Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 01, 2016

لاهوراسلام آباد وارن واقعن بعد صورتحال


ڇا سول ۽ عسڪري ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ٿي وئي آهي؟
سهيل سانگي
          27 مارچ تي دهشتگرديءَ وارو واقعو زلزلو هو، جنهن دلين ۽ دماغ کي لوڏي ڇڏيو. ساڳئي ڏينهن تي اسلام آباد تي ڏنڊا بردارن جي ڪاهه وفاقي شهر حڪومت جي رٽ کي ڌوڏي وڌو. پارليامينٽ، سيڪريٽريٽ، ايوان صدر، وزير اعظم هائوس، جيڪي جمهوريت، آئين، قانون ۽ حڪمرانيءَ جي علامت سمجهيا ويندا آهن، جنهن جو تحفظ هر اداري جو فرض هوندو آهي، پر هن ڀيري ٽن ڏينهن تائين لڳاتار اها رٽ نظر نه آئي. حڪومت ۾ ويٺل همراهن کي سياسي ڄاڻ سان گڏوگڏ خفيه ادارن جون به پڪ رپورٽون هونديون ته قادريءَ جي چاليهي واري ڏينهن تي ڪجهه ٿي سگهي ٿو، پر ان جي باوجود ڪي به اثرائتا اپاءُ نه ورتا ويا. خيال اهو ڏيکاريو پيو وڃي ته وڏي مينڊيٽ جي باوجود حڪومت ڊنل هئي، ان ڊپ جي ڪري ڪي اثرائتا اپاءَ وٺڻ بدران پنڊيءَ ۾ چاليهي جو جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني. ان بعد جڏهن اهو هجوم گاديءَ واري هنڌ ڏانهن وڌيو، تڏهن به اها مصلحت پسندي ۽ ڊپ برقرار رهيو. ڪن تجزيه نگارن موجب خود حڪمران جماعت نواز ليگ اندر اهڙا اڳواڻ موجود آهن، جن جو اهڙن گروهن ڏانهن جهڪاءُ يا رابطا آهن، ان ڪري هن فيصلي جي پويان ڊپ کان وڌيڪ مصلحت پسندي هئي.
حڪومت جڏهن مطالبا مڃيا ته ڌرڻو ختم ٿيو. ميڊيا رپورٽن موجب مطالبن مڃڻ لاءِ باقاعده لکت ۾ ٺاهه ٿيو آهي. وزير داخلا چوڌري نثار علي اهڙي ٺاهه کان انڪاري آهي، جڏهن ته ان گهوٽالي کي اُڪلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ وزير خزانه اسحاق ڊار ٺاهه جي تحريري هجڻ جو اعتراف ڪري ٿو. ٺاهه کڻي لکت ۾ نه به ٿيو هجي، پر اهو طئي آهي ته مطالبا مڃيا ويا آهن.
          هي هڪ عجيب روايت پئجي وئي آهي ته 810- هزار ڏنڊا بردار اسلام آباد تي ڪاهه ڪن ته سمورن ادارن لاءِ نظام کي معطل ڪري ٿا ڇڏين. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي، جو اسلام آباد تي اهڙي طرح سان ”مڇريل هجوم“ ڪاهه ڪئي هجي. 79ع ۾ ڪعبته الله تي حملي جي افواهن مهل به هزارين ماڻهو پنڊيءَ کان اسلام آباد پهتا ۽ اتي انهن آمريڪي سفارتخاني کي باهه ڏني. بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت دوران ضياءُالحق جي ورسي ملهائڻ لاءِ ان جي باقيات سڏجندڙ ڌرين آءِ جي آءِ جي جهنڊي هيٺ ايئن ئي ڪيو هو. بينظير جي ئي حڪومت دوران جماعت اسلامي ملين مارچ ڪيو هو، جنهن کي ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ ٻين وسيلن سان سويلين فورسز ئي روڪيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته تڏهن پنڊي توڙي اسلام آباد ٻئي جنگ جو ميدان بڻيل رهيا. تازن واقعن ۾ علامه قادري ۽ عمران خان جا ڌرڻا آهن، انهن مان آخري ڌرڻي ذري گهٽ حڪومت جو ساهه ٿي ڪڍيو. اها عجيب ڳالهه آهي ته وفاقي گاديءَ واري شهر ڏي اهڙيون چڙهايون يا ته مذهبي ڌرين ڪيون آهن يا وري ساڻن ويجهڙائپ رکندڙ سياسي ڌرين ڪيون آهن. ٻئي ڪنهن ڌر طرفان اهڙي نموني سان ڪجهه ڪرڻ جي همت ئي شايد نه ٿي ٿئي، خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان کي ته بنهه نه ٿي ٿي سگهي. اهو ان ڪري به چئي پيو سگهجي ته اڳ وارن سمورن اهڙن ڌرڻن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا پنهنجي حيثيت مڃائي چڪا آهن.
          اسلام آباد وارو ڌرڻو، ان جو پس منظر جيئن اهو جاري رهيو ۽ ان جو حل ڪيترائي سوال ڇڏين ٿا. آخر اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ نواز شريف جي لاءِ ايڏو وڏو مسئلو ڪيئن پيدا ٿيو؟ ان جا محرڪ ڇا هئا؟ انهن ڇا ٿي حاصل ڪرڻ گُهريو؟ عمران خان واري ڌرڻي مهل سياسي ڌرين نواز ليگ جي ضمانت ڪرائي، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو رول تمام اهم هو. هن ڀيري ان جي ضمانت ڪنهن ڪرائي؟ بظاهر ڪراچيءَ مان سني تحريڪ جي اڳواڻن ڪرائي، پس پرده ڪي ٻيون ڌريون به شامل ٿي سگهن ٿيون. بهرحال اهو طئي آهي ته هن واقعي جا رڳو موجوده حڪومت ۽ ان جي پاليسين تي ئي نه، پر ايندڙ وقت جي حڪومتن ۽ پاليسين تي اثر پوندا.
          لاهور وارو سانحو به ڄڻ ساڳئي ڏينهن تي ٿيو، جنهن ۾ 72 انساني جانيون کاڄ بڻيون. 15 جون 2014ع تي ضرب عضب آپريشن شروع ٿيو، جنهن وڏي حد تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪيون، پر لاهور واري هن واقعي توڙي وقفي وقفي سان ملڪ جي ٻين حصن ۾ رونما ٿيندڙ واقعن مان لڳي ٿو ته اهي پر پکڙ ٿي ويا آهن، گروپن ۾ ورهائجي ويا آهن، پر زميني نيٽ ورڪ مضبوط آهي. هن واقعي جي ذميواري بظاهر جماعت الحرار قبولي آهي. هي اهو گروپ آهي، جنهن پنجاب جي وزير داخلا کي فيل ڪيو هو. واهگا بارڊر تي دهشتگردي جو واقعو ڪيو هو، جنهن ۾ 50 کن ماڻهو مارجي ويا هئا. پشاور اسڪول جي واقعي بعد نيشنل ايڪشن پلان ٺهيو ته ان ۾ اهو نقطو شامل هو ته فاٽا، ڪراچي وانگر پنجاب ۾ به دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. خفيه ادارن توڙي ميڊيا ۾ ڏکڻ پنجاب ۾ دهشتگردن جي نرسرين ۽ پناهه گاهون هجڻ واريون رپورٽون اينديون رهيون، پر اتي آپريشن نه ڪيو ويو.
