو به ته سندس ئي پارٽي کي اڪثريت ملي. هو ڪنهن ٻي وڏي پارٽي جي محتاجي کڻڻ نٿو چاهي.
اهي سوال به پنهنجي جاءِ تي آهن ته ڌر ڌڻي عمران خان جي ڦرڻي گهرڻي طبيعت ۽ سياسي سمجهه بابت اڃا تائين شڪ ۾ آهن. ان ڪري هو مٿس پوري طرح ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جڏهن عمران خان کي سرسي ڏيڻ بنا فارمولو هليو پئي ته پيپلز پارٽي جو وڏو اهو چئي رهيو هو ته اسان کان سواءِ حڪومت ٺهي نه ٿي سگهي. جيڪو به حڪومت ٺاهيندو، سو اسان ڏانهن ايندو. وڌ ۾ وڌ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيندا. وغيره وغيره. لڳي ٿو ته عمران خان ڌر ڌڻين کي مڃائي ورتو، انهيءَ ڪري فارمولي کي ڪجهه تبديلين سان ٻيهر جوڙيو ويو. هڪ اهو ته آصف زرداري کي تکو ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري ٿي، جنهن جو اعتراف ڌڻي پاڻ ڪري چڪو آهي. ساڳي ڏينهن هن اهو به چيو ته اسين اپوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهيون. وري اڳتي هلي هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن ليڊر به ٿي سگهي ٿو. حالانڪه ڏهاڪو ڏينهن کن اڳ سندس ڌيءُ اهو ٽوئيٽ ڪيو هو ته ”اگلي باري، پهر زرداري“ پر اها ڳالهه هلي نه سگهي.
اصل ۾ اڃان تائين ڳالهه پنجاب ۾ ئي ڦاٿل آهي، جتي نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جي خلاف ڪيس ۾ جمعي ڏينهن فيصلو اچڻو آهي. ان فيصلي تي نواز شريف ۽ سندس پارٽي ڪيئن ردعمل ڏيکاري ٿي؟ پنجاب ڪهڙو رويو ٿو اختيار ڪري؟ اهي پاسا ڏاڍا اهم آهن. نواز شريف اهو چئي چڪو آهي ته اليڪشن کان اڳ ڌانڌليون ٿيل آهن، اهڙين حالتن ۾ شفاف چونڊون ٿيڻ ممڪن ناهي. احتساب ڪندڙ ادارن ۽ عدالتي فيصلن جي ٽائيمنگ ڏاڍو اهم بڻجي وئي آهي. هڪ ئي پارٽي جي اميدوارن خلاف لٺ کنئي پئي وڃي. کين توهين عدالت تي نااهل قرار پيو ڏنو وڃي. چونڊ مهم دوران روز روز عدالت ۾ شنوائيون هجن، ان پارٽي جي اميدوارن خلاف نيب به چونڊ مهم جي دوران وٺ پڪڙ شروع ڪري ته مضبوط تاثر جڙي ٿو ته معاملو شفاف ناهي، جنهن جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. ڪرپشن جي جاچ توڙي ٻيا معاملا جن بابت عين وقت تي قدم کنيا پيا وڃن، اهو سڀ ڪجهه مهيني ڏيڍ کان پوءِ به ٿي پيو سگهي. اهڙا قدم ڇو پيا کنيا وڃن، جيڪي نگرانن توڙي ٻين ادارن جي غيرجانبداري تي سوال اٿارين؟ چونڊن جي شفافيت بابت به سوال اٿن، ۽ متاثر پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ کي اهو چوڻ جو موقعو ملي ته چونڊون شفاف ۽ غير جانبدارنه پيون ٿين؟ اهو تاثر ايترو ته مضبوط ٿيو، جو چيئرمين نيب توڙي چيف جسٽس کي وضاحتون ڏيڻون پيون ته اهي ڪنهن جي چونڊ مهم نه پيا هلائين.
نواز ليگ جي اميدوارن خلاف به وٺ پڪڙي ۽ دٻاءُ ايترو هو، جو سمورن اپائن جي باوجود پنجاب ۾ نواز ليگ جي مقبوليت ۾ گهٽتائي نه آئي. موٽ ۾ نواز شريف معاملي کي ان حد تائين وٺي ويو، جنهن مان اهو تاثر مليو ته اهڙي دٻاءَ جي صورت ۾ هو اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ويندو. اهڙو بيان شهباز شريف سان منسوب ٿيل اخبارن ۾ ڇپيو، پر ترت ئي ان جي ترديد ڪئي وئي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته نواز ليگ وٽ بائيڪاٽ جي تجويز به ويچار هيٺ رهي آهي پر کيس اها صلاح ڏني وئي ته بائيڪاٽ جي صورت ۾ مخالفن کي متوازن ۽ متبادل پاور پروڪر ٺاهڻ جو موقعو ملي ويندو. هيءُ هڪ اهڙو فيصلو هوندو، جهڙو بينظير ڀٽو 85ع جي چونڊن ۾ ڪيو هو ۽ بعد ۾ ان تي پڇتايو هو.
نواز ليگ تي اهو گهڻ طرفو دٻاءُ اڃان موجود ئي آهي ته ڪيس جو فيصلو اچي رهيو آهي. قانوني ماهرن جو خيال آهي ته اهو فيصلو نواز شريف خاندان جي خلاف ئي هوندو. ان صورت ۾ نواز شريف آڏو ٻه آپشن هوندا. هڪ اهو ته هو تڪڙ ۾ واپس نه موٽي. هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ۾ وڃي ۽ ضمانت جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن هو ائين ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو ڪڍيو ويندو ته شهباز شريف جي ذريعي ڪا ڊيل ٿي آهي. ٻيو آپشن اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته هو وطن موٽي اچي ۽ گرفتاري پيش ڪري. ائين نواز ليگ ان بيانئي تي چونڊ مهم هلائي جيڪو نواز شريف جو هو. ائين هو ”همدردي توڙي بهادر ٿي بيهڻ ۽ مقابلو ڪرڻ“ جو ووٽ حاصل ڪري سگهي ٿو. وطن موٽي اچڻ جي صورت ۾ به هو فيصلي خلاف توڙي ضمانت لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ميدان ۾ رهي مقابلو ڪجي. پهرين صورت مصلحت پسند واري آهي. جيڪڏهن هو ان پهرين فيصلي تي هلي ٿو ته عام ووٽرن لاءِ نواز شريف ترجيح نه رهندو. بلڪه اها صورت سندس سياسي شڪست واري هوندي. نتيجي ۾ نواز ليگ جا اليڪٽيبلز پارٽي مان وڏي تيزيءَ سان نڪرڻ شروع ٿي ويندا. هن وقت اهي اليڪٽيبلز ٻن سببن جي ڪري هن وٽ موجود آهن. هڪ اهو ته عام ماڻهن ۾ نواز شريف مقبول آهي ۽ ووٽ نواز شريف جي نالي تي ملندو، ٻيو اهو ته ايتري مقبوليت ۽ سيٽون هئڻ جي صورت ۾ نواز ليگ پنجاب ۾ ضرور حڪومت ٺاهي ويندي. پهريون نمبر آپشن فراريت وارو آهي. جڏهن ته ٻيو نمبر آپشن ڏکيو ضرور آهي، پر اهو سياسي طور زنده رهڻ ۽ مجموعي طور جمهوري ڍانچي کي فائدو ڏيندڙ آهي. ڏسڻو اهو آهي ته نواز شريف ڪهڙو فيصلو ٿو ڪري؟ اهو ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته نواز شريف جيڪو به فيصلو ڪندو، اهو پنجاب جي عام راءِ کي سامهون رکي ڪندو.
Key words: Trial,NawazSharif,Kawish, 2018,  Zardari,  Ismail Dahri

Labels: , , , , ,

Wednesday, June 20, 2018

نواز ليگ جي حڪومت ۽ شريف خاندان وڌندڙ بحرانن جي وچ ۾!

Crisis in Sharif family
اڱارو 26 ڊسمبر 2017ع                        

سهيل سانگي

آرمي چيف جي جمهوري گهٽيءَ ۾ آمد ۽ ڏنل بريفنگ بعد لڳو پئي ته، ملڪ ۾ بحران واري شدت کي گهٽائڻ لاءِ ڪو حل ۽ رستو نڪري پيو آهي. ملڪ جون سياسي ڌريون هاڻي ان واٽ تي هلي پونديون. ان ڏس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي اها ٿي ته پيپلز پارٽي سميت ٻين جماعتن جي حمايت سان نين تڪ بندين بابت آئيني ترميم سينيٽ مان منظور ٿي ويئي. سينيٽ ۾ رٽائرمينٽ بعد خالي ٿيندڙ سيٽن جي چونڊن توڙي عام چونڊن جو آسرو پڪو ٿي ويو هو. مکيه سياسي جماعتون اليڪشن جي موڊ ۾ هليون ويون. ان سڄي سياسي اڳڀرائي جي پويان ٻه ڳالهيون سمجهيون پئي ويون. هڪ اها ته خطي ۾ آمريڪا جي دٻاءُ ۽ چين جي وڌندڙ اثر بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت پيش اچي ويئي هُئي. ٻيو اهو ته پارٽي اندر ٽڪراءُ يا جهيڙي جي پاليسي ۽ مفاهمت واري پاليسي جي ٻن لاڙن جي وچ ۾نواز شريف ڄڻ ساڻو ٿي پيو هو. ساڄي ڌُر جو دٻاءُ مذهبي نعري سان مختلف شڪلين ۾ سامهون اچي رهيو هو. کيس پنهنجو ووٽ بئنڪ به بچائڻو هو ته وري ساڳئي وقت پارٽي به. هن پارٽي اندر مفاهمت واري لائين جو چيمپئين سمجهئي ويندڙ شهباز شريف کي ايندڙ چونڊن لاءِ پارٽي جو وزيراعظم نامزد ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ٻين لفظن ۾ اهو ته هن پنهنجي عدالت هٿان ”نااهلي“ کي سياسي طور مڃيندي ”مائنس ون“ فارمولا قبول ڪري ورتو آهي.
پوءِ اوچتو خبر آئي ته، نواز شريف ايندڙ چونڊ لاءِ شهباز شريف جي وزيراعظم طور نامزدگي جو ذڪر ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ شروع ڪيو، پارٽي طرفان سرڪاري طور اهو چيو ويو ته، اهڙو فيصلو پارٽي جي ورڪنگ ڪميٽي ڪندي. ان سان گڏوگڏ اهي به خبرون آيون ته، رڳو پارٽي اندر ئي نه پر خود شريف خاندان جي رڌڻي ۾ به رولو آهي. خاندان جي ڪن گهڻگهرن وري اها رٿ پيش ڪئي ته، سياست ۾ گهڻو پرعزم ۽ پُرجوش رهندڙ مريم نواز کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏني وڃي ۽ شهباز شريف وزيراعظم ٿئي. مريم نواز جيتوڻيڪ نيب جي ڪيس کي منهن ڏيئي رهي آهي پر، ڪنهن ٺاهه جي نتيجي ۾ شايد ڪو گس نڪري پيو، اهو ئي سبب آهي جو قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه کي اهو بيان ڏيڻو پيو ته، مريم نواز پنجاب جي وزير اعلى نٿي ٿي سگهي. نواز شريف عوام جي عدالت سان رجوع ڪري سويلين بالادستي لاءِ جدوجهد جو نعرو هڻي رهيو هو، سندس چونڊن وار تڪ يعني پنجاب کيس ان لاءِ ڀرپور موٽ ڏني. سندس برطرفي بعد سموريون ڪوششون ٿيون ته، حڪومتي ڪنٽرول ۽ پارٽي جو ڪنٽرول سندس هٿن مان وڃي پر، اهي ٻئي ڪنٽرول وٽس رهيا. پوءِ اندروني ڀڃ ڊاهه جا وڏا پيچ وڌا ويا.
سينيٽ ۾ جنرل باجوه جي بريفنگ جا ٻه پاسا هُئا، هڪ ملڪي حوالي سان هو ۽ ٻيو ڏکڻ وچ ايشيا واري آمريڪي پاليسي بابت هو. خاص اهو پيغام ڏيڻو هو ته، خطي جي صورتحال ۾ پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت هڪ صفحي تي اچي رهيون آهن. سينيٽ ۾ بريفنگ جي ٻئي ڏينهن تي آمريڪي نائب صدر افغانستان ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي بگرام ۾ خطاب ڪندي الزم مڙهيو ته، پاڪستان دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون ڏئي رهيو آهي پر هاڻي اهي ڏينهن ختم ٿي ويا، هاڻي آمريڪي صدر پاڪستان کي نوٽيس تي رکيو آهي. ان بيان صورتحال بگاڙي ڇڏي، جواب ۾ رڳو پرڏيهي وزير خواجه آصف ئي نه پر چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي به آمريڪا جي ان موقف خلاف ڳالهايو. ڇهن ملڪن جي اسپيڪرن جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻنهي چونڊيل ايوانن جي ڪسٽوڊين کي پنهنجو موقف عالمي سطحح تي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي چيئرمين سينيٽ رضا رباني جي بيان کان لاتعلقي ڏيکاري آهي ۽ هن جي بيان کي سندس ذاتي موقف سڏيو آهي. اسپيڪر اياز صادق جو بيان رضا رباني جي بيان کان ٿورو ان ڪري به مختلف آهي، جو سندس چوڻ آهي ته ”غير رياستي عنصر“ خطي ۾ امن ۽ ويجهن ملڪن جي لاڳاپن کي متاثر ڪن ٿا. سندس بيان هڪ حد تائين آمريڪي موقف کي ويجهو بيهي ٿو. جڏهن ته رضا رباني جو بيان آمريڪا تي سخت تنقيد جي دائري ۾ اچي ٿو. صدر ممنون حسين ساڳي ڪانفرس ۾ سي پيڪ جي حمايت ۾ به ڳالهايو، سندس بيان ۾ آمريڪا تي سڌي تنقيد موجود ناهي. اها ڳالهه هاڻي لڪل نه رهي آهي ته، آمريڪا هن خطي ۾ چين جي وڌندڙ اثر تي ناراض آهي. سي پيڪ چين جي وڌندڙ اثر ڪردار جي چٽي شڪل آهي. فاٽا ۾ سڌارا آڻڻ واري رٿ به ان ڪري ٽنگيل آهي جو اها راهداري اتان اچڻي آهي ۽ آمريڪا ان تي اعتراض واري بيٺو آهي ته، تڪراري ۽ اڻ تبديل علائقي مان پاڪستان اهو رستو نٿو ٺاهي سگهي.
دنيا ۾ پرڏيهي پاليسي گهرو پاليسي جي ماتحت هوندي آهي، ان جي روشني ۾ ئي پرڏيهي پاليسي ويندي آهي. پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن جي پرڏيهي پاليسي پنجاهه واري ڏهاڪي کان وٺي گهرو پاليسي کان هٽيل هوندي آهي. جو گهرو پاليسي پرڏيهي پاليسي جي ماتحت هوندي آهي ۽ پرڏيهي پاليسي وري دفاعي پاليسي جي ماتحت هوندي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو ان جدول کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڳو حڪومت ئي نه وڃائي پر سِر به وڃائي ويٺو. هن وقت به خطي ۾ تبديلين ۽ وڌندڙ دٻاءُ جا ملڪي سياست تي چٽا اثر نظر اچي رهيا آهن.
هاڻي صورتحال اها آهي جو جماعت اسلامي جو امير سراج الحق چوي ٿو ته، ”هاڻي نواز شريف کي ڪير به بچائي نٿو سگهي.“ پير سيالوي چيو ته، ”نواز شريف، رانا ثناءُ الله خلاف قدم کڻڻ وارو وعدو پورو نه ڪيو آهي، انڪري 31 ڊسمبر کان پوءِ 25 اسيمبلي ميمبر استعيفائون ڏيندا.“ ائين هڪ دفعو وري استعيفا ٿراپي زير عتاب نواز ليگ تي آزمائي پئي وڃي. هوڏانهن اهي به خبرون آهن ته، شهباز شريف سان 16 ملڪن جي سفيرن ۽ سفارتڪارن لاهور ۾ نيرن تي ملاقات ڪئي آهي. ڪجهه هفتا اڳ آزاد ٿيل حافظ سعيد جنهن تي آمريڪا توڙي انڊيا ٻنهي کي چِڙ آهي، تنهن لاهور ۾ سندس سياسي شڪل ملي مسلم ليگ جي آفيس کولي ورتي آهي. نواز شريف جي ويجهي ساٿي سعد رفيق جو چوڻ آهي ته، وڙهڻ سان ڪجهه نه ملندو، سڀ هڪ ٻئي کي معاف ڪن. هو اهو به ياد ڏياري ٿو ته، آرمي چيف جمهوريت جو حامي آهي، انڪري سندس حڪم مڃيندڙ به ان تي عمل ڪن. لڳي ٿو ته ڳالهه ٺهندي ٺهندي ڪنهن هنڌ وري بيهي رهي آهي. واسطيدارن کي هڪ دفعو ٻيهر گڏجي ويهڻو پوندو ۽ آرمي چيف جي ملڪي توڙي پرڏيهي پاليسي ۽ خطي جي حڪمت عملي بابت ڪيل ڳالهين ۽ خاطرين تي عمل ڪرڻ کي يقيني بنايو ويندو. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته، هڪ جهيڙو آمريڪا ڪرڻ وارو آهي. اهو سمجهڻ گهرجي ته آمريڪا سان جهيڙو ڪرڻ ايڏو سولو ناهي، ٻيو جهيڙو ملڪ اندر ئي هوندو. في الحال سعيد رفيق واري ڳالهه چٽي نظر اچي ٿي ته، سڀ هڪ ٻئي کي معاف ڪن.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2017/2017/26%20Dec%202017.htm

Labels: , ,

Friday, December 08, 2017

ڪاوش عام ماڻهن جي اخبار هجڻ واري حيثيت ڪيئن ماڻي؟

خميس 03 آگسٽ 2017ع
ڪاوش اڄ ستاويهه سالن جي ٿي وئي. ستاويهه سال ڀرپور جواني هوندي آهي. انهيءَ عرصي دوران هن اخبار ۽ اداري کي ڪيترين لاهين چاڙهين کي منهن ڏيڻو پيو. انهيءَ ۾ وقت بوقت ڪڏهن سرڪار جون ناراضگيون، ته ڪڏهن وري ڪنهن سياسي ڌر جي ڪاوڙ به ڀوڳڻي پئي، پر ان پنهنجو سفر جاري رکيو. انهن ناراضگين جي پويان ٻه مکيه عنصر رهيا. هڪ اهو ته طرز حڪمراني کي رپورٽ ڪرڻ سنڌي صحافت ۾ نئون تجربو هو. ان کان اڳ حڪمراني ۽ طرز حڪمراني مضمونن، ڪالمن يا ايڊيٽوريل جو موضوع ضرور رهيا هئا، پر رپورٽنگ جي طور نه رهيا. يعني انهيءَ موضوع کي ”ويوز ۽ اوپنيئن“ مان ڪڍي ”نيوز“ ۽ ”هارڊ نيوز“ جي خاني ۾ آندو ويو، جنهن جي مڃتا ۽ اثر ”ويوز يا اوپنيئن“ کان وڌيڪ هوندو آهي. جڏهن ته سياسي ڌرين طرفان هن اخبار کي عتاب جو شڪار بڻايو ويو ته کين پنهنجي مرضيءَ جي ڪوريج ملي. اهي ٻئي مطالبا بنيادي طرح سان ميڊيا ۽ خاص ڪري هن اخبار جي وڏي پيماني تي عام ماڻهو توڙي خاص ماڻهن تائين پهچ هجڻ ڪري ئي رهيا هئا. پر انهن ٻنهي مطالبن کي ڪاوش جنهن نموني سان منهن ڏنو ۽ پنهنجي عوام دوستيءَ واري موقف تي قائم رهندي پروفيشنل اپروچ به قائم رکي، تنهن اخبار جي مڃتا کي هيڪاري وڌائي ڇڏيو.
هيءَ اخبار 1990ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي، جيڪو عالمي توڙي ملڪي سطح تي وڏي سياسي اٿل پٿل جو دور هو. سوويت يونين جي ٽٽڻ ڪري هڪ نئين دنيا ۽ نئون عالمي نظام جڙي رهيو هو. ان حساب معيشت، سياست، سماجيت ۾ تبديليون اچي رهيون هيون. نوان اتحاد، نيون صفبنديون جڙي رهيون هيون. انهن تبديلين جا سنڌ تي به اثر پئجي رهيا هئا. ساڳي وقت ضياءَ دور، ان خلاف سنڌ جي ماڻهن جي هلايل ايم آر ڊي تحريڪ، مزاحمتي رويو اڃا نوان نوان هئا. ضياءَ دور ۾ طبقن جي اندر به تبديليون آيون. ساڳئي وقت تي نوان پاور بروڪر به پيدا ٿيا. ائين انيڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي مظهر سامهون آيا. ڪاوش انهيءَ سڄي پس منظر ۾ جاري ٿي. ڏٺو وڃي ته انهن ڳالهين جو عڪس هر حوالي سان ڪاوش ۾ ملي سگهي ٿو. ڪيترائي سوال هئا، انهن سوالن جا ڪيترائي جواب يا آپشن هئا. ائين خيالن، راين جي گهڻ رنگي ۽ اڻت ۾ ٽڪراءُ توڙي گڏجي هلڻ، متوازي هلڻ جي اپروچ به موجود رهي. ڪاوش جيتري جيتري انهن مظهرن ۽ انهن جي نقطهءِ نظر کي جاءِ ڏني، اوترو پنهنجي سگهه ۾ اضافو ڪيو ته ساڳي وقت ماڻهن کي آگاهي، ڄاڻ ۽ تشريحون پيش ڪيون. مختلف نقطهءِ نظرن جي گهرائي سان جاچ پڙتال به ڪئي. تجزيه ڏيئي ماڻهن کي Educate ڪيو. هي هڪ ڏکيو، منجهائيندڙ ۽ لڳاتار جاري رکڻ وارو عمل هو.
ڪاوش ڪيترين پراڻين بندشن کي ٽوڙيو ته رڳو سرڪاري موقف يا اختيار ۽ اقتدار رکندڙ يا ڏاڍن جون خبرون ۽ انهن جون دلچسپيون ميڊيا جون موضوع نه هجڻ گهرجن، بلڪه ان سماج جي مختلف طبقن ۽ انهن جي ڀرکن توڙي انهن جي نمائندگي ڪندڙ ڌرين کي شايع ڪيو. پيچيده مسئلن کي سمجهڻ لاءِ مختلف سطح جي ماهرن جا رايا، تجزيا، مضمون ۽ انٽرويو شايع ڪيا. ساڳي وقت عام ماڻهو، عام پڙهندڙن جي سوچ، دلچسپين ۽ ضرورتن جو خيال به رکيو ويو. رڳو ايترو ئي نه، پر عام ماڻهو جي شرڪت لاءِ به نوان طريقا ڳوليا ويا. پراڻا شمارا ان ڳالهه جا شاهد آهن ته پڙهندڙن کان سوال گهرايا ويندا هئا، جن جا جواب سنڌ جا سياستدان جهڙوڪ رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، قادر مگسي ڏيندا هئا. يا وري سائين يوسف لغاري صاحب قانوني مشورا ڏيندو هو. مختلف شهرن ۾ ”ڪاوش ڪچهريون“ ڪوٺائي اداري پنهنجي پاڻ کي ماڻهن تائين پهچايو. ائين عام ماڻهو يا پڙهندڙ ۽ اداري جي وچ ۾ وڇوٽي گهٽي، قربت وڌي. ماڻهو اخبار کي پنهنجي اخبار سمجهڻ لڳا.
ڪاوش رڳو سياسي يا عالمي مسئلن کي بيان ڪرڻ واري ئي اخبار نه بڻي، بلڪه ان روز مره جي واقعن، حادثن، قتل، جهيڙن وغيره کان اڳتي وڌي ماڻهن کي سوچڻ لاءِ مواد ۽ موقعو ڏنو. يعني پاڻيءَ جي کوٽ، روڊ رستا يا شهرن جون ناليون ڊٺل هجن يا دوائن جي کوٽ هجي، انهن کي کڻڻ سميت ٻين انيڪ شهري ۽ سماجي مسئلن کي به پنهنجي ڪالمن ۾ جڳهه ڏني ۽ ماڻهن توڙي واسطيدار ڌرين کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته آهي عام ماڻهو جا مسئلا به اوترائي اهم آهن، جيترا سياسي ڌرين کي پنهنجا مطالبا. يعني ڪجهه واقعي کان هٽي خبر ڳولڻ ۽ ٺاهڻ، دٻيل ۽ لڪل مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، اها تحقيقاتي رپورٽنگ آهي. ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ ته اهي مسئلا سندن زندگي لاءِ ڪيترو اهم آهن ۽ ان لاءِ هو ڪو تحرڪ وٺي سگهن ٿا. انهيءَ سڄي مهم ماڻهن کي اها سگهه ڏني، جو هڪ پورو دور رهيو آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي بنيادي مسئلن ۽ سهولتن بابت ڄاڻ ۽ سگهه ڏني ۽ نتيجي ۾ ڪيترن شهرن ۾ شهري اتحاد ٺهيا. شهرين پنهنجي مسئلن لاءِ جدوجهد به ڪئي. ائين نئون شعور ۽ جاڳرتا ڏني وئي. ون يونٽ، ايوب دور ۽ ضياءَ دور تائين سنڌ جو ماڻهو هيسيل رهيو، ان بعد پيپلز پارٽي توڙي سنڌ جي نالي ۽ بنياد تي ڪم ڪندڙ مختلف ڌرين طرفان مايوس ٿيڻ ڪري ان ڳالهه پير پختا ڪرڻ شروع ڪيا ته ”ڪجهه ڪو نه ٿيندو“، ”ماڻهو ٻاهر ڪو نه نڪرندا“، ”ماڻهو گڏ نه ٿيندا“ وغيره. اهڙي مايوس ڪندڙ ۽ نقصان ڏيندڙ سوچ ۽ رويي مان به ڪاوش ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو. ”ايڪتا ڏهاڙو“، ”اجرڪ ٽوپي ڏهاڙو“، ”درياهه جو ڏهاڙو“ ملهائي ماڻهن جي اندر خوشين ۽ گڏجڻ واري جذبي کي جاڳايو ويو، ماڻهن کي جشن لاءِ اڀاريو ويو. سڀني ڌرين کي انهيءَ نقطي تي گڏ ڏيکاريو ويو. ان معاملي تي بحث ڪري سگهجي ٿو ته اها صحافت ناهي، بلڪه ايڪٽوازم آهي. جيڪا به ڳالهه آهي، بهرحال اها سنڌ ۽ هتان جي ماڻهن جي گهرج هئي، جيڪا ڪاوش هن عمل ذريعي پوري ڪئي. ماڻهن ۾ جوش جذبو پيدا ڪرڻ، اتساهه ڏيارڻ، مايوسيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ، ڪا اميد ڏيکارڻ ميڊيا جي کاتي ۾ ضرور اچن ٿا.
ڪاوش گهڻن موضوعن کي ڪوريج ڏيڻ، مضبوط ٽريننگ، سرڪيوليشن جي نيٽ ورڪ سبب به سڃاتي وڃي ٿي. اتي پنهنجي صحافين جي ٽريننگ ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ جو ڪريڊٽ به ڪاوش کي وڃي ٿو. سنڌي ميڊيا ۾ ان قسم جو رجحان هن کان اڳ موجود نه هو. چئن صفحن تي ٻڌل گهٽ قيمت سان نڪرندڙ اخبار اڄ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي اخبار آهي. هن اخبار بابت ڪن حقلن کي شڪايتون ضرور آهن. انهن شڪايتن جو ڇيد ڪجي ته نتيجو اهو ئي نڪرندو ته وڏي اخبار آهي، ان مان ماڻهن کي آسون ۽ اميدون به وڏيون آهن. ڪاوش سٿ ۽ ان جي سرواڻ کي ضرور ان جو احساس ۽ انداز هوندو. جنهن دور ۾ ڪاوش اخبار جاري ٿي هئي، اهو وڏو تبديلين جو دور هو، اڄ جڏهن اها پنهنجي ڀرپور جواني جي دور ۾ آهي، تڏهن دنيا، هن خطي، ملڪ اندر پڻ وڏي سياسي اٿل پٿل جو دور هلي رهيو آهي، ان ڪري ڪاوش تي هيڪاري ذميواريون وڌي وڃن ٿيون. پڙهندڙ توقع رکن ٿا ته اها پنهنجي وڌيڪ پيشه وارانه صلاحيتن کي استعمال ڪندي، پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندي، معاملن جي تشريح ۽ تجربن وسيلي حالتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي.

Labels: , ,

ڇا پنجاب جيان سنڌ ۾ به عمران خان متبادل بنجي سگهندو؟

آچر 17 سيپٽمبر 2017ع
           هن ڀيري پوري ترتيب سان دهشتگردي جي لهر آئي آهي، جنهن سڄي ملڪ جي انتظاميه توڙي ساڃهه وندن کي لوڏي ڇڏيو آهي. پهرين ٻه واقعا ڪراچي ۾ ٿيا. ان بعد ڪوئيٽا ۾، پوءِ وري ڦيري سان لاهور ۽ پشاور ۾ به ٿيا. هڪ واقعو قبائلي علائقي مهمند ايجنسي ۾ ٿيو. اهي سمورا هنڌ حڪومت ۽ انهن جي ادارن ۽ اختيار جو مرڪز آهن. يعني اهي انتظامي ۽ سياسي اختيار تي حملا هئا. سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درگاهه ۾ ٿيل ڌماڪو روحاني اختيار تي حملو سمجهيو پيو وڃي. ملڪ جي چند وڏن صوفين جي درگاهن مان هيءُ به هڪ اهم درگاهه آهي، جتي سال ۾ هڪ ڀيرو ئي نه، پر هر هفتي ۽ هر روز هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿين ٿا. اهي ماڻهو رنگ، نسل، مذهب، علائقي يا ڪنهن فرقي جي فرق بنا هوندا آهن. گهڻي ڀاڱي اهڙن ماڻهن کي حالتن، اسان جي انتظامي، سياسي، معاشي ۽ فڪري نظام ۽ خود زندگي ايترو ٿڪائي ڇڏيو هوندو آهي، جو اهي آخري آٿت طور قلندر يا ڪنهن اهڙي ٻئي وڏي صوفي جي درگاهه جي اڱڻ تي اچي بيهندا آهن، ۽ پنهنجا ڏک سور، تڪليفون ۽ هيڻايون سندس آڏو بيان ڪندا آهن. ان ذريعي کين اها آٿت ملندي آهي ته قلندر جي وسيلي کين درپيش آيل سموريون ڏکيائون ۽ اهنج دور ٿي ويندا. ائين هو پنهنجي پاڻ کي ٿوري ئي سهي، پر ڪجهه فرحت محسوس ڪندي، زنده رهڻ لاءِ ٻيهر جنگ ۾ جنبي ويندا آهن.
صوفي ازم جي ڪا به طئي ٿيل هڪ يا ٻه وصفون ناهن. ننڍي کنڊ ۾ ۽ ان جي مختلف علائقن ۾ ان جا ڪيئي رنگ، روپ ۽ لهجا ملن ٿا. وڏي ڳالهه ته صوفي ازم ننڍي کنڊ ۾ موجود سمورن ذهنن ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود آهي. بنهه ائين ناهي ته اهو ڪو ڪنهن هڪ مذهب ۾ هجي. اهو به صحيح آهي ته سورهين صدي کان وٺي ايندڙ اٽڪل ٽن صدين تائين صوفي ازم موثر نظريي طور موجود رهيو، جنهن ۾ پنجاب جي ڀڳتي تحريڪ ۽ سنڌ ۾ شاهه عنايت شهيد جي ”جو کيڙي، سو کائي“ جي تحريڪ ۾ ڀرپور مزاحمت به ملي ٿي. ان بعد اهڙين تحريڪن جا ڀٽائي ۽ بلهي شاهه راڳي بڻجي اڳيان اچن ٿا ۽ ٻيا انيڪ سماجي، سياسي توڙي فڪري اظهار ملن ٿا. اهي سڀ اظهار وحدت کي مڃيندي، ڪثرت ۾ ويساهه رکندڙ، سهپ ۽ رواداري کي جلا بخشيندڙ ٿين ٿا. اهو سڀ ڪجهه هن سڄي خطي جي فڪري ارتقا جو مرحلو هو، جنهن ۾ جاگرافي، مقامي، سياسي توڙي معاشي حالتون ۽ ٻاهريان اثر لازمي طور تي اثرانداز ٿي رهيا هئا، بلڪل ائين جيئن سڄي دنيا ۾ مختلف نظرين تي اهي شيون اثرانداز ٿين ٿيون. سنڌ توڙي ننڍي کنڊ ۾ اڄ جڏهن سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي، حاوي ۽ وڏا وڏا نظريا ۽ فڪر تبديل ٿي ويا آهن، انهن مان ڪيترن ذريعن ۽ فڪرن جي عمليت يا انهن کي عمل ۾ آڻڻ به ممڪن نه رهيو آهي. انهن سمورين تبديلين ۽ نظرين جي عمليت کي هڪ مضمون ۽ سهيڙڻ ڏکيو ڪم آهي.
خود صوفي ازم، جيڪو بنا ڪنهن مذهبي فرق جي (يعني سڀني مذهبن ۾ موجود هو) مختلف رنگن ۽ لهجن ۾ رهيو، سو اڄ جي دور ۾ قابلِ عمل نظريو شايد نه رهيو هجي. اهو ضروري آهي ته اهو ماڻهن جي زندگي ۾ سمايل آهي. اهو ڄڻ روز مره جي زندگي جو اهم حصو آهي، جيڪو سمورين فڪري توڙي حڪومتي، سياسي ۽ جاگرافيائي تبديلين جي باوجود برقرار رهيو، ان تي هيءُ حملو آهي.
هفتي کن اندر ملڪ جي مختلف هنڌن تي ٿيل حملن جو مقصد ڇا هو؟ اهو ڪم جاچ ڪندڙ ۽ حڪومتي ادارن جي وڌيڪ ذميواري آهي. اسان هتي اهو ٻڌائي سگهون ٿا ته انهن حملن جا اثر ڪهڙا پوندا ۽ نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ پهرين ڳالهه اها ته رياستي ادارن جي دعويٰ هئي ته دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي. ان دعويٰ جي ابتڙ نظر اهو ٿو اچي ته اهي جتي چاهين، جڏهن چاهين اهو ڪري سگهن ٿا. يعني انتظامي حوالي سان رياست کين روڪي يا ناڪام نه پئي بڻائي سگهي. جيئن واقعي کان فورن پوءِ افغانستان جي سفارتڪار کي جي ايڇ ڪيو ۾ گهرائي 78 ماڻهو سندن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان مان لڳي ٿو ته سرڪار کي پڪ آهي ته اهي حملا ڪنهن ڪرايا. هن کان اڳ شڪارپور ۽ شاهه نوراني جي درگاهه تي ٿيل حملن جي جاچ هجي، يا صفورا ڳوٺ واري سانحي جي تحقيقات، انهن جي ذريعي کوڙ ساري معلومات رياستي ادارن ۽ حڪومت وٽ موجود آهي، جنهن مان پتو پئي ٿو ته ڪهڙا ڪهڙا گروپ، ڪهڙي طريقي سان ۽ ڪهڙن مقصدن لاءِ اهڙا واقعا ڪرائي رهيا آهن. ايتري قدر جو ميڊيا ۾ انهن گروپن جي چرپر جا روٽ به شايع ٿي چڪا آهن. ايتري سڄي ڄاڻ جي باوجود اهڙيون ڪارروايون نه روڪجي رهيون آهن ۽ نه وري انهن کي ناڪام بڻايو پيو وڃي. هتي اهو ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته اسين پنهنجي پاليسين ۽ عمل ۾ اهڙا رهون، جو ٻئي ڪنهن کي اسان جي معاملن ۾ هٿ وجهڻ جي ضرورت ۽ جرئت نه ٿئي.
بلوچستان ۽ ان جو گاديءَ وارو شهر ڪوئيٽا ڪيترن ڏهاڪن کان حساس رهيو آهي. اتي به جيڪڏهن اهڙا واقعا ٿيندا رهن. لاهور هر حال ۾ حڪمرانن جو شهر رهيو آهي، ان جي اسيمبلي آڏو ۽ مکيه مال روڊ تي ڌماڪو ٿئي. ساڳي طرح هڪ ٻئي صوبي جي گادي واري شهر پشاور ۾ عدالتي وين تي حملو ٿئي ته هيءُ هڪ وڏو پيغام آهي. ان مان ڄڻ ته دهشتگرد چون ٿا ته ”اسين زنده آهيون، چيلهه چٻي نه ٿي آهي.“ ممڪن آهي ته ملڪ جي مکيه سيڪيورٽي اداري جي سربراهه جي تبديلي بعد اهو تاثر جڙيو هجي ته ”نئون جنرل ايترو سخت نه آهي“ پر هي فيصلو ته هن رياستي اداري ۽ خود حڪومت ۽ سياسي جماعتن جو هو، جن آرمي اسڪول پشاور واري سانحي بعد ويهه نڪاتي نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن پلان جي هڪ وڏي حصي تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. اهو ٿي سگهي ٿو، جيئن شڪ ڏيکاريو پيو وڃي ته افغانستان جي هڪ شدت پسند گروپ تازيون ڪارروايون ڪيون هجن، پر ايڏي وڏي پيماني تي ڪارروايون ملڪ اندر موجود سهولتڪارن کانسواءِ ممڪن ناهن. رياستي ادارن ڏکڻ پنجاب کي انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جي نرسري سڏيو هو، تن ڏينهن ۾ پنجاب جو گهرو وزير به مارجي ويو، پر ڏکڻ پنجاب ۾ موثر آپريشن نه ٿي سگهيو، تڏهن به ڪومبنگ آپريشن جي ڳالهه ٿي ۽ هاڻي وري به اتي ڪومبنگ آپريشن جو اعلان ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ باقاعده آپريشن ٿي سگهي ٿو ته پنجاب ۾ سموريون شاهديون ۽ نشانيون ملڻ جي باوجود به سختيءَ وارو آپريشن ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ هر دفعي سنڌ يا ڪنهن ٻئي هنڌ تي جيڪي واقعا ٿين ٿا ته انهن جي پيرن جا لنگهه ۽ سهولتڪارن جا نشان پنجاب ۾ ضرور ملن ٿا.
فوجي عدالتن جو مدو تازو ختم ٿيڻ بعد انهن جي ٻيهر جوڙجڪ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، پر ان کان اڳ ان سان گڏوگڏ نيشنل ايڪشن پلان جا باقي رهيل نقطا به ٻيهر تازا ٿي ويا آهن. جن کي عمل ۾ آڻڻ ۽ اڪلائڻ لازمي ٿي پيو آهي. اها ڳالهه اهم آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي انهن نقطن تي ٻن سال تائين پوري طرح عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ حالانڪ تڏهن اهڙو انتظامي توڙي سياسي ماحول به هو، هاڻي جڏهن چونڊن ۾ ڄڻ ته هڪ سال وڃي بچيو آهي، اهڙي موقعي تي نيشنل ايڪشن پلان جا باقي نقطا ۽ سختيءَ سان آپريشن ڪرڻ واري ڳالهه ڪيتري قدر نڀائي سگهبي؟ هي وڏو سوال آهي.
جيڪڏهن عمل نٿو ڪيو وڃي ته اهڙن واقعن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو. واڌو اهو ته هڪ دفعو وري اهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ ڪن خاص پارٽين کي ئي چونڊي مهم هلائڻ جو موقعو ملي ۽ ڪن خاص پارٽين کي ڊپ ڏياري ائين ڪرڻ کان روڪيو وڃي. ساڳئي طرح هن وقت اهڙيون ڪارروايون ڪرڻ جا سياسي اثر چونڊن تي به پئجي سگهن ٿا، جنهن ۾ ممڪن آهي ته حڪمران جماعت ڪو رسڪ کڻڻ لاءِ تيار نه هجي، ان ڪري لڳي ٿو ته ڪلين آپريشن جو مناسب موقعو هٿان نڪري ويو آهي. بهرحال حڪومتي رٽ ۽ سياسي ادارن جي ساک سان گڏو گڏ انساني جانيون ۽ انهن جو تحفظ نهايت اهم آهي. ڏسڻو اهو آهي ته رياستي ادارا ۽ حڪومت ان چئلنج کي ڪيئن منهن ڏي ٿي.
sohailsangi@yahoo.com

Saturday, September 30, 2017

ڪاوش عام ماڻهن جي اخبار هجڻ واري حيثيت ڪيئن ماڻي؟

                                                          سهيل سانگي     خميس 03 آگسٽ 2017ع

  ڪاوش اڄ ستاويهه سالن جي ٿي وئي. ستاويهه سال ڀرپور جواني هوندي آهي. انهيءَ عرصي دوران هن اخبار ۽ اداري کي ڪيترين لاهين چاڙهين کي منهن ڏيڻو پيو. انهيءَ ۾ وقت بوقت ڪڏهن سرڪار جون ناراضگيون، ته ڪڏهن وري ڪنهن سياسي ڌر جي ڪاوڙ به ڀوڳڻي پئي، پر ان پنهنجو سفر جاري رکيو. انهن ناراضگين جي پويان ٻه مکيه عنصر رهيا. هڪ اهو ته طرز حڪمراني کي رپورٽ ڪرڻ سنڌي صحافت ۾ نئون تجربو هو. ان کان اڳ حڪمراني ۽ طرز حڪمراني مضمونن، ڪالمن يا ايڊيٽوريل جو موضوع ضرور رهيا هئا، پر رپورٽنگ جي طور نه رهيا. يعني انهيءَ موضوع کي ”ويوز ۽ اوپنيئن“ مان ڪڍي ”نيوز“ ۽ ”هارڊ نيوز“ جي خاني ۾ آندو ويو، جنهن جي مڃتا ۽ اثر ”ويوز يا اوپنيئن“ کان وڌيڪ هوندو آهي. جڏهن ته سياسي ڌرين طرفان هن اخبار کي عتاب جو شڪار بڻايو ويو ته کين پنهنجي مرضيءَ جي ڪوريج ملي. اهي ٻئي مطالبا بنيادي طرح سان ميڊيا ۽ خاص ڪري هن اخبار جي وڏي پيماني تي عام ماڻهو توڙي خاص ماڻهن تائين پهچ هجڻ ڪري ئي رهيا هئا. پر انهن ٻنهي مطالبن کي ڪاوش جنهن نموني سان منهن ڏنو ۽ پنهنجي عوام دوستيءَ واري موقف تي قائم رهندي پروفيشنل اپروچ به قائم رکي، تنهن اخبار جي مڃتا کي هيڪاري وڌائي ڇڏيو.
هيءَ اخبار 1990ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي، جيڪو عالمي توڙي ملڪي سطح تي وڏي سياسي اٿل پٿل جو دور هو. سوويت يونين جي ٽٽڻ ڪري هڪ نئين دنيا ۽ نئون عالمي نظام جڙي رهيو هو. ان حساب معيشت، سياست، سماجيت ۾ تبديليون اچي رهيون هيون. نوان اتحاد، نيون صفبنديون جڙي رهيون هيون. انهن تبديلين جا سنڌ تي به اثر پئجي رهيا هئا. ساڳي وقت ضياءَ دور، ان خلاف سنڌ جي ماڻهن جي هلايل ايم آر ڊي تحريڪ، مزاحمتي رويو اڃا نوان نوان هئا. ضياءَ دور ۾ طبقن جي اندر به تبديليون آيون. ساڳئي وقت تي نوان پاور بروڪر به پيدا ٿيا. ائين انيڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي مظهر سامهون آيا. ڪاوش انهيءَ سڄي پس منظر ۾ جاري ٿي. ڏٺو وڃي ته انهن ڳالهين جو عڪس هر حوالي سان ڪاوش ۾ ملي سگهي ٿو. ڪيترائي سوال هئا، انهن سوالن جا ڪيترائي جواب يا آپشن هئا. ائين خيالن، راين جي گهڻ رنگي ۽ اڻت ۾ ٽڪراءُ توڙي گڏجي هلڻ، متوازي هلڻ جي اپروچ به موجود رهي. ڪاوش جيتري جيتري انهن مظهرن ۽ انهن جي نقطهءِ نظر کي جاءِ ڏني، اوترو پنهنجي سگهه ۾ اضافو ڪيو ته ساڳي وقت ماڻهن کي آگاهي، ڄاڻ ۽ تشريحون پيش ڪيون. مختلف نقطهءِ نظرن جي گهرائي سان جاچ پڙتال به ڪئي. تجزيه ڏيئي ماڻهن کي Educate ڪيو. هي هڪ ڏکيو، منجهائيندڙ ۽ لڳاتار جاري رکڻ وارو عمل هو.
ڪاوش ڪيترين پراڻين بندشن کي ٽوڙيو ته رڳو سرڪاري موقف يا اختيار ۽ اقتدار رکندڙ يا ڏاڍن جون خبرون ۽ انهن جون دلچسپيون ميڊيا جون موضوع نه هجڻ گهرجن، بلڪه ان سماج جي مختلف طبقن ۽ انهن جي ڀرکن توڙي انهن جي نمائندگي ڪندڙ ڌرين کي شايع ڪيو. پيچيده مسئلن کي سمجهڻ لاءِ مختلف سطح جي ماهرن جا رايا، تجزيا، مضمون ۽ انٽرويو شايع ڪيا. ساڳي وقت عام ماڻهو، عام پڙهندڙن جي سوچ، دلچسپين ۽ ضرورتن جو خيال به رکيو ويو. رڳو ايترو ئي نه، پر عام ماڻهو جي شرڪت لاءِ به نوان طريقا ڳوليا ويا. پراڻا شمارا ان ڳالهه جا شاهد آهن ته پڙهندڙن کان سوال گهرايا ويندا هئا، جن جا جواب سنڌ جا سياستدان جهڙوڪ رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، قادر مگسي ڏيندا هئا. يا وري سائين يوسف لغاري صاحب قانوني مشورا ڏيندو هو. مختلف شهرن ۾ ”ڪاوش ڪچهريون“ ڪوٺائي اداري پنهنجي پاڻ کي ماڻهن تائين پهچايو. ائين عام ماڻهو يا پڙهندڙ ۽ اداري جي وچ ۾ وڇوٽي گهٽي، قربت وڌي. ماڻهو اخبار کي پنهنجي اخبار سمجهڻ لڳا.
ڪاوش رڳو سياسي يا عالمي مسئلن کي بيان ڪرڻ واري ئي اخبار نه بڻي، بلڪه ان روز مره جي واقعن، حادثن، قتل، جهيڙن وغيره کان اڳتي وڌي ماڻهن کي سوچڻ لاءِ مواد ۽ موقعو ڏنو. يعني پاڻيءَ جي کوٽ، روڊ رستا يا شهرن جون ناليون ڊٺل هجن يا دوائن جي کوٽ هجي، انهن کي کڻڻ سميت ٻين انيڪ شهري ۽ سماجي مسئلن کي به پنهنجي ڪالمن ۾ جڳهه ڏني ۽ ماڻهن توڙي واسطيدار ڌرين کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته آهي عام ماڻهو جا مسئلا به اوترائي اهم آهن، جيترا سياسي ڌرين کي پنهنجا مطالبا. يعني ڪجهه واقعي کان هٽي خبر ڳولڻ ۽ ٺاهڻ، دٻيل ۽ لڪل مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، اها تحقيقاتي رپورٽنگ آهي. ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ ته اهي مسئلا سندن زندگي لاءِ ڪيترو اهم آهن ۽ ان لاءِ هو ڪو تحرڪ وٺي سگهن ٿا. انهيءَ سڄي مهم ماڻهن کي اها سگهه ڏني، جو هڪ پورو دور رهيو آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي بنيادي مسئلن ۽ سهولتن بابت ڄاڻ ۽ سگهه ڏني ۽ نتيجي ۾ ڪيترن شهرن ۾ شهري اتحاد ٺهيا. شهرين پنهنجي مسئلن لاءِ جدوجهد به ڪئي. ائين نئون شعور ۽ جاڳرتا ڏني وئي. ون يونٽ، ايوب دور ۽ ضياءَ دور تائين سنڌ جو ماڻهو هيسيل رهيو، ان بعد پيپلز پارٽي توڙي سنڌ جي نالي ۽ بنياد تي ڪم ڪندڙ مختلف ڌرين طرفان مايوس ٿيڻ ڪري ان ڳالهه پير پختا ڪرڻ شروع ڪيا ته ”ڪجهه ڪو نه ٿيندو“، ”ماڻهو ٻاهر ڪو نه نڪرندا“، ”ماڻهو گڏ نه ٿيندا“ وغيره. اهڙي مايوس ڪندڙ ۽ نقصان ڏيندڙ سوچ ۽ رويي مان به ڪاوش ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو. ”ايڪتا ڏهاڙو“، ”اجرڪ ٽوپي ڏهاڙو“، ”درياهه جو ڏهاڙو“ ملهائي ماڻهن جي اندر خوشين ۽ گڏجڻ واري جذبي کي جاڳايو ويو، ماڻهن کي جشن لاءِ اڀاريو ويو. سڀني ڌرين کي انهيءَ نقطي تي گڏ ڏيکاريو ويو. ان معاملي تي بحث ڪري سگهجي ٿو ته اها صحافت ناهي، بلڪه ايڪٽوازم آهي. جيڪا به ڳالهه آهي، بهرحال اها سنڌ ۽ هتان جي ماڻهن جي گهرج هئي، جيڪا ڪاوش هن عمل ذريعي پوري ڪئي. ماڻهن ۾ جوش جذبو پيدا ڪرڻ، اتساهه ڏيارڻ، مايوسيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ، ڪا اميد ڏيکارڻ ميڊيا جي کاتي ۾ ضرور اچن ٿا.
ڪاوش گهڻن موضوعن کي ڪوريج ڏيڻ، مضبوط ٽريننگ، سرڪيوليشن جي نيٽ ورڪ سبب به سڃاتي وڃي ٿي. اتي پنهنجي صحافين جي ٽريننگ ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ جو ڪريڊٽ به ڪاوش کي وڃي ٿو. سنڌي ميڊيا ۾ ان قسم جو رجحان هن کان اڳ موجود نه هو. چئن صفحن تي ٻڌل گهٽ قيمت سان نڪرندڙ اخبار اڄ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي اخبار آهي. هن اخبار بابت ڪن حقلن کي شڪايتون ضرور آهن. انهن شڪايتن جو ڇيد ڪجي ته نتيجو اهو ئي نڪرندو ته وڏي اخبار آهي، ان مان ماڻهن کي آسون ۽ اميدون به وڏيون آهن. ڪاوش سٿ ۽ ان جي سرواڻ کي ضرور ان جو احساس ۽ انداز هوندو. جنهن دور ۾ ڪاوش اخبار جاري ٿي هئي، اهو وڏو تبديلين جو دور هو، اڄ جڏهن اها پنهنجي ڀرپور جواني جي دور ۾ آهي، تڏهن دنيا، هن خطي، ملڪ اندر پڻ وڏي سياسي اٿل پٿل جو دور هلي رهيو آهي، ان ڪري ڪاوش تي هيڪاري ذميواريون وڌي وڃن ٿيون. پڙهندڙ توقع رکن ٿا ته اها پنهنجي وڌيڪ پيشه وارانه صلاحيتن کي استعمال ڪندي، پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندي، معاملن جي تشريح ۽ تجربن وسيلي حالتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي.
sohailsangi@yahoo.com

خميس 03 آگسٽ 2017ع 

ڪاوش عام ماڻهن جي اخبار هجڻ واري حيثيت ڪيئن ماڻي؟

Labels: , ,

پيپلز پارٽي ۾ جاري نيون ڀرتيون ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن جو ڪردار

سهيل سانگي 

پيپلزپارٽيءَ ۾ ڀوتارن جي وڏي پيماني تي ڀرتي شروع آهي. حالانڪ سنڌ ۾ نوڪرين تي بندش جيان، پارٽيءَ ۾ ڀوتارن جي ڀرتيءَ تي ڪڏهن به بندش نه رهي آهي. انهن لاءِ پارٽيءَ جا دروازا سدائين کليل رهيا آهن. موقعي مهل جي مناسبت سان اهي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن. 2012ع ۽ 2013ع ۾ ڪجهه صورتحال ماڳهين خراب هئي. تڏهن پارٽيءَ جي قيادت وڏيرن جي درن تي وڃي رهي هئي ۽ کين پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ زور ڀري رهي هئي پر هاڻوڪو معاملو ٿورو مختلف آهي. ڀوتار پاڻ پارٽي قيادت سان رابطا ڪري شموليت اختيار ڪري رهيا آهن. 
سنڌ جي گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي انهن با اثر شخصيتن جا پنهنجا تضاد ۽ مفاد ايترا گهرا رهيا آهن، جو ٻه گروپ هڪ ئي وقت ساڳي پارٽيءَ ۾ ورلي رهندا آهن، پر هن ڀيري گهوٽڪيءَ ۾ اها صورتحال وڃي بيٺي آهي، جو لنڊ، مهر، پتافي - سڀ ڌريون پيپلزپارٽيءَ ۾ اچي ويون آهن.

آخر اها ڪهڙي جادوءَ جي لٺ هئي، جنهن اهڙي صورتحال پيدا ڪئي؟ پارٽيءَ جي پروگرام، منشور ۽ قيادت ۾ اوچتو کين ڪو وڏو ڪرشمو نظر اچي ويو؟ هڪ ڪرشمو اهو هو ته ڀوتارن اهو تاڙي ورتو آهي ۽ اسلام آباد جي ڌرين کين اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ وري به پيپلزپارٽيءَ ئي حڪومت ٺاهيندي. ائين انهن همراهن تحريڪ انصاف توڻي نواز ليگ مان آسرو پليو ته اهي ڪو سنڌ ۾ ڌر ڌڻي ٿي بيهندا. کين نواز ليگ جي حڪومتي دور جو تجربو ٿي چڪو. اهڙي صورت ۾ حڪومت کان ٻاهر ويهڻ جو ڊگهو روزو رکڻ انهن همراهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان ڪري انهن بهتر سمجهيو ته چونڊن ۾ کڻي سال کن دير هجي، پر هينئر ئي پارٽيءَ ۾ شموليت ڪري سيٽن جي ورهاست ۾ پنهنجي والار ڪري وٺجي.

پيپلزپارٽيءَ ۾ ڀوتارن لاءِ جهجهي ڪشش ”جي ٽي روڊ سياست“ ۾ ڪا جڳهه نه نڪرڻ سبب به پيدا ٿي. پنجاب ۾ تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ هلندڙ سياسي چٽاڀيٽيءَ جو نبيرو پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي سان مشروط ٿيل لڳي ٿو. جنهن موجب، نواز شريف لاءِ ته ڏکيا ڏينهن اچي سگهن ٿا، پر نواز ليگ لاءِ نه. ايندڙ وقت ۾ ڪنهن اهڙي فارمولا تي ڪم ٿيندي نظر اچي ٿو ته پنجاب ۾ صوبائي حڪومت شهباز شريف کي ملي ۽ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي سيٽن جي زور تي تحريڪ انصاف کي وفاق ۾ حڪومت ملي وڃي. ٻيو فارمولو اهو ٿي سگهي ٿو ته نواز ليگ ايتريون سيٽون نه کڻي سگهي، جو اڪيلي سر حڪومت ٺاهي. ان ڪري ممڪن آهي ته هڪ ٻئي جون ”فرينڊلي اپوزيشن“ رهندڙ ٻئي پارٽيون نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي، گڏيل حڪومت ٺاهين. 
بهرحال پيپلزپارٽيءَ ۾ تازي پيدا ٿيل ڪشش جو ڪارڻ پاناما ليڪس جو فيصلو محفوظ ٿيڻ آهي. ڪيس جو فيصلو ڪهڙو ايندو، ان بابت آخري شنوائيءَ تي چيف جسٽس جي ريمارڪس کي مبصر وڏي اهميت ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ هن چيو هو ته فيصلو اهڙو ڏنو ويندو، جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قابل قبول هوندو ۽ تاريخي هوندو.

هن کان اڳ پيپلزپارٽي سالن کان اها ڪوشش ڪندي رهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنجاب ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي. ان لاءِ پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيترائي ڏينهن اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ٽڪيل رهيو. پارٽيءَ جي پنجاب واري ڌڙي جي پاليسيءَ تي به هليو. نواز شريف جي مخالفت لاءِ تحريڪ انصاف سان به گڏ بيٺو. وري ڦيرو کائي تحريڪ انصاف کان پري ٿي بيٺو. انهي سڄي جوڙ ٽوڙ دوران راولپنڊيءَ ۾ گارڊ جي تبديليءَ جو وقت به اچي ويو ۽ نئون آرمي چيف اچي ويو. 

پاڪستان جي سياست لاءِ اهو سمجهيو ويندو آهي ته پنڊيءَ ۾ آيل تبديلي ان تي سڌي طرح اثرانداز ٿئي ٿي. ان آسري تي پيپلزپارٽيءَ جو مک ليڊر آصف زرداري وطن موٽي آيو. هن پنهنجي ۽ بلاول ڀٽو جي قومي اسيمبليءَ ۾ ڇوٽي چونڊ ذريعي اچڻ جو اعلان ڪيو، ۽ اهو به اعلان ڪيو ويو ته بلاول ڀٽو قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر هوندو. اهي ٻئي اعلان ٻه هفتا گذرڻ بعد به بنا عمل جي ئي رهيا. هونئن به جڏهن اهي اعلان ڪيا پئي ويا، تڏهن سمورن حلقن کي حيرت ٿي رهي هئي ته باقي سال کن لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ اچي پيءُ پٽ اهڙو ڪهڙو وڏو ڪم ڪري وٺندا؟ هاڻي هرڪو سمجهي پيو ته اهو پتو اڇلايو ويو هو.
پارٽيءَ تي اها ماڻهن جي ميار رهندي ته ان ويجهڙ ۾ نه ميمبر سازيءَ جي مهم هلائي ۽ نه ئي ڪارڪنن کي ائين ويجهو آندو، جيئن شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه ڪندا هئا. ٻه ڀيرا اڳي، يعني پهريون ڀيرو مڪاني ادارن جي چونڊن مهل ۽ ان کانپوءِ پارٽيءَ جي عهديدارن جي چونڊن دوران به قيادت ڪيترين ئي با اثر شخصيتن ۽ گهراڻن کي پارٽيءَ ۾ جاءِ ڏيئي چڪي هئي. ڪجهه ڪسر وري وڏي وزير جا مشير ۽ خاص مددگار وغيره مقرر ڪرڻ مهل ڪڍي وئي. مطلب ته سنڌ جو مٿيون طبقو هر حال ۾ با اثر ۽ صاحب اقتدار رهڻ گهري ٿو، سو به سڌيءَ طرح. اڳي اقتدار ۾ رهڻ کي علائقي ۾ رعب، دٻدٻي لاءِ ضروري سمجهيو ويندو هو. 
ان بعد جوڻيجو ۽ ضياءَ دور ۾ اها ڳالهه نوڪرين جي ڪوٽا ۽ خاص ترقياتي بجيٽن تائين وڃي پهتي، جيڪا جمهوريت جون دعويدار ٻه وڏيون پارٽيون به ختم نه ڪري سگهيون. بلڪه انهن ٻنهي مدن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو. پوءِ انهن ترقياتي ڪمن ۽ نوڪرين جو ڇا ٿيو؟ اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي. نوڪريون وڪاڻيون، ترقياتي ڪم صرف ڪاغذن تي ئي مڪمل ٿيا، ۽ بل ادا ٿي ويا. ائين اقتدار ۾ هجڻ جي هڪ نئين چمڪ پيدا ٿي. اها چمڪ ”ٻڌ- ڇوڙ“، مقرري ۽ بدليءَ واري سياست کان وڌيڪ پرڪشش ثابت ٿي. نتيجي ۾ اقتدار کي ويجها رهندڙ ماڻهو چند سالن ۾ طبقو مٽائي ويٺا. سنڌ ۾ عجيب صورتحال ان ڪري به آهي، جو پنجاب ۾ بنياد رکندڙ پارٽيون جهڙوڪ، نواز ليگ، تحريڪ انصاف وغيره سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نه ئي وري سياسي حوالي سان سنڌ کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهن. 
سيد غوث علي شاهه، لياقت جتوئي، ممتاز ڀٽو، ٺٽي جا شيرازي برادران، ٿر جا ارباب، حڪيم بلوچ ۽ نوان جتوئي وارا همراهه نواز ليگ ۾ شامل هجڻ جي باوجود پارٽيءَ انهن کي ڪا موٽ يا مڃتا نه ڏني. ساڳي صورتحال تحريڪ انصاف جي آهي. فنڪشنل ليگ هاڻي ذري گهٽ روحاني جماعت طور وڃي بچي آهي. ان ۾ موجود ماڻهو ڪيڏي به مهل پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، يا وري پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ فنڪشنل ليگ، پيپلزپارٽيءَ سان ڪو ٺاهه ڪري سگهي ٿي. چوڻ وارا چون ٿا ته ان ڏس ۾ مٿئين سطح تي ڪي ملاقاتون، ڪي ڳالهيون به ٿيون آهن.
هتي هڪ ٻي ڳالهه وڏي اهميت جي حامل آهي ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان اسٽيبلشمينٽ اهڙي قسم جي سياست کي فروغ ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ ڪا به ملڪ گير هڪ يا ٻه پارٽيون ميدان ۾ نه هجن. هر صوبي ۾ وري هڪ يا ٻه پارٽيون ئي رکڻ جو فارمولا نظر اچي ٿو. ملڪ گير پارٽيءَ کي منهن ڏيڻ اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو نواز ليگ پنجاب تائين، پيپلزپارٽي سنڌ تائين، تحريڪ انصاف به پنجاب ۽ خيبر پختونخوا تائين محدود آهي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي متبادل طور ايم ڪيو ايم کي اڀاريو ويو. ايم ڪيو ايم خلاف تازي آپريشن ان جي شڪل مٽائي ڇڏي آهي. بدقسمتي اها آهي ته ان آپريشن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ پيپلزپارٽي، نواز ليگ توڻي تحريڪ انصاف، ويندي جماعت اسلاميءَ تائين ڪا به پارٽي نه پنهنجو ووٽ بئنڪ ٺاهي سگهي آهي ۽ نه وري ليڊر. ڪراچيءَ ۾ پارٽيءَ جا ليڊر سئٽلائيٽ وانگر آهن، جيڪي هن وڏي شهر ۾ پنهنجي موجودگي به چڱي طرح ڏيکاري نٿا سگهن. ان ڪري ايم ڪيو ايم مخالف يا غير ايم ڪيو ايم جي ووٽر وٽ به ڪو سنجيده ۽ مناسب آپشن ناهي.
عرفان الله مروت جي پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت پارٽيءَ جي بدنصيبي آهي. ڄام صادق دور ۾ مروت جيڪي پيپلزپارٽي ۽ ان جي ڪارڪنن ۽ خود ليڊرن سان ويل ڪيا، سي تاريخ جو حصو آهن. بينظير ڀٽو جي ساهيڙي وينا حيات وارو ڪيس آخر تائين اڻ نبريل رهيو. پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن منظور وساڻ، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، مولابخش چانڊيو ۽ ٻين کي اهي سختيون اڃا وسريون نه هونديون. سرڳواسي جڳديش ملاڻيءَ سان به ڪا گهٽ نه ٿي هئي. 
مروت جي شموليت تي آصف علي زرداريءَ جي ٻن ڌيئرن ڏاڍي مضبوطيءَ سان ۽ تلخ لهجي ۾ اعتراض واريو آهي. جنهن بعد پارٽيءَ اندر مروت مخالف موقف ۽ جذبن کي هٿي ملندي. ڏسجي ته آصف علي زرداري پنهنجين ڌيئرن ۽ ٻين ڪارڪنن جي انهن جذبن ۽ احساسن کي ڪيتري مڃتا ڏئي ٿو.
سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ ٻيو وڏو ڪم اهو ڪيو آهي ته راءِ عامه ٺاهيندڙ حلقن کي پاڻ سان ڳنڍي ورتو آهي. هن کان اڳ اهي حلقا پيپلزپارٽيءَ جا مخالف ۽ نقاد رهيا آهن. سنڌ جو دانشور ۽ اديب لڏو روايتي طور تي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جو مخالف رهيو آهي. اهو معاملو ون يونٽ ٺهڻ بعد شروع ٿيو، جيڪو ڀٽي صاحب جي دور تائين جاري رهيو. جنهن بعد ذوالفقار علي ڀٽي ڪنهن حد تائين انهيءَ حلقي کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
اهو مڃڻو پوندو ته شهيد محترمه ان ڏس ۾ ڪا قابل ذڪر ڪوشش نه ڪئي. بعد ۾ آصف علي زرداريءَ جي قيادت ۾ پارٽيءَ جو رنگ ئي تبديل ٿي ويو. ان جو عام پروفائيل ڪنهن به طور چڱو نه بيٺو. اهڙي وقت ۾ ثقافت کاتي پنهنجو ڪم ڏيکاريو. اهو ڪم ان ڪري به سولو ٿي پيو، جو سنڌ ۾ قومپرست ۽ کاٻي ڌر ايترو سڪڙجي ويون، جو ڳڻپ ۾ ئي نه پيون اچن.

پيپلزپارٽيءَ جي حڪمراني ۽ ڪارڪردگيءَ تي سئو سوال آهن، انهن جي نهڪر وارن جوابن کان ڪير انڪاري به ڪونهي. عوام کي ڇا مليو ۽ ڇا پيو ملي؟ اهي سوال به پنهنجي جاءِ تي رهندا پر اهي به حقيقتون آهن ته با اثر شخصيتون، جيڪي عوام کان ووٽ وجهرائي ۽ پولنگون سنڀالي ۽ کٽائي سگهن ٿيون، سي پيپلزپارٽيءَ ڏانهن اچي رهيون آهن، ۽ راءِ عامه ٺاهيندڙ لڏو به پيپلزپارٽيءَ کي جيسٽيفاءِ ڪري رهيو آهي. سنڌ بنهه هڪ نئين صورتحال ڏانهن وڌي رهي آهي. 

Daily Kawish 
PPP reorganisation, 

اڱارو 28 فيبروري 2017ع

Labels: ,