Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, March 19, 2022

شاگرد يونين قانوني طور بحال، عمل به يقيني بڻائجي

Pahenji Akhbar Feb 18, 2022   

سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ٿيڻ بعد صوبي جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگرد سنگت يعني اسٽوڊنٽس يونين بحال ٿي ويون آهن. شاگرد يونين جي بحالي جي خوشي ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 16 فيبروري تي پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي جهنڊي هيٺ سڏايل “شاگرد ڪنوينشن” کي خطاب ڪندي ڪجهه اهم ڳالهين ڏي اشارو ڪيو. هڪ اهو ته صوبائي حڪومتون ملڪ جي ٻين صوبن ۾ شاگرد يونينون بحال ڪن. ٻيو اهو ته تعليمي ادارن ۾ فيون ڳريون آهن. ٽين ڳالهه به اهم آهي جيڪا پيپلزپارٽي جي چيئرمين کان رهجي وئي سا آهي شاگردن لاِءِ سستي ٽرانسپورٽ. هتي پيپلز پارٽي کي اهو ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن حڪومت ۾ آيو هو ته هن شاگردن لاءِ بسن ۾ ڀاڙو 50 سيڪڙو ڪيو هو.

شاگردسنگت نئين قيادت پيدا ڪرڻ جي نرسري آهي. پر ٿيو ايئن جو ضياءَ الحق ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين کي مارشل لا جي هڪ حڪمنامي تحت ختم ڪري ڇڏيو.

ڳالهه اها هئي ته ملڪ ۾ مارشل لا  لاڳو ٿيڻ بعد حڪومت جي حامي ڪا جماعت يا اميدوار شاگرد يونين ۾ اچي نه پيو سگهي. هونئن به جنرل ضياءَ کي چونڊن وارو لفظ ئي ڏکيو پئي لڳو. هن نه پئي چاهيو ته نوجوانن جي ذهن ۾ چونڊ لفظ ويهي ڇاڪاڻ ته اهو لفظ جيڪڏهن نوجوانن جي ذهنن ۾ ويٺو ته پوءِ ملڪ ۾ عام چونڊن جو بحث به ڪر کڻندو.

تاريخي طور تي ڏٺو وڃي ته ننڍي کنڊ  ۾انگريزن جڏهن جديد تعليمي نظام لاڳو ڪيو ته ڪاليج ۽ يونيورسٽيون به قائم ٿيون. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد يونين جو ادارو ٺهيو. ان زماني ۾ شاگرد يونين جو سربراهه وائيس چانسلر ۽ ڪاليجن ۾ واسطيدار پرنسپل هوندو هو، باقي عهديدار شاگرد چونڊيندا هئا. تڏهن بظاهر شاگرد يونين نصاب سان واڳيل سرگرميون ڪنديون هيون، پر ڪن يونيورسٽين ۾ سياسي اڳواڻن کي به شاگرد يونينون جلسن ۾ گهرائينديون هيون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين جو ادارو قائم رهيو. 1953ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي ۾ کاٻي ڌر سا واڳيل شاگرد تنظيم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا اميدوار ڪاليجن ۾ ڪامياب ٿيا. انهن انٽر ڪاليجئيٽ باڊي ٺاهي جنهن تحت وڌيڪ ڪاليج قائم ڪرڻ، فيون ۽ شاگردن لاءِ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گهٽائڻ لاءِ جدوجهد هلائي، جنهن دوران 8 مارچ واري تاريخي جدوجهد ٿي.

سٺ جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي شاگردن انهن يونينن جي ذريعي تاريخي جدوجهد ڪئي. اها دلچسپ ڳالهه آهي ته سنڌ جون مکيه شاگرد تنظيمون سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سٺ واري ڏهاڪي جي آخري حصي ۾ ٺهيون. تيستائين اهو ڪم ترقي پسند، روشن خيال ۽ قوم پرست گروپ انهن شاگرد يونين جي ذريعي ئي  ڪندا رهيا.

سنڌ ۾ ٿيل چار مارچ وارو واقعو جنهن هن صوبي ۾ سياست جو رخ ئي مٽائي ڇڏيو، ان جي اڳواڻي سنڌ يونيورسٽي شاگرد سنگت جو صدر يوسف لغاري، مهراڻ انجنيئرنگ ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسٽوڊنٽس يونين جا عهديدار ڪري رهيا هئا. سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن پنهنجي هن ئي نالي سان پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ئي وجود ۾ آئي. سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن جي شاگرد يونين لاءِ مقابلو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي وچ ۾ ٿيندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن به جيڪب آباد ضلعي کان علاوه سنڌ يونورسٽي ۽ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد يونين جي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ لڳي.

ضياءَ الحق جي مارشل لا لاڳو ٿيڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت کي ڊاهڻ بعد سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي نوجوانن ۾ مقبول ٿي ۽ مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان وٺي شاگرد يونين تي بندش پوڻ تائين پيپلزپارٽي جي حامي اها تنظيم سنڌ ۾ وڏي حد تائين شاگرد يونين جون چونڊيون کٽيندي رهي.

بهاولپور واقعي ۾ جنرل ضياءَ الحق جي مرڻ کانپوءِ جڏهن 1988ع جي چونڊن وسيلي محترمه بينظير ڀٽو حڪومت ۾ آئي ته هن شاگرد يونين بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڏکين ادارن جي دٻاءُ سبب هو اهو ڪم نه ڪري سگهي. 1993ع ۾ جسٽس فضل الاهي جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ فيصلو ڏنو ته ڪجهه شرطن سان شاگرد يونين بحال ٿيڻ گهرجي، پر حڪومت ايئن نه ڪري سگهي.

2008ع جي چونڊن بعد پيپلزپارٽي جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي پهرين نشري تقرير ۾ شاگرد يونين بحال ڪرڻ ۽ ان جون چونڊون ڪرائڻ جون اعلان ڪيو پر پيپلز پارٽي توڙي ٻيون سياسي جماعتون ان اعلان تي عمل نه ڪرائي سگهيون. ان کان علاوه ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي سان راند کيڏنديون رهيون ۽ نوجوانن جي هن مطالبي کي ڪنڊائتو ڪيو ويو. اڳتي هلي 2017ع ۾ سينيٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي سامهون  رکندي ٺهراءُ منظور ڪيو ته شاگرد يونين جون چونڊون ٿيڻ گهرجن. ان بعد 2019ع ۾ سنڌ اسيمبلي به شاگرد يونين جي چونڊن لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو.

ان وچ ۾ نواز شريف جي دور حڪومت ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ تڏهوڪي صدر پاڪستان ممنون حسين کي خط لکيو ته مارشل لا ختم ٿيڻ بعد شاگرد يونين تان پابندي ختم ٿي چڪي آهي، ان ڪري واسطيدار عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته اهي تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جون چونڊون ڪرائين.

ميڊيا جو ماهر تجزيانگار ڊاڪر توصيف احمد خان ٻڌائي ٿو ته شاگرد اڳواڻ جي هن درخواست تي صدر قانون واري وزارت کان راءِ وارتي جنهن اها راءِ ڏني ته مارشل لا ختم ٿيڻ بعد مارشل لا جا قانون به ختم ٿي ويا آهن، ان ڪر هاڻ شاگرد يونين تي ڪابه پابندي ناهي. پر ڳالهه پوءِ به اتي جو اتي بيٺي رهي. ڇاڪاڻ ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي ان معاملي ۾ دلچسپي گهٽ هئي.

ڏٺو وڃي ته گذريل پنجن اٺن سالن کان ملڪ اندر ايڪٽوازم جي هڪ نئين لهر آيل آهي جنهن ۾ سماج جا مختلف پيڙهيل ۽ پوئتي ڌڪيل طبقا آواز اٿاري رهيا آهن. ان دوران نوجوانن يعني شاگردن طرفان پڻ يونين بحال ڪرڻ جي تحريڪ هلائي وئي. جيتوڻيڪ شاگردن ۽ نوجوانن جو اهو تحرڪ ڪا وڏي ڇولي ته پيدا نه ڪري سگهيو پر پوءِ به سماج جي مختلف طبقن ۽ حلقن جي راءِ تي ضرور اثرانداز ٿيو. ٻه هفتا کن اڳ سنڌ اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمن پير مجيب الحق جو بيان اوچتو سامهون آيو ته شاگرد يونين بابت قانون جو مسودو تيار ڪري سنڌ اسيمبلي جي حوالي ڪيو ويو. ان بعد اسيمبلي اهڙو قانون منظور به ڪيو. ايئن پيپلزپارٽي نوجوانن جي مطالبي کي مڃتا ڏني.

آخر ۾ اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته پيپلزپارٽي قانونسازي ڪرڻ جي معاملي ۾ ڏاڍي مشهور آهي. انهن قانونن تي ڪيئن عمل ڪجي ۽ انصاف ڀرئي طريقي سان عمل کي يقيني ڪيئن بڻائجي جو ان جا فائدا واسطيدار ۽ عام ماڻهو تائين پهچن، اهو مامرو کٽل رهندو آهي. پيپلزپارٽي ڄاڻ تائين پهچ Right to information  جو قانون ٺاهيو. صحافين کي تحفظ ڏيڻ جو به قانون ٺاهيو پرڪيترن ئي سالن تائين انهن ٻنهي قانونن جا باءِ لاز نه ٺهي سگهيا. نتيجي ۾ اهي ٺهيل قانون ڄڻ هوا ۾ ٽنگيل رهيا. ڏٺو وڃي ته اهي قانون هن وقت به باقاعده عمل ۾ ناهن. ساڳي صورتحال پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي آهي. جيڪا مشڪل سان باءِ لاز ٺاهڻ ۽ خود ڪميشن جي جوڙجڪ وارا مرحلا ته طئي ڪري چڪي آهي. پر ان جون باقاعده گڏجاڻيون ئي نه پيون ٿين، نتيجي ۾ ان ڪميشن جو لاڀ عام ماڻهو کي نه ملي رهيو آهي. ان ڪري سنڌ حڪومت توڙي پيپلزپارٽي کي گهرجي ته اها جلد از جلد شاگرد يونين واري قانون جا باءِ لاز ٺاهي تعليمي ادارن ۾ ان  جون چونڊون ڪرائڻ جو بندوبست ڪري. 

Pahenji Akhbar Feb 18, 2022 

Student Unions by Sohail Sangi

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home