Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, March 19, 2022

ٿر عدالتي حڪم جي اوسيئڙي ۾ ويهي؟

     Pahenji Akhbar Jan 21, 2022 

ملڪ جو چيف جسٽس گلزار احمد به ٿر مان ٿي آيو، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به موٽر ريلي جا انعام مٺيءَ ۾ ورهائي موٽي آيو. چيف جسٽس پنهنجي ايام ڪاريءَ جي آخري ڏينهن ۾ هتي آيو هو جڏهن ذري گھٽ سندس الوداعي تقريبن جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو هو، هن مٺي بار ايسوسي ايشن جي صدر وسند ٿري جو سپاسنامو ٻڌو، سندس ئي چواڻي ته کيس جيڪي ڪجھه ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ٻڌايو ان ۾ ۽ وسند ٿري جي ٻڌايل مسئلن ۾ فرق هو، ڊپٽي ڪمشنر چيف جسٽس کي وڪيلن جي تقريب کان اڳ بريفنگ ڏني هئي، اهو فرق ڇا آهي؟ ان جي هڪڙي خبر ڊپٽي ڪمشنر کي ۽ ٻي چيف جسٽس کي، ڇاڪاڻ جو ان بابت ڪي به تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا.چيف صاحب سمورا معاملا وسند ٿريءَ جي حوالي ڪري ويو ته هو انهن مسئلن تي پٽيشن داخل ڪري. ٻڌايو پيو وڃي ته وسند ٿري اهڙي پٽيشن اسلام آباد ۾ داخل به ڪئي آهي، جنهن جي ٻڌڻي اڃان شروع نه ٿي آهي، تيستائين چيف جسٽس گلزار احمد رٽائر ٿي ويندو ۽ نئون چيف جسٽس بنديال چارج وٺندو، نئين چيف جسٽس جون ترجيحون ۽ مجموعي طور نقطه نظر مختلف ئي هوندو. ان ڪري اهو چئي نٿو سگھجي ته ٿر جا مسئلا عدالتي ترجيحن ۾ ايندا، هونئن به چيف جسٽس گلزار احمد جي ترجيح ۾ به ٿر جا مسئلا نه هئا، هن جو گھڻو تڻو زور ڪراچي جي معاملن تي هو.

وسند ٿري مطالبن جي هڪ ڊگھي لسٽ ٺاهي هئي، جنهن ۾ ٿر جي مجموعي ترقي کان وٺي انتظام ڪاري تائين ۽ وڪيلن کي رهائشي پلاٽ ڏيڻ تائين وارا مطالبا  شامل هئا، هي اهي مطالبا هئا جيڪي وقت بوقت ميڊيا ۾ پيش ڪيا پئي ويا، وسند ٿري کي شابس هجي جو هن سمورن مطالبن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت جي پليٽ فارم تي آندو. عجيب ڳالهه اها آهي ته هن کان اڳ ٿر جي چونڊيل عيوضين نه ٿر جي وڪيل برادري سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ نه ئي وري وڪيلن چونڊيل عيوضين کي پنهنجي مسئلن ۾ مطالبن کان آگاهه ڪيو آهي.اڳي عام روايت اها رهي آهي ته وزير قانون ۽ وزيراعليٰ وڪيلن جي اهڙي گڏجاڻين ۾ ايندا رهندا هئا، بنهه ايئن به ڪونهي ته ڪو ٿر جي مسئلن بابت سنڌ جي وڏي وزير يا حڪومت کي خبر ناهي، حڪومت کي هرڪا خبر آهي، پر ٿر جي ساڃاهه وندن يا وڪيلن طرفان  ايترو پريشر پيدا نه پئي ڪيو ويو جو حڪومت جامع طريقي سان انهن مسئلن کي ڏسي. ٿر ۾ هن کان اڳ پاڻمرادو واقعا ٿيا، جن ۾ مقامي ماڻهن پنهنجي طور تي جدوجهد ڪئي، انهيءَ جدوجهد کي ڪو باضابطه وڪيلن يا سول سوسائٽي جي حمايت حاصل نه رهي، انهن مسئلن ۾ ٿرڪول سان واڳيل وقت بوقت اٿندڙ معاملا، گوڙاڻو ڊيم وارو معاملو، ڪارونجھر جي ڪٽائي يا وري ڇاڇرو هيرار روڊ جي ٻيهر اڏاوت، انهن تي وقفي وقفي سان احتجاج ٿيندا رهيا آهن.

ٿر ڪول بلاڪ 2 ۾ دودو ڀيل جي پراسرار موت وارو واقعو، توڙي بلاڪ ون جي موت وارا واقعا اهڙا هئا جن ماڻهن ۾ ڪاوڙ پيدا ڪئي، ٿر ۾ هڪ غير محسوس ٿيندڙ بيچيني موجود آهي، ٿر جو ماڻهو ان جو ڪو وڏو اظهار نه پيو ڪري سگھي، مهينو کن اڳ ڪراچي ۾ هڪ ٿري پورهيت شاهد راهمون جي پراسرار نموني قتل تي ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ ٿر جي پورهيتن وڏو احتجاج ڪيو، ٿري پورهيتن جي ان احتجاج ڪيترن ئي ماڻهن کي پهريون ڀيرو احساس ڏياريو ته وڏي تعداد ۾ ٿري ماڻهو ڪراچي ۾ روزگار ڪن ٿا، هي اهي ماڻهو آهن جن کي ٿر اندر روزگار نه پيو ملي. يعني ٿرڪول سبب جيڪا ترقي ٿي رهي آهي يا روزگار جا موقعا نڪري رهيا آهن، ٿرين کي اتي نه پيو کنيو وڃي، اهي انگ اکر گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ٿر ڪول ۾ سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ڪيترا پورهيت ٿر کان ٻاهر جا آهن ۽ ڪيترا ٿر جا آهن يا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ڀيرو وري اهو نعرو ورجايو آهي ته “ٿر پاڪستان جي قسمت بدلائيندو” اهو نعرو اسلام ڪوٽ کان ٿرڪول بلاڪ 2 ڏانهن ويندي مختلف هنڌن تي لکيل آهي.

ان مان اهو تاثرٿو ملي ته جيڪڏهن ٿر مان ڪوئلو نه نڪري ها ته ٿر کي ڪا به سهوليت يا ان جا حق نه ڏنا وڃن ها، بنيادي طرح سان ٿر کي رڳو ڪوئلي سان ڳنڍڻ ڪو سٺو سنئوڻ ناهي، ٿر بهرحال پاڪستان جو حصو آهي، اتي جا رهواسي پاڪستان جا شهري آهن، جيڪڏهن ان خطي کي پسمانده ڇڏيو ويو آهي ته ان ۾ رڳو جاگرافي جو دخل ڪونهي، پر تاريخ ۽ حڪومتي پاليسين جو به عمل دخل آهي، لڳاتار هن علائقي کي نظرانداز ڪرڻ سبب اڄ اتي بيوسي ۽ ننڌڻڪائي جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته ٿر ڪيئن پاڪستان کي بدلائيندو؟ ٿر پنهنجي پاڻ کي بدلائي نه پيو سگھي، ٿر جي سرزمين پنهنجي پٽن کي روزگار نه پئي ڏئي سگھي، نتيجي ۾ اهي وڏي پئماني تي شهر جو رخ ڪن ٿا. حڪومت زراعت ۾ جديد سائنسي ٽيڪنڪ رائج ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ٿر ۾ تعليم جي اها حالت آهي جو ٿر جي ڇهن تعلقن مان چئن ۾ ڪو گرلز هاءِ اسڪول ئي ڪونهي، 21 هزار ڪلوميٽرن تي پکڙيل اٽڪل 2500 ڳوٺن تي مشتمل هن علائقي ۾ صرف هڪ ڪاليج ڇوڪرن جي لاءِ، هڪ ڇوڪرين جي لاءِ آهي، ساڳي حالت طبي سهولتن جي به آهي، ڇهه تعلقا ته ٺاهيا ويا پر اتي جي اسپتالن کي تعلقي اسپتال جو درجو حاصل ناهي نه اتي اسپتالن ۾ ڊاڪٽري سهولتون ۽ دوائون وڌايون ويون آهن ۽ نه وري بجيٽ کي بهتر ڪيو ويو آهي. مٺي ۾ ڪجھه بيمارين جا اسپيشلسٽ آهن، تعلقي اسپتالن ۾ عورتن لاءِ ڊاڪٽرياڻي ناهي.

ٿر سان واسطو رکندڙ يونيورسٽي جي استادن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٿر يونيورسٽي جي لکت ۾ درخواست ڏني، ٻنهي اڳواڻن ٿر يونيورسٽي جو اعلان به ڪيو، ان جي لاءِ 250 ايڪڙ زمين اين اي ڊي يونيورسٽي کي الاٽ به ڪئي وئي پر چار سال گذرڻ بعد به اتي انسٽيٽيوٽ هلي رهيو آهي، جتي رڳو ٽي ٽيڪنالاجيز پڙهايون وڃن ٿيون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهيءَ انسٽيٽيوٽ ۾ استاد ۽ شاگرد اڪثريت ۾ ٻاهر جا آهن، ڪل چاليهارو کن شاگردن مان مشڪل سان 12 يا 15 ٿر سان واسطو رکن ٿا.   استادن جي اڪثريت وزيٽر فيڪلٽي طور ڪراچي مان اچي ٿي، جن کي ڪراچي مان اوٽ موٽ جو ڀاڙو توڙي مٺي ۾ ٻه ڏينهن رهائش، اين اي ڊي يونيورسٽي ڏيندي آهي، هي آهي ٿر جي ترقي، انهيءَ سان ٿر ڪيئن پاڪستان بدلائيندو؟

ساڳي حالت روڊ رستن جي آهي، ڇاڇرو کان ڏانو ڌانڌل تائين پڪو روڊ ٺهڻو هو 15 سالن بعد به اهو روڊ مڪمل نه ٿي سگھيو آهي، جڏهن ان روڊ جو اڌ يعني ڇاڇرو هيرار صفا ختم ٿي چڪو آهي، جيئن ته رهيل15 ڪلوميٽر روڊ مڪمل نه ٿيو آهي ان ڪري ڊٺل روڊ جي به مرمت نه پئي ڪرائي وڃي. وچ ۾ اهي خبرون آيون ته ڇاڇرو هيرار روڊ جي مرمت لاءِ خاص طور بجيٽ منظور ٿي آهي پر بعد ۾ اها رقم ڪنهن ٻئي هنڌ هلي وئي. عجيب ڳالهه آهي ته ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقا ۽ ننگرپارڪر جو وڏو حصوضلعي هيڊ ڪوارٽر مٺي سان روڊ جي سهولت سان ڳنڍيل ناهن. خيال آهي ته ڄاڻي واڻي ٿر جي اڀرندي پٽي کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر مٺي کان ڌار رکيو ويو آهي، انهيءَ ساڳي حڪمت عملي سبب ڇاڇروڏانوڌانڌل مک روڊ مڪمل نه ڪيو ويو آهي، روڊ کان سواءِ ڪميونيڪيشن جي جديد سهولتن کان به ٿر کي پاسيرو رکيو ويو آهي، اتي رڳو هڪ ٽيليڪام ڪمپني جي اجاره داري آهي، گذريل ڀيري جڏهن لاڪ ڊائون ٿيو هو ته ٿر جي شاگردن کي آن لائين ڪلاس وٺڻ ۾ ڏاڍيون ڏکيائيون پيش آيون هيون.

ايئن ڪونهي ته ٿر جو ماڻهو آگاهه ڪونهي، هو سمجھي ٿو ته ان کي جيڪڏهن اهي سڀ سهولتون حق طور مهيا ڪيون وڃن ته ٿر جي صورت بدلجي سگھي ٿي، پر ايئن نه پيو ڪيو وڃي، ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ خلاف ننگر پارڪر جي ساڃاهه وندن لڳاتار احتجاج ڪيو، اتي ڪو چڱو جڊيشل مئجسٽريٽ ويٺل آهي جنهن معاملي جو مرگلا هِل جي ڪٽائي کي روڪڻ لاءِ ورتل نوٽيس وانگر پاڻمرادو نوٽيس ورتو، کيس جس هجي جو هن فوري طور اها ڪٽائي بند ڪرائي، ٿر جي وڪيلن طرفان چيف جسٽس آڏو پيش ڪيل ٿر جي مطالبن جو ڇا ٿيندو؟ اصل ڳالهه اها آهي ته ٿر جا چونڊيل عيوضي ۽ ساڃاهه وند ڌريون به ٿر جون ايئن وڪيل ٿي بيهن تڏهن وڃي ڳالهه ٺهندي، ٻي صورت ۾ اهو ئي سمجھيو ويندو ته چيف جسٽس به ٿر مان ٿي ويو، ان ذريعي به ٿر کي حق ۽ انصاف نه مليو ته پوءِ ٻيو ڪير اچي انصاف ڏياريندو؟ ڇا ٿر جا ماڻهو ڪنهن معجزي جو انتظار ڪن؟ يا حڪومت ۽ عدالتي حڪم جي اوسيئڙي ۾ ويهن؟

Pahenji Akhbar Jan 21, 2022 
Thar should wait for judicial action? by Sohail Sangi

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home