Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, July 10, 2015

ڇا نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي پرچائڻ لاءِ ڪراچي ياترا ڪئي؟

ڇا نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي پرچائڻ لاءِ ڪراچي ياترا ڪئي؟

سهيل سانگي


ڇنڇر 04 جولاءِ 2015ع


وزير اعظم نواز شريف ڪراچيءَ جو دورو اهڙي وقت تي ڪيو، جڏهن سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ 12 سئو کان مٿي ماڻهو گرميءَ جي شديد لَهر ۽ بجليءَ جي بدترين لوڊشيدنگ وِگهي ٻُوساٽجي مَري چُڪا هُئا. ٻه وفاقي ادارا نيب ۽ رينجرز ڪرپشن ۽ ٻين اهڙين گهوٻين جي الزام ۾ صُوبائي ادارن ۽ صُوبي جي اعليٰ آفيسرن خلاف وَٺ وَٺان لڳايو بيٺا آهن، ڪي گرفتار ٿيا، ڪن گرفتاريءَ کان اڳ واريون ضمانتون ڪرايون، ته ڪن خلاف جاچ ٿي رهي آهي. اهو وَٺ وَٺان جو سلسلو هليو پئي ته سنڌ جي حُڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ جي قيادت آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر پرڏيهه هليا ويا، ان دوران پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ”سنگت“ پروگرام ۾ به ڏارَ پئجي ويا.
وفاقي ادارا سنڌ اندر ڪارروايون ڪري رهيا هُئا، وفاقي حڪومت ان ڏس ۾ ماٺ ۾ هُئي، نه وضاحت ڪري رهي هُئي، ۽ نه ئي وري ان سڄي ڪارروائيءَ کي Disown ڪري رهي هُئي، اهڙو ڏيک ڏيئي رهي هُئي ڄڻ ان کي ڪا خبر به نه هُجي. انهن سببن جي ڪري صُوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي وِچَ ۾ وِڇوٽي پيدا ٿي، سنڌ سرڪار اخبارن ۾ بيان ته ڏيندي رهي پر ان معاملي کي باقاعده وفاقي حڪومت وٽ کڻي نه ويئي، حالانڪه اهو چوندي رهي ته وفاقي ادارن جي صُوبائي معاملن ۾ ان مداخلت بابت عدالت سان رجوع ڪيو ويندو، پر مهينو کن گُذرڻ بعد به سنڌ سرڪار عدالت جو دَر نه کڙڪايو. ان سڄي عمل کي پيپلز پارٽي پنهنجي خلاف ڪارروائي سمجهي رهي هُئي. وزير اعظم نواز شريف، آصف زرداريءَ سان مُلاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن آصف زرداري پنهنجي ماضيءَ جي اتحادين سان افطار ڊِنر ڪري پرڏيهه روانو ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته آصف زرداريءَ جو پرڏيهه وڃڻ، اصل ۾ وزيرِ اعظم نواز شريف کان ناراضگيءَ جو اظهار آهي. ايم ڪيو ايم خلاف اڳ ئي ڪارروائي هلي رهي آهي، مٿان وري پيپلز پارٽيءَ خلاف وَٺ وَٺان تي، اي اين پي، قاف ليگ ۽ فضل الرحمان ڄڻ وقت اچڻ تي آصف زرداريءَ جو پاسو کڻڻ جو اِشارو ڏنو. تحريڪِ انصاف اڳ ئي نواز ليگ خلاف سياسي ۽ قانوني جنگ ۾ رڌل آهي، اهڙي صُورتحال ۾ نواز ليگ سياسي طور اڪيلي ٿي ويئي. ان جي لاءِ مجبوري هُئي ته آصف زرداريءَ جي عسڪري ڌُرين بابت ڏنل بيان جي مذمت ڪري ۽ پاڻ کي عسڪري ڌُرين سان گڏ بيهاري. صُورتحال اها وڃي بيٺي جو مُختلف اُپائن سياسي ڌُرين ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ وِڇوٽي پيدا ڪري وڌي. جنهن نواز ليگ کي سياسي طور اڪيلو ڪري ڇڏيو. نواز شريف سمجهي ويو ته ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي اهڙي اڪيلائپ کيس ڪنهن به مهل ڏُکيائيءَ ۾ وِجهي سگهي ٿي. هن ڀيري معاملو ڇاڪاڻ جو سنڌ ۽ پيپلز پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ هو، ان ڪري نواز شريف پريشان به ٿيو ۽ پاڻ کي ڏاڍي مُشڪل ۾ محسوس ڪرڻ لڳو.
 انهيءَ احساس تحت هن ڪراچيءَ جو دورو ڪيو، پر هن دوري کان هڪ ڏينهن اڳ آرمي چيف سان مُلاقات ڪئي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هن ملاقات ۾ ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن، بي بي سي جي ايم ڪيو ايم بابت رپورٽ، پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي عسڪري ڌُرين خلاف بيان، سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ، رينجرز ۽ نيب جي ڪاررواين ۽ انهن جي اثرن بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي هُوندي. ايم ڪيو ايم کي ڀارتي ڳُجهي اداري ”را“ جي فَنڊنگ وارو معاملو حڪومت لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهي، پر ادارن جو خيال آهي ته ڀارتي خُفيه اداري جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت وڌيل آهي، ان ڪري اهو معاملو عالمي سطح تي کنيو وڃي، يعني گڏيل قومن ۾ اُٿاريو وڃي. ان ڏس ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي اسلام آباد ۾ موجود آهي، اُن سان اهڙي مشاورت ٿي رهي هُئي ۽ گُهربل هدايتون پڻ ڏنيون پئي ويون. سنڌ ۾ اُٿل پٿل جا ڪيئي پاسا ۽ رُخ آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي کان پري بيهن ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ وِچڙجي وڃن ٿا ۽ اهي زيرِ زمين لهرن ۽ سرگرمين جو رُوپ ڌارين ٿا. ايم ڪيو ايم جي حوالي سان مني لانڊرنگ ڪيس ۽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ پيش رفت ٿي آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي ان بابت گورنر سنڌ عشرت العباد کي آگاهه ڪيو. خيال آهي ته ان ملاقات ۾ اهو پڻ غور هيٺ آيو ته ايم ڪيو ايم بابت هاڻ اسلام آباد ڇا ڪرڻ گُهري ٿو ۽ ڪيئن ڪرڻ گُهري ٿو.
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته تازين سرگرمين مان لڳي ٿو ته حڪومت، بطور پارٽي ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائيءَ جو ارادو نٿي رکي، البته ان ۾ ڏوهاري ماڻهن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رهندو ۽ مائينس الطاف فارمولا کي مرحليوار عمل ۾ آندو ويندو. خيال آهي ته ان ڏس ۾ ڪُجهه مرحلا طئي ٿي چُڪا آهن.
سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد وزير اعظم ٻنهي ڌُرين وٽان سخت دَٻاءَ ۾ آهي. وزير اعظم پيپلز پارٽيءَ سان ورڪنگ رليشن شپ برقرار رکڻ گُهري ٿو، پر هُو عسڪري لَڏي کي به ناراض نٿو ڪرڻ گُهري، ڄڻ نواز شريف اڄڪلهه پلصراط تي پيو هلي، هُو ڪا وچئين واٽَ ڪَڍڻ گُهري ٿو. بظاهر ڪا وِچَ واري واٽَ نظر نه ٿي اچي، پر جيڪڏهن ان ڳالهه کي وزن ڏجي ته زرداري ۽ فريال ٽالپر جو پرڏيهه وڃڻ به ڪا ”ڊيل“ آهي، ته پوءِ ڪُجهه گَس نڪري اچي ٿو. وزير اعظم نواز شريف کي جيئن ئي سياسي اڪيلائپ جو احساس ٿيو ته ذريعن موجب هن اپوزيشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر خورشيد شاهه سان رابطو ڪيو، آصف زرداريءَ جي دُبئي وڃڻ جي ٽن ڏينهن بعد خورشيد شاهه به دُبئي ويو. خيال آهي ته هُو وزير اعظم جو نياپو کڻي ويو هو ته هُو اڳوڻي صدر زرداريءَ جي ناراضگي ختم ڪرڻ گُهري ٿو. چيو وڃي ٿو ته آصف زرداري خورشيد شاهه کي ٻڌايو ته، وزير اعظم ان معاملي ۾ ڪا شروعات ڪري ۽ ڪي عملي اُپاءَ وٺي ته ڳالهه اڳتي وڌي سگهي ٿي. ٻه ڏينهن اڳ خورشيد شاهه جي هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو مان به اهڙو اشارو ملي ٿو، جنهن ۾ هن چيو هو ته وزير اعظم سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. ان ڪري وزيرِ اعظم جو ڪراچيءَ وارو دورو گرميءَ ۽ ٻُوسٽ ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي حوالي سان گهٽ هو، ڇاڪاڻ جو وزير اعظم نه اسپتال ويو ۽ نه وري ڪنهن ٻئي اهڙي هنڌ ويو. هُو پيپلز پارٽيءَ سان تعلقات جي بحاليءَ لاءِ آيو هو، اهو ئي سبب آهي جو هُو هن ڀيري چِيف منسٽر هائوس آيو، نه ته روايتي طور تي هُو گورنر هائوس ئي ايندو آهي ۽ اُتي ئي اجلاس ۽ مُلاقاتون ڪندو آهي.
سنڌ جي وڏي وزيرَ سان مُلاقات دوران هن قائم علي شاهه جي تعريف به ڪئي، سنڌ جي وڏي وزيرَ وفاقي ادارن جي ڪاررواين ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ تي پوندڙ اثرن کان وزير اعظم کي آگاهه ڪيو. وزيرِ اعظم سندس سڀ ڳالهيون ٻُڌيون پر ڪو به واضح اعلان يا يقين دهاني نه ڪرائي سگهيو. ها، اهو ضرور ٿيو ته هُو پيپلز پارٽيءَ کي ساڻ کڻي هلڻ گُهري ٿو. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته وزير اعظم ان ڏس ۾ اڪيلي پنهنجي طور ڪو فيصلو ڪرڻ نٿو گُهري، ان ڏس ۾ عسڪري ڌُرين کي به اعتماد ۾ وٺڻ گُهري ٿو. ڏسجي  اسلام آباد وٽان ان ڏس ۾ ڪهڙي ٿي موٽ ملي؟
sohailsangi@yahoo.com

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2015/2015/04%20Jul%202015.htm

Labels: , , ,

نيب جي ””اختيارن“ جو دائرو ۽ ڪرپشن جا قِصا

نيب جي ””اختيارن“ جو دائرو ۽ ڪرپشن جا قِصا

سهيل سانگي

جمع 10 جولاءِ 2015ع
سنڌ ۾ ڪرپٽ آفيسرن خلاف نيب جي ڪاررواين تي صوبائي حڪومت اعتراض پئي ڪيا، پر انهيءَ احتساب بيورو سپريم ڪورٽ ۾ ڏيڍ سئو ماڻهن جي لسٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف، وزير اعلى پنجاب شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي ٻن اڳوڻن وزير اعظمن ۽ آفتاب شيرپائو سميت ڪيترن ئي مکيه شخصيتن جا نالا هئا. هڪ رٽائرڊ جنرل جو نالو به هو، جنهن ريلوي بورڊ جي سربراهه هوندي، ريلوي جي زمين ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪئي هئي. ان لسٽ بعد اهو تاثر پيو ملي ته نيب رڳو سنڌ ۾ نه، پر وفاقي ادارن ۾ به ڪرپشن خلاف قدم کڻي رهي آهي. هن لسٽ تي وفاقي حڪومت کي به پريشاني آهي، جو نواز ليگ جي قيادت سوڌو ڪجهه ٻيا نالا به آهن. جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ هن لسٽ کي اڻپورو سڏيو آهي ۽ ڪجهه وڌيڪ تفصيل طلب ڪيا آهن. لسٽ ۾ ڏنل اڪثر نالا وفاق سان تعلق رکن ٿا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي صوبائي عهديدار ان ۾ شامل آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد ان تي شديد ردعمل ڏيکاريو آهي سندس چوڻ آهي ته، ”ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل هي ادارو سياستدانن جا پٽڪا ڌوڙ پيو ڪري ۽ کين بدنام پيو ڪري.“ ماضيءَ جي تجربي ۾ ڏٺو وڃي ته پرويز رشيد جي ان ڳالهه ۾ وزن لڳي ٿو.
مختصر نموني واري هن لسٽ ۾ ”جوابدار“ جو نالو ڪرپشن جو الزام يا قسم جو تت ۽ گهوٻين واري رقم جو انگ ڏنل آهي. ڪيئي ڪيس اهڙا آهن، جيڪي 10 سال يا ان کان اڳ جا آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته اهي ڪيس ڏهه پندرهن سال بنا ڪارروائي ۽ جاچ ڪرڻ جي التوا ۾ رکيا ويا، انهن خلاف تحقيقات ڇو نه ٿي؟ اهو سوال عدليه به پُڇي ٿي ۽ عوام به. پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ اهي عدالتن ذريعي نه نبيرڻ جي پنهنجي تاريخ آهي، انهن ڪيسن کي بنياد بڻائي سوديبازي ۽ سمجهوتي بازي ٿيندي رهي. سياسي فائدا ۽ حمايت حاصل ڪئي وئي. من پسند طريقي سان چند ماڻهن خلاف ڪرپشن جي الزام ۾ جاچ ڪئي ويندي هئي، بعد ۾ سوديبازي ڪري اها تحقيقات ۽ ڪيس ختم ڪيا ويندا هئا. ائين به ٿيندو رهيو ته ورهين تائين اهي ڪيس ڪورٽ جي شنوائين ۾ ٽنگيل رهيا. نيب جو دائره اختيار الائجي ڪيترو آهي؟ پر هڪ ڳالهه چٽي آهي ته ان ۾ سواءِ هڪ رٽائرڊ جنرل جي عسڪري ڌر جي ڪنهن به ماڻهوءَ جو نالو ڪونهي. نه ته نيوي جي هڪ اڳوڻي ايڊمرل ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي سوين ايڪڙ زمين وڪرو ڪري ڇڏي هئي. اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ رٽائرڊ جنرل هن ٽرسٽ جي اربين رپين جي قيمتي جائيداد وڪي. هي اهي واقعا آهن، جيڪي هفتن تائين ميڊيا ۾ هلندا رهيا هئا. باقي ڪيئي اهڙا واقعا آهن، جن جي توهان کي اسان کي ڪا خبر ئي ناهي. ٻيون ڳالهيون ڇڏيو، اصغر خان ڪيس وڏي اهميت رکندڙ آهي، جنهن بابت گهربل دستاويز يا ثبوت به آهن. ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ٽن جنرلن خلاف ڪارروائيءَ جو حڪم ڏنو هو، انهن خلاف سول توڙي فوجي اداري طرفان ڪنهن ڪارروائي جي اڃا تائين ڪا خبر ميڊيا تائين نه آئي آهي، بجاءِ ان جي جو سمورن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪيس کڻڻ جو مطلب ڪن کي ڍر ڏيڻ ۽ بچائڻ ته ڪن کي ڦاسائڻ آهي. جنرل مشرف جڏهن نواز شريف جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته هن شروع وارن ڏينهن ۾ ڪرپشن جا ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪيو، پر پوءِ ڇا ٿيو؟ هو ان سياسي طبقي سان گڏ وڃي بيٺو، جنهن کي هن ڪرپٽ سڏيو هو يا جنهن خلاف ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيل هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ قاف ليگ ۽ ان جي قيادت کي ڪرپشن کان پاڪ ۽ صاف هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي، جيڪي جماعتون ۽ سياستدان قاف ليگ جي دروازي تائين نه ويا، تن جا ڏوهه ۽ گناهه ڌوپجي نه سگهيا. هو يا جاچ وارن ادارن يا وري ڪورٽ جي حاضرين جا چڪر ڪاٽيندا هئا. نيٺ ڳالهه اُتي وڃي ٽوڙي وئي، جڏهن سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اين آر او جاري ڪيو. اين آر او ڄڻ گنگاجل هو، جنهن ۾ ڪرپشن جي گند سان ڀريل سمورا همراهه صاف سٿرا ٿي ويا، ڄڻ مٿن ڪو الزام ئي نه هو. هو اين آر او ذريعي پنهنجا پراڻا گناهه بخشرائي نوان ڏوهه ڪرڻ جهڙا ٿي ويا.
نيب جي لسٽ ايتري ڊگهي ڇو آهي؟ حالانڪه ڪي تجزيه نگار ان کي بنهه ننڍي لسٽ پيا سڏين. ڊگهي لسٽ مان مطلب اهو آهي ته ڪيترائي پراڻا ۽ پينڊنگ ۾ پيل ڪيس ڇو آهن؟ اهي وقت سر ڇو نه اُڪلايا ويا؟ اصل ۾ ڪرپشن جي معاشري ۾ هڪ سياسي نعرو ۽ اصطلاح بڻجي ويو آهي، جنهن جي ذريعي مخالفن کي بدنام ڪري سگهجي ٿو، انهن کي دٻائي ۽ بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو يا انهن کي سياست کان ٻاهر ڪري سگهجي ٿو. ايوب خان ”ايبڊو“ ذريعي سياستدانن کي سياست کان پري ڪيو، بعد ۾ جنرل ضياءَ ”پهرين احتساب پوءِ انتخاب“ جي نعري کي مڃتا ڏني ۽ ان جي آڙ ۾ چونڊون ڪرائڻ کان لنوائيندو رهيو، انهن ٻنهي آمرن جي احتساب جو نتيجو تاريخ جو حصو آهي ۽ هاڻي اها ڳالهه بحث جوڳي نه رهي آهي ته انهن احساب جو نعرو ۽ عمل ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو هو. هو دراصل غير آئيني ۽ غير قانوني طور حڪومت ۾ اچڻ کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ نئون قانون ۽ نئون رستو جوڙي رهيا هئا. هو نوان سياسي بروڪر به پيدا ڪري رهيا هئا ته جيئن پراڻين سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن مان جند ڇڏائين، ان لاءِ انهن عام چونڊون نه ڪرايون پر مڪاني چونڊون ضرور ڪرايون. سندن مقصد نون سياسي بروڪرن وسيلي عوام جي هڪ طبقي جي حمايت حاصل ڪرڻ هو.
سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل فهرست تي ڪنهن ماڻهوءَ کي تعجب ناهي، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ سياست کي بگاڙڻ ۽ ان کي مخصوص شڪل ڏيڻ ۾ ڪرپشن جو وڏو رول رهيو آهي. ستم ظريفي اها آهي، جو ڪرپشن جا جيڪي الزام لڳايا وڃن ٿا، انهن لاءِ دهل گهڻو وڄايو ويندو آهي.  اهي عام ماڻهن ۽ ميڊيا تائين ضرور پهچن ٿا، پر عدالتن تائين نه ٿا پهچن، جتان سزائون اچي سگهن. چند مثال بڻجي سگهن ۽ ڪرپشن بطور نظام جي سياست، حڪومت، انتظاميه ۽ هيٺين سطح تي رائج نه ٿي سگهي، پر ڪرپشن جا اهي الزام توڙي ڪيس منطقي انجام تائين نه ٿا پهچن. اهو ڪم نه ڪا حڪومت ڪرڻ گهري ٿي ۽ نه ئي نيب، ڇاڪاڻ جو اهي ڄاڻن ٿا ته انهن جو اڪلاءُ عدالتن ۾ نه، پر سياست ۾ ٿيندو.
نيب ان لاءِ جوڙي وئي هئي ته ان ذريعي ڪرپشن جو خاتمو ايندو ۽ ڪرپشن جو ٽوڙ ٿيندو. اهو سڀ تڏهن ٿيندو، جڏهن انصاف ٿيندو، پر سالن کان ائين نه پيو ٿئي. نتيجي ۾ هي ادارو اهي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، جن لاءِ قائم ڪيو ويو هو. ڪيترائي جوابدار پلي بارگيننگ جي ذريعي ڦٻايل رقم مان ڪجهه رقم ڀري بري ٿي وڃن ٿا. هن عمل سان ٻٽو پيغام ملي ٿو يعني ڪرپشن ڪندا رهو، جيڪڏهن پڪڙجي پئو ته گهوٻيون هنيل رقم مان حصو پتي واپس جمع ڪرائي صاف سُٿرا ٿي، معززن جي لسٽ ۾ اچي وڃو. ان رقم جي ادائگيءَ بعد نه ڪا سزا آهي، نه ڪا پينلٽي يعني ان سان ڪرپشن ختم ٿيڻ بدران ڄڻ ان ۾ واڌ اچي رهي آهي.
دراصل هڪ مضبوط پيغام، سو به موثر طريقي سان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪرپشن ختم نه ٿيڻ ڪري ماڻهن جي مصيبت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. نيب جو تازو قدم سٺو به لڳي ٿو، پر ڊپ به ٿئي ٿو ته ڪٿي اهو سويلين اختيارين کي وڌيڪ دٻائڻ جو اوزار ته ناهي.
ماڻهن کي شڪ آهي ته هن ڀيري به ماضيءَ جي ڪهاڻي ته نه پئي دهرائي وڃي ته انهن الزامن کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ته استعمال نه ڪيو ويندو؟ ڪو نئون اين آر او ته نه ايندو يا جوابدارن کي واقعي سزا ملي ويندي؟ معاملو ملڪ جي اعلى ترين عدالتن آڏو آهي. ڏسجي ته عام ماڻهن جي حصي ۾ ڪيترو انصاف اچي ٿو.
sohailsangi@yahoo.com

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2015/2015/10%20Jul%202015.htm

Labels: , ,