Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 28, 2019

بلاول ڀٽو آخري آپشن ڇونه پيو استعمال ڪرڻ چاهي؟

بلاول ڀٽو آخري آپشن ڇونه پيو استعمال ڪرڻ چاهي؟: بلاول ڀٽو آخري آپشن ڇونه پيو استعمال ڪرڻ چاهي؟



بلاول ڀٽو آخري آپشن ڇونه پيو استعمال ڪرڻ چاهي؟


سياستدانن کي ممڪن آهي ته ڪا معلومات هجي ته ايندڙ ٽن مهينن ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي يا نه، پر هرڪو ڊسمبر جي ڳالهه پيو ڪري. عام ماڻهو وٽ به ان جي لاءِ ڪا پڪي پختي ڄاڻ ناهي، پر هڪ منطق ضرور آهي سا اها ته سياست ۽ معيشت جيئن هلن پيون تيئن وڌيڪ عرصو هلي نه سگهنديون. 
حڪومت گذريل چئن مهينن کان هر مهيني هڪ مخالف گرفتار ڪرڻ جي فارمولي تي هلي رهي آهي. 
نواز ليگ وٽان کيس ڪجهه وٺڻو ناهي، اها رڳو ماٺ ڪري ويهي تڏهن به حڪومت جو ڪم هلي ويندو. 
پيپلزپارٽي سان ٻيو حساب آهي. اتان وفاقي حڪومت توڙي پي ٽي آءِ کي ڪجهه نه ڪجهه وٺڻو آهي. وٺڻ لاءِ ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ کان ويندي ڪراچي جا انتظامي اختيار ايتري قدر جو اهڙو مڪاني ادارن جو قانون به هتي لاڳو ڪرائڻو آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي ايندڙ وقت جي گهرجن وٽان هجي. ان ڪري لڳي ٿو ته هن وقت پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ رائونڊ هلي پيو.

نواز ليگ خلاف اُپائن واراو معاملو في الحال ملتوي پيو لڳي. هڪ ڳالهه ضرور آهي ته نواز ليگ جي قيادت اهو ڏيکاءُ پئي ڏي ته، “اسان کي ڪا تڪڙ ناهي” ورنه ٽي مهينا کن اڳ تائين اهو تاثر جڙيو هو ته نواز شريف لاءِ جيل گهارڻ ڏکيو پيو ٿئي. ان لاءِ مريم بي بي اعلانيه چيو ته هوءَ پنهنجي پيءُ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. نواز ليگ ان وقت صفا تحريڪ هلائڻ جي موڊ ۾ هلي ويئي هئي پر هاڻي ايئن نٿو لڳي. ايتري قدر جو عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ به اڳوڻي وزيراعظم جا وڪيل ڪن اهم نڪتن تي به ٽائيم وٺي رهيا آهن.

پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کانپوءِ پارٽي جو سرگرم اڳواڻ خورشيد شاهه گرفتار ٿي چڪو. سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه جي گرفتاري لاءِ سانباها آهن. وفاق لاءِ سڀ کان اهم سوال آهي ته مراد شاهه جي گرفتاري بعد ڪهڙي ريت صورتحال کي پنهنجي حق ۾ ٺاهي سگهجي ٿو. ان گرفتاري کي ڪيئن پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. 

وڏو وزير نيب جي دٻاءُ هيٺ آهي،نتيجي طور خود سندس فيصلي ڪرڻ جي سگهه متاثر ٿي رهي آهي. ساڳئي وقت سندس هدايتن، حڪمن ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان وزيرن توڙي سرڪاري مشنري ۾ سرگرمي بدران سستي آهي. انتظامي مشنري کي ڪو ڊپ ناهي. وڏي وزير پاڻ شايد اهو نوٽ ڪيو آهي، تنهنڪري ئي هو پاڻ رستن تي نڪري آيو آهي. 
اها عام راءِ ٺهي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ ۾ نيب هٿان ٿيل گرفتارين مان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ گهري ٿي. اهڙين حالتن ۾ پيپلزپارٽي جو رول اهم بڻجي ٿو. ان جو ڪردار ئي طئي ڪندو ته ويجهي ماضي ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي.

پيپلزپارٽي اسلام آباد مارچ بابت آل پارٽيزڪانفرنس يا رهبرڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ جي رٿ ڏني آهي. مولانا فضل الرحمان جي مارچ بابت پيپلزپارٽي اندر ٻه رايا آهن. هڪ اهو ته ان ۾ ڀرپور شرڪت ڪجي، ٻيو اهو ته اخلاقي حمايت ۽ علامتي شرڪت ڪجي. حالانڪه آصف زرداري ان مارچ جي مڪمل حمايت جي حق ۾ هو پر پوءِ هن فيصلو بلاول تي ڇڏي ڏنو. 
پيپلزپارٽي جو سينيٽر اعتزاز احسن پارٽي اندر خاص نقطهءِ نظر رکندڙن مان هڪ آهي. هو چوي ٿو ته، “عمران خان حڪومت کي معيشت، مهانگائي ۽ بيروزگاري مان خطرو آهي، اهڙي صورت ۾ اپوزيشن کي گهڻي محنت نه ڪرڻي پوندي.” هو شايد مولانا جي مارچ کي “گهڻي محنت” جي دائري ۾ ڳڻي ٿو. 
بهرحال پيپلزپارٽي جو مجموعي بيانيو اهو آهي ته حڪومت هلي نه پئي، مهانگائي جي طوفان ماڻهن کي خاص ڪري نوڪري وارن ماڻهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ڌنڌا ڌاڙي بند آهن. نتيجي ۾ بيروزگاري وڌيل آهي.

بلاول ڀٽو جڏهن پارٽين کي پنج سال پورا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جي پويان اها منطق سمجهي پئي وڃي ته سندس خيال موجب رڳو سياسي پارٽين جي احتجاج يا دٻاءُ سان حڪومت نٿي بدلائي سگهجي. حڪومت تڏهن بدلبي جڏهن بدلائڻ وارن ان کي بدلائيندا. پيپلزپارٽي کي اهو به ڊپ آهي ته اهڙي ڪا حرڪت نه ڪجي جنهن سان سڄو نظام ئي ويڙهجي ٽپڙ ٽيشن تي ٿي وڃن ۽ ڪو نئون فارمولا ڊيزائين ڪري ملڪ تي مڙهي نه ڇڏين. 
پيپلزپارٽي جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته پريشر وڌندو ته اتحادي حڪومت جو ساٿ ڇڏيندا، ممڪن آهي ته موجوده پارليامينٽ ۾ ئي واڳ ڌڻي پنهنجو پلان بي آڻين، ان ڪري مولانا وارو رستو ڇاڪاڻ جو آخري آپشن آهي، ان کي استعمال ڪرڻ جو اڃا وقت نه آيو آهي. ان جي بدران اپوزيشن جون پارٽيون پرامن ۽ پنهنجا پنهنجا جلسا ڪن، پوءِ وقت اچڻ تي حڪومت کي روانو ڪرڻ لاءِ سمورو زور لڳائي سگهجي ٿو. 

بلاول ڀٽو سکر ۾ ڳالهائيندي دراصل پارٽين جي الڳ الڳ جلسن واري لائين اختيار ڪئي آهي. هو چوي ٿو ته، “جنوري تائين حڪومت جو خاتمو نه آندو ويو ته جيالن سوڌو پنڊي پهچندس.” پنڊي مان ڪا ٻي معنيٰ به وٺي سگهجي ٿي. پر هن ان جي وضاحت ڪئي ته ذوالفقار ڀٽو کي پنڊي ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ بينظير ڀٽو کي پنڊي ۾ قتل ڪيو ويو. اصل ۾ بلاول جي يو آءِ جي ان تنقيد جو جواب ڏنو آهي ته پيپلزپارٽي جا گرفتار ٿيل همراهه ٻاهر اچڻ گهرن ٿا ۽ آزاد اڳواڻ جيل نٿا وڃڻ گهرن، ان ڪري مولانا جي مارچ کان ڪيٻائين پيا. 
ان سان گڏوگڏ بلاول جي هن بيان ۾ اهو تاثر به موجود آهي ته احتجاج اسلام آباد ۾ ئي ڇو؟ پنڊي ۾ به ڪري سگهجي ٿو. اهو احتجاج جيالا ڪندا، يعني پيپلزپارٽي الڳ سرگرم هوندي جنهن لاءِ جي يو آءِ يا ٻئي ڪنهن کي سڏ نه ڏنو پيو وڃي.
اصل ۾ پيپلزپارٽي لاءِ سنڌ اهم محاذ آهي، اها پارٽي جي ڪمزوري به آهي ته مضبوط پوائنٽ به. هو سنڌ جي معاملي تي ڊنل آهي ته وري ان کان وفاقي حڪومت کي ڊيڄاري به رهي آهي
Bilawal, 2019, Zardari, Faryal, PPP,  PMLN, 

Labels: , , , , ,

Friday, September 20, 2019

مخالف ڌر جي نئين حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟

مخالف ڌر جي نئين حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟: مخالف ڌر جي نئين حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟


مخالف ڌر جي نئين حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟

بلاول ڀٽوسنڌ جو دورومختصر ڪري اسلام آباد پهتو ته پتو پيو ته حڪومت پيپلزپارٽي ڏي وڌيڪ سخت رويو اختيارڪرڻ ڏي وڃي پئي. پارٽي جي اهم ليڊر سيد خورشيد شاهه کي گرفتارڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ هڪ دفعو وري سنڌ جي وڏي وزير جي گرفتاري جو ماحول ٺاهيو ويو. 
بينظير ڀٽو کان وٺي بلاول ڀٽو تائين خورشيد شاهه کي پارٽي جي قيادت جو اعتماد رهيو آهي. هو اسلام آباد ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارٽي قيادت جي غير موجودگي ۾ پارٽي جي ڀرپور نمائندگي ڪندو رهيو.
جڏهن مولانا فضل الرحمان اسلام آباد لاڪ ڊائون جي صلاح هنئي ته بلاول اخلاقي مدد جي ڳالهه ڪري سنڌ جي دوري تي پهتو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بلاول جي لهر نه رڳو سنڌ ۾ پر خود اسلام آباد ۾ به لهرون پيدا ڪيون. ايتري قدر جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ پيپلزپارٽي کي اها خاطري ڪرائڻي پئي ته سنڌ حڪومت يا سنڌ صوبي سان ڪابه ڳڙبڙ نه ڪئي پئي وڃي. پر سنڌو ديش واري ڳالهه نه ڪريو.
بلاول اڃا سنڌ ۾ هو ته اسلام آباد ۾ به ٻه اهم ڳالهيون ٻيون به ٿيون. نواز ليگ هڪ پاسي مولانا فضل الرحمان کي ساڻس ڌرڻي ۾ گڏ ويهڻ جو اشارو ڏنو. ان مقصد لاءِ شهبازشريف پارٽي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي گهر وڃي صلاح ڪئي. بعد ۾ قيد پارٽي سربراهه ميان نواز شريف سان جيل ۾ ملاقات ڪري فضل الرحمان سان ٿيل ملاقات بابت ڳالهه ٻولهه ڪيائين. اها ملاقات سياسي هئي، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻ احسن اقبال ۽ خواجا آصف به موجود هئا. 
ان سان گڏوگڏ پرويز رشيد پهريون ڀيرو تصديق ڪئي ته حڪومت سان ڳالهيون هلن پيون. نواز شريف جو شرط اهو به آهي ته معافي گهرو ۽ نيون چونڊون ڪرايو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملڪ جي اندر سياسي معاملن تي ڳالهائي، اهو جيتوڻيڪ سندس کاتو ڪونهي پرهن پيپلزپارٽي کي سنڌ بابت جيڪا پڪ پئي ڏياري خبر ناهي سا پنهنجي پاران هئي يا حڪومتي پاليسي جو حصو هئي؟ ڇاڪاڻ جو ان کان پوءِ ٿيو ايئن جو خورشيد شاهه گرفتار ٿي ويو
. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي 19 سوالن تي ٻڌل سوالنامو مليو. ان سان گڏ کيس 24 سيپٽمبر تي نيب اسلام آباد پيشي تي گهرايو آهي. 
پيپلزپارٽي کي پنهنجي وڏي وزير جي گرفتاري جو خطرو آهي. اهو ئي سبب آهي ته پارٽي چيئرمين جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته وڏو وزير هٽائڻ جا صرف ٻه طريقا آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ آندي وڃي يا عدالت جو آرڊر هجي. ڀلي گرفتار ڪريو. مراد علي شاهه جيل ۾ ڪابينا جو اجلاس ڪندو.

سنڌ حڪومت تي گورننس ۽ انتظامي حوالي سان دٻاءُ جاري آهي، جنهن سبب پارٽي جي هوم پراونس ۾ پارٽي ۽ حڪومت ٻنهي جي ساک متاثر ٿي رهي آهي. اهو دٻاءُ وفاق وٽان ڪنهن به قسم جي سنڌ حڪومت خلاف قدم جي عوام ۾ قبوليت ۽ جواز لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو. 
وفاقي حڪومت ڄاڻي ٿي ته سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي جي ڪمزوري آهي. اها ان ڪمزوري جو فائدو وٺن چاهي ٿي. اصل ۾ پيپلزپارٽي سنڌ کي ئي پنهنجي احتجاج جو بنياد بڻائڻ گهري ٿي، پر ان ۾ ڪا تڪڙ به نٿي ڪرڻ گهري. پارٽي جو لائحه عمل اهو ٻڌايو پيو وڃي ته احتجاج سنڌ مان ٿيندي پنجاب ويندو. يعني هڪ دفعو وري پيپلزپارٽي سنڌ مان پنجاب پهچي اتي پنجاب کي سڏ ڏيڻ چاهي ٿي. 
پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته پنجاب جي شموليت بنا احتجاج ڪو نتيجو ڪونه ڏيندو. پنهنجي تازي موقف ۾ بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي لاڪ ڊائون جي اخلاقي طريقي سان گڏ سياسي حمايت جو لفظ شامل ڪيو آهي. بهرحال هن ساڳئي وقت ڪجهه تحفظات جو به اظهار ڪيو آهي.
سنڌ جي دوري دوران بلاول ڀٽو اهو چئي سليڪٽرن ۽ حڪومت کي هلندڙ سال جي پڇاڙي تائين جي ڊيڊ لائين پئي ڏني ۽ للڪاريو پئي ته “آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ڪجهه غلط ڪيو آهي ته کين سزا ڇو نٿا ڏيو.” ان مان لڳو ٿي ته بلاول موجب حڪومت آصف کي سزا نٿي ڏئي سگهي. 
پرهاڻي هو چوي ٿو ته، “اسان جو جيڪو به رستو هوندو، اهو جمهوري ۽ آئيني هوندو. اسين چاهينداسين ته جمهوري نظام هلي، پارليامينٽ هلي. هر صورت ۾ جمهوريت جو تسلسل برقرار رهي.” بظاهر اها ٺيڪ ڳالهه آهي. پر امڪاني طور ان جون ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون. هڪ اها ته پارٽي، حڪومت خلاف پنهنجي موقف ۾ پوئتي هٽي آهي. ڇاڪاڻ جو مولانا جو ڌرڻو “پارليامينٽ هلي ۽ جمهوريت جو تسلسل برقرار رهي” واري دائري ۾ ڪونه ٿو فٽ بيهي
. ٻي تشريح آئين کان مٿڀري ڪنهن قدم جو ڊپ آهي. سنڌ جي دوري دوران بلاول نئين سر چونڊن جو مطالبو ڪيو هو. پر اسلام آباد پهچڻ بعد هو واپس ان ڳالهه تي بيٺو آهي ته چونڊ سڌارن بنا چونڊن جو ڪو فائدو ڪونهي. لڳي ٿو ته پيپلزپارٽي حالتن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي. سندس ٻه هفتا اڳ تائين جو جائزو هاڻي صحيح نه پيو بيهي.
خورشيد شاهه جي گرفتاري سان پارٽي چونڊيل ايوان ۾ هڪ سٺي ترجمان کان في الحال محروم ٿي وئي آهي جنهن بعد بحث توڙي لابنگ جي حوالي سان حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي پوزيشن مضبوط ٿي ويئي آهي. اها آساني سان ڪوبه بل آڻي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو بلاول خورشيد شاهه جي گرفتاري کي سياسي سڏيو آهي. حڪومت ٻن محاذن تي مخالفت کي منهن ڏيئي رهي آهي. يعني پارليامينٽ اندر ۽ ان کان ٻاهر. 
لڳي ٿو ته حڪومت پهرين پارليامينٽ جي اندر صفون درست ڪرڻ گهري ٿي. حڪومت لاءِ ان ڪري به سهولت آهي جو اپوزيشن جون ٻه وڏيون جماعتون پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ (مولانا جي ڪوششن باوجود) هڪ ٻئي کان پري بيٺل آهن. ٻنهي وچ ۾ بدگمانيون برقرار آهن. ايتري قدر جو گذريل هڪ مهيني دوران ٻنهي جي اڳواڻن جي نه ملاقات ٿي آهي ۽ نه ڪو گڏيل موقف سامهون آيو آهي.

مولانا فضل الرحمان جي دعويٰ آهي ته هو 15 لک ماڻهو گڏ ڪري وٺندو. ان مان جيڪڏهن 5 جو انگ ڪڍي به ڇڏجي ته هڪ لک ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڪافي آهي. اهو حڪومت تي دٻاءُ جي فيصلا ڪن موڙ تي پهچائي سگهي ٿو.عجيب ڳالهه آهي ته حڪومت ان ڌرڻي جو اڳواٽ بند ٻڌڻ لاءِ ڪو قدم نه پئي کڻي. حالانڪه مولانا فضل الرحمان جي گرفتاري حڪومت جي آپشن ۾ موجود هئي.

ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي ته مولانا جون اهي سرگرميون
 حڪومت توڙي اپوزيشن جي ٻنهي وڏين جماعتن لاءِ مٿي جو سور آهن. اهي ٽئي ڌريون ان کان ڊڄن به ٿيون ته وري ان کي هڪ ٻئي خلاف به استعمال ڪرڻ گهرن پيون. 
سوال اهو آهي ته اسلام آباد لاڪ ڊائون ۾ مولانا فضل الرحمان ڪي پي ڪي يا ملڪ جي ٻين هنڌان ماڻهو کڻي گڏ ڪندو، پر پنجاب ڪهڙي موٽ ڏيندو؟ نتيجو تيستائين نه نڪرندو جيستائين پنجاب شامل نه ٿيندو.

Labels: , ,

مخالف ڌر جي نئين حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟

مخالف ڌر جي نئين حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟: مخالف ڌر جي نئين حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟

Friday, September 13, 2019

وفاقي حڪومت “ڪراچي ڪارڊ” ڇو پئي کيڏي؟


وفاقي حڪومت “ڪراچي ڪارڊ” ڇو پئي کيڏي؟


ٻلي ٿيلهيءَ مان ٻاهر اچي وئي آهي. تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت کي آخر سنڌ جو درد ڇو جاڳيو آهي جو اها سنڌ حڪومت تبديل ڪرڻ گهري ٿي. گذريل اٺن نون مهينن جا واقعا ٻڌائين ٿا ته وفاقي حڪومت لڳاتار داٻا ڏيندي رهي ته بس اجهو ٿا توهان جي سنڌ حڪومت ڊاهيون.

ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم ڪجهه مهينا اڳ به چيو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن وفاق کي ڪراچيءَ جي معاملي تي مداخلت ڪرڻي پوندي. 
بظاهر نئون ديرو ۾ ايڇ آءِ وي جي پکڙجڻ ته ڪڏهن وري شڪارپور ضلعي ۽ ڀرپاسي ۾ اغوا انڊسٽري جي ٻيهر سرگرم ٿيڻ، مختلف ضلعن ۾ پيش ايندڙ واقعن جي حوالي سان سنڌ حڪومت خلاف کاتو کولي رکيو هو، جنهن ۾ اهي ننڍيون وڏيون داخلائون ٿينديون رهيون. وقت بوقت ايم ڪيو ايم به ڪراچي جي حوالي سان ان کاتي ۾ ڪجهه نه ڪجهه شيون وجهندي رهي. 
آگسٽ وارين برساتن هيڪاري ڏکي صورتحال پيدا ڪري وڌي. ڪراچيءَ جو ميئر وسيم اختر پاڻ کي شهر جي صفائي سٿرائي ۽ نالن جو گند ڪچرو هٽائڻ جي ذميواري کان آجو ڪرڻ لاءِ صفا سنڌ حڪومت جي مخالفت تي لهي آيو. هن وفاق کي مداخلت جي اپيل ڪئي ۽ سنڌ حڪومت کي ٽيڪس نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وفاق اڳ ئي اهڙي ڪنهن بهاني جي انتظار ۾ ويٺو هو. پر سمجُهو چون ٿا ته ميئر اهڙو بيان وفاقي حڪومت ۾ ويٺل ذميوارن جي چوڻ تي ڏنو هو. اهڙو بيان ڪو ٻيو ڏيئي ها ته ڪڏهوڪو مٿس غداري جو ڪيس داخل ٿي چڪو هجي ها.
هاڻي اهو چيو پيو وڃي ته آرٽيڪل 149 تحت وفاق ڪراچيءَ جي معاملي ۾ مداخلت ڪندو. ان کان وزيراعظم سنڌ حڪومت کي پاسيرو رکي ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن تي ٻڌل هڪ متوازي ڪميٽي ٺاهي آهي جيڪا ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندي ۽ ڪراچي جي شهري حڪومت جي حوالي سان معاملا ڏسندي. 
ان کان اڳ پيپلزپارٽي کي پنهنجو وزير بدلائڻ، ان ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ، گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي نالي هيٺ مختلف ڪوششون به ٿينديون رهيون ۽ ميڊيا توڙي سياسي ۽ انتظامي حلقن ۾ بحث مباحثا به ٿيندا رهيا. پر اهي سڀ ڳالهيون آئين کان مٿڀريون پئي لڳيون يا وري ايئن ڪرڻ سان گهربل نتيجا نه پئي مليا.

فارورڊ بلاڪ هڪ ته ٺاهڻ ڏکيو هو ڇاڪاڻ ته انهن ميمبرن کي ايوان اندر پنهنجي قيادت جي موجودگي ۾ لائيو ڪيمرائن جي آڏو اٿي بيهڻ ۽ پنهنجو سياسي مستقبل اونداهو ڪرڻ جي همت نه ٿي سگهي ها. اهو ان ڪري به چئي پيو سگهجي ته پيپلزپارٽي اڃا تائين سنڌ ۾ Irrelevant نه ٿي آهي.

تحريڪ انصاف جو سربراهه سنڌ حڪومت جي تبديلي ضرور چاهي ٿو. پر اهو ان لاءِ نه ته هو پنهنجي جي ڊي اي وارن اتحادين کي خوش رکڻ گهري ٿو. جيتوڻيڪ ايئن ڪرڻ سان کيس اهو فائدو ضرور ملندو پر اها ثانوي ڳالهه آهي، عمران خان کي انهن جي لوڙ ڪونهي ڇاڪاڻ جو هو سمجهي ٿو ته هي ڍنڍ جا پکي آهن، اڄ هن سان گڏ آهن پر جڏهن ڦيرو ٿيندو، حڪومت ويندي ته اهي به ڦري ويندا.

عمران خان کي اهڙي ڪا گَتي ڪونهي جو رڳو ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت تبديل ڪرڻ چاهيندو هجي جيڪڏهن اهو هجي ته ڪيس پيا هلندا. هڪ وڏو وزير جيڪڏهن گرفتار ٿيندو ته ٻيو اچي ويندو ۽ اهو سلسلو هلندو رهندو. 
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ان سڄي قصي جي پويان وزيراعظم عمران خان جا سياسي مقصد آهن. ڳالهه ڪجهه هن ريت آهي ته هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته ڪراچي هاڻي ڪنهن مين اسٽريم پارٽي وٽ هوندو. اهو ئي سبب آهي جو پهرين ايم ڪيو ايم جي قائد ۽ ان کانپوءِ خود ايم ڪيو ايم کي ڀاڱا ڀاڱا ڪيو ويو. 
ڏٺو وڃي ته گذريل سال جولاءِ وارين چونڊن جي مهم دوران به تحريڪ انصاف ڪراچيءَ تي وڌيڪ فوڪس ڪيو. هن ڪراچي کي ڇڏي باقي سنڌ جي ڊي اي جي وڏيرن کي لکي پڙهي ڏنو. 
اصل ۾ تحريڪ انصاف ڪراچيءَ کي پنهنجي ووٽر تڪ طور وٺڻ گهري ٿي. ڪراچيءَ ۾ قومي اسيمبلي جون 21 سيٽون آهن. اهو انگ بلوچستان کان ڇهه سيٽون وڌيڪ آهي. تحريڪ انصاف جو خيال آهي ته اها ڪراچيءَ کي پنهنجو جيڪڏهن مستقل گهر ٺاهي ته پنجاب مان کيس سيٽن جي ٿيندڙ نقصان جو پورائو ڪري سگهي ٿي.ساڳئي وقت ڪراچيءَ جهڙو شهر جيڪڏهن وٽس هوندو ته اهڙي احتجاجي سياست به هٿ وس هوندي جنهن سان ڪنهن به حڪومت کي لوڏي سگهجي ٿو. 
شهر جي بندرگاهه، صنعتي هجڻ واري ان جي حيثيت ۾ اڃان به واڌارو ڪري وجهي ٿي.
انهن مقصدن کي سامهون رکندي تحريڪ انصاف حڪومت پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته اها نئين لوڪل باڊيز جي نظام لاءِ راضي ٿئي. جنهن ۾ ميئر جي سڌي چونڊ ٿي سگهي. خاص ڪري ڪراچي جي ميئر کي وڌيڪ اختيار هجن ۽ وفاق ان کي سڌي طرح فنڊنگ ڪري سگهي. ايئن ڪرڻ سان ايم ڪيو ايم سان واڳيل توڙي ڪراچيءَ لاءِ مخصوص سوچ رکندڙن جي جذبن جي به تشفي ٿيندي ۽ اهو سڀ ڪجهه لوڪل باڊيز جي قانون ۾ تبديلي جي ذريعي ممڪن آهي. جيڪا سنڌ حڪومت نه پئي قبولي. پيپلزپارٽي کي اندازو آهي ته اهڙي قانون جو مطلب رڳو ڪراچي مرڪز حوالي ڪرڻ ئي نه ٿيندو بلڪه ايندڙ وقت ۾ سندس حڪومت ۾ اچڻ جا موقعا به گهٽجي ويندا.
پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف ڪرپشن جا ڪيس ۽ مٿس پوندڙ دٻاءُ پنهنجي جاءِ تي، پر ان جي پويان هڪ سياسي راند به آهي. سا اها ته ڪراچيءَ جي مظلوميت ۽ لاوارثي ڏيکاري وفاقي حڪومت ڪراچي ڪارڊ کيڏڻ گهري ٿي. ان ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت مڃي ٿي ته اڳتي هلي وفاق ڪراچيءَ جا معاملا ڏسندو. جيڪڏهن نٿي مڃي ۽ ان کي تبديل ڪرڻو ٿو پوي ته ڪجهه سياسي خواري ضروري ٿيندي پر پوءِ وفاقي ۽ هٿرادو جوڙيل صوبائي حڪومتون ڪري وٺنديون

Karachi card, 2019, Karachi, MQM

Labels: , , ,

Wednesday, September 04, 2019

“راند ڦٽي ڙي گو گو آيو

ڇا اپوزيشن جي راند ڦِٽي وئي آهي؟


بادشاهن جي زماني ۾ باشاهه سلامت شطرنج راند رڳو وندر لاءِ نه کيڏندا هئا، پر ان ذريعي جنگي حڪمت عملي به سکندا هئا. هي اهو دور هو جڏهن هر ڪا جنگ هٿيارن سان وڙهي ويندي هئي. وقت سان گڏوگڏ جنگ جي هنر ۽ طريقي ۾ به فرق آيو. جنهن ۾ هٿيار ته وڌي ويا پر انهن جو استعمال گهڻو گهٽجي ويو. ايئن طاقت جي شو، داٻي ڏيڻ لاءِ هٿيارن ايتري قدر جو خطرناڪ هٿيارن جا انبار ٿيڻ لڳا. اڳتي هلي اهي جنگيون پاليسين ۽ سياست جي ذريعي ٿيڻ لڳيون. ايئن سياست ۽ جنگ ۾ هڪجهڙائي اچي ويئي. 
پاڪستان جي سياست ۽ شطرنج ۾ وڏي هڪ جهڙائي آهي. هتي اسان کي گهوڙا به ملن ٿا ته پيادا به نظر اچن ٿا. جيئن جنگ ۾ ڪنهن محاذ تي دٻاءُ وڌائي مخالف جو ان پاسي ڌيان ڇڪايو ويندو آهي ته کيس ان محاذ تان شڪست اچي رهي آهي، تيئن سياست ۾ به ٿيندو آهي.
گذريل ٽن چئن مهينن جي سياسي منظر کي ڏسڻ سان دلچسپ ۽ معلوماتي رخ سامهون اچن ٿا. 
بجيٽ کان اڳ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي مک اڳواڻن خلاف ڪيس ۽ گرفتاريون ٿيون. ٻنهي اپوزيشن جماعتن “بجيٽ نامنظور” جو نعرو ٺاهيندي ان خلاف احتجاج جي ڌمڪي ڏني. مخالف ڌر حڪومت جي ان مجبوري کان واقف هئي ته جيڪڏهن اپوزيشن پنهنجيءَ تي اچي ته وڏي مهانگائي پيدا ڪندڙ بجيٽ جي خلاف پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر احتجاج ڪري پئي سگهي. پر اپوزيشن ايئن نه ڪيو.

 اپوزيشن جون ٻئي مک پارٽيون پنهنجي اڳواڻن آصف زرداري ۽ نواز شريف لاءِ رليف پيون چاهين. عين ان وقت ٻنهي اپوزِيشن جماعتن کي اها ڳالهه سمجهائي وئي ته رستن تي گوڙ ۽ احتجاج نه ٿيڻ گهرجي. ٻنهي کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. ايئن بجيٽ تي اپوزيشن پنهنجي رستن واري احتجاج جي حڪمت عملي کان پوئتي هلي ويئي. پر ٿيو ايئن جو ان جي عيوض اپوزيشن کي ڪوبه فائدو نه مليو. بلڪه بجيٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ آهستي آهستي حڪومت جو اپوزيشن ڏي رويو وڌيڪ سخت ٿيندو ويو. اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم جي گهران ماني بند ڪئي ويئي. سندس ڪمري جو ايئرڪنڊيشنر لاٿو ويو. مريم نواز جيڪا پنهنجي قيدي پيءُ لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي هئي سا به گرفتار ٿي ويئي ڇاڪاڻ جو پي ٽي آءِ حڪومت کي سندس مهم ئي ڏکي پئجي رهي هئي. سبب اهو ئي هو ته ٻنهي جو سياسي تڪ پنجاب بيٺو ٿي. چونڊن کان اڳ توڙي پوءِ پنجاب ان موقف تي بيٺو رهيو ته اتان جي حقيقي ترجماني ڪندڙ سياسي ڌر آهي نه ڪي غير سياسي ڌر. پنجاب ۾ توڻي جو پي ٽي آءِ وٽ وڌيڪ سيٽون آهن ۽ اها ملڪ جي هن وڏي صوبي ۾ حڪومت ٺاهي ويٺي آهي. پر پي ٽي آءِ کي اتي هڪ غير معروف ماڻهو بوزدار کي وڏو وزير ٺاهڻو پيو. لاهور جي هڪ پراڻي سياسي دوست جو چوڻ آهي ته سچي ڳالهه اها آهي ته پنجاب پي ٽي آءِ حڪومت کي ايترو ئي پنهنجو سمجهي ٿو جيترو ڄام صادق علي، مظفر حسين شاهه، علي محمد مهر يا ارباب غلام رحيم جي حڪومتن کي سنڌي ماڻهو پنهنجو سمجهندو هو. سنڌي ماڻهن دلي طور تي انهن حڪومتن کي پنهنجو نه سمجهيو هو.
مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس لاءِ چيو وڃي ٿو ته نومبر ۾ هڪ اهم اداري جي سربراهه جي تبديلي ۾ آسرو رکي ٺاهي ويئي هئي. پر ترت ئي نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي پتو پئجي ويو ته اتي ڪابه تبديلي نه اچي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڳالهه کي ڏاڍي ڳجهن اشارن سان ٻڌايو ته ڊڄو ان وقت کان جڏهن مولانا فضل الرحمان وزيراعظم ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي جو آل پارٽيز ڪانفرنس جي رهبر ڪاميٽي توڙي بعد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ انهن ٻنهي پارٽين پنهنجي نمائندگي جي سطح ٻئين به نه پر ٽئين درجي جي قيادت واري رکي. مک ليڊرشپ پنهنجي پاڻ کي پاسيرو رکيو. انهيءَ کان اڳ چٽا اشارا ملي رهيا هيا ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڊيل ٿي رهي آهي. ٻئي پارٽيون ان ڪوشش ۾ هيون ته ان ڊيل مهل وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪجي. ان خيال سان مريم نواز پنجاب ۽ بلاول ڀٽو سنڌ ۾ ماڻهن کي سرگرم ڪرڻ لاءِ نڪتا. جيتوڻيڪ سندن اها مهم ڪامياب وئي جو ٻنهي پارٽين کي پنهنجي پنهنجي اثر وارن صوبن ۾ موٽ ملي.
حڪومت بجيٽ وارو ڌڪ گسائي ويئي ته اپوزيشن سينيٽ چيئرمين جي تبديلي وارو ڪارڊ کيڏيو پر اهو ڪارڊ به پوري طرح نه کيڏيو ويو. حالتون ۽ واقعا ٻڌائين ته ان مهل به اپوزيشن کي پوئتي هٽڻو پيو. پر ان پوئتي هٽڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي مُک پارٽين کي ڊِيل ته پري جي ڳالهه آهي ڪو معمولي رليف به نه مليو.اهي سڀ معاملا هلي رهيا هئا ته مٿان وري وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر باجوه سان گڏ آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪيو. دورو ڪامياب ان ڪري ويو جو آمريڪا کي پاڪستان جي ضرورت هئي. ان سان گڏوگڏ وزيراعظم آرمي چيف جنرل باجوه کي ٽن سالن جي واڌ ڏني.
هاڻي صورتحال اها آهي جو اپوزيشن وٽ في الحال کيڏڻ لاءِ ڪو ڪارڊ نه بچيو آهي. رياستي ادارا پي ٽي آءِ حڪومت سان گڏ بيٺا آهن. انتظامي ۽ توازن جي حوالي سان حڪومت پنهنجي پاڻ کي مضبوط سمجهي رهي آهي. اپوزيشن جي جماعتن ٻن اهم موقعن تي پوئتي هٽي پنهنجي لاءِ ڏکي صورتحال پيدا ڪري وڌي آهي. اسان وٽ ٿر ۾ ٻار سانجهي ٽاڻي راند ڪندا هئا، پوءِ اوچتو ڪنهن جي گهران سڏ ايندو هو ته ڪو هڪڙو ڄڻو اعلان ڪندو هو ته، “راند ڦٽي ڙي گو گو آهي.” لڳي ٿو ته اپوزيشن جي راند ڦٽي ويئي آهي. ان کي انتظار ڪرڻو پوندو سازگار حالتن لاءِ، ساڳئي وقت حڪمت عملي به نئين سر جوڙڻي 

Labels: ,