Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, November 05, 2021

گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافي سان بيروزگاري نه وڌندي

 November 5, 2021 

پورهئي ۽ ان جي اجوري جو سوال صدين کان هلندو اچي، هر ڀيري ڪا نه ڪا ريسرچ ۽ تجزيو ان ۾ بهتري جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي. ڪارل مارڪس قدر زائد (اضافي قدر) جو نظريو پيش ڪيو ۽ ان خيال تي سڄو ڪميونسٽ نظريو جوڙيو. جنهن موجب ڪنهن به شيءَ يا ڪم ڪار ۾ اضافي قدر انساني پورهيو يا انساني هٿ پيدا ڪري ٿو. جنهن جو ان کي معاوضو نه ٿو ملي. يعني گهٽ معاوضو ملي ٿو. اهڙي طرح اضافي قدر يا ملهه پيدا ته ٿئي ٿو پر اهو ملهه پيدا ڪندڙن کي اهو اضافي اجورو نه ٿو ملي. ان اضافي اجوري نه ملڻ کي استحصال جو نالو ڏنو ويندو آهي. مارڪس جي ان اضافي قدر واري نظريي تحت سوويت يونين ۽ ٻين ملڪن ۾ سوشلزم جو نظام قائم ڪيو ويو. اهو نظام بعد واري وقت ۾ ڪيئن هلي نه سگهيو اهو هڪ الڳ سوال آهي. پر مارڪس جي اضافي قدر ۽ پورهيت جي استحصال واري نظريي کي اڄ سوڌو معاشي طور رد نه ڪيو ويو آهي.

پورهئي ۽ اجوري جي حوالي سان هلندڙ سال معاشيات جو نوبل انعام ڊيوڊ ڪارڊ نالي هڪ آمريڪي معاشي ماهر کي ڏنو ويو آهي. ويجهي ماضي ۾ پورهئي ۽ ان جي اجوري جي حوالي سان ڊيوڊ ڪارڊ ۽ سندس ٻن ساٿين جي ريسرچ هڪ وڏي ٻرانگهه سمجهي پئي وڃي. انهن جي ريسرچ سڄي دنيا ۾ ٽريڊ يونين، پورهيتن ۽ انساني حقن جي جاکوڙيندڙن جي ان ڳالهه جي حمايت ڪري ٿي ته پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافي سان بيروزگاري نه وڌندي. پاڪستان ۽ سنڌ جي حوالي سان اها توثيق ان ڪري به وڌيڪ وقتائتي ۽ اهم آهي جو هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ سرڪار پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا ماهوار مقرر ڪئي هئي. تنهن کي ڪجهه صنعتي ادارن طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جنهن بينچ اها درخواست ٻڌي ان ۾ ميرپورخاص سان تعلق رکندڙ ۽ پنهنجي شاگردي جي زماني ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ جسٽس صلاح الدين پنهور به شامل هو.

جيئن سڄي دنيا ۾ صنعتڪار موقف رکندا آهن ته پورهيتن جي پگهار وڌائڻ سان پيداوار جي لاڳت وڌي ويندي، ايئن ڪرڻ سان  شين جون قيمتون وڌي وينديون. جيڪي ماڻهن جي پهچ ۾ نه هونديون. نتيجي ۾ ڄڻ ته سندن صنعتون بند ٿي وينديون. يا وري اهو دليل ڏنو ويندو آهي ته پگهار وڌائڻ سان انهن صنعتن ۾ بيروزگاري اچي ويندي. سرسري نظر ۾ اهي ئي دليل وزنائتا لڳن ٿا. هونئن به نوي سيڪڙو معاشيات جي ماهرن جو خيال آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اجوري ۾ اضافو معيشت لاءِ نقصانڪار آهي. ڊيوڊ ڪارڊ ۽ ايلن ڪروگر جي تحقيق ان ڳالهه جو ثبوت ڏنو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافي جو روزگار تي ڪو به هاڪاري يا ناڪاري اثر ڪو نه ٿو پوي.

هاڻي اچون ٿا ان نئين تحقيق ڏانهن. آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيناڊا جي رهاڪو ۽ سندس شهر نيوجرسي ۾ 400 فاسٽ فوڊ آئوٽ ليٽس ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافي جي اثرن جو اڀياس ڪيو. انهن ڏٺو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافو در اصل روزگار کي وڌائي ٿو. وڌايل اجرت هڪ لهر پيدا ڪري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن پورهيتن جي پگهارن ۾ اضافو ٿيو جيڪي مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت کان وڌيڪ ڪمائي رهيا هئا. هن تحقيق سبب هڪ اها ڳالهه اها به سامهون آئي ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار يا اجوري ۾ واڌ سان آمدني يا پگهارن جي وچ ۾ موجود فرق کي گهٽ ڪري يعني معاشي طور برابري طرف هڪ وک اڳتي وڌي ٿي. اها جزوي طور غيربرابري جي رجحان کي تبديل ڪري ٿي.

ڊيوڊ ڪارڊ ۽ ڪروگر جي انهي تحقيق جي عام ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيل تحقيق ان ڳالهه ڏي اشارو ڪري ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافو مختلف شين جي طلب ۽ انهن جي صارفين جي اعتماد کي مضبوط ڪري ٿو. افراط زر کي هڪ حد تائين ڪنٽرول ۾ رکي ٿو ۽ سرڪاري وصولين کي گهٽائي ٿو. ڊيوڊ ڪارڊ جي تحقيق انهي تجريدي دليلن کي رد ڪندي زميني حقيقتن ۽ تجرباتي تحقيق کي اٿاري ٿي.

ڊيوڊ ڪارڊ گهٽ ۾ گهٽ اجرت، لڏ پلاڻ ۽ تعليم جي ليبر مارڪيٽ تي اثرن جو جائزو ورتو، 1990ع واري ڏهاڪي کان هلندڙ اڀياس روايت حڪمت عملي کي چئلينج ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ نوان تجربا ۽ نوان رستا کليا. هن اڀياس جي نتيجن ٻين ڳالهين کان علاوه اهو به ظاهر ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافو ضروري ناهي ته ڪو روزگار يا نوڪريون گهٽائي.

ڊيوڊ ڪارڊ جي بنيادي ڪم سبب آمريڪا، ڪيناڊا، آسٽريليا، يورپ ۽ 2021ع جي اڀياس مطابق عالمي ادارن جهڙوڪ آءِ ايم ايف ۽ آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪو آپريشن اينڊ ڊيولپمينٽ وٽ گهٽ ۾ گهٽ پگهار يا اجرت وڌائڻ جي لاءِ حمايت پيدا ٿي آهي. آمريڪا ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو قانون 1912ع ۾ ٺهيو. جنهن تي ڪجهه رياستن ۾ عمل ٿيو ڪجهه ۾ نه ٿيو. پر ڪجهه وقت کانپوءِ اهو قانون واپس ورتو ويو. نيٺ 1938ع ۾ فيئر ليبر اسٽينڊرڊز ايڪٽ وفاقي قانون طور لاڳو ٿيو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار يا اجوري وارو فارمولا ٺاهيو ويو. هن وقت جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ وفاقي قانون طور گهٽ ۾ گهٽ اجرت سوا ست ڊالر في ڪلاڪ آهي پر ڊيوڊ ڪارڊ جي هن تحقيق کانپوءِ ڪجهه رياستن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت وڌائي پئي وڃي.

گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري ڳالهه تان مون کي پنهنجي جيل جي ساٿي ڪمال  وارثي جو فوجي عدالت ۾ ڏنل بيان ياد اچي پيو. جيڪو هن مشهور ڄام ساقي ڪميونسٽ ڪيس ۾ ڏنو. جنهن ۾ هن چيو ته جيڪڏهن عام مزدور جي پگهار وڌندي ته ان مان هو عام واهپي ۽ کاڌ خوراڪ جون شيون وٺندو، نتيجي ۾ ان سان ملڪي معيشت ۾ ترقي ٿيندي. ملڪ اندر صنعت ڪاري سيڙپ وڌندي. ان سان وري روزگار جا موقعا وڌندا. ڪمال وارثي عدالت ۾ بيان مزدور اڳواڻ طور ڏنو هو. هن اهو به چيو ته جيڪڏهن اوچي ڪلاس جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو ته ان سان امپورٽ جو بل وڌندو ڇاڪاڻ ته اهو ڪلاس پرڏيهه مان عيش عشرت جون شيون ۽ سامان گهرائيندو.

گهٽ ۾ گهٽ اجرت بابت تحقيق تي نوبل انعام هڪ اهڙي موقعي تي آيو آهي جڏهن ڪووڊ 19 جي وبائي مرض اجرت ۾ اڻ برابري کي وڌايو ۽ چٽو ڪيو آهي. حڪومتن کي مجبور ڪيو آهي ته اهي پورهيتن کي غربت جي ليڪ کان هيٺ وڃڻ کان بچائين. هي وقت نه رڳو گهٽ ۾ گهٽ اجورو وڌائڻ جو آهي بلڪه هڪ “زنده اجرت” طرف وڌڻ جو پڻ آهي. هڪ “زنده اجرت” کي گڏيل قومن جي اداري انساني حق طور تسليم ڪيو آهي. زنده اجرت جو مطلب ڪٽنب جي چئن ڀاتين لاءِ معياري زندگي گذارڻ لاءِ گهربل اجرت آهي، ان ۾ خوراڪ، پاڻي، رهائش، تعليم، صحت، ڪپڙو گندي، ٽرانسپورٽ ۽ غير متوقع خرچ توڙي هڪ حد تائين ڪجهه بچت به شامل آهي.

گهڻو ڪري حڪومتون ڪنهن منظم طريقي سان گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافو نٿيون ڪن، جڏهن ته زندگي گذارڻ جي قيمت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهندو آهي. اهڙي طرح مهانگائي توڙي زندگي گذارڻ جي قميت ۾ مجموعي طور واڌ جي نتيجي ۾ ڪنهن به پورهيت يا عام نوڪري ڪندڙ ماڻهو جي پگهار جي اصل قميت وقت سان گڏ ڪرندي رهندي آهي. صورتحال اها رهندي آهي جو گهٽ ۾ گهٽ اجرت زنده رهڻ جي اجرت کان گهٽ ٿي ويندي آهي.

ويج انڊيڪٽر فائونڊيشن موجب زنده اجرت واري رقم پاڪستان ۾ 2020ع ۾ 32000 رپيا هئي، سنڌ ۾ سرڪاري طرح مقرر ٿيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17 هزار 500 رپيا هئي، جيڪا زنده اجرت جي اڌ جيتري هئي. اهو ثابت ٿيڻ جي باوجود ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ معيشت لاءِ چڱي ڳالهه آهي پر پاڪستان ۾ صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن توڙي پاليسي سازن طرفان اهڙي اضافي ۾ واڌ جي مخالفت ۽ مزاحمت ڪئي ويندي آهي. اڄ جڏهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي توڙي سماجي علمن ۾ ترقي ايتري ٿي آهي جيڪا دراصل انسان ذات جي ميرث آهي ۽ انهي جي سائنس ترقي جي نتيجي ۾ زمين جي گولي تي موجود هر انسان جون گهرجون پوريون ٿي سگهن ٿيون. پر ان آڏو طبقاتي توڙي حڪومتي آڏ آهن، جيڪي انسان کي انسان ذات جي ميراث مان حصو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. بهرحال ڊيوڊ ڪارڊ جي هي ريسرچ نوان گس ۽ نوان طريقا ٻڌائي ٿي جنهن کي چڱي پر پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي ضرورت آهي.


Labels: