Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Thursday, August 16, 2018

سنڌ جي نئين حڪومت ۽ پيپلز پارٽي -نواز ليگ جي فاصلن جو پسمنظر


سنڌ جي نئين حڪومت ۽ پيپلز پارٽي -نواز ليگ جي فاصلن جو پسمنظر 

جمع 17 آگسٽ 2017ع      

سهيل سانگي

اهو ئي ٿيڻو هو، سيد مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير ٿي ويو. چونڊن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي ٻئي ڪنهن گروپ يا پارٽي جي مدد کان سواءِ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي. ماضي وانگر هن ڀيري کيس صوبي توڙي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ نه ايم ڪيو ايم جي ضرورت هئي، ۽ نه وري ڪو مٿس دٻاءُ، جنهن جو ذڪر پارٽي اڳواڻ ۽ تجزيه نگار ڪڏهن ڪڏهن ڪندا رهندا آهن. گڏيل حڪومت اڪثريت ٺاهڻ لاءِ گهربل ميمبرن جو انگ پورو ڪرڻ لاءِ ٺاهي وڃي ٿي، يا ڪنهن مجبوري ۽ سياسي مصلحت تحت، هر صورت ۾ اهڙي حڪومت کي فيصلا ڪرڻ، پاليسيون ٺاهڻ ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي کي فري هئنڊ آهي. ڏسڻو اهو آهي ته اهڙين مصلحتن کان خالي دور ۾ اها سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڇا ٿي ڪري؟
سنڌ اسيمبلي جي ايوان تي جيڪڏهن نظر وجهجي ته اتي ڪجهه چهرا نوان ضرور نظر ايندا، پر ڪي پراڻا چهرا هاڻ ايوان ۾ ناهن، ڄڻ اهي پنهنجو وارو وڄائي ويا. سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته اسيمبلي وڏي يا خاص پراڻي سياسي ڪيڊر کان خالي ٿي ويئي. سواءِ سائين قائم علي شاهه يا هڪ ٻه ڪي ٻيا هوندا. نثار کهڙو، منظور وساڻ، پير مظهر الحق ۽ ٻيا اڳواڻ جيڪي محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ پارٽي توڙي ايوان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا، اهي هاڻ ايوان ۾ نه رهيا آهن. شايد سائين قائم علي شاهه کي ٻارهين رانديگر جيان اسيمبلي ۾ رکيو ويو آهي ته جيڪڏهن پارٽي جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪو معاملو ٿئي ته آسانيءَ سان اها جاءِ ڀري سگهجي. اهو صحيح آهي ته پراڻو سياسي ڪيڊر ايوان ۾ نه آيو آهي، پر ان ڪيڊر پنهنجي اولاد کي چونڊائي ورتو آهي. نثار کهڙو جي ڌي ندا کهڙو عام چونڊن ۾ پنهنجي پيءُ جي تڪ تان هارايو، پر عورتن لاءِ مخصوص سيٽن تي اچي ويئي آهي. پير مظهر جي جاءِ تي سندس پُٽ پير مجيب الحق ايم پي اي ٿيو آهي. وساڻ خاندان کي هڪ سيٽ ملي آهي. ائين اهي ماڻهو سياست ۽ حڪومت ۾ پنهنجي نمائندگيءَ جو خانداني تسلسل ته برقرار رکي سگهيا، پر سياسي ڪيڊر وارو تسلسل ختم ٿي ويو. پيپلز پارٽي اليڪٽ ايبلز واري حڪمت عملي تحت چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ سنڌ جي ذري گهٽ سمورن اليڪٽ ايبلز کي کڻي پنهنجي جهوليءَ ۾ وڌو. پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ تان اختلاف ٿيا. ڊزن کن سيٽن تي اهي اختلاف پارٽي قيادت آصف علي زرداي، بلاول ڀٽو ۽ فريال ٽالپر جي وچ ۾ اچڻ تي نبرجي نه سگهيا. پارٽي کي پنهنجي 2013ع کان پوءِ واري ٺاهيل حڪمت عملي جي غلطي جو احساس ٿيو، ان ڪري پارٽي قيادت پلان ”بي“ وارو رستو اختيار ڪيو. جيتوڻيڪ عام سيٽن تي خانداني سياست ڪندڙ ۽ بااثر ئي رهيا. پارٽي قيادت، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جيان عوام ۾ هيٺ نٿي لهي سگهي، تنهن پنهنجو ووٽ بئنڪ بچائڻ لاءِ اهو پلان اختيار ڪيو ته ڏتڙيل برادرين کي پنهنجي صفن ۾ جاءِ ڏني. پر اها جاءِ سڌي ووٽ واري نه، پر پارٽي جي نامزدگي واري جاءِ آهي. ننگرپارڪر جي ڪرشنا ڪولهي کي سينيٽر چونڊيو ويو. تنزيلا شيديءَ کي عورتن جي مخصوص سيٽ تي ايم پي اي چونڊيو ويو. ميگهواڙ برادري مان انجنيئر گيانچند اڳ ئي سينيٽر هو، پر ڊاڪٽر کٽو مل کي سمورين ڪوششن باوجود اسلام ڪوٽ واري صوبائي سيٽ تي ٽڪيٽ نه ڏني وئي. ميگهواڙ برادري مان پارٽي جي سرگرم ڪارڪن سمترا جو نالو عورتن واري سيٽ جي لسٽ ۾ وڌو ويو، پر جنهن نمبر تي سندس نالو وڌو ويو، ان جي اچڻ جا امڪان بنهه نه هئا، پر پارٽي کيس مڃتا ڏني. اها مثبت ڳالهه آهي ته انهن ڏتڙيل برادرين ۾ حڪمران جماعت ۾ شموليت سان شراڪت داريءَ جو احساس پيدا ٿيو. ان سان گڏوگڏ پارٽي جي اقليتن جي دل ۾ جاءِ ٺهي. ساڳئي وقت ملڪي سطح توڙي عالمي طور وڏي هاڪ ٿي ته پيپلز پارٽي ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل طبقن کي پاڻ سان کڻي هلي رهي آهي، انهن کي ايوان ۾ آڻي مڃتا ڏئي رهي آهي. ائين پارٽي جو سيڪيولر ۽ عوامي رنگ اڀارڻ ۾ مدد ملي. دراصل پارٽي قيادت هيٺين سطح تي تنظيم سازي ڪرڻ ۽ پارٽي ڪيڊر ٺاهڻ ذريعي عوام جي شموليت ڪرڻ واري کوٽ هن انداز ۽ شڪل ۾ پوري ڪئي. جنهن ۾ پارٽي جي عزت به وڌي ۽ پارٽي چونڊون به کٽيون. پارٽي جي هن حڪمت عملي جو چونڊن تي اهو اثر ٿيو، جو اقليتن پارٽي جي حمايت ڪئي. ايتري قدر جو سڄي ميرپور خاص ڊويزن، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ بدين ۾ پارٽي جي اميدوارن جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته انهن ضلعن ۾ پارٽي اميدوارن جي يقيني جيت جو وڏو ڪارڻ اهو ئي هو. جڏهن نتيجا آيا ته نه رڳو پارٽي وٽ سيٽون وڌيڪ هيون، بلڪه کٽيل اميدوارن جي ليڊ به وڏي هُئي. پارٽي جي هن حڪمت عملي ساڳئي وقت اليڪٽ ايبلز کي اهو پيغام ڏنو ته توهان ڀلي کڻي وڏا هجو يا گهڻو بااثر ڇو نه هجو، پارٽي جي حمايت کان سواءِ کٽي نٿا سگهو. ان جو وڏو مثال وڏن وڏن هيوي ويٽ پير پاڳاري جي ڀاءُ پير صدرالدين شاهه، غلام مرتضيٰ جتوئي، ارباب غلام رحيم جي شڪست آهي.
سنڌ ڪابينا ۾ ڪجهه ردوبدل يقيني آهي، پر فريال ٽالپر جي سنڌ اسيمبلي ۾ موجودگي بعد سنڌ جا معاملا ۽ فيصلا وري به سندس ئي ميز تي ٿيندا. سنڌ حڪومت کي ڪجهه مشڪلاتون به ٿينديون، ڇاڪاڻ جو هن ڀيري به صوبي ۾ اپوزيشن ۽ گورنر پيپلز پارٽي مخالف پارٽي يعني تحريڪ انصاف جا آهن. هينئر ئي پيپلز پارٽي پاران تحريڪ انصاف جي نامزد گورنر عمران اسماعيل تي اعتراض واريا ويا آهن. هو سمجهي ٿي ته اپوزيشن جي قيادت پي ٽي آءِ وٽ هجڻ سان گڏوگڏ جيڪڏهن انهن جي پارٽي جو گورنر هوندو، سو به وري سخت موقف رکندڙ ته صوبائي حڪومت کي ڏکيائي ٿيندي. نامزد گورنر عمران اسماعيل جو ”بلاول هائوس جون ديوارون ڪيرائڻ“ وارو بيان پيپلز پارٽي جذباتي مسئلي طور کڻي رهي آهي، پر ان جون سياسي معنائون به آهن. اها پارٽي کي وارننگ آهي. پيپلز پارٽي ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف کان وضاحت گهري آهي ته اهو بيان پارٽي جو پاليسي بيان آهي يا نامزد گورنر جي ذاتي راءِ؟ پيپلز پارٽي اها به فرمائش ڪئي آهي ته کيس گورنر مقرر نه ڪيو وڃي. اصل ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي جي قيادت چاهي ٿي ته سندن گورنر کي اهڙا ۽ اوترا اختيار هجن، جيترا ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي رکيل گورنر عشرت العباد کي هُئا. پيپلز پارٽي کي عمران اسماعيل جي بيان مان اها بوءِ اچي ٿي.
وفاق سان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو معاملو خاص ڪري ٻن ڳالهين تي مدار رکندو. هڪ اهو ته سنڌ ۾ ان جي حڪومت کي ”ڊسٽرب“ نه ڪيو وڃي. ٻيو اهو ته پارٽي جي مُک قيادت خلاف ڪرپشن، مني لانڊرنگ وغيره جي حوالي سان ڪا وڏي ڪارروائي نه ڪئي وڃي. جڏهن ته صوبي طور تي سنڌ جا وفاق وٽ جيڪي معاملا اٽڪيل آهن، تن جي حيثيت ثانوي رهندي. انڪري پيپلز پارٽي وفاق ۾ پاڻ به حڪومت سان ”فرينڊلي“ رهندي ۽ باقي اپوزيشن کي به فرينڊلي رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي اها گهر به هوندي ته تحريڪ انصاف سنڌ ۾ به ان سان فرينڊلي رهي. تحريڪ انصاف جو فائدو انهي ۾ آهي ته اپوزيشن ورهايل هُجي. اها پيپلز پارٽي کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي ته نواز ليگ ٻنهي جي گڏيل دشمن آهي. پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي مجبوري آهي ته هڪ ٻئي کي ويجهو رهن. انڪري نٿو لڳي ته پارليامينٽ ۾ تازو ٺاهيل وسيع تر اتحاد ڪو گهڻو وقت هلي. جيڪڏهن هليو، تڏهن به ان جو موثر ڪردار نه هوندو. آصف علي زرداري تحريڪ انصاف توڙي ڌر ڌڻين لاءِ وڏو ڪم ڪيو، جو هن اسيمبلي ۾ قسم نه کڻڻ ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ واري مولانا فضل الرحمان جي تجويز اپوزيشن جي اتحاد ۾ رد ڪرائي. جيڪڏهن هو ائين نه ڪري ها ته تازو ٿيل چونڊن جي ڪا به ساک يا ڪريڊبلٽي نه بيهي ها، معاملو اهم ادارن تائين هليو وڃي ها.
صوبي جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي کي هن ڀيري هڪ مختلف قسم جي اپوزيشن سامهون آهي. ان اپوزيشن جي پارٽي وفاق ۾ حڪمران آهي، يعني انهن وٽ وفاقي حڪومت، صوبائي گورنر ۽ صوبي ۾ اپوزيشن هڪ ئي پارٽي وٽ آهن. سنڌ حڪومت لاءِ اهڙي صورتحال ان کان اڳ ڪڏهن به پيدا نه ٿي هئي. گذريل دور ۾ وفاقي حڪومت نواز ليگ وٽ هئي. سنڌ ۾ اپوزيشن ايم ڪيو ايم وٽ هئي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي سياسي طور هئنڊل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي محتاج هُئي- پر هاڻي پيپلز پارٽي جي حڪومت تي ٽه طرفو دٻاءُ هوندو. ساڳئي وقت تحريڪ انصاف اهو به چاهيندي ته اها سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پير ڊگهيري. پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته ڪراچي ”حساس“ پچ آهي، جتي هاڻوڪي بالنگ ۽ بئٽنگ هڪڙي ئي ڪمانڊ سان ٿيندي. انڪري پيپلز پارٽي ڪراچي بابت ”نرم رويي“ جو اظهار ڪيو آهي. ٻيهر چونڊيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي وڌيڪ ترقي ڏيارينداسين. هن مطابق ته جن کي ڪراچي جي شهرين رد ڪيو آهي، انهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. هن هڪ قدم اڳتي وڌي اها ڳالهه به ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن الڳ صوبي واري مطالبي تان هٿ کڻي ته ان کي صوبائي حڪومت ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير جو اهو بيان عملي گهٽ ۽ سياسي وڌيڪ آهي. اهو ان ميار جو جواب آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي کي کنگهيو ئي ڪونه. ساڳئي وقت ايم ڪيو ايم کي تحريڪِ انصاف جي بنهه ويجهو وڃڻ کان روڪڻ جي حڪمت ٿي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ پاڻ کي مڃائڻ لاءِ وڌيڪ سرگرم ۽ فعال ڪردار ادا ڪندي. ان کي هڪ ئي وقت صوبي ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪرڻو آهي ۽ وفاق ۾ اڪثريت برقرار رکڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي به پاڻ سان گڏ کڻي هلڻو آهي. ساڳئي وقت مستقبل لاءِ ڪراچي ۾ پنهنجي جاءِ به ٺاهڻي آهي. ائين کڻي چئجي ته ڪراچي ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ ٽئي جماعتون هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ رهنديون. ڏسجي ان صورتحال ۾ ٻن وڏين پارٽين تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي جون ڪهڙيون ترجيحون ٿيون بيهن ۽ پنهنجا ذاتي ۽ سياسي مفاد بچائڻ لاءِ اهي ڪهڙيون حڪمت عمليون ٿيون جوڙين.

Labels: , , ,

Wednesday, June 20, 2018

نواز ليگ جي حڪومت ۽ شريف خاندان وڌندڙ بحرانن جي وچ ۾!

Crisis in Sharif family
اڱارو 26 ڊسمبر 2017ع                        

سهيل سانگي

آرمي چيف جي جمهوري گهٽيءَ ۾ آمد ۽ ڏنل بريفنگ بعد لڳو پئي ته، ملڪ ۾ بحران واري شدت کي گهٽائڻ لاءِ ڪو حل ۽ رستو نڪري پيو آهي. ملڪ جون سياسي ڌريون هاڻي ان واٽ تي هلي پونديون. ان ڏس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي اها ٿي ته پيپلز پارٽي سميت ٻين جماعتن جي حمايت سان نين تڪ بندين بابت آئيني ترميم سينيٽ مان منظور ٿي ويئي. سينيٽ ۾ رٽائرمينٽ بعد خالي ٿيندڙ سيٽن جي چونڊن توڙي عام چونڊن جو آسرو پڪو ٿي ويو هو. مکيه سياسي جماعتون اليڪشن جي موڊ ۾ هليون ويون. ان سڄي سياسي اڳڀرائي جي پويان ٻه ڳالهيون سمجهيون پئي ويون. هڪ اها ته خطي ۾ آمريڪا جي دٻاءُ ۽ چين جي وڌندڙ اثر بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت پيش اچي ويئي هُئي. ٻيو اهو ته پارٽي اندر ٽڪراءُ يا جهيڙي جي پاليسي ۽ مفاهمت واري پاليسي جي ٻن لاڙن جي وچ ۾نواز شريف ڄڻ ساڻو ٿي پيو هو. ساڄي ڌُر جو دٻاءُ مذهبي نعري سان مختلف شڪلين ۾ سامهون اچي رهيو هو. کيس پنهنجو ووٽ بئنڪ به بچائڻو هو ته وري ساڳئي وقت پارٽي به. هن پارٽي اندر مفاهمت واري لائين جو چيمپئين سمجهئي ويندڙ شهباز شريف کي ايندڙ چونڊن لاءِ پارٽي جو وزيراعظم نامزد ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ٻين لفظن ۾ اهو ته هن پنهنجي عدالت هٿان ”نااهلي“ کي سياسي طور مڃيندي ”مائنس ون“ فارمولا قبول ڪري ورتو آهي.
پوءِ اوچتو خبر آئي ته، نواز شريف ايندڙ چونڊ لاءِ شهباز شريف جي وزيراعظم طور نامزدگي جو ذڪر ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ شروع ڪيو، پارٽي طرفان سرڪاري طور اهو چيو ويو ته، اهڙو فيصلو پارٽي جي ورڪنگ ڪميٽي ڪندي. ان سان گڏوگڏ اهي به خبرون آيون ته، رڳو پارٽي اندر ئي نه پر خود شريف خاندان جي رڌڻي ۾ به رولو آهي. خاندان جي ڪن گهڻگهرن وري اها رٿ پيش ڪئي ته، سياست ۾ گهڻو پرعزم ۽ پُرجوش رهندڙ مريم نواز کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏني وڃي ۽ شهباز شريف وزيراعظم ٿئي. مريم نواز جيتوڻيڪ نيب جي ڪيس کي منهن ڏيئي رهي آهي پر، ڪنهن ٺاهه جي نتيجي ۾ شايد ڪو گس نڪري پيو، اهو ئي سبب آهي جو قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه کي اهو بيان ڏيڻو پيو ته، مريم نواز پنجاب جي وزير اعلى نٿي ٿي سگهي. نواز شريف عوام جي عدالت سان رجوع ڪري سويلين بالادستي لاءِ جدوجهد جو نعرو هڻي رهيو هو، سندس چونڊن وار تڪ يعني پنجاب کيس ان لاءِ ڀرپور موٽ ڏني. سندس برطرفي بعد سموريون ڪوششون ٿيون ته، حڪومتي ڪنٽرول ۽ پارٽي جو ڪنٽرول سندس هٿن مان وڃي پر، اهي ٻئي ڪنٽرول وٽس رهيا. پوءِ اندروني ڀڃ ڊاهه جا وڏا پيچ وڌا ويا.
سينيٽ ۾ جنرل باجوه جي بريفنگ جا ٻه پاسا هُئا، هڪ ملڪي حوالي سان هو ۽ ٻيو ڏکڻ وچ ايشيا واري آمريڪي پاليسي بابت هو. خاص اهو پيغام ڏيڻو هو ته، خطي جي صورتحال ۾ پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت هڪ صفحي تي اچي رهيون آهن. سينيٽ ۾ بريفنگ جي ٻئي ڏينهن تي آمريڪي نائب صدر افغانستان ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي بگرام ۾ خطاب ڪندي الزم مڙهيو ته، پاڪستان دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون ڏئي رهيو آهي پر هاڻي اهي ڏينهن ختم ٿي ويا، هاڻي آمريڪي صدر پاڪستان کي نوٽيس تي رکيو آهي. ان بيان صورتحال بگاڙي ڇڏي، جواب ۾ رڳو پرڏيهي وزير خواجه آصف ئي نه پر چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي به آمريڪا جي ان موقف خلاف ڳالهايو. ڇهن ملڪن جي اسپيڪرن جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻنهي چونڊيل ايوانن جي ڪسٽوڊين کي پنهنجو موقف عالمي سطحح تي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي چيئرمين سينيٽ رضا رباني جي بيان کان لاتعلقي ڏيکاري آهي ۽ هن جي بيان کي سندس ذاتي موقف سڏيو آهي. اسپيڪر اياز صادق جو بيان رضا رباني جي بيان کان ٿورو ان ڪري به مختلف آهي، جو سندس چوڻ آهي ته ”غير رياستي عنصر“ خطي ۾ امن ۽ ويجهن ملڪن جي لاڳاپن کي متاثر ڪن ٿا. سندس بيان هڪ حد تائين آمريڪي موقف کي ويجهو بيهي ٿو. جڏهن ته رضا رباني جو بيان آمريڪا تي سخت تنقيد جي دائري ۾ اچي ٿو. صدر ممنون حسين ساڳي ڪانفرس ۾ سي پيڪ جي حمايت ۾ به ڳالهايو، سندس بيان ۾ آمريڪا تي سڌي تنقيد موجود ناهي. اها ڳالهه هاڻي لڪل نه رهي آهي ته، آمريڪا هن خطي ۾ چين جي وڌندڙ اثر تي ناراض آهي. سي پيڪ چين جي وڌندڙ اثر ڪردار جي چٽي شڪل آهي. فاٽا ۾ سڌارا آڻڻ واري رٿ به ان ڪري ٽنگيل آهي جو اها راهداري اتان اچڻي آهي ۽ آمريڪا ان تي اعتراض واري بيٺو آهي ته، تڪراري ۽ اڻ تبديل علائقي مان پاڪستان اهو رستو نٿو ٺاهي سگهي.
دنيا ۾ پرڏيهي پاليسي گهرو پاليسي جي ماتحت هوندي آهي، ان جي روشني ۾ ئي پرڏيهي پاليسي ويندي آهي. پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن جي پرڏيهي پاليسي پنجاهه واري ڏهاڪي کان وٺي گهرو پاليسي کان هٽيل هوندي آهي. جو گهرو پاليسي پرڏيهي پاليسي جي ماتحت هوندي آهي ۽ پرڏيهي پاليسي وري دفاعي پاليسي جي ماتحت هوندي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو ان جدول کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڳو حڪومت ئي نه وڃائي پر سِر به وڃائي ويٺو. هن وقت به خطي ۾ تبديلين ۽ وڌندڙ دٻاءُ جا ملڪي سياست تي چٽا اثر نظر اچي رهيا آهن.
هاڻي صورتحال اها آهي جو جماعت اسلامي جو امير سراج الحق چوي ٿو ته، ”هاڻي نواز شريف کي ڪير به بچائي نٿو سگهي.“ پير سيالوي چيو ته، ”نواز شريف، رانا ثناءُ الله خلاف قدم کڻڻ وارو وعدو پورو نه ڪيو آهي، انڪري 31 ڊسمبر کان پوءِ 25 اسيمبلي ميمبر استعيفائون ڏيندا.“ ائين هڪ دفعو وري استعيفا ٿراپي زير عتاب نواز ليگ تي آزمائي پئي وڃي. هوڏانهن اهي به خبرون آهن ته، شهباز شريف سان 16 ملڪن جي سفيرن ۽ سفارتڪارن لاهور ۾ نيرن تي ملاقات ڪئي آهي. ڪجهه هفتا اڳ آزاد ٿيل حافظ سعيد جنهن تي آمريڪا توڙي انڊيا ٻنهي کي چِڙ آهي، تنهن لاهور ۾ سندس سياسي شڪل ملي مسلم ليگ جي آفيس کولي ورتي آهي. نواز شريف جي ويجهي ساٿي سعد رفيق جو چوڻ آهي ته، وڙهڻ سان ڪجهه نه ملندو، سڀ هڪ ٻئي کي معاف ڪن. هو اهو به ياد ڏياري ٿو ته، آرمي چيف جمهوريت جو حامي آهي، انڪري سندس حڪم مڃيندڙ به ان تي عمل ڪن. لڳي ٿو ته ڳالهه ٺهندي ٺهندي ڪنهن هنڌ وري بيهي رهي آهي. واسطيدارن کي هڪ دفعو ٻيهر گڏجي ويهڻو پوندو ۽ آرمي چيف جي ملڪي توڙي پرڏيهي پاليسي ۽ خطي جي حڪمت عملي بابت ڪيل ڳالهين ۽ خاطرين تي عمل ڪرڻ کي يقيني بنايو ويندو. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته، هڪ جهيڙو آمريڪا ڪرڻ وارو آهي. اهو سمجهڻ گهرجي ته آمريڪا سان جهيڙو ڪرڻ ايڏو سولو ناهي، ٻيو جهيڙو ملڪ اندر ئي هوندو. في الحال سعيد رفيق واري ڳالهه چٽي نظر اچي ٿي ته، سڀ هڪ ٻئي کي معاف ڪن.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2017/2017/26%20Dec%202017.htm

Labels: , ,

Tuesday, December 19, 2017

تبديل ٿيل اڪريپٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اهم ڪردار مليو آهي؟

ڇنڇر 09 ڊسمبر 2017ع
اڳي چيو ويندو هو ته ”هاڪي وٿ چانس اينڊ ڪرڪيٽ وٿ ڊانس“ يعني هاڪي راند جو کٽڻ چانس آهي ۽ ڪرڪيٽ ڊانس اسٽائيل ۾ کٽي سگهجي ٿي. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري هاڻي سياسي راند ۾ به ڊانس متعارف ڪرائي آهي. اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ تي هڪ پنجابي گيت تي ڀنگڙا ڊانس ڪندي بظاهر هن سياست ۾ عوامي رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. حالانڪه کيس اهو ڊانس پنجاب يا سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪرڻ کپندو هو پر هن اقتدار جي ايوانن آڏو ڪرڻ مناسب سمجهيو. وفاقي گادي واري شهر ۾ ڊانس ڪندي هو ٻن ڏينهن بعد لاهور ۾ علامه طاهر القادري وٽ وڃي پهتو. اڳي ايئن ٿيندو هو، جو حڪومت مخالف پارٽيون ماڻهن تائين پهچڻ لاءِ شهر شهر وينديون هيون، جلسا ۽ ريليون ڪڍنديون هيون. پر هاڻي ايئن نٿو ڪيو وڃي. ماڻهن کي سياسي پارٽيون اسلام آباد گهرائي رهيون آهن ۽ اسلام آباد تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ پنهنجو سياسي شو اتي ڪري رهيون آهن.
پيپلز پارٽي جي پنجاهين سالگرهه تي اقتدار واري شهر ۾ ڪوٺايل جلسو رڳو پيپلز پارٽي جو طاقت جو مظاهرو نه هو، بلڪه ان کان ڪجهه مٿڀرو هو. اهو صحيح آهي ته 2013ع جي چونڊن بعد اڳوڻي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي پهريون ڀيرو هتي ايڏو وڏو ميڙاڪو ڪيو. ورنه ساڍا چار سال اسلام آباد ۽ جي ٽي روڊ تي نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف حاوي هيون. جيڪا سياست ٿي رهي هئي ان ۾ پيپلز پارٽي لاءِ ڄڻ ڪو ڪردار نه پئي بيٺو. پيپلز پارٽي پنهنجي سياست کي گهڻي ڀاڱي پارليامينٽ تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيترن موقعن تي رستن تي ٿيندڙ سياست کي ورائي واپس پارليامينٽ جي ايوان ۾ آندو. ان پاليسي گهڻي ڀاڱي حڪمران جماعت نواز ليگ جي مدد ڪئي. جنهن جا اڄ ڪلهه آصف علي زرداري نواز شريف کي مهڻا ڏيندو رهي ٿو. ڪجهه موقعن تي پيپلز پارٽي اڳتي اچڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن پارٽي جي سنڌ اندر حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ مٿس ڪرپشن جي الزامن سبب کيس پوئتي هٽڻو پئي پيو. پيپلز پارٽي صوبائي خودمختياري سان واڳيل معاملا ضرور کنيا پر سنڌ اندر ماڻهن کي ڪجهه رليف نه ڏئي سگهي. 2013ع جي اليڪشن ۾ جڏهن پيپلز پارٽي رڳو سنڌ تائين محدود ٿي ته ان نواز ليگ ۽ وفاقي حڪومت سان دوستاڻو رويو رکيو. پيپلز پارٽي جو خيال هو ته اها نواز ليگ جي حڪومت کي ڊاهي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو اُن پارٽي جو بنياد پنجاب ۾ هو. پيپلز پارٽي کي پڪ هئي ته اوير سوير نواز ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻکين پئجي ويندا. اها ان وقت جو انتظار ڪندي رهي ته نواز ليگ پنهنجي غلطين ۽ پنهنجي ئي ڳري وزن سبب جهڪي وڃي. دير ته لڳي پر ٿيو به ايئن، جو نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ ۾ آئي. تحريڪ انصاف جي ڌرڻن ذريعي لڳاتار حملن ۽ بعد ۾ پاناما ڪيس ۾ نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ اهڙي صورتحال پيدا ڪري وڌي. ايتري قدر جو خود نواز ليگ کي بطور پارٽي منظم ۽ متحد رکڻ ڏکيو ٿي پيو. نواز شريف جي پاليسين اسٽيبلشمينٽ کي چيڙائي وڌو. ان محاذ آرائي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين سگهارين ڌرين وٽ نواز شريف جي پوزيشن ڪمزور ٿي پر جمهوري عمل جاري رکڻ ۽ سويلين بالادستي جي نعري کيس عوام ۾ پذيرائي ڏني. جيتوڻيڪ ان قدم کي سڄي ملڪ جي جمهوريت پسند ڌرين قدر جي نگاهه سان پئي ڏٺو پر جيئن ته اهو فيصلو پنجاب ۽ جي ٽي روڊ تي ٿيڻو هو، ان ڪري اتي جي قبوليت اهم هئي. سمورن ٽڪرائن جي باوجود نواز شريف پنجاب ۾ مقبول رهيو. ايئن کڻي چئجي ته هو اسلام آباد ۾ ته ڪمزور پئي ٿيو، پر پنجاب تي جمهوري ۽ لبرل سوچ ۽ فڪر حاوي ٿي رهيو هو. ان تبديلي کي مجموعي طور تي ملڪ لاءِ مثبت سمجهيو پئي ويو، ڇاڪاڻ جو سٺو فيصلو تڏهن سُٺو سمجهيو ويندو، ۽ تڏهن ان تي عمل ٿي سگهندو، جڏهن پنجاب ان جي حمايت ڪندو.
ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جو پنجاب ۾ مقبول ٿيڻ يا وري بنگلادش ٺهڻ بعد باقي بچيل پاڪستان ۾ جمهوري نظام اچڻ ان جا ٻه وڏا مثال آهن. اهڙي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ لاءِ ضروري ٿي پيو ته اها نواز ليگ کي ۽ خود پنجاب ۾ جمهوري ۽ لبرل سوچ جي اڀري مٿي اچڻ کي روڪي. فيض آباد واري ڌرڻي توڙي بعد ۾ لاهور واري ڌرڻي کي انهيءَ پس منظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو. انهن ڌرڻن کي جيتري ڍر ڏني وئي ۽ رياست انهن سان جيڪو حوصلا افزائي وارو سلوڪ ڪيو، ان مان ظاهر ٿيو ته پنجاب جي سياست ۾ مذهبي بيانيه کي مضبوط ڪيو پيو وڃي. نواز شريف جيئن ته جنرل ضياءَ ۽ آءِ جي آءِ جي پيداوار هو، ان ڪري سندس ووٽ بئنڪ ساڄي ڌر سان واسطو رکندڙ رهيو آهي. انهن ڌرڻن ذريعي نواز شريف جي ووٽ بئنڪ تي وار هو. اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف پريشان آهي. ان حوالي سان پارٽي اندر به سخت دٻاءَ کي منهن ڏيئي رهيو آهي.
نواز ليگ حڪومت فيض آباد ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ مونجهاري جو شڪار رهي. سندس اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ هو. اوڏي مهل حڪمران جماعت سياسي ڌرين کي پاڻ سان بيهاري نه سگهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ خال پيدا ٿيو، جنهن کي پيپلز پارٽي پنهنجي نئين حڪمت عملي جي ذريعي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان حڪمت عملي جو اظهار پارٽي جي پنجاهين سالگره جي موقعي تي اسلام آباد ۾ ڪوٺايل جلسي ۾ آصف زرداري ڪيو. ان ريلي دوران آصف علي زرداري اهو پيغام ڏنو ته مذهبي انتهاپسندي ڏي ويندڙ سياست جي ماحول ۾ ڪو لبرل آواز به اٿاري سگهجي ٿو. ان مذهبي بيانه بابت ٻي ڪا ڌر اچڻ لاءِ تيار نه هئي. اڳوڻي صدر زرداري نواز شريف کي پنهنجي شڪست مڃڻ ۽ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏنو. نه رڳو ايترو، پر هڪ وک اڳتي وڌي چيو ته ڪهڙي خبر نگران حڪومت تائين نواز ليگ حڪومت ۾ رهي يا نه رهي؟ ۽ اهو به ته پيپلز پارٽي نواز ليگ خلاف باقاعده مهم جو اعلان به ڪيو، جنهن جو چٽو اظهار ٻن ڏينهن بعد علامه قادري سان آصف زرداري جي ملاقات آهي. گذريل ٻن هفتن کان سياسي مارڪيٽ ۾ نگران حڪومت جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ آصف علي زرداري چيو هو ته، اهو قدم آئين کان مٿڀرو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو آئيني طور تي وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر کي نگران حڪومت لاءِ ڪنهن کي نامزد ڪرڻو آهي. ڪا ٽئين ڌر ايئن ڪري ٿي ته اهو معاملو آئين کان ٻاهر جي ڳالهه ٿيندي. ساڳي وقت آئين جي اها به تقاضا آهي ته نگران حڪومت صرف مقرر مدت ۾ چونڊون ڪرائي ان کان وڌيڪ ان جو ٻيو ڪو مينڊيٽ ڪونهي. پر پيپلز پارٽي جي تازي موقف مان پتو پوي ٿو ته ان پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي. اها ڪنهن ٻئي طريقي سان به نگران حڪومت جي جوڙڻ لاءِ راضي ٿي ويئي آهي. پيپلز پارٽي گذريل هفتي نواز ليگ سان گڏ بيٺي هئي. اها هاڻي ان جي خلاف ٿي بيٺي آهي ۽ نواز ليگ مخالف ڌرين کي گڏ ڪري رهي آهي.
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ جا اڳوڻا سڀ اسڪرپٽ نه هلي سگهيا. عمران جو ڌرڻو هجي يا علامه قادري جو ڌرڻو، اسٽيبلشمينٽ دفاعي پوزيشن ۾ هلي وئي هئي پر مولانا خادم حسين رضوي ڪم ڪري ڏيکاريو. ماضي وارا اسڪرپٽ ان ڪري به نه هلي سگهيا، جو پيپلز پارٽي سميت مکيه سموريون سياسي پارٽيون ان کان ٻاهر هيون. آصف علي زرداري جي اسلام آباد پريڊ گرائونڊ تقرير، اتي ڪيل ڊانس ۽ پوءِ علامه قادري سان ملاقات کانپوءِ اها ڳالهه کولي ڇڏي آهي ته اسڪرپٽ ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون ويون آهن ۽ پيپلز پارٽي ٻين ڳالهين کان علاوه ٻين ڪجهه ڌرين وانگر نٿي چاهي ته سينيٽ ۾ نواز ليگ جي اڪثريت هجي.
هتي اها ڳالهه دلچسپ آهي ته علامه قادري نوابزاده نصرالله وانگر ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڇا سياسي جماعتون مٿس اعتماد ڪري سگهن ٿيون؟ اهو صحيح آهي ته علامه قادري هڪ اهڙي ٻولي ڳالهائي ٿو، جنهن جو پنهنجو وجود ڪمزور آهي پر هو پيپلز پارٽي کي مذهبي ڇٽي ڏيئي سگهي ٿو. هڪ زماني ۾ بينظير ڀٽو به علامه قادري سان ٺاهه ڪيو هو ته جيئن مذهبي سياست ڪندڙ ڌريون کيس مذهبي نعري سان اڪيلو نه ڪن. موجوده حالتن ۾ علامه قادري جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي جو هو پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ رابطي ۽ پل جو ڪم ڪري سگهي ٿو.
ڪن حلقن جو خيال آهي ته نئين سال جي شروعات سان ئي ملڪ جي سياسي گرمي پد ۾ اهڙي نموني اضافو ٿي ويندو، جو سڄي ملڪ کي جام ڪيو وڃي، احتجاج ٿيڻ لڳن. ان بعد ڪونه ڪو سپريم ڪورٽ ۾ هليو ويندو ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ قومي حڪومت جو فارمولا سامهون اچي ويندو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ هن کان اڳ جنرل مشرف کي رعايت ڏئي چڪي آهي. پيپلز پارٽي جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جو مناسب حد تائين اعتماد حاصل ڪري وٺي ٿي ته بجيٽ کان اڳ ڪافي تبديليون اچي سگهن ٿيون.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2017/2017/09%20dEC%202017.htm

Labels: , , ,

آرمي چيف جي بريففنگ سان سياسي غيريقينيءَ جي خاتمي جون وڌندڙ اميدون!

Army Chief's breifing to Parliamentarian 
20-12-2017
اربع 20 ڊسمبر 2017ع
ملڪ جڏهن شديد سياسي بحران جي لپيٽ ۾ آهي، ان وقت آرمي چيف جنرل جي سينيٽ جي ميمبرن کي ملڪي توڙي علائقائي صورتحال بابت بريفنگ وڏي اهميت جي حامل آهي. اها بريفنگ تاريخ ۾ ان ڪري به اهم رهندي، جو ملڪي تاريخ ۾ هي ٻيو ڀيرو آهي، جو آرمي چيف ڪنهن چونڊيل ايوان کي خطاب ڪيو آهي. هن کان اڳ 2011ع ۾ ايبٽ آباد واري واقعي بابت جنهن ۾ اسامه بن لادن آمريڪي فوجين هٿان مارجي ويو هو، تڏهن اهي ڳالهيون اٿيون ته ڪيئن آمريڪي فوجي جهاز ۾ چڙهي وفاقي گادي واري هنڌ کي ويجهي شهر ايبٽ آباد ۾ ڪارروائي ڪري ويا؟ ايبٽ آباد وارو واقعي جي تفصيلي بريفنگ توڙي عدالتي ڪميشن جاچ باوجود اڃان تائين عوام آڏو نه اچي سگهيا آهن، ڇاڪاڻ جو عدالتي ڪميشن جي رپورٽ پڌري نه ٿي سگهي.

جنرل باوجوه جي بريفنگ کان اڳ ملڪ غير يقيني واري صورتحال جي لپيٽ ۾ هو. ٽي وي ٽاڪ شوز کان وٺي اخباري ڪالمن تائين ايتري قدر جو چونڊيل ايوانن جا نمائندا به مونجهاري جو شڪار هئا. هڪ ٻئي کان پڇي رهيا هئا ته موجوده حڪومت آئيني مدو پورو ڪري سگهندي يا نه؟ سينيٽ جي اليڪشن جو ڇا ٿيندو؟ موجوده نظام ۽ جمهوري عمل جاري رهي سگهندو؟ ايندڙ سال متوقع چونڊون وقت تي ٿينديون؟ نگران حڪومت ڪير ٺاهيندو؟ اها ڪنهن جي هوندي؟ ڊگهي مدت لاءِ جيڪڏهن نگران حڪومت هوندي ته ان جو مينڊيٽ ڇا هوندو؟ ان مينڊيٽ ۽ مدت طئي ڪرڻ لاءِ ڪهڙي اٿارٽي يا قانون کي اٿلايو ويندو؟ ان سڄي قصي ۾ عدليه جو ڇا رول هوندو؟ عدليه جو رول ان ڪري به اهم پيو بڻجي، جو ڪنهن به انتهائي قدم کي قانوني طور جائز عدليه ئي قرار ڏيئي سگهي ٿي. ڪجهه سال اڳ عدليه چيو هو ته اها ڪنهن به آئين کان مٿڀري قدم کي قانوني مڃتا نه ڏيندي. موجوده عدليه جا ريمارڪس آهن ته ”جتي خال پيدا ٿيندو، اهو اسين ڀرينداسين.“
ٽي هفتا کن ٽيڪنوڪريٽ نگران حڪومت جو چوٻول رهيو پر ان لاءِ شايد ڪا قانوني حمايت نه ملڻ بعد ان جي شڪل تبديل ڪري هاڻي نئون فارمولا لاٿو ويو آهي ته گورننس ۽ سٺي مالي توڙي انتظامي حوالي سان ٽيڪنوڪريٽ جو حڪومت ۾ هجڻ ضروري آهي. يعني ٽيڪنوڪريٽ کي به اقتدار ۾ شريڪ ڪيو وڃي. اهو ان ڪري عجيب ٿو لڳي ته حڪومت هلائڻ، فيصلا سازي ڪرڻ چونڊيل پارليامينٽ ۽ حڪومت جو ڪم آهي. ٽيڪنوڪريٽس بيورو ڪريسي جي شڪل ۾ موجود آهن، جيڪي گهڻو ڪري ريٽائر ٿيڻ بعد ٽيڪنوڪريٽ بڻجي ويندا آهن. اهڙو مطالبو پنهنجي جوهر ۾ سياست ۽ سياستدانن جي خلاف بيهي ٿو.
ڳالهه ملڪ ۾ موجود غيريقيني صورتحال جي پئي ڪئي سين. اها ايتري وڌيل هئي، جو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق به چيو ته ”آئون نٿو سمجهان ته موجوده حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪندي. اهڙي قسم جا اشارا هن کان اڳ سينيٽ جو چيئرمين رضا رباني به ڏيندو رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته رضا رباني جي انداز ۾ مايوسي گهٽ ۽ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش وڌيڪ، جڏهن ته اياز صادق جي بيان ۾ مايوسي وڌيڪ ٿي جهلڪي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فوري طور اسپيڪر جي بيان جي ترديد ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي.
اسپيڪر اياز صادق جي آڏو به معاملا هئا، جن کي ڏسندي هو اهڙي مايوسي واري ڳالهه ڪري رهيو هو. هڪ اهو ته گذريل هڪ مهيني کان قومي اسيمبلي مان پاس ڪيل تڪ بندين بابت آئيني ترميم سينيٽ مان منظور نه پئي ٿي. بظاهر پيپلز پارٽي جي سينيٽ ۾ اڪثريت آهي، پر ان کي اڪيلي سر اڪثريت ناهي. جيڪڏهن حڪومت ۽ ٻيون سموريون پارٽيون گڏ ٿي وڃن ها ته اها ترميم پاس ڪري پئي سگهيون، پر حڪمران جماعت توڙي ٻيون پارٽيون ايئن نه ڪري سگهيون. نئين آدمشماري بعد نيون تڪ بنديون ڪرڻ آئيني گهرج آهي، ان ڪري تڪ بندين جو معاملو اُڪلائڻ بنا ڄڻ وقت تي چونڊيون نه پئي ٿي سگهيون. پيپلز پارٽي جو شرط آدمشماري جي عبوري نتيجن جي 5 سيڪڙو ٻيهر آڊٽ ڪرائڻ هو. اهو شرط سنڌ جي شڪايت طور جائز هو پر ان جي پويان پيپلز پارٽي جي سياست اها هئي ته ڪيئن حڪومت تي دٻاءُ وجهجي؟ ساڳي ريت جيڪڏهن ڪا سگهاري ڌر حڪومت کي وقت کان اڳ گهر ڀيڙو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جو هڪ ڪارڊ پيپلز پارٽي وٽ به هجي. پيپلز پارٽي جيڪا اسلام آباد ۾ آصف علي زرداري جي ڊانس ۽ اتي ڪيل تقرير کان اڳ اسيمبلين ۽ حڪومت جي مدت پوري ڪرڻ واري نقطي تي بيٺل هُئي، پر ان تقرير ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي پوزيشن تبديل ڪئي ۽ اها اسٽيبلشمينٽ کي ويجهو ٿي ويٺي.
اياز صادق کي ٻيو ڊپ خود پنهنجي جماعت يعني نواز ليگ جي اندر ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه جي ڪري به هو، ڇاڪاڻ جو مذهبي انتهاپسندي واري نعري سان چند هزار ماڻهن جي ڌرڻي حڪومت کي ته جهڪائي ڇڏيو پر ساڳئي وقت رياست جي رٽ کي به ڪمزور ڪيو. اهڙي ئي نعري سان بعد ۾ لاهور ۾ ڌرڻو لڳو، ۽ پير سيالوي فيصل آباد ۾ ڪانفرنس ڪئي. نواز شريف جيڪو سويلين اختيار جي بحالي جي نعري سان عوام ۾ لٿو هو ۽ اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائي رهيو هو، ان کانپوءِ سندس پارٽي جي ڄڻ ”ساڄي ٻانهن“ (رائيٽ ونگ) هن کان ڇڄڻ لڳي. سمورن نعرن ۽ اپائن جي باوجود نواز ليگ جو ووٽ بئنڪ ساڄي ڌر وارو رهيو آهي. ايئن حڪمران جماعت نواز ليگ اندر مفاهمت ۽ محاذ آرائي جي ٻن لاڙن جي وچ ۾ هلندڙ ويڙهه ۾ مفاهمت واري پاسي کي سرسي ملي ويئي. نواز شريف رجحان جي حوالي سان پارٽي اندر ڪمزور ٿيو. ان جي بدران رجحان جي طور شهباز شريف مضبوط ٿيو، جنهن جو بظاهر اهو موقف هو ته نواز شريف جي پارٽي معاملن ۾ بالادستي مرحليواري يعني آهستي آهستي ڪئي وڃي، في الحال مفاهمت سان هلجي. حديبيه ڪيس ۾ شهباز شريف کي مليل فائدي ڄڻ پنجاب جي سياسي ميدان ۾ ٻه مکيه رانديگر يعني شهباز شريف ۽ عمران خان وڃي بچيا- ايئن طاقت جو توازن تبديل ٿي ويو.
تحريڪِ انصاف جي جهانگير ترين کي نااهل ۽ عمران خان کي اهل قرار ڏيڻ واري فيصلي ۾ هڪ جج اضافي نوٽ لکندي نواز شريف جي ڪيس بابت به لکيو آهي ته کيس ڇو برطرف ڪيو ويو؟ اها ڄڻ پاناما ڪيس واري فيصلي بابت وضاحت آهي. ٻي وضاحت چيف جسٽس ميان ثاقب نثار هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڏني آهي ته قسم کڻي چوان ٿو ته ڪو به دٻاءُ نه هو. عدالتن ۽ عدالتي فيصلن جو احترام ڪرڻ گهُرجي. عدالتن مان ماڻهو انصاف جي اميد رکن ٿا. هونئن به انصاف ۽ عدالتن لاءِ اها جڳ مشهور چوڻي آهي، جيڪا ڪيترائي جج پنهنجي فيصلن ۽ ريمارڪس ۾ دهرائي چڪا آهن، سا اها ته ”نه رڳو اهو ته انصاف ڪيو وڃي، بلڪه انصاف ٿيندي نظر به اچي.“ بقول نامياري وڪيل عاصمه جهانگير جي اهڙا فيصلا ئي ڇو ڪجن، جن لاءِ وضاحتون ڏيڻيون پون.
جيتوڻيڪ ملڪ جي سياسي پارٽين جو جمهوريت ۽ عوام جي حقن جي حوالي سان ڪردار مجموعي طور بنهه ڪو ساراهه جوڳو ڪونهي پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته ملڪي توڙي علائقائي حالتن کين ليڪ جي ٻئي طرف بيهارڻ تي مجبور ڪيو آهي. ايتري قدر جو اسٽيبلشمينٽ جيڪا اڳي ٻن پارٽين کي آمهون سامهون بيهاري پنهنجو ڪم ڪري ويندي هُئي يا پارٽين اندر لابين ذريعي ڀڃ ڊاهه ڪري وٺندي هُئي، تنهن کي هن ڀيري مبينا طور فيض آباد ۾ ڌرڻي جو سهارو وٺڻو پيو. ان ذريعي نواز ليگ حڪومت کي سرينڊر ڪرائڻ ۽ پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ وارو ڪم ٿيو. مين اسٽريم جون مذهبي سياسي حڪومتون به ان راند جو حصو نه ٿيون.
انهيءَ سڄي پسمنظر ۾ غير يقيني صورتحال هلي رهي هُئي، جيڪا حڪومت، حڪومتي مشينري جي فيصلي سازي ۽ انتظام ڪاري تي اثرانداز ٿي رهي هُئي. جنهن جا اثر وري معيشت ۽ روزمرهه جي معاملن تي پئجي رهيا هُئا. سخت بحران ۾ حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه وٺي رهي هئي، جنهن دوران ملٽري ڊپلوميسي جون ڳالهيون به ٿينديون رهيون، تڏهن آرمي چيف سينيٽ ۾ بريفنگ ڏني.
ان سڄي بحران ۽ علائقي جي تبديلين توڙي ملٽري ڊپلوميسي بابت چونڊيل ادارا ۽ پارليامينٽ اڻ ڄاڻ ئي رهيا. نه حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي رهي هئي، نه وري عسڪري ڌريون. پارليامينٽ ڄڻ غير واسطيدار پئي بڻي. آرمي چيف جي سينيٽ ۾ آمد ۽ بريفنگ اهو تاثر ضرور ڏنو ته پارليامينٽ اهم آهي ۽ عسڪري ڌر به ان کي ليکي ٿي. ساڳئي وقت اهو چوڻ ته پارليامينٽ دفاعي ۽ پرڏيهي پاليسي ٺاهي ته اسين ان تي عمل ڪنداسين واري ڳالهه به اهم ترين آهي.
آرمي چيف جي ان بريفنگ بعد هڪ مهيني کان رولڙي ۾ ٿيل تڪ بندين وارو آئيني بل اڄ ئي سينيٽ منظور ڪري ورتو. ايئن مختلف ڌرين جا تحفظات دور ٿيا. سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني آگسٽ ڌاري چيو هو ته فوج، پارليامينٽ ۽ عدليه کي گڏجي ڳالهائڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو ڪم تڏهن ڪجي ها ته شايد ڪجهه ڏاکڙن کان بچي سگهجي ها. شايد اهو سڀ ڪجهه ان ڪري تڏهن نه ٿيو، جو ملڪي توڙي علائقائي حالتن جو ايترو زور نه هو، يا وري اهو ته ڪجهه معاملا حل ٿيڻا ها، ان ڪري ڳالهه ڊسمبر تائين وڃي پهتي. موجوده حالتن ۾ آرمي چيف جي بريفنگ ملڪ ۾ ڇانيل سياسي ڌنڌ کي گهٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي.

Daily Kawish 
http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2017/2017/20%20Dec%202017.htm

Labels: , ,

Monday, December 11, 2017

عوام دوست بجيٽ وارو خواب ڪڏهن پورو ٿيندو؟؟

  آچر 28 مئي 2017ع
ڪو زمانو هو، جڏهن بجيٽ غور سان ٻڌي ۽ پڙهي ويندي هئي. تڏهن عام ماڻهو کي آسرو هوندو هو ته بجيٽ ۾ هن لاءِ ڪجهه رليف هوندو يا وري اهو ته ڪو ٽيڪس لڳندو ته ان سان اهي شيون ڪيتريون مهانگيون ٿينديون. پر جڏهن کان بجيٽ ۽ شين جي قيمتن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ختم ٿي ويو آهي ۽ ماڻهن حڪومت وٽان ڪجهه ملڻ جو آسرو پلي ڇڏيو آهي، تڏهن کان بجيٽ تقرير غير اهم بڻجي وئي آهي. سرڪاري طرح ڪنهن به شئي جي کڻي ڪيتري قيمت مقرر ٿئي، ڪمپني طرفان قيمت جو ليبل ڪجهه به لڳل هجي، سموريون شيون مقرر اگهه ۽ ٽيڪس کان وڌيڪ قيمت تي وڪامن ٿيون. ان ڪري آءِ ايم ايف جي ”ڪاريگرن“ جي ٺاهيل بجيٽ جو زميني حقيقتن سان ڪو ورلي تعلق نڪري ايندو آهي.
نئين سال لاءِ 4752.9 ارب روپين جي پيش ڪيل بجيٽ جي خوبصورتي اها آهي، جو ان ۾ 33 سيڪڙو جي کوٽ آهي. اها کوٽ ٻن طريقن سان ڀري ويندي آهي. هڪ اهو ته نوان نوٽ ڇاپي ليکو برابر ڪري ڏيکارجي. پر ائين ڪرڻ سان مهانگائي وڌي ويندي. جيڪڏهن حڪومت اها سموري کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ نوٽ ڇاپي ٿي ته ان جو مطلب اهو بيهندو ته مهانگائي ۾ 33 سيڪڙو اضافو ٿي ويندو. ٻيو طريقو بئنڪن مان يا وري ڪجهه پرڏيهي مالياتي ادارن وٽان قرض کڻي پورت ڪئي وڃي. اهو قرض لازمي طور تي وياج تي هوندو آهي ۽ ڪمرشل بئنڪن جو وياج جو اگهه ڳرو هوندو آهي. جڏهن ته پرڏيهي مالياتي ادارن واري قرض جي وياج جو اگهه کڻي گهٽ هجي، پر ان لاءِ شرط ڳرا ڏکيا رکيا ويندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ بجيٽ جي 33 سيڪڙو جي اها چٽي جيڪا پهرين نظر ۾ عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي، پر ڀوڳڻي کيس ئي آهي. رڳو ايترو ئي نه، بجيٽ جو 28 سيڪڙو جيتري رقم پراڻو قرض ڀرڻ لاءِ رکي وئي آهي، جيڪو لازمي طور تي ڀرڻو آهي. ان ۾ عالمي مالياتي ادارن جي وڏي ميڙ منٿ، وڌيڪ شرط ڳچي ۾ وجهڻ بعد ئي قرض جي ري شيڊيولنگ ٿي سگهندي آهي. ان جي نتيجي ۾ وياج جو اگهه به وڌي ويندو آهي. مطلب ته ملڪ جي عوام کان ٽيڪس جي شڪل ۾ جيڪا سڌي وصولي ٿيندي سا ٿيندي، پر سڌي وسيلي به عوام کان ئي اها رقم وصول ڪئي ويندي. اها رقم مجموعي طور تي 51 سيڪڙو بيهي ٿي.
بجيٽ جي معاملي ۾ هر حڪومت چئن ڌرين کي ناراض ڪرڻ نه گهرندي آهي. انهن ۾ عسڪري ڌريون، صنعتڪار، واپاري ۽ وچولو طبقو. هن بجيٽ ۾ به ان جو چٽو عڪس ملي ٿو. ملڪ ۾ صنعتڪاري پنهنجي حقيقي معنائن ۾ ڄڻ آهي ئي ڪونه. جيڪا آهي سا بنيادي نوعيت جي نه، پر سروس سيڪٽر کي سپورٽ ڪندڙ آهي. ساڳي ريت وڏا واپاري ۽ ايڪسپورٽر به اهم هوندا آهن. حڪومت بجيٽ ۾ انهن جي لاءِ ٽيڪسن ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ ڇوٽ جون رعايتيون رکيون آهن. وچولي طبقي ۾ ننڍا واپاري، دڪاندار، پنهنجو ننڍو وڏو ڪاربار ڪندڙ ۽ نوڪري پيشه ماڻهو شامل آهن. اهو طبقو حڪومت جي نظر ۾ ڏنگو طبقو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ميڊيا ۾ توڙي رستن تي اچي گوڙ ڪندو آهي ۽ نتيجي ۾ ٻين ناراض ڌرين ۽ سياسي پارٽين کي وجهه ٺاهي ڏيندو آهي، جنهن سبب حڪومت لاءِ ڏچو پيدا ٿيندو آهي. ايندڙ اٺن ڏهن مهينن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، تنهن ڪري حڪومت پنهنجي لاءِ ڪابه اهڙي ڏکيائي واري صورتحال کي دعوت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته اهي سڀ طبقا ملائي آباديءَ جو 20 کان 25 سيڪڙو تائين مس بيهن ٿا. جڏهن ته باقي 75 کان 80 سيڪڙو آبادي لاءِ بجيٽ ۾ ڪوبه رليف ناهي. مٿئين سطح تي جيڪڏهن ڪو رليف ان آسري تي ڏنو ويو آهي ته اهو آهستي آهستي هيٺين سطح تائين پهچندو. ان عمل کي 10 کان 15 هفتا لڳندا، تيستائين نئين بجيٽ جي تياري شروع ٿي ويندي.
بجيٽ ۾ جيتوڻيڪ اهو چيو ويو آهي ته عام مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 15 هزار روپيا هوندي. اها پگهار ورلي ملي ٿي، پر ان ۾ هفتيوار ۽ ٻين موڪلن جي پگهار ڪاٽي ويندي آهي. خانگي شعبي ۾ اڪثر هنڌن تي ان قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ پگهار مقرر ڪرڻ بابت جڏهن کان قانون لاڳو ٿيو آهي، ڪنهن هڪ ڪمپني، اداري يا فرد تي ان ڏوهه ۾ ڪا سزا يا ڏوهه ڏنڊ نه وڌو ويو آهي ته هن ملازم کي گهٽ پگهار ڏني. حڪومت ڪنهن باقاعده اداري يا ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور جي پگهار لاءِ ته قانون ٺاهيو آهي، پر ننڍن وڏن شهرن ۾ خانگي شعبي ۾ ڪم ڪندڙن يا عام ماڻهو ۽ هاري لاءِ ڪو قانون موجود ناهي، جنهن ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته ڪم ڪندڙ فرد کي مهيني ۾ 15 هزار روپيا ملن. هونئن خود 15 هزار روپيا مهينو پگهار ڪنهن فرد جي ممڪن آهي ته پورت ڪري سگهي، پر ان جي وسيلي ڪٽنب کي پالي نٿو سگهجي. حڪومت معيشت ۽ سماج کي ان طرف ڌڪي رهي آهي ته ڪٽنب جو هر فرد ڪم ڪري، اها سٺي ڳالهه آهي پر شرط اهو آهي ته ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم به موجود هجي. ڪم جا موقعا گهٽ هجڻ، ڪم جون حالتون خراب هجڻ، نوڪري جا شرط سٺا نه هجڻ، نوڪري بابت غير يقيني حالتون ڪنهن به طرح سان انهيءَ آئيڊيا سان مئچ نٿيون ڪن. ان کان علاوه هن آئيڊيا تي عمل ڪرڻ لاءِ گهربل انفراسٽرڪچر جنهن ۾ سستي ۽ سولي ٽرانسپورٽ، امن امان وغيره لازمي آهن. اها عجيب ڳالهه آهي ته اسيمبلي ميمبر ۽ وزير پنهنجون پگهارون پاڻ مقرر ڪري ٿا وٺن ۽ ان ۾ ڪڏهن ٻيڻ تي ته ڪڏهن 40 کان 50 سيڪڙو تائين واڌ آڻين ٿا، پر جڏهن سرڪاري ملازم يا عام مزدور جي ڳالهه اچي ٿي ته نه ان کان پڇيو وڃي ٿو، نه وري ان کان ڪا صلاح ورتي ٿي وڃي. جيڪڏهن حڪومت گهٽ ۾ گهٽ پگهار جو قانون ٺاهي ٿي ته وڌ ۾ وڌ پگهار ڪيتري هجي، ان جي به ڪا حد هجڻ گهرجي. ان لاءِ ڪا قانون سازي ٿيڻ گهرجي.
بجيٽ ۾ سمورو دارومدار ”سي پيڪ“ سان ڳنڍيل رکيو ويو آهي. سي پيڪ هڪ پرڏيهي پروجيڪٽ آهي، ان تي مڪمل طور ڀاڙي ڪا به عوام دوست بجيٽ نٿي ٺاهي سگهجي. وفاقي بجيٽ ۾ وڏن پروجيڪٽن ۽ انفراسٽرڪچر جي ته ڳالهه ڪئي وئي آهي، پر عام ماڻهو کي گئس، پيئڻ جو پاڻي وغيره ڪيئن ملي ۽ ڪهڙي قميت تي ملي، ان لاءِ ڪا ڳالهه موجود ناهي. ان لسٽ ۾ صحت ۽ تعليم به شامل آهي. اهي سڀ شيون صوبائي کاتي ۾ ڇڏيون ويون آهن. نواز ليگ مرڪز توڙي پنجاب ۾ صوبائي حڪومت جي ڪري هڪ حد تائين پنهنجي ووٽرن کي صوبائي بجيٽ ڏئي سگهي ٿي، پر باقي اهي به ٽيڪس ڀرين ٿا، انهن جي نالي تي به قرض ورتو وڃي ٿو، جيڪو انهن کي به ڀرڻو آهي. پراڻي قومي مالياتي ايوارڊ جي بنياد تي ٿيل ناڻي جي ورڇ ۽ سنڌ ۾ سٺي حڪمراني نه هجڻ جي ڪري سنڌ جو ماڻهو هيڪاري وڌيڪ ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو. ڳالهه کي ٿورن لفظن ۾ ائين کٽائي سگهجي ٿو ته وفاقي بجيٽ بنيادي طرح سان واپارين ۽ ڪاروبارين جي بجيٽ آهي، جيڪا وقتي طور معيشت ۾ واڌ يا روڪ پئسي جي موجودگي ته ڪري سگهي ٿي پر معشيت جو مستقل ڍانچو نٿي ٺاهي سگهي. بهرحال اهو هن ملڪ جي ماڻهن جو پراڻو خواب آهي ته ڪڏهن ڪا عوام دوست بجيٽ به اچي، پر خبر ناهي ته اهو خواب ڪڏهن پورو ٿيندو؟

Labels: ,

نواز شريف عوام کي سازش بابت ڇو نٿو ٻڌائي؟

جمع 07 جولاءِ 2017ع
   پاناما پيپرز ۾ وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جي ملوث هجڻ وارو معاملو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ ملڪي سياسي گرمي پد ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. رڳو ايترو ئي نه پر نواز ليگ جي وزيرن ۽ شريف ڪٽنب جي فردن طرفان جاچ ڪندڙ ٽيم تي تنقيد جي تيرن جا تکا ۽ تڪڙا حملا پڻ ٿي رهيا آهن. وزير اعظم ۽ سندس ٽيم جي حڪمت عملي اها آهي ته جي آءِ ٽي آڏو باقاعدگيءَ سان پيش ٿبو. جيئن نظر اچي ته، ٽيم سان سهڪار ڪري رهيا آهن پر بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ميڊيا ۾ اچي ٽيم جي رويي ۽ ان جي ڪارڪردگي کي مڪمل طور لتاڙيو ويندو. هن وقت زميني صورتحال اها آهي ته جي آءِ ٽي تڪراري بڻجي وئي آهي. ائين ڪرڻ ۾ حڪومت طرفان اختيار ڪيل سياسي طريقا پنهنجي جاءِ تي آهن پر، ان ڪم ۾ عمران خان به ڪجهه هٿ ونڊايو آهي. سڀ کان وڏو ڪم جي آءِ ٽي وارن پاڻ ڪيو، جنهن ۾ ان حڪومت ۽ ان جي ڪجهه ادارن ۽ ماڻهن تي الزام هنيا. ٿيڻ ائين گهربو هو ته اها ٽِيم پاڻ کي اهڙي قسم جي الزامن يا سياسي ڳالهين کان پري رکي، پنهنجو ڪم ڪندي رهي ها. ائين سندس جاچ جي شفافيت برقرار رهي ها. ان ٽيم جي جوڙجڪ ۽ ڪنهن کي ميمبر نامزد ڪجي، ان معاملي به نواز ليگ جي ڳالهه کي وزن ڏنو ته، وزيراعظم جي خاندان کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي.
اصل ۾ هن ڪيس جا ٻه پاسا آهن. هڪ سياسي پاسو ۽ ٻيو انتظامي يا ڪرپشن وارو پاسو. پاناما ڪيس تي جيتوڻيڪ ٻين پارٽين به احتجاج ڪيو پر ان ڪيس ۾ جان ان ڪري پئجي سگهي جو عمران خان ڌرڻو هنيو. وفاقي گادي واري شهر ۾ صورتحال اهڙي پيدا ٿي وئي جو عدليه کي مداخلت ڪرڻي پئي. عمران خان طرفان پاناما اسڪينڊل تي احتجاج دراصل سندس پراڻي احتجاج جي تسلسل ۾ آهي، جيڪو هن 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هڻي ڪيو هو. ان الزام لاءِ جڊيشنل ڪميشن ٺهي عمران خان جو پهرئين ڏينهن کان اهو مطالبو آهي ته وزير اعظم نواز شريف استعيفا ڏي يا ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿئي جو سندس حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهجي. اهو مطالبو هن چونڊن ۾ ڌانڌلين مهل به ڪيو هو ته وري پاناما ڪيس ۾ به ڪيو آهي.  وزير اعظم کي ڪنهن هڪ شخص يا پارٽي جي خواهش يا فرمائش تي هٽائي نٿو سگهجي. ان کي هٽائڻ جو آئيني ۽ قانوني طريقو موجود آهي.
ٻيو پاسو اهو آهي ته ڪرپشن ڪئي وئي آهي، مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني طور اثاثا ٺاهڻ جا معاملا آهن. ان ڳالهه جي ضرور جاچ ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ خاص طور تي جنرل ضياءَ الحق جي دور کان حڪومت ۽ ڪاروبار يا ڪاروبار ۽ سياست پاڻ ۾ گڏ وچڙ ٿي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ نه سياسي فضيلت سان يا صاف سٿري ٿي رهي آهي ۽ نه ئي وري ڪاروبار ۽ معيشت ۾ ميرٽ، معيار ۽ ترقي جا ڪي اهڃاڻ نظر اچن ٿا. جيڪڏهن وزير اعظم يا پارٽي جي سربراهه وٽ کنڊ جا ڪارخانا هوندا ته ان جي حڪومت جون کنڊ بابت پاليسيون لازمي طور تي شڪ جي نگاهه سان ڏٺيون وينديون. اتان کان ئي ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جون حدون شروع ٿي وڃن ٿيون. نتيجي ۾ سمورو ڪرپشن جو بار ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. عوام رڳو اهو ڪرپشن جو بار ئي نٿو کڻي بلڪه اها ڪرندڙ معيشت، وڌندڙ قرضن، خراب حڪمراني، سياسي، سماجي ۽ انتظامي حالتن جي خراب ٿيڻ جو بار به کڻي ٿو ۽ کيس ملي ڪجهه به نه ٿو. گذريل ٻن ٽن سالن کان حڪمران طبقن جي پاڻ ۾ هلندڙ جهيڙي سبب حڪومت عام ماڻهو جي حالتن کي بهتر بنائڻ ۾ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي. ان جي ترجيح صرف پاڻ بچائڻ واري رهي آهي.
ان ڪري ٿيڻ ائين گهربو هو ته ڪرپشن جي معاملي کي سياسي اشو کان پاسيرو رکي اڪلايو وڃي ها. ان کي عمران خان جيترو سياسي بنايو، ان سان يقينن حڪمران جماعت نواز ليگ تي دٻاءُ وڌيو پر ساڳئي وقت تي وزير اعظم کي اهو وجهه به مليو ته هو اهو چوي ته، شريف خاندان کان بدلو ورتو پيو وڃي يا ان کي نشانو بڻايو پيو وڃي يا وري سازش ٿي رهي آهي وغيره. حڪومت چوي ٿي ته غير جمهوري ڌريون حڪومت خلاف سازش ڪري رهيون آهن، ايتري قدر جو وزيراعظم جي ڌيءَ مريم نواز به جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته ”اسان کي ان نقطي ڏي نه ڌڪيو جو وزير اعظم پنهنجي سيني جا راز کولي وجهي.“ ڪهڙا راز آهن ۽ ڪهڙيون سازشون آهن، اهي عوام آڏو اچڻ گهرجن. وزير اعظم کي انهن سازشن تان پردو کڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو جمهوريت رڳو وزير اعظم نواز شريف يا نواز ليگ جو مسئلو ناهي. هي سڄي ملڪ جي ماڻهن جو مسئلو آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪا سازش آهي ته اها هن ملڪ ۽ ان جي عوام خلاف سازش آهي. چونڊن ۾ ڌانڌلين واري ڌرڻي بعد جاويد هاشمي چيو هو ته، ڪهڙي نموني ڪِن سگهارن ادارن جي همراهن وزير اعظم نواز شريف کي هٽائڻ پئي چاهيو ۽ پهرين جڊيشل ڪو ۽ ان بعد من پسند طريقي سان چونڊن ڪرائڻ جو پلان هو. سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته جاويد هاشمي اڄ سوڌو ان ڳالهه تي قائم آهي، بلڪه چوي ٿو ته هاڻي به ساڳي صورتحال آهي.
جيڪڏهن چند گهڙين لاءِ ان سازش واري ٿيوري کي سچ به مڃي وٺجي ته وزير اعظم نواز شريف کي هن ڪيس ۾ عهدي تان هٽايو وڃي ٿو. حڪمران جماعت وٽ قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت آهي، اها پنهنجو نئون پارلياماني ليڊر چونڊي سگهي ٿي. ان ڪري رڳو نواز شريف جي وڃڻ سان جمهوريت جي لاءِ فرق نه پوندو، اهو فرق نواز خاندان جي عهدي ۽ ان جي ڪاروبار تي ضرور پئجي سگهي ٿو. اها بدقسمتي آهي جو اسان وٽ سياسي پارٽيون بطور سياسي پارٽين جي نه پر ذاتي جاگير يا ملڪيت جي حيثيت ۾ هلايون وڃن ٿيون، جيڪڏهن نواز ليگ نواز شريف کانسواءِ نٿي هلي سگهي يا پنهنجو پارلياماني ليڊر نٿي ٺاهي سگهي ته، اها حقيقي معنيٰ ۾ پوءِ سياسي پارٽي ناهي. ساڳي ڳالهه پيپلز پارٽي لاءِ به چئي سگهجي ٿي. پيپلز پارٽي جڏهن حڪومت ۾ هئي ته ان خلاف به جڏهن اهڙي قسم جي ڳالهه سامهون ايندي هئي ته اها به پنهنجي حڪومت جي وڃڻ کي جمهوريت وڃائڻ جي برابر قرار ڏيندي هئي. اڄ ساڳي ڳالهه نواز ليگ ڪري رهي آهي. اهو درست آهي ته پيپلز پارٽي توڙي نواز ليگ ٻنهي پارٽين جي حڪومتي دورن ۾ مختلف غير جمهوري واقعا ٿيندا رهيا آهن. جن جي نتيجي ۾ سويلين اختيار ڪمزور ٿيندو رهيو آهي. هر ايندڙ ڏينهن ڄڻ ان ڪمزوري ۾ اضافو ٿيو آهي، پر انهن ٻنهي وڏين پارٽين جيڪي جمهوريت پسندي جي دعويٰ ڪن ٿيون، انهن ڪڏهن به سويلين پاور ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن. جي اهڙا اپاءُ ورتا وڃن ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. اڄ به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي ڌريون سويلين اختيار وڌائڻ لاءِ هڪ ٿين.
لڳي ٿو ته جي آءِ ٽي مقرر مدي اندر يعني 10 جولاءِ تائين پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ جي بئنچ وٽ پيش ڪندي. ميڊيا جي رپورٽن موجب آءِ ايس آءِ جاچ ٽيم جي بطور سيڪريٽريٽ جي ڪم ڪري رهي آهي. هن رپورٽ کان اڳ جيڪو ماحول جڙي رهيو آهي، تنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف پنهنجو پاڻ کي سوڙهو محسوس ڪري رهيو آهي. رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بعد عدالت ان رپورٽ کي ڪيئن ٿي اڪلائي؟ اهو اهم سوال آهي. عدالت ان ڏس ۾ ڪو فوري حڪم جاري ڪري ٿي يا باقاعده ريفرنس ٺاهڻ جي هدايت ڪري ٿي يا وري وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ چوي ٿي. اهو سڀ ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ پاڻ ڄاڻي وٺنداسين. 
Nawaz Sharif Conspiracy

Labels: ,

وزير اعظم جي سياسي مستقبل لاءِ سپريم ڪورٽ پهتل رپورٽ!

اڱارو 18 جولاءِ 2017ع
Letter to supreme court for political future of prime minister
سپريم ڪورٽ پنهنجي جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ آڏو ٻه ٽي سوال آهن، هڪ اهو ته رپورٽ جون فائينڊنگس ڪيتريون سگهاريون ۽ ڀروسي جوڳيون آهن؟ ٻيو اهو ته اها انهن فائينڊنگس مان ڪهڙين فائينڊنگس تي ۽ ڪيئن عمل ڪري؟ اها ڳالهه سومر ڏينهن تي شنوائي ڪندڙ بينچ جي هڪ جج به پنهنجي رمارڪس ۾ چئي. پاناما ڪيس جو اڃا حتمي فيصلو نه ٿيو آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ ان تي عمل ڪرڻ وارن پهلوئن تي بحث هلي پيو. ان دوران وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب جي ڀاتين جي آءِ ٽي رپورٽ تي اعتراض واريندي عدالت ۾ درخواست به ڏني آهي، جنهن ۾ رپورٽ کي بدنيتيءَ تي ٻڌل ڪوٺيو ويو آهي. هن کان اڳ وزيراعظم، سندس ڪٽنب توڙي ڪابينا ۾ موجود سندس ويجها ساٿي ان سڄي معاملي کي چونڊيل ۽ سويلين حڪومت خلاف سازش سڏي رهيا هئا، پر ترت ئي وزيراعظم واري ڌر پنهنجي انهيءَ موقف تان ٿورو پوئتي هٽي ۽ ان رڳو جي آءِ ٽي، ان جي طريقي ۽ ڪارڪردگيءَ کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
هن سڄي تحرڪ کي ان ڪري به سازش سڏيو پئي ويو، جو سڄي معاملي جي پٺيان تحريڪِ انصاف هئي، جيڪا نواز ليگ حڪومت خلاف پهرين ڏينهن کان احتجاج ڪندي وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي. معاملو 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن کان شروع ٿيو هو ۽ پوءِ ڌرڻن تائين ڳالهه پهتي. پر تڏهن پارليامينٽ ۾ موجود سياسي پارٽيون نواز ليگ جو ساٿ ڏئي رهيون هيون، جڏهن ته پاناما ڪيس ۾ ائين نه ٿي سگهيو. اهو درست آهي ته باقي پارٽيون تحريڪ انصاف وانگر احتجاج تي نه لهي آيون هيون، پر انهن کي موقعو ملي ويو آهي ته 2018ع وارين چونڊن جي ويجهي اچڻ سان ان مان فائدو وٺن ۽ حڪمران جماعت نواز ليگ توڙي خود نواز ليگ جي پوزيشن ڪمزور ڪن، ان ڪري پاناما ڪيس هڪ سياسي تحريڪ بڻجي ويو. جڏهن معاملو سياسي تحريڪ بڻجي ويندو آهي ته ان مان حڪمرانن کي سازش جي بوءِ اچڻ شروع ٿيندي آهي. اها تحريڪ پهرين نواز ليگ جي حڪومت خلاف هئي، جنهن جو وزيراعظم نواز شريف هو، پر پوءِ اها تحريڪ نواز شريف ۽ ان جي ڪٽنب جي ڀاتين خلاف نظر اچڻ لڳي. ان تحريڪ کي ڪيئن منهن ڏجي، ان تي نواز ليگ ڪابينا، پارلياماني پارٽي ۽ خود شريف خاندان به هڪ پيج تي نه هو.
سياسي پارٽين جو خيال هو ته صرف وزيراعظم کي ئي ٽارگيٽ بڻائجي، ائين نواز ليگ پنهنجو پارلياماني ليڊر تبديل ڪري ٿي ته ائين ڪرڻ سان اڳتي هلي خود نواز ليگ ڪمزور ٿيندي ۽ ممڪن آهي ته ان ۾ گروهه بندي به ٿي وڃي. اهو هڪ ڀڃ ڊاهه وارو ۽ ڪجهه وڌيڪ مدت وٺندڙ، پر پنهنجي جوهر ۾ سياسي عمل هو، جڏهن ته تحريڪ انصاف وزيراعظم سان گڏوگڏ موجوده اسيمبلين جي خاتمي جي به ڳالهه ڪري رهي هئي. نواز شريف سان گڏ سندس اتحادين ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي بيٺل نظر اچن ٿا. ڪابينا اندر جيتوڻيڪ مجموعي طور ”ڊٽ جائو“ واري صورتحال آهي، پر وزير داخلا چوڌري نثار علي خان جو موقف مختلف سامهون آيو آهي. جيڪو ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلي ۽ ڳالهه بابت ٻين وزيرن کان مختلف راءِ رکي ٿو. ان ڏس ۾ هو هڪ هفتي اندر ٽي ڀيرا وضاحتون ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ هن بظاهر ساڻس منسوب ڪيل لفظن  جي ترديد ڪئي آهي، پر دراصل هن پنهنجي پاڻ کي وزيراعظم نواز شريف جي انهيءَ فيصلي کان پري رکيو آهي. چوڌري نثار علي جي نواز شريف سان ٽيهارو کن سالن جي رفاقت آهي، پر سندس موقف ۽ رويو گهٽ ۾ گهٽ گذريل ٻن ڏهاڪن کان پنهنجي ليڊر کان مختلف رهيو آهي، جنهن جو عڪس ڪيترن ئي موقعن تي نظر ايندو رهيو آهي. ساڳي صورتحال پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي پڻ رهي، جنهن ۾ چوڌري صاحب شريڪ ئي نه ٿيو.
مجموعي طور اها ڳالهه پئي بيٺي ته ادارن سان ٽڪراءَ واري پاليسي اختيار ڪجي يا ٽڪراءَ ۾ نه وڃجي؟ بهرحال نواز شريف ۽ سندس ساٿين طرفان ”ڊٽ جائو“ واري پاليسي رکندي وري ان کان هٽڻ بعد اها صورت اڀري آئي، جو عسڪري اداري جي ميڊيا ونگ وضاحت ڪئي ته عسڪري ڌر جو پاناما ڪيس سان ڪو تعلق ناهي، اهو سپريم ڪورٽ کي اڪلائڻو آهي ۽ هو ملڪ ۾ آئين جي عملداري چاهين ٿا. هاڻي جيڪو به قدم کڄندو ۽ عمل ٿيندو، اهو سياسي ڌرين، پارليامينٽ ۽ عدليه وٽان ئي ٿيندو. اهو ئي سبب آهي، جو پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اهو موقف سامهون آيو آهي ته پيپلزپارٽي سمورا آپريشنز استعمال ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي مان استعيفائون ڏيڻ ۽ رستن تي اچڻ به شامل آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پيپلزپارٽي رڳو قومي اسيمبليءَ مان استعيفا ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، صوبائي اسيمبلي مان نه- سندس اهو مطالبو هڪ دفعو وري ان کي تحريڪ انصاف جي موقف جي ويجهو آڻي بيهاري ٿو. پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته جيڪڏهن عمران خان احتجاج ۽ رستن جي سياست تي نڪري پوي ته پوءِ ان جي لاءِ مشڪل ٿي پوندو ته اها پاڻ کي پري رکي، ڇاڪاڻ جو هن ڀيري جيڪڏهن تحريڪِ انصاف رستن تي آئي ته هرڪو رستن تي هوندو. ساڳئي وقت پيپلزپارٽي خود پارليامينٽ اندر کيڏڻ ۽ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ لاءِ زور ڀرڻ جو موقف ڏيکاري رهي آهي.
ملڪ جي موجوده بحران جي جيڪڏهن چير ڦاڙ ڪجي ته اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ عوام کي ته ڪجهه نه ڏيئي سگهيون، ساڳئي وقت انهن ٻنهي جمهوريت ۽ نظام جي محافظ هجڻ جي دعويدار پارٽين عوام کي به پاڻ کان پري رکيو. نتيجي ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو، سو عمران خان ڀريو، جنهن عوام کي موبلائيز ڪيو ۽ عوام کي پاڻ سان گڏ بيهارڻ جي ڪوشش ڪيائين. اهو ئي سبب آهي، جو عمران خان مضبوط نظر اچي ٿو ۽ اهي ٻئي پارٽيون ان کان ڪن هڻن ٿيون. انهن ٻنهي پارٽين اسٽيبلشمينٽ ۽ سماج ۾ موجود اشرافيه، يعني اپر ڪلاس ۽ بااثر ماڻهن جي بنياد تي سياست ڪئي. سندن سياست جو محور رڳو اليڪشن تي رهيو ته اهي ڪيئن کٽي سگهجن ٿيون. اهو صحيح آهي ته سياست اقتدار ۾ اچڻ جي راند آهي، اهو اقتدار اليڪشن جي ذريعي ۽ گڏوگڏ اسٽبلشمينٽ جي آشيرواڌ سان ملي سگهندو آهي، پر ان کان ٻاهر به هڪ وڏو جهان عوام جو آهي. عوام جا مسئلا آهن، انهن جو تحرڪ ۽ تحريڪ آهي، اهي جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي بيهن يا ڪو انهن کي اٿاري وجهي ته ڳالهه ڳري ٿي ويندي آهي. ان ڪري موجوده سياسي بحران جون پاڙون رڳو پاناما ليڪس ۾ ناهن، ان جون پاڙون ان نظام ۽ حڪمت عملي ۾ آهن، جيڪو ٻنهي پارٽين ۽ ان جي حامين ٺاهيو. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته پاناما ليڪس جيڪڏهن نه به اچي ها ته اوير سوير اهو سوال اٿڻو هو.
جي آءِ ٽي رپورٽ بابت مختلف رايا آهن. هڪ اهو ته عدالت امين ۽ صادق هجڻ واري سوال تي نواز شريف ۽ ان جي خاندان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏي. ٻيو اهو ته معاملو اليڪشن کي موڪليو وڃي. ٽيون اهو ته ان جو ريفرنس احتساب عدالت کي موڪليو وڃي. انهن مان پهريون آپشن شارٽ ڪٽ آهي، پر ان بابت اهي رايا ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا ۾ عام آهن ته امين ۽ صادق واري وصف تي ڪير به پورو نٿو لهي. اهو شرط ته آمر ضياءُالحق وڌو هو، جنهن جو مقصد سياستدانن کي ڪنٽرول ڪرڻ هو. ان ڪري ايندڙ وقت امڪاني طور پويان ٻه رستا آهن. ان پروسيس کي به ڪجهه وقت لڳندو. هن سڄي قصي کي ائين ڏسي سگهجي ٿو ته اصل معاملو موجوده وزيراعظم يا موجوده اسيمبلي ۽ موجوده نواز ليگ ناهي، بلڪه ايندڙ چونڊون ڪيئن ٿين ۽ انهن تي اثرانداز ڪيئن ٿي سگهجي؟ اهي سوال ۽ مقصد وڌيڪ اهم آهن.

Labels: ,

ملڪي سياست جي مقابلي بازيءَ ۾ آيل تيزي!

ڇنڇر 25 مارچ 2017ع
   ملڪ ۾ سياسي مقابلي بازي شروع ٿي ويئي آهي. نئين سر شروع ٿيل چٽاڀيٽي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ آهي. في الحال عمران خان نظر نه پيو اچي. عمران خان گذريل چئن سالن تائين سخت محنت ڪري ”متبادل“ يا ”حقيقي“ اپوزيشن جو پروفائيل ٺاهيو هو. چونڊن ۾ ڌانڌلين کان وٺي پاناما ليڪس تائين معاملا اٿاريا. پاناما ليڪس جو معاملو عدالت جي ڪٽهڙي ۾ هليو ويو، جتي هاڻي فيصلو محفوظ آهي. هونئن ته هن فيصلي جو سڀني کي انتظار آهي پر سڀ کان وڌيڪ انتظار عمران خان کي آهي.
پيپلز پارٽي فوجي عدالتن کي ٻيهر قائم ڪرڻ واري معاملي تي سياسي اسڪور به ڪري ويئي ۽ ان سان گڏوگڏ ڊيل به ڪري ويئي. کيس اهو فائدو سينيٽ ۾ اڪثريت هجڻ سبب مليو. هونئن بظاهر حڪمران پارٽي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ فوجي عدالتن جي باري ۾ ڳالهيون ٿيون. ان کان اڳ پيپلز پارٽي ان معاملي تي ٻين پارٽين جو اعتماد وٺڻ لاءِ گهڻ پارٽي ڪانفرنس سڏائي اهو تاثر ڏنو ته فوجي عدالتن جي ٻيهر بحالي وارو معاملو اڪلائڻ رڳو نواز ليگ کان زور آهي، ان کي پيپلز پارٽي ئي حل ڪري سگهي ٿي. انهي ڪانفرنس کان پوءِ حڪومتي ڌر سان ڳالهيون ٿيون. در حقيقت پيپلز پارٽي جون ڳالهيون واڳ ڌڻين سان ٿيون آهن. ورنه سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي وڏيرن خلاف جڏهن ڪارروايون ٿي رهيون هيون ته نواز ليگ کي پيپلز پارٽي بار بار ياد ڏياريو، واسطا وڌا، پر نواز ليگ سڄي معاملي ۾ پنهنجي بي وسي ڏيکاري. ائين آصف علي زرداري مناسب موقعي جي تلاش ۾ هو. آرمي چيف جي تبديل ٿيڻ بعد صورتحال گهڻو تبديل ٿي ويئي. هو ملڪي فضا ۾ گرمائش ماپڻ لاءِ مهينو ٻه کن اڳ وطن آيو. پنهنجي ۽ بلاول جي ڇوٽي چونڊ ذريعي قومي اسيمبلي ۾ وڃن جو اعلان ڪري وري واپس پرڏيهه هليو ويو. هن ان عرصي دوران آمريڪا جو دورو ڪيو، اتي آيل تبديليءَ جو به واءُ سواءُ ورتو.
انهيءَ عرصي دوران ٻه ڳالهيون ملڪ اندر پچي راس ٿي چڪيون هيون. هڪ اها ته پاناما ليڪس جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي پورو ٿيو ۽ ان جو فيصلو محفوظ ٿي ويو. ٻيو اهو ته فوجي عدالتن جو مدو پورو ٿي چڪو هو. آپريشن ردالفساد جي ڪري انهن عدالتن جي ٻيهر قائم ڪرڻ جي ضرورت پيدا ٿي ويئي. پنجاب ۾ به ڪنهن حد تائين آپريشن شروع ٿيو. اوڏي مهل پيپلز پارٽي پنهنجو پتو کيڏيو. ان حڪمت عمليءَ هڪ دفعو وري ملڪي سياسي منظر ۾ پيپلز پارٽي جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو. ان جو چٽو اظهار آصف علي زرداري جي تازي ٽِي وي انٽرويو مان به ملي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جو سُڌ سماءُ وارو اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ به اسلام آباد ۾ لهي ٿو ۽ نيب هٿان گرفتاري بعد آزاد به ٿي وڃي ٿو.
پيپلز پارٽي کي پڪ هئي ته هاڻ نواز ليگ سان ڊيل جو فائدو به ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ايندڙ 9، 10 مهينن ۾ چونڊن جو اعلان ٿيڻ وارو آهي ۽ هونئن به نواز ليگ جي بيوسي ۽ بيوفائيءَ جو کيس تجربو ٿي چڪو هو. انهي ”سڌي رابطي“ نواز ليگ کي مڇرائي وڌو. ايتري ۾ سدائين تڪراري بڻيل حسين حقاني جي مضمون بحث جو هڪ نئون باب کولي ڇڏيو. پيپلز پارٽي دور جي آمريڪا ۾ سفير پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته هن 2 هزار آمريڪين کي سفارتي ڪوٽا ۾ ويزا طريقيڪار جي پورائي بنا ويزا جاري ڪيا. هن اها به دعوا ڪئي ته ايبٽ آباد وارو واقعو جنهن ۾ اسامه بن لادن کي آمريڪي فوجين حملو ڪري ماريو هو، تنهن ۾ به سندس هٿ هو. ايبٽ آباد وارو واقعو سيڪيورٽي جي حوالي سان ڏاڍو حساس رهيو آهي. ان بابت قائم ٿيل عدالتي ڪميشن جي رپورٽ بلڪل ائين شايع نه ٿي سگهي آهي، جيئن جسٽس حمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ سرڪاري طرح شايع نه ٿي سگهي آهي. نواز حڪومت ان خيال سان اهو بال سياسي ميدان ۾ اڇلايو ته هو پيپلز پارٽي کي پوئتي ڌڪي ان جو جواب آصف زرداري پنهنجي انٽرويو ۾ ڏنو. پر گهڻي وضاحت پارٽي جي ترجمان سينيٽر فرحت الله بابر پنهنجي بيان ۾ ڪئي آهي. هن اهو بيان حڪومت طرفان تڏهوڪي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو ”حڪم نامو“ جاري ڪرڻ جي جواب ۾ جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ گيلاني آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير کي اهڙيون ويزائون جاري ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. پيپلز پارٽي جو اهو موقف آهي ته وزيراعظم سفير کي اهڙيون هدايتون ڏئي سگهي ٿو ۽ اهو به ته هر ملڪ جي سفارتخاني ۾ مختلف ادارن، ايتري قدر جو خفيه ۽ فوجي ادارن جا آفيسر به موجود هوندا آهن، جن جي مشوري سان ڪي تڪڙا فيصلا ڪيا ويندا آهن يا وري روايتي طريقي کان هٽي فيصلا ڪيا ويندا آهن. ساڳي وقت پيپلز پارٽي جو اهو موقف آهي ته اهو خط جاري ڪرڻ لاءِ مناسب وقت ناهي. پيپلز پارٽي وري موٽ ۾ بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ اڇلايو آهي ته اها همت ساري ٿي ته کڻي ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪري.
ائين نواز حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ فرينڊلي اپوزيشن يا هڪ ٻئي کي جڳهه ڏيڻ وارو دور ختم ٿي ويو. اڳي رڳو بلاول ڀٽو يا پارٽي جو ڪو ٻيو اڳواڻ نواز شريف ۽ ان جي حڪومت خلاف ڳالهائيندو هو. هاڻي خود آصف علي زرداري به سڌو سنئون ڳالهائي ٿو. نواز شريف طرفان اڃا تائين سڌو ڪو جواب نه آيو آهي پر چوڌري نثار علي خان جي ذريعي پراڪسي جنگ هلي رهي آهي.
پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ هڪ جنگ پاڻي جي حوالي سان به هلي رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ کي پاڻي، بجلي وغيره ۾ پورو حصو نه ڏيڻ تي صوبي ۾ وفاقي ادارن کي تالا هڻڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. چوڌري نثار وري اهو بيان ڏنو ته صوبو ڪنهن جي جاگير ناهي، جو ائين وفاقي ادارا پٽي اڇلايا ويندا. ائين نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ تيز حملن جي بيان بازي هلي رهي آهي. ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ هن جنگ ۾ عمران خان موجود ناهي. ممڪن آهي ته هو ان جنگ جو مزو وٺندو هجي يا صورتحال کي سمجهڻ ۽ جائزو وٺڻ ۾ رڌل هجي. پر اهو عام تاثر هڪ دفعو ٻيهر اڀري رهيو آهي ته ملڪ ۾ ٻه ئي پارٽيون آهن، جن جي هڪ ٻئي سان چٽاڀيٽي آهي. ڪن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته افغانستان سان پاڪستان جا ناتا جيترا بهتر ٿيندا، اوترو عمران خان جو ملڪ اندر سياسي رول گهٽبو. گذريل ڏينهن وزيراعظم نواز شريف سان محمود خان اچڪزئي ۽ مولانا فضل الرحمان جون الڳ الڳ ملاقاتون به ان سلسلي جي ڪڙي آهن.
عجيب ڳالهه آهي جو جڏهن ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن جا ٻه دور يعني ڏهه سال پورا ٿيڻ وارا آهن، اهڙي موقعي تي نواز شريف پنهنجي ”اهليت“ ڏيکارڻ لاءِ چوي ٿو ته کيس جنرل مشرف 2007ع ۾ رٿيل چونڊن بعد گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي صلاح ڏني هئي.
سمورين خامين، ڪوتاهين ۽ نالائقين جي باوجود اها مثبت ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن جو ڏهاڪو مڪمل ٿيو آهي. هاڻي ڪو آمر ڪونهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو گبر سنگهه نظر اچي ٿو، جيڪو فرد واحد طور فيصلا ڪري، اڄ ملڪ ۾ مختلف صورتحال آهي. چئني صوبن ۾ مختلف پارٽين جي حڪومت آهي، ان ڪري ماڻهن آڏو وڌيڪ چوائيس به آهي ته ساڳي وقت چونڊون وڌيڪ شفاف ۽ انصاف ڀريون ٿيڻ جي اميد به ڪري سگهجي ٿي. اها ڳالهه ضرور آهي ته جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ انهن جي قاعدي قانون تحت هلڻ ۽ ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ وارا سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آهن. ڪرپشن، سٺي حڪمراني، سياست ۾ صحيح ماڻهن جي داخلا ۽ اڳتي اچڻ جا سوال به اوترائي اهم آهن.
ان سموري صورتحال ۾ مختلف سياسي پارٽِيون پنهنجي سرسي لاءِ زور به لڳائينديون ۽ هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش به ڪنديون. اصل ڳالهه اها آهي ته ڪجهه به هجي، جمهوريت جو سفر جاري رهڻ گهرجي.

Labels: ,

جنرل راحيل جو نئون عهدو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي!

 اربع 05 اپريل 2017
آخر ائين ئي ٿيو، جنهن کان بچڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي. يعني پاڪستان سعودي ۽ ايران جي وچ ۾ ڌر بڻجڻ بجاءِ آزاد رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي عوام جي عام راءِ به اها ئي هئي. جنرل راحيل طرفان اتحادي فوج جو ڪمانڊر بڻجڻ تي پاڪستان جي خارجه پاليسي وري ٻيهر بحث جو هڪ اهم موضوع بڻجي پيو آهي. جيتوڻيڪ ملڪ جي طبعي عمر اچي ستر سالن کي پهتي آهي پر تڏهن به پارليامينٽ کان وٺي علم ۽ دانش سان تعلق رکندڙ پڙهيل طبقي ۽ مزدور، هاري ڪلاس وٽ خارجه پاليسي تي اڃا بحث هلندا اچن ٿا. غور سان جائزو وٺبو ته پاڪستان جي خارجه پاليسي جا بنيادي اصول ڪي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ڪو نه ٺاهيا هئا، پر انهن اصولن جو بنياد، انهن جا رخ ۽ لاڙا پاڪستان جي تاريخ جي ٻن وڏن دانشور پرڏيهي وزيرن طئي ڪيا هئا، جن ۾ پهريون سر ظفر الله خان ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو هو. قائداعظم کان وٺي جنرل ايوب، مشرف، بينظير ۽ نواز شريف تائين اسان جا حڪمران هن ٻن شخصيتن جي طئي ٿيل پاليسين تي عمل ڪندا آيا آهن، البته انهن جي طئي ڪيل اصولن کان ڦرڻ جو موقعو اسٽيبلشمينٽ طرفان ڪنهن به سياستدان کي نٿو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته طئي ٿيل اهي اصول اسٽيبلشمينٽ جي عين مفادن وٽان آهن. جن مان اهم آمريڪا ۽ چين جو آشيرواد حاصل ڪرڻ، ڪميونسٽ روس سان مهاڏو اٽڪائڻ، مذهب کي اندروني ۽ پرڏيهي پاليسيءَ ۾ استعمال ڪرڻ شامل آهن. عرب دنيا جي حڪمرانن سان گڏوگڏ اسرائيل کي وجود ۾ آڻڻ ۽ اقوامِ متحده جو ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي پهرئين وزير خارجه سر ظفر الله خان جو مشهور ڪتاب ۽ سوانح حيات ”تحديث نعمت“ پڙهڻ وٽان آهي. اقوامِ متحده جي 1947ع واري اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندي طور شريڪ ٿيندڙ سر ظفر الله پنهنجي ڪتاب ۾ اکر به اکر شامل ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام جي نالي ۾ فقط هڪ مهينو اڳ ۾ حاصل ڪيل ملڪ جو نمائندو اقوام متحده ۾ آمريڪا ۽ ڊنمارڪ جي قراردادن ۾ ترميم مٿان ترميم پيش ڪندو، فلسطين جي ورهاڱي لاءِ راهه هموار ڪري ڏئي رهيو. جيتوڻيڪ هن اسرائيل جي وجود جي مخالفت ڪئي هئي پر عملي طور فلسطيني نمائيندي جي روڪڻ تي به قرارداد ۾ ترميمون پيش ڪندو رهيو. وري افسوس اهو ته اڄ اسرائيل کي تسليم نٿا ڪيون. ان ئي اجلاس ۾ جڏهن اسپين ۾ هڪ جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ قرارداد پيش ڪئي وئي ته ظفر الله خان دنيا جي مشهور ڊڪٽيٽر جنرل فرانڪو جي فائدي ۾ هڪ دونهين دار تقرير ڪري ڏيکاري ۽ قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي جمهوريت جي مخالفت ڪئي. اهي سڀ ڪم آمريڪا جي خوشنودي لاءِ ڪيا ويا هئا.
ان کانپوءِ خارجه پاليسي جي ميدان ۾ وڏو نالو ذوالفقار علي ڀٽو جو آهي. چين سان دوستيءَ جي شروعات هن وزير خارجه طور ڪئي هئي. گڏيل پاڪستان ۾ مولانا ڀاشاني سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو کي چين نواز سياستدان سڏيو ويندو هو. ان چين نوازيءَ جا رنگ اڄ نرالا آهن ۽ پاڪستان- چين راهداري جي صورت ۾ ظاهر ٿيا آهن. ڀٽي چين کانسواءِ اسلامي دنيا ۽ ان جي ليڊر ٿيڻ جي به ڳالهه ڪئي هئي. اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ سعودي حڪمران شاهه فيصل کي اهميت ڏيڻ سندس خارجه پاليسيءَ جو حصو هو. خانه ڪعبي جي امام کي لاهور ۾ آڻڻ، سعودي سفير رياض الخطيب کي پنهنجي مخالف اسلامي اتحاد جي ليڊرن سان ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ سان سعودي عرب جي پاڪستان اندر مداخلت کي به ڀٽي صاحب هٿي ڏني. اهڙي طرح ڀٽي جي اهڙي خارجه پاليسي هڪ طرف شاهه ايران کي ناراض ڪيو ته ٻئي طرف سوويت يونين کي پڻ- سعودي سان دوستيءَ سبب شاهه ايران ڀٽي سان آخري وقت نائين ناراض رهيو. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي خارجه پاليسي آمريڪا، اسلامي بلاڪ ۽ چين سان دوستي تي ٻڌل آهي. اسلامي بلاڪ جو ليڊر وري نالي ماتر پاڪستان آهي، پر اصل ۾ سعودي عرب مقرر ٿيل آهي. شاهه ايران جي ناراضگيءَ جو ثبوت ٻن ڪتابن جي پڙهڻ سان ملي وڃي ٿو، هڪ شاهه ايران ۽ ٻيو سندس راڻي فرح پهلوي جون سوانح عمريون، جن ۾ ڀٽي صاحب جو ڪٿي به ڪو ذڪر ڪو نه ٿو ملي، حالانڪه ان وقت هو وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي سياست تي مڪمل طور ڇانيل رهيو. اڄ به پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سر ظفر الله ۽ ڀٽي صاحب جي خارجه پاليسي واري ورثي کي قائم رکيو اچي ٿي. ڀٽو صاحب ۽ ظفر الله خان يقينن وڏا نالا آهن، جن تي ڀلي تنقيد به ڪئي وڃي پر هنن پرڏيهي معاملن جا رستا ۽ پيچرا پاڪستان لاءِ متعين ڪري ڇڏيا هئا. ان مان فائدو يا نقصان هن بحث هيٺ آڻڻ موضوع کان ٻاهر ٿيندو. اهڙي طرح روس ۽ ايران پاڪستان جي خارجه پاليسي ۾ ثانوي حيثيت رکندا اچن ٿا ۽ مخالفت جو اصل محور انڊيا يعني ڀارت رهيو آهي.
سعودي عرب جي قيادت ۾ اسلامي ملٽري اتحاد 2015ع ۾ ٺهيو هو، جنهن پاڪستان لاءِ هڪ مشڪل صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي، ڇاڪاڻ ته مسلم دنيا ٻن بلاڪن شيعه ۽ وهابي ۾ ورهايل آهي. پاڪستان ٻنهي ملڪن سان نڀائڻ جي ڪوشش ته ڪئي، پر اهو فقط ڏيکاءَ جي حد تائين ڪيو ويو، پر پوءِ آخر پاڪستان کي هن اهم معاملي تي فيصلو ڪرڻو ئي پئجي ويو ۽ پاڪستان ان اتحاد ۾ شامل به ٿيو ۽ پنهنجي هڪ اهم فوجي شخصيت کي ان جو ڪمانڊر بڻائڻ تي به راضي ٿيو. ڏٺو وڃي ته ايران کان پاڪستان جا مقتدر حلقا ضياءُالحق جي دور کان وٺي ناراض آهن ۽ ان ۾ ايران به ڪا گهٽتائي ڪو نه ڏيکاري آهي. ايران جو ڀارت ڏانهن واضح جهڪاءُ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي قطعي طور به قابل قبول ڪو نه رهيو آهي. ٻرندڙ تي تيل وارو ڪم وري پرويز مشرف جي دور ۾ ڊاڪٽر قدير خان واري مسئلي ڪري ڏيکاريو، جڏهن ايران ائٽم بم ٺاهڻ لاءِ ڊاڪٽر قدير کان ورتل سڀ راز پڪن پختن ثبوتن سان آمريڪا وٽ کولي پڌرا ڪري ڇڏيا ۽ ان کانپوءِ ڊاڪٽر قدير واري صورتحال اسان مان هر هڪ کي ڀلي ڀت معلوم آهي. پاڪستاني ايٽمي هيري کي دنيا اڳيان ٽي وي تي اچي معافي وٺڻي پئي ۽ مشرف کيس نظر بند به ڪيو- پر دل جي ڳالهه اسٽيبلشمينٽ جي دل ۾ ئي رهي ۽ ايران لاءِ اڃا به پاليسي سخت ڪئي وئي. ٻئي طرف سعودي عرب جو شهر تبوڪ اڄ به پاڪستان لاءِ اهم آهي، جتي اسان جا ”جوان“ گهڻي تعداد ۾ رهندا اچن ٿا. پاڪستان جي سلسلي ۾ ڪجهه وقت اڳ ڀارت، ايران ۽ افغانستان جي پروپيگنڊا اها به هلي رهي هئي ته پاڪستان دنيا ۾ تنها رهجي ويو آهي. مودي سرڪار سان اهڙي پروپيگنڊا ۾ ايران به وسان ڪو نه گهٽايو، بلڪه پنهنجو مشهور بندر چاهه بهار ڀارت حوالي ڪري ڇڏيو. پاڪستان هن اتحاد ۾ شامل ٿي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته هو دنيا ۾ اڪيلو نه، پر ايڪيتاليهه مسلمان ملڪن جي فوجي اتحاد ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان آهي. هونئن به مسلم دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جو شوق ته آمريڪا، اسان کي لياقت علي خان ۽ ظفر الله خان جي ۾ وقت ۾ ئي ڏياري ڇڏيو هو ۽ هاڻي پاڪستان جو اهو پراڻو خواب راحيل شريف جي سپهه سالار جي صورت ۾ تعبير سان گڏ پڌرو ٿي رهيو آهي. پاڪستان وٽ هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جا مضبوط دليل آهن، هڪ ته سعودي سان دوستي جو بنياد پاڪستان جي هڪ اهم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو، جيڪو آخر ۾ به پاڪستان لاءِ شهيد ٿيو. پوري وچ اوڀر ۾ روزگار جا رستا ڀٽي کوليا هئا، اڄ به وچ اوڀر جي ملڪن سعودي عرب، ڪوئت، گلف، اومان ۽ بحرين ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ روزگار ڪري رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي ضلعي دادو جي اها خبر آهي ته اتان جي اسي سيڪڙو عوام جي روزمرهه جي ضرورتن جو پورائو مڊل ايسٽ جي ريالن، درهمن ۽ دينارن مان ٿي رهيو آهي.
پاڪستان ان اتحاد ۾ شامل نه ٿي يا راحيل شريف جون خدمتون سعودي حوالي نه ڪري هڪ وڏي غلطي ڪري وجهي ها ۽ خدانخواسته جيڪڏهن وچ اوڀر جا ملڪ ردِعمل ۾ پاڪستانين جي لڏپلاڻ شروع ڪرائين ها ته هتي هڪ وڏو اقتصادي بحران جنم وٺي ها ۽ ڪيترائي گهراڻا ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ڪنگال ٿي وڃن ها. جنهن ڪري هن اتحاد ۾ شامل ٿي پاڪستان اقتصادي طور پاڻي کي ڄڻ ته ڪنهن حد تائين بچائي ورتو آهي. اصل سبب به اقتصاديات آهي. 1971ع تائين جڏهن عرب امارات اڃا انگريز جي قبضي ۾ هئا، تڏهن اڄوڪي ابوظهبي وارو شيخ مبارڪ گهوٽڪي جي مهر سردارن جو مهمان ٿيندو هو. مهر سردارن جي مهمان نوازي کيس ساڻن پڳ مٽ ياري ۾ ڳنڍي ڇڏيو. آزادي کان اڳ خود شيخ زيد بن سلطان به ڪرائي جي ٿري اسٽار هوٽلن ۾ رهندو هو، پر پوءِ تيل ۽ گئس عرب دنيا جي قسمت بدلائي ڇڏي ۽ پاڪستانين لاءِ روزگار جا در کلي پيا. فوجي نقطهءِ نگاهه کان به پاڪستان کي سعودي عرب ۽ گلف جي ملڪن مان گهڻو ڪجهه حاصل ٿي رهيو آهي. پاڪستان هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻيو هيءُ دليل پيش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام کي وڌائڻ ۾ عربن جو ناڻو ضرور استعمال ٿيو آهي. اڄ به سعودي عرب وٽ ايٽمي بجلي گهرن کي قائم ڪرڻ لاءِ 80 بلين ڊالر جي هڪ جدا بجيٽ رکيل آهي. پاڪستان ۽ سعودي نيوڪليئر معاهدي تي اڳوڻي آمريڪي وزير خارجه جان ڪيري خدشا به ظاهر ڪيا هئا ته تنبيهه وارا لفظ به استعمال ڪيا هئا. جنهن جي سعودي وزير خارجه ڀرپور ترديد ڪئي هئي- پر ٻئي سعودي شهزادي ترڪي الفيصل وري اهو بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل ايٽمي قوت بڻجن ٿا ته پوءِ سعودي کي به ايٽم بم ٺاهڻ جو حق هوندو. چين سعودين کي ميزائيل جي حد تائين هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ سعودي عرب گهڻي کان گهڻو آمريڪي هٿيارن جو خريدار رهندو اچي ٿو، انهن سڀني دليلن باوجود ڏٺو وڃي ته پاڪستان هن اتحاد ۾ ان وقت شامل ٿيو آهي، جڏهن سعودي عرب يمن سان جنگ واري صورتحال ۾ آهي. ڪجهه ذريعن مان اهي خبرون به ملن ٿيون ته هڪ پوري برگيڊ سعودي عرب موڪلڻ جون تياريون آهن. يمن جي جنگ ۾ ويهارو هزار ماڻهو مري چڪا آهن. يمني سخت ويڙهاڪ قبيلن ۾ ورهايل آهن. اسماعيلين ۽ زيرين جون جنگيون عرب تاريخ ۾ اهميت واريون آهن. بهرحال راحيل شريف سعودي سرڪار جي مطالبي تي سعودي عرب موڪليو ويو آهي. ان جو اهم سبب سعودي عرب جو پاڪستان تي اعتماد آهي، نه ته هن اتحاد ۾ مليشيا، مصر ۽ ترڪي جهڙا ملڪ به شامل آهن، پر سعودين پاڪستان حڪومت ۽ ان جي فوج تي وڌيڪ اعتماد ظاهر ڪيو آهي. جنرل راحيل لاءِ هيءَ به هڪ امتحان جي گهڙي آهي.

Labels: ,

ذري تان بچي ويل نواز شريف!

جمع 21 اپريل 2017ع
نواز شريف جي حڪومت ذري تان بچي وئي، پر کيس اهو ڌڪ اڃا پچائڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو پاناما ڪيس هلائيندڙ پنجن مان ٽن ججن جي فيصلي نواز حڪومت کي بچائي ورتو آهي. جڏهن ته ٻن ججن اختلافي نوٽ وارو فيصلو ڏنو آهي. عدالت جي آءِ ٽي (جوائنٽ انويسٽگيشن ٽيم) ٺاهڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته، سٺ ڏينهن اندر جاچ جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، يعني ڪيس جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن وقت تائين آيل فيصلي جي هڪ تشريح اها آهي ته نواز شريف جي حق ۾ فيصلو آيو آهي، جو سندس حڪومت بچي وئي آهي. ٻي تشريح اها آهي ته خطرو ٽريو ناهي، ڄڻ ايندڙ شنوائي تائين ڳالهه ڊيگهه کائي وئي آهي.
هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو ڪنهن ايڏي هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ٺهي آهي، سا به وري عدالتي حڪم تي- هن کان اڳ ڪراچي ۾ ٻه ٽي ڊزن جي آءِ ٽي ٺهيون، پر انهن جي رپورٽن کي عدالتن ۾ اها مڃتا نه ملي. سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي بعد ممڪن آهي ته هاڻي جي آءِ ٽي کي عدالتن ۾ مڃتا ملي. هن فيصلي اچڻ کان اڳ ميڊيا پنهنجي پراڊڪٽس جو خوب ڪاروبار ڪيو. اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا ۾ آيل تبصرن ۽ تجزين مان لڳي ٿو ته فيصلو انهن جي اميدن وٽان نه آيو آهي. عدالتون ڪو ورلي عوام جي خواهشن وٽان فيصلو ڪنديون هجن، عدالتي فيصلن جا پنهنجا مڪينزم هوندا آهن. هونئن به پاڪستان جي عدليه جي اپروچ ايترو وقت گذرڻ ۽ ڪجهه سڌارو اچڻ جي باوجود انصاف ڏيڻ جي بدران قانون جي پنڌ پيچرن ۾ هلڻ ۽ گهمڻ رهيو آهي. رڳو پاڪستان ئي نه، پر دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ به ائين ئي آهي، ڇاڪاڻ جو عدالتي فيصلا قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ جي بنياد تي ايندا آهن.
پيپلزپارٽيءَ جي انهيءَ دعويٰ کي هٿي ملي ٿي ته لاهور جي وزيراعظم جي خلاف ڪورٽ فيصلو نه ڏيندي. پيپلزپارٽيءَ جي خلاف عدالتي فيصلن جي حوالي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف آيل فيصلي کان وٺي يوسف رضا گيلاني تائين جي وڏي ڪهاڻي آهي. هن فيصلي جي حوالي سان هڪڙو موقف سياسي پارٽين جو آهي، جنهن ۾ نواز ليگ پنهنجي پاڻ کي فائدي ۾ سمجهي ٿي ۽ ڏاڍو خوش آهي. جنهن کي نواز ليگ جي جذباتي فتح جو نالو ڏنو پيو وڃي. عمران خان به خوش آهي، جو هڪ ته ٻن ججن اختلافي نوٽ هنيو. ٻيو اهو ته ڪيس جي اڃا جاچ ٿيندي، ان ڪري هو پنهنجي اخلاقي فتح سمجهي ٿو. پيپلز پارٽي کي ڪا اهڙي فتح ته نصيب نه ٿي، ان کي موقعو مليو ته اها ملڪ م موجود سياسي راءِ کي سامهون رکندي نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪري. هن وقت تائين مخالف ڌر جون به وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف نواز شريف کان اهڙو مطالبو ڪري چڪيون آهن.
سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن نظر وڌي وڃي ته اتي موجود ايڪٽوسٽ به مايوس ٿيا. سندن خيال هو ته عدالت فيصلي ۾ ڄڻ نواز شريف کي ڪرپٽ قرار ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. عدالت آڏو ڪيس عمران خان آندو، جنهن وٽ ڪي به اهڙا ٺوس ثبوت نه هئا، جو عدالت نواز شريف يا سندس خاندان کي ڪا سزا ڏئي سگهي. پئسا پرڏيهه ۾ شريف فيملي وٽ ڪيئن گڏ ٿيا؟ ڪيئن ملڪيتون ٺهيون، ان جو پيرو کڻڻ ۽ ثابت ڪرڻ ضروري هو. عام عدالتي اصول موجب فريادي ڪيس ثابت ڪندو آهي، پر موجوده صورتحال ۾ جوابدار يعني نواز شريف تي اهو بار وڌو ويو هو ته هو ثابت ڪري ته الزام سچا ناهن يا اهو ته هو ثبوت پيش ڪري فريادي ڌر جي موقف کي غلط ثابت ڪري. ان ڪري قانوني ٻولي ۾ چئي سگهجي ٿو ته ڳالهه ڀلي سچي آهي، پر ثبوت موجود ناهن. اها ڳالهه ڪيس هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بنچ جي سربراهه جسٽس کوسا پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ به چئي آهي. هو ماريو پوزو جي جگ مشهور ناول ”گاڊ فادر“ جي ان جملي سان شروعات ڪري ٿو ته، ”هر ججهي مال ملڪيت جي پويان ڏوهه هوندو آهي.“ اهو ڏوهه ڪڏهن ڳولي نه سگهبو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ڏوهه ڏاڍي ڪاريگر سان ڪيل هوندو آهي. هتي به اهڙو ئي معاملو لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو مختلف حڪومتي ادارا نواز شريف جي پرڏيهه ۾ ملڪيت ميڙن جا پيرا کڻڻ ۾ ناڪام ويا يا وري انهن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙو اشارو اختلافي نوٽ ۾ به ملي ٿو. هاڻي جڏهن عدالت ملڪيت ميڙڻ جا پيرا کڻڻ جي جاچ لاءِ ٽيم ٺاهڻ جو فيصلو ڏنو  آهي، تڏهن ڏسڻو پوندو ته اهي پيرا ڪڏهن کان ۽ ڪٿان کان کنيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو اصغر خان ڪيس ۾ عدالت جو فيصلو موجود آهي، جنهن ۾ آءِ جي آءِ ٺاهڻ لاءِ ججهي مقدار ۾ ڏوڪڙ ورهايا ويا هئا. انهيءَ آءِ جي آءِ ٺاهڻ ۽ ان کانپوءِ ان کي هلائڻ ۾ نواز شريف جو اهم ڪردار رهيو آهي. ٻيا به ڪيترا اهڙا موقعا آيا ۽ معاملا سامهون آيا، جن ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جون خبرون ميڊيا ۾ آيون. اهو معاملو رڳو نواز ليگ يا نواز ڪٽنب تائين محدود ناهي، ان جو دائرو تمام وڏو آهي. ساڳي طرح ڪرپشن جا الزام ۽ ڪيس پيپلز پارٽي جي قيادت جي باري ۾ به ايندا رهيا. ڪن تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته، پيپلزپارٽي مبينا ڪرپشن ڏاڍي بي افعالي سان ڪئي، جو ان جا پيرا کڻڻ سولا آهن، شريف خاندان ڏاڍي سياڻپ کان ڪم ورتو.
هن ڪيس جا ڪجهه ٻيا پاسا به اهم آهن. انهن ۾ وڌيڪ اهم پاسو سياسي آهي. ايندڙ سال يا ممڪن آهي ته ان کان به گهٽ مدي ۾ جيڪي چونڊون ٿيڻون آهن، انهن چونڊن دوران هيءُ اڌ ۾ ڦاٿل ڪيس نواز ليگ ۽ نواز شريف لاءِ وڌيڪ ڏکيائون پيدا ڪندو. ڪرپشن وارو معاملو پنهنجي جاءِ تي حقيقت جيان لڳي ٿو، پر هن ڪيس جي پويان سياسي معاملا آهن ۽ ان جون سياسي Implications به آهن. ڪن ڌرين جو چوڻ آهي ته اصل ۾ اسٽيبلشمنٽ ڪنهن به وزيراعظم کي پنج سال پورا ڪرڻ ڇو نٿي ڏيڻ چاهي. گذريل ڀيري پيپلز پارٽي ئي آئيني مدت پوري ڪئي، پر ان جي وزيراعطم آئيني مدت پوري نه ڪئي هئي. بهرحال ان ڳالهه جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو ته نواز ليگ کي پنهنجو وزيراعظم بدلائڻو پوي. بهرحال اهو ضرور آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪرپشن وارو نعرو چونڊن جو نعرو بڻبو. اهو ساڳيو نعرو پيپلز پارٽي کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو ته ساڳي وقت نواز ليگ کي به- اهو نعرو ماڻهن کي ڇا ڏئي سگهندو؟ ڪا نئين جماعت يا ڪو نئون ماڻهو حڪومت ۾ ايندو؟ اهي سوال اڃا تائين اڻ نبريل آهن، ڇاڪاڻ جو سمورين ڳالهين جي باوجود عمران خان گهڻين ڌرين لاءِ ڪا پسنديده شخصيت ناهي.

Nawaz Sharif

Labels: ,

دهشتگرديءَ واري باهه جي گهيري ۾ آيل بلوچستان!

 آچر 14 مئي 2017ع
ڇنڇر ۽ جمع واري ڏينهن تي بلوچستان ۾ دهشتگردي جا ٻه واقعا اهڙي موقعي تي ٿيا آهن، جڏهن وزيراعظم نواز شريف چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ معاشي توڙي حڪمت عملي واري حوالي سان هڪ اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پهريون واقعو مستونگ ۾ ٿيو، جنهن ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا. اهو دراصل سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ۽ جي يو آءِ (ايف) جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري جي قافلي تي ٿيو هو. هن واقعي جي ذميواري داعش قبولي آهي. ڇنڇر ڏينهن گوادر ۾ روڊ ٺاهيندڙ پورهيتن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڊان اخبار جي ويب سائيٽ موجب هن واقعي جي ذميواري بلوچ بي ايل اي قبولي آهي.
انهن ٻنهي واقعن جي ذميواري ٻن ڌار ڌار ڌرين قبولي آهي، جن جو پاڻ ۾ ڪو ڳانڍاپو نٿو لڳي، جيڪا ڳالهه ساڳي آهي، سا اها ته بلوچستان ۾ هڪ دفعو وري دهشتگردي ۽ شدت پسندي جون ڪارروايون وڌي ويون آهن. 2014ع کان هيل تائين 44 پورهيت قتل ٿي چڪا آهن. 2017ع جي مئي مهيني ۾ خاران وٽ روڊ ٺاهيندڙ 20 پورهيت ماريا ويا هئا. انهن پورهيتن جو تعلق گهڻي ڀاڱي سنڌ يا وري پنجاب جي ڏاکڻي علائقي سان آهي. جيڪي ٻئي علائقا غربت جي شديد لپيٽ ۾ آهن ۽ پنهنجي زمين تي روزگار نه ملڻ ڪري پري پري ۽ خطري وارن علائقن ۾ مزدوري ڪن ٿا. مزدوري به اها، جيڪا روڊ ٺاهڻ واري آهي. ڪو زمانو هو جڏهن سنڌ ۾ عام تاثر هوندو هو ته روڊ ٺاهڻ جو ڪم پٺاڻن کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو ڪري سگهي. پٺاڻ به اهو مستقل ڪم تڏهن ڪندا هئا، جڏهن وٽن روزگار جا وسيلا نه هئا. اڄ سنڌ ۽ پنجاب جي ڏاکڻي علائقي ۾ روزگار جا ذريعا گهٽجي ويا آهن ته اتان جا ماڻهو به سخت ترين مزدوري ڪرڻ لاءِ تيار آهن. سنڌ ۾ روزگار جي وسيلن گهٽجڻ واري بحث کي في الحال پاسيرو رکندي اچون ٿا تازن واقعن جي ڪجهه پس منظر ۽ اثرن تي-
بلوچستان ۾ جنرل مشرف جي زماني کان آپريشن هلندڙ آهي، جنهن لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو اهو موقف آهي ته اهو عليحدگي پسندن خلاف آپريشن آهي، جڏهن ته معيشت دان چون ٿا ته بلوچستان گئس، ٽامي ۽ ٻين معدني وسيلن ۾ شاهوڪار سرزمين هجڻ سبب مقامي ماڻهو انهن وسيلن، انهن جي استعمال، پاليسي ۽ اقتدار ۾ وڌيڪ حصو گهرن ٿا. گذريل چند مهينن کان لڳاتار اخبارن ۾ اهي خبرون اچي رهيون هيون ته بلوچ ويڙهاڪ ٽولن جا مکيه اڳواڻ آپريشن ۽ ڪاررواين دوران مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن عليحدگي پسند ٽولن هٿيار ڦٽا ڪري حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ صوبي جي ترقي ۾ حڪومت جو هٿ ونڊائڻ جو وچن ڪيو آهي. ايتري سخت حفاظتي اپائن واري صوبي ۾ جتي لڳاتار آپريشن جاري رهيو هجي، اتي اهڙي قسم جا واقعا عام ماڻهو جي سمجهه ۾ نٿا اچن. اهي شدت پسند عليحدگي پسند لڏي جا هجن يا ٻئي ڪنهن مذهبي انتها پسند گروپ جا، انهن کي ڪيئن ايتري وٿي ملي وڃي ٿي، جو ڪارروائي ڪري هليا ٿيا وڃن.
اسان جا ادارا توڙي حڪومت جيتوڻيڪ سرڪاري طور تي اها ئي ڳالهه چوندا رهيا آهن ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو وجود ڪونهي. علامه عبدالغفور حيدريءَ تي حملي وارو واقعو پهريون ناهي، جنهن جي ذميواري داعش قبولي هجي. هن کان اڳ ٻين ڪجهه واقعن جي به اها تنظيم ذميواري قبوليندي رهي آهي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردياڻي نورين لغاري جو واقعو ۽ سندس ڏنل بيان به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.
دراصل هي خطو، جنهن ۾ پاڪستان واقع آهي، ان ۾ عدم استحڪام وڌي ويو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي رهي آهي. انهن ناتن ۾ هر پندرهين ويهين ڏينهن ڪا منفي اڳڀرائي ٿيندي رهندي آهي. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تاءُ موجود آهي. ان تاءَ جا ڪجهه واقعا جهيڙي جي شڪل ۾ سامهون اچي چڪا آهن. پاڪستان کي اها به شڪايت آهي ته ايران پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ بلوچستان جي عليحدگي پسندن جي حمايت ڪري رهيو آهي. ايران کي ان ڳالهه تي به ناراضگي آهي ته پاڪستان جي اڳوڻي سپهه سالار، سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ ٺهيل فوجي اتحاد جي ڪمانڊ سنڀالي آهي. اهو اتحاد سني ملڪن تي ٻڌل آهي. ايران پنهنجي انهيءَ ناراضگيءَ جو اظهار سرڪاري طرح به پاڪستان کي ٻڌائي چڪو آهي. پاڪستان توڙي افغانستان ۾ موجود طالبان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ پاڪستان، چين ۽ روس ڪوششون ورتيون پر انهن ڪوششن ۾ افغانستان ۽ آمريڪا جي عملي شرڪت نه هجڻ ڪري اهي به ڪو رنگ نه ڏيکاري سگهيون. نتيجي ۾ انهن طالبان جا مختلف گروپ ڪي پاڪستان کي ويجها آهن ته ڪي وري افغانستان کي- نتيجي ۾ هڪ پراڪسي جنگ ان معاملي تي به هلندڙ آهي. پاڪستان جي حڪمت عملي ۽ ان جي پرڏيهي پاليسي کان آمريڪا به ڪو گهڻو خوش ناهي.
آمريڪا، ايران ۽ ڀارت چيني اقتصادي راهداري منصوبي مان به خوش ناهن. چين جي ”ون بيلٽ، ون روڊ“ جو منصوبو نئون سلڪ روڊ منصوبو آهي، جيڪو ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا کي روڊ رستي ملائي ڇڏيندو. ائين نيون معاشي حقيقتون پيدا ٿينديون، جيڪي اڳتي هلي نين سماجي ۽ سياسي حقيقتن کي جنم ڏينديون. بيجنگ ۾ وزيراعظم تازو چين سان جن معاشي منصوبن جي ٺاهن تي صحيحيون ڪيون آهن، جن ۾ سلڪ روڊ ۽ ان سان لاڳاپيل منصوبا، پاڪستان ريلويز ۾ سڌارو، پنجاب جي شهر حويليان ۾ ڊراءِ پورٽ ٺاهڻ (جيڪو گوادر پورٽ کي ڳنڍيندو) گوادر گرم پاڻي واري بندرگاهه ۾ مالي ۽ فني مهارت ڏيڻ ۽ اڀرندي سمنڊ جو ايڪسپريس وي شامل آهن.
بيجنگ ۾ خطي جي ترقي ۽ تبديلي جي حوالي سان ٿيندڙ ڪانفرنس جو اهم پهلو اهو به آهي ته سواءِ اٽلي جي، ٻئي ڪنهن به اولهه جي ملڪ شرڪت نه ڪئي آهي.
جيئن جيئن چيني اقتصادي راهداري ۽ سلڪ روڊ وارو منصوبو اڳتي وڌي ٿو ته ڪو نه ڪو واقعو اهو ٻڌائي ٿو ته اهو روڊ ايڏو ڪو سولو ناهي. ان ۾ ڪيئي کڏون کوٻا آهن. جيئن ته سڄي منصوبي جو مرڪزي نقطو گوادر جي ڪري بلوچستان آهي، ان ڪري اتي پيش ايندڙ اهڙو واقعو ڪو سٺو پيغام نٿو ڏي. چيني اقتصادي راهداري هجي يا ڪو ٻيو منصوبو، اهي سڀ معاملا خطي جي صورتحال سان واڳيل آهن. پاڪستان کي گهرجي ته هو پنهنجي ترقي لاءِ خطي ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ لاءِ پنهنجي حڪمت عملي پنهنجي پرڏيهي پاليسي تي هڪ ڀيرو ٻيهر نظر وجهي، ان لاءِ خطي جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ وقت جي صورتحال کي به سامهون رکي.
Balochistan in grip of terrorism

Labels: , ,