          لاهور واري واقعي بعد عجيب صورتحال اُڀري آهي. ملڪ جي هن وڏي صوبي ۾ جيڪو حڪمران جماعت نواز ليگ جو ”هوم پراونس“ سڏجي ٿو، ٻه متوازي آپريشن شروع ڪيا ويا آهن. هڪ اهو، جنهن جو فيصلو وزير اعظم نواز شريف اسلام آباد ۾ 27 مارچ جي رات جو پنهنجي ساٿين سان ڪيل گڏجاڻي بعد ڪيو ۽ ٽي ڏينهن يعني هن 28 مارچ جي صبح جو لاهور پهچي، صوبائي عملدارن سان گڏجاڻي ۾ ڪيو. ٻئي آپريشن جي شروعات 27 مارچ جي رات جو آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي هدايت تي ڪئي وئي، ان جو اعلان ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر جنرل عاصم باجوه جي ٽوئيٽ ذريعي ڪيو ويو. ٻُڌايو ويو ته فوج، رينجرز ۽ فوج جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندڙ انٽيليجنس ايجنسين گڏجي پنجاب ۾ آپريشن ڪنديون، جنهن جي خاص ڳالهه اها هوندي ته ڪارروايون ڪندڙ اهي عسڪري ادارا سڌي طرح سان لاهور جي ڪور ڪمانڊر کي رپورٽ ڪندا. ٻين لفظن ۾ اهو ته پوليس ۽ پنجاب حڪومت جو رول ڪاٽا ٿي ويو. هوڏانهن وڏي وزير شهباز شريف جي نگرانيءَ ۾ پوليس آپريشن شروع ڪيو ويو، ان ۾ بظاهر فوج ۽ رينجرز جي مدد نه پئي ورتي وڃي. ايئن ٻه متوازي ڪارروايون ٿي رهيون آهن. ڇا صوبائي حڪومت يا سويلين ڌرين ۽ عسڪري ڌرين کي هڪ ٻئي تي اعتماد ناهي يا اهو ته هڪ ڌر ٻي ڌر سان سهڪار نه پئي ڪري. ٻه مختلف ۽ متوازي رايا ان وقت سامهون آيا، جڏهن ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن بابت سڌ سماءُ وارو وزير پرويز رشيد ۽ ڊائريڪٽر جنرل  آءِ ايس پي آر اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا، ان واقعي تي جڏهن پنجاب ۾ آپريشن جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته ٻنهي جو جواب مختلف ۽ متوازي هو، سوچ جي عڪاسي ڪندڙ هو. پرويز رشيد چيو ته، ”درپيش مسئلي جي حل لاءِ صوبائي حڪومت ضرورت پوڻ تي فوج سميت ڪنهن به اداري جي مدد وٺي سگهي ٿي.“ جنرل باوجوده چيو ته، ”فوج پنهنجو آپريشن شروع ڪري چڪي آهي.“ ٻنهي جو الڳ الڳ موقف هو.
          فوجي قيادت کي اعتراض آهي ته عرصي کان پنجاب اندر فاٽا ۽ ڪراچيءَ جهڙو آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهيون، پر عمل نه پيو ٿئي. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي انتظاميا جو اهو موقف آهي ته پنجاب ۾ ڪراچي ۽ فاٽا جهڙيون حالتون ناهن. جيڪڏهن ڪا گڙٻڙ ٿئي ٿي ته پوليس ۽ صوبائي حڪومت ان کي پُڄي وٺي ٿي. عسڪري ڌر نيشنل ايڪشن پلان ياد ڏياريندي رهي ٿي ته اهو آپريشن پنجاب ۾ به ٿيڻو آهي.
          پنجاب جي هڪ دانشور دوست جو چوڻ آهي ته، ”ايپڪس ڪميٽي پنجاب ۾ آهي، ان جي هوندي عسڪري قيادت اڪيلي سر آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي ۽ آپريشن جو سربراهه ڄڻ ڪور ڪمانڊر کي بڻايو آهي.“ سندس چوڻ آهي ته، ”آئين جي آرٽيڪل 147 هيٺ صوبائي وزير اعلى سول انتظاميا جي مدد لاءِ فوج طلب ڪري سگهي ٿو.“
عجيب ڳالهه اها آهي ته وفاقي حڪومت جو موقف سنڌ جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ مهل مختلف آهي. اها سنڌ حڪومت جي فيصلي، سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءُ کي نه ٿي ليکي ۽ وفاقي گهرو وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري وٺي ٿي، پر پنجاب جي معاملي ۾ سويلين اختيار جي بالادستي گُهري ٿي. لڳي ٿو ته اهو تاثر درست ناهي ته سول ۽ عسڪري ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ٿي وئي آهي. پنجاب جي ڪيس ۾ لڳي ٿو ته اها ڇڪتاڻ باقي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته پنجاب ۾ آپريشن ڪهڙو رُخ اختيار ڪري ٿو؟ ۽ ڪهڙا اثر ڇڏي ٿو؟
April 1, 2016
After Lahore and Islamabad incidents
سول ۽ عسڪري ڌرين ۾ ڇڪتاڻ 
http://www.thekawish.com/beta/readcolumns.php?colmno=1228

Labels: