Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, December 08, 2017

ڪاوش عام ماڻهن جي اخبار هجڻ واري حيثيت ڪيئن ماڻي؟

خميس 03 آگسٽ 2017ع
ڪاوش اڄ ستاويهه سالن جي ٿي وئي. ستاويهه سال ڀرپور جواني هوندي آهي. انهيءَ عرصي دوران هن اخبار ۽ اداري کي ڪيترين لاهين چاڙهين کي منهن ڏيڻو پيو. انهيءَ ۾ وقت بوقت ڪڏهن سرڪار جون ناراضگيون، ته ڪڏهن وري ڪنهن سياسي ڌر جي ڪاوڙ به ڀوڳڻي پئي، پر ان پنهنجو سفر جاري رکيو. انهن ناراضگين جي پويان ٻه مکيه عنصر رهيا. هڪ اهو ته طرز حڪمراني کي رپورٽ ڪرڻ سنڌي صحافت ۾ نئون تجربو هو. ان کان اڳ حڪمراني ۽ طرز حڪمراني مضمونن، ڪالمن يا ايڊيٽوريل جو موضوع ضرور رهيا هئا، پر رپورٽنگ جي طور نه رهيا. يعني انهيءَ موضوع کي ”ويوز ۽ اوپنيئن“ مان ڪڍي ”نيوز“ ۽ ”هارڊ نيوز“ جي خاني ۾ آندو ويو، جنهن جي مڃتا ۽ اثر ”ويوز يا اوپنيئن“ کان وڌيڪ هوندو آهي. جڏهن ته سياسي ڌرين طرفان هن اخبار کي عتاب جو شڪار بڻايو ويو ته کين پنهنجي مرضيءَ جي ڪوريج ملي. اهي ٻئي مطالبا بنيادي طرح سان ميڊيا ۽ خاص ڪري هن اخبار جي وڏي پيماني تي عام ماڻهو توڙي خاص ماڻهن تائين پهچ هجڻ ڪري ئي رهيا هئا. پر انهن ٻنهي مطالبن کي ڪاوش جنهن نموني سان منهن ڏنو ۽ پنهنجي عوام دوستيءَ واري موقف تي قائم رهندي پروفيشنل اپروچ به قائم رکي، تنهن اخبار جي مڃتا کي هيڪاري وڌائي ڇڏيو.
هيءَ اخبار 1990ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي، جيڪو عالمي توڙي ملڪي سطح تي وڏي سياسي اٿل پٿل جو دور هو. سوويت يونين جي ٽٽڻ ڪري هڪ نئين دنيا ۽ نئون عالمي نظام جڙي رهيو هو. ان حساب معيشت، سياست، سماجيت ۾ تبديليون اچي رهيون هيون. نوان اتحاد، نيون صفبنديون جڙي رهيون هيون. انهن تبديلين جا سنڌ تي به اثر پئجي رهيا هئا. ساڳي وقت ضياءَ دور، ان خلاف سنڌ جي ماڻهن جي هلايل ايم آر ڊي تحريڪ، مزاحمتي رويو اڃا نوان نوان هئا. ضياءَ دور ۾ طبقن جي اندر به تبديليون آيون. ساڳئي وقت تي نوان پاور بروڪر به پيدا ٿيا. ائين انيڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي مظهر سامهون آيا. ڪاوش انهيءَ سڄي پس منظر ۾ جاري ٿي. ڏٺو وڃي ته انهن ڳالهين جو عڪس هر حوالي سان ڪاوش ۾ ملي سگهي ٿو. ڪيترائي سوال هئا، انهن سوالن جا ڪيترائي جواب يا آپشن هئا. ائين خيالن، راين جي گهڻ رنگي ۽ اڻت ۾ ٽڪراءُ توڙي گڏجي هلڻ، متوازي هلڻ جي اپروچ به موجود رهي. ڪاوش جيتري جيتري انهن مظهرن ۽ انهن جي نقطهءِ نظر کي جاءِ ڏني، اوترو پنهنجي سگهه ۾ اضافو ڪيو ته ساڳي وقت ماڻهن کي آگاهي، ڄاڻ ۽ تشريحون پيش ڪيون. مختلف نقطهءِ نظرن جي گهرائي سان جاچ پڙتال به ڪئي. تجزيه ڏيئي ماڻهن کي Educate ڪيو. هي هڪ ڏکيو، منجهائيندڙ ۽ لڳاتار جاري رکڻ وارو عمل هو.
ڪاوش ڪيترين پراڻين بندشن کي ٽوڙيو ته رڳو سرڪاري موقف يا اختيار ۽ اقتدار رکندڙ يا ڏاڍن جون خبرون ۽ انهن جون دلچسپيون ميڊيا جون موضوع نه هجڻ گهرجن، بلڪه ان سماج جي مختلف طبقن ۽ انهن جي ڀرکن توڙي انهن جي نمائندگي ڪندڙ ڌرين کي شايع ڪيو. پيچيده مسئلن کي سمجهڻ لاءِ مختلف سطح جي ماهرن جا رايا، تجزيا، مضمون ۽ انٽرويو شايع ڪيا. ساڳي وقت عام ماڻهو، عام پڙهندڙن جي سوچ، دلچسپين ۽ ضرورتن جو خيال به رکيو ويو. رڳو ايترو ئي نه، پر عام ماڻهو جي شرڪت لاءِ به نوان طريقا ڳوليا ويا. پراڻا شمارا ان ڳالهه جا شاهد آهن ته پڙهندڙن کان سوال گهرايا ويندا هئا، جن جا جواب سنڌ جا سياستدان جهڙوڪ رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، قادر مگسي ڏيندا هئا. يا وري سائين يوسف لغاري صاحب قانوني مشورا ڏيندو هو. مختلف شهرن ۾ ”ڪاوش ڪچهريون“ ڪوٺائي اداري پنهنجي پاڻ کي ماڻهن تائين پهچايو. ائين عام ماڻهو يا پڙهندڙ ۽ اداري جي وچ ۾ وڇوٽي گهٽي، قربت وڌي. ماڻهو اخبار کي پنهنجي اخبار سمجهڻ لڳا.
ڪاوش رڳو سياسي يا عالمي مسئلن کي بيان ڪرڻ واري ئي اخبار نه بڻي، بلڪه ان روز مره جي واقعن، حادثن، قتل، جهيڙن وغيره کان اڳتي وڌي ماڻهن کي سوچڻ لاءِ مواد ۽ موقعو ڏنو. يعني پاڻيءَ جي کوٽ، روڊ رستا يا شهرن جون ناليون ڊٺل هجن يا دوائن جي کوٽ هجي، انهن کي کڻڻ سميت ٻين انيڪ شهري ۽ سماجي مسئلن کي به پنهنجي ڪالمن ۾ جڳهه ڏني ۽ ماڻهن توڙي واسطيدار ڌرين کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته آهي عام ماڻهو جا مسئلا به اوترائي اهم آهن، جيترا سياسي ڌرين کي پنهنجا مطالبا. يعني ڪجهه واقعي کان هٽي خبر ڳولڻ ۽ ٺاهڻ، دٻيل ۽ لڪل مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، اها تحقيقاتي رپورٽنگ آهي. ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ ته اهي مسئلا سندن زندگي لاءِ ڪيترو اهم آهن ۽ ان لاءِ هو ڪو تحرڪ وٺي سگهن ٿا. انهيءَ سڄي مهم ماڻهن کي اها سگهه ڏني، جو هڪ پورو دور رهيو آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي بنيادي مسئلن ۽ سهولتن بابت ڄاڻ ۽ سگهه ڏني ۽ نتيجي ۾ ڪيترن شهرن ۾ شهري اتحاد ٺهيا. شهرين پنهنجي مسئلن لاءِ جدوجهد به ڪئي. ائين نئون شعور ۽ جاڳرتا ڏني وئي. ون يونٽ، ايوب دور ۽ ضياءَ دور تائين سنڌ جو ماڻهو هيسيل رهيو، ان بعد پيپلز پارٽي توڙي سنڌ جي نالي ۽ بنياد تي ڪم ڪندڙ مختلف ڌرين طرفان مايوس ٿيڻ ڪري ان ڳالهه پير پختا ڪرڻ شروع ڪيا ته ”ڪجهه ڪو نه ٿيندو“، ”ماڻهو ٻاهر ڪو نه نڪرندا“، ”ماڻهو گڏ نه ٿيندا“ وغيره. اهڙي مايوس ڪندڙ ۽ نقصان ڏيندڙ سوچ ۽ رويي مان به ڪاوش ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو. ”ايڪتا ڏهاڙو“، ”اجرڪ ٽوپي ڏهاڙو“، ”درياهه جو ڏهاڙو“ ملهائي ماڻهن جي اندر خوشين ۽ گڏجڻ واري جذبي کي جاڳايو ويو، ماڻهن کي جشن لاءِ اڀاريو ويو. سڀني ڌرين کي انهيءَ نقطي تي گڏ ڏيکاريو ويو. ان معاملي تي بحث ڪري سگهجي ٿو ته اها صحافت ناهي، بلڪه ايڪٽوازم آهي. جيڪا به ڳالهه آهي، بهرحال اها سنڌ ۽ هتان جي ماڻهن جي گهرج هئي، جيڪا ڪاوش هن عمل ذريعي پوري ڪئي. ماڻهن ۾ جوش جذبو پيدا ڪرڻ، اتساهه ڏيارڻ، مايوسيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ، ڪا اميد ڏيکارڻ ميڊيا جي کاتي ۾ ضرور اچن ٿا.
ڪاوش گهڻن موضوعن کي ڪوريج ڏيڻ، مضبوط ٽريننگ، سرڪيوليشن جي نيٽ ورڪ سبب به سڃاتي وڃي ٿي. اتي پنهنجي صحافين جي ٽريننگ ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ جو ڪريڊٽ به ڪاوش کي وڃي ٿو. سنڌي ميڊيا ۾ ان قسم جو رجحان هن کان اڳ موجود نه هو. چئن صفحن تي ٻڌل گهٽ قيمت سان نڪرندڙ اخبار اڄ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي اخبار آهي. هن اخبار بابت ڪن حقلن کي شڪايتون ضرور آهن. انهن شڪايتن جو ڇيد ڪجي ته نتيجو اهو ئي نڪرندو ته وڏي اخبار آهي، ان مان ماڻهن کي آسون ۽ اميدون به وڏيون آهن. ڪاوش سٿ ۽ ان جي سرواڻ کي ضرور ان جو احساس ۽ انداز هوندو. جنهن دور ۾ ڪاوش اخبار جاري ٿي هئي، اهو وڏو تبديلين جو دور هو، اڄ جڏهن اها پنهنجي ڀرپور جواني جي دور ۾ آهي، تڏهن دنيا، هن خطي، ملڪ اندر پڻ وڏي سياسي اٿل پٿل جو دور هلي رهيو آهي، ان ڪري ڪاوش تي هيڪاري ذميواريون وڌي وڃن ٿيون. پڙهندڙ توقع رکن ٿا ته اها پنهنجي وڌيڪ پيشه وارانه صلاحيتن کي استعمال ڪندي، پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندي، معاملن جي تشريح ۽ تجربن وسيلي حالتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home