Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, July 10, 2015

ڇا نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي پرچائڻ لاءِ ڪراچي ياترا ڪئي؟

ڇا نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي پرچائڻ لاءِ ڪراچي ياترا ڪئي؟

سهيل سانگي


ڇنڇر 04 جولاءِ 2015ع


وزير اعظم نواز شريف ڪراچيءَ جو دورو اهڙي وقت تي ڪيو، جڏهن سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ 12 سئو کان مٿي ماڻهو گرميءَ جي شديد لَهر ۽ بجليءَ جي بدترين لوڊشيدنگ وِگهي ٻُوساٽجي مَري چُڪا هُئا. ٻه وفاقي ادارا نيب ۽ رينجرز ڪرپشن ۽ ٻين اهڙين گهوٻين جي الزام ۾ صُوبائي ادارن ۽ صُوبي جي اعليٰ آفيسرن خلاف وَٺ وَٺان لڳايو بيٺا آهن، ڪي گرفتار ٿيا، ڪن گرفتاريءَ کان اڳ واريون ضمانتون ڪرايون، ته ڪن خلاف جاچ ٿي رهي آهي. اهو وَٺ وَٺان جو سلسلو هليو پئي ته سنڌ جي حُڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ جي قيادت آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر پرڏيهه هليا ويا، ان دوران پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ”سنگت“ پروگرام ۾ به ڏارَ پئجي ويا.
وفاقي ادارا سنڌ اندر ڪارروايون ڪري رهيا هُئا، وفاقي حڪومت ان ڏس ۾ ماٺ ۾ هُئي، نه وضاحت ڪري رهي هُئي، ۽ نه ئي وري ان سڄي ڪارروائيءَ کي Disown ڪري رهي هُئي، اهڙو ڏيک ڏيئي رهي هُئي ڄڻ ان کي ڪا خبر به نه هُجي. انهن سببن جي ڪري صُوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي وِچَ ۾ وِڇوٽي پيدا ٿي، سنڌ سرڪار اخبارن ۾ بيان ته ڏيندي رهي پر ان معاملي کي باقاعده وفاقي حڪومت وٽ کڻي نه ويئي، حالانڪه اهو چوندي رهي ته وفاقي ادارن جي صُوبائي معاملن ۾ ان مداخلت بابت عدالت سان رجوع ڪيو ويندو، پر مهينو کن گُذرڻ بعد به سنڌ سرڪار عدالت جو دَر نه کڙڪايو. ان سڄي عمل کي پيپلز پارٽي پنهنجي خلاف ڪارروائي سمجهي رهي هُئي. وزير اعظم نواز شريف، آصف زرداريءَ سان مُلاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن آصف زرداري پنهنجي ماضيءَ جي اتحادين سان افطار ڊِنر ڪري پرڏيهه روانو ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته آصف زرداريءَ جو پرڏيهه وڃڻ، اصل ۾ وزيرِ اعظم نواز شريف کان ناراضگيءَ جو اظهار آهي. ايم ڪيو ايم خلاف اڳ ئي ڪارروائي هلي رهي آهي، مٿان وري پيپلز پارٽيءَ خلاف وَٺ وَٺان تي، اي اين پي، قاف ليگ ۽ فضل الرحمان ڄڻ وقت اچڻ تي آصف زرداريءَ جو پاسو کڻڻ جو اِشارو ڏنو. تحريڪِ انصاف اڳ ئي نواز ليگ خلاف سياسي ۽ قانوني جنگ ۾ رڌل آهي، اهڙي صُورتحال ۾ نواز ليگ سياسي طور اڪيلي ٿي ويئي. ان جي لاءِ مجبوري هُئي ته آصف زرداريءَ جي عسڪري ڌُرين بابت ڏنل بيان جي مذمت ڪري ۽ پاڻ کي عسڪري ڌُرين سان گڏ بيهاري. صُورتحال اها وڃي بيٺي جو مُختلف اُپائن سياسي ڌُرين ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ وِڇوٽي پيدا ڪري وڌي. جنهن نواز ليگ کي سياسي طور اڪيلو ڪري ڇڏيو. نواز شريف سمجهي ويو ته ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي اهڙي اڪيلائپ کيس ڪنهن به مهل ڏُکيائيءَ ۾ وِجهي سگهي ٿي. هن ڀيري معاملو ڇاڪاڻ جو سنڌ ۽ پيپلز پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ هو، ان ڪري نواز شريف پريشان به ٿيو ۽ پاڻ کي ڏاڍي مُشڪل ۾ محسوس ڪرڻ لڳو.
 انهيءَ احساس تحت هن ڪراچيءَ جو دورو ڪيو، پر هن دوري کان هڪ ڏينهن اڳ آرمي چيف سان مُلاقات ڪئي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هن ملاقات ۾ ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن، بي بي سي جي ايم ڪيو ايم بابت رپورٽ، پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي عسڪري ڌُرين خلاف بيان، سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ، رينجرز ۽ نيب جي ڪاررواين ۽ انهن جي اثرن بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي هُوندي. ايم ڪيو ايم کي ڀارتي ڳُجهي اداري ”را“ جي فَنڊنگ وارو معاملو حڪومت لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهي، پر ادارن جو خيال آهي ته ڀارتي خُفيه اداري جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت وڌيل آهي، ان ڪري اهو معاملو عالمي سطح تي کنيو وڃي، يعني گڏيل قومن ۾ اُٿاريو وڃي. ان ڏس ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي اسلام آباد ۾ موجود آهي، اُن سان اهڙي مشاورت ٿي رهي هُئي ۽ گُهربل هدايتون پڻ ڏنيون پئي ويون. سنڌ ۾ اُٿل پٿل جا ڪيئي پاسا ۽ رُخ آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي کان پري بيهن ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ وِچڙجي وڃن ٿا ۽ اهي زيرِ زمين لهرن ۽ سرگرمين جو رُوپ ڌارين ٿا. ايم ڪيو ايم جي حوالي سان مني لانڊرنگ ڪيس ۽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ پيش رفت ٿي آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي ان بابت گورنر سنڌ عشرت العباد کي آگاهه ڪيو. خيال آهي ته ان ملاقات ۾ اهو پڻ غور هيٺ آيو ته ايم ڪيو ايم بابت هاڻ اسلام آباد ڇا ڪرڻ گُهري ٿو ۽ ڪيئن ڪرڻ گُهري ٿو.
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته تازين سرگرمين مان لڳي ٿو ته حڪومت، بطور پارٽي ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائيءَ جو ارادو نٿي رکي، البته ان ۾ ڏوهاري ماڻهن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رهندو ۽ مائينس الطاف فارمولا کي مرحليوار عمل ۾ آندو ويندو. خيال آهي ته ان ڏس ۾ ڪُجهه مرحلا طئي ٿي چُڪا آهن.
سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد وزير اعظم ٻنهي ڌُرين وٽان سخت دَٻاءَ ۾ آهي. وزير اعظم پيپلز پارٽيءَ سان ورڪنگ رليشن شپ برقرار رکڻ گُهري ٿو، پر هُو عسڪري لَڏي کي به ناراض نٿو ڪرڻ گُهري، ڄڻ نواز شريف اڄڪلهه پلصراط تي پيو هلي، هُو ڪا وچئين واٽَ ڪَڍڻ گُهري ٿو. بظاهر ڪا وِچَ واري واٽَ نظر نه ٿي اچي، پر جيڪڏهن ان ڳالهه کي وزن ڏجي ته زرداري ۽ فريال ٽالپر جو پرڏيهه وڃڻ به ڪا ”ڊيل“ آهي، ته پوءِ ڪُجهه گَس نڪري اچي ٿو. وزير اعظم نواز شريف کي جيئن ئي سياسي اڪيلائپ جو احساس ٿيو ته ذريعن موجب هن اپوزيشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر خورشيد شاهه سان رابطو ڪيو، آصف زرداريءَ جي دُبئي وڃڻ جي ٽن ڏينهن بعد خورشيد شاهه به دُبئي ويو. خيال آهي ته هُو وزير اعظم جو نياپو کڻي ويو هو ته هُو اڳوڻي صدر زرداريءَ جي ناراضگي ختم ڪرڻ گُهري ٿو. چيو وڃي ٿو ته آصف زرداري خورشيد شاهه کي ٻڌايو ته، وزير اعظم ان معاملي ۾ ڪا شروعات ڪري ۽ ڪي عملي اُپاءَ وٺي ته ڳالهه اڳتي وڌي سگهي ٿي. ٻه ڏينهن اڳ خورشيد شاهه جي هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو مان به اهڙو اشارو ملي ٿو، جنهن ۾ هن چيو هو ته وزير اعظم سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. ان ڪري وزيرِ اعظم جو ڪراچيءَ وارو دورو گرميءَ ۽ ٻُوسٽ ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي حوالي سان گهٽ هو، ڇاڪاڻ جو وزير اعظم نه اسپتال ويو ۽ نه وري ڪنهن ٻئي اهڙي هنڌ ويو. هُو پيپلز پارٽيءَ سان تعلقات جي بحاليءَ لاءِ آيو هو، اهو ئي سبب آهي جو هُو هن ڀيري چِيف منسٽر هائوس آيو، نه ته روايتي طور تي هُو گورنر هائوس ئي ايندو آهي ۽ اُتي ئي اجلاس ۽ مُلاقاتون ڪندو آهي.
سنڌ جي وڏي وزيرَ سان مُلاقات دوران هن قائم علي شاهه جي تعريف به ڪئي، سنڌ جي وڏي وزيرَ وفاقي ادارن جي ڪاررواين ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ تي پوندڙ اثرن کان وزير اعظم کي آگاهه ڪيو. وزيرِ اعظم سندس سڀ ڳالهيون ٻُڌيون پر ڪو به واضح اعلان يا يقين دهاني نه ڪرائي سگهيو. ها، اهو ضرور ٿيو ته هُو پيپلز پارٽيءَ کي ساڻ کڻي هلڻ گُهري ٿو. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته وزير اعظم ان ڏس ۾ اڪيلي پنهنجي طور ڪو فيصلو ڪرڻ نٿو گُهري، ان ڏس ۾ عسڪري ڌُرين کي به اعتماد ۾ وٺڻ گُهري ٿو. ڏسجي  اسلام آباد وٽان ان ڏس ۾ ڪهڙي ٿي موٽ ملي؟
sohailsangi@yahoo.com

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2015/2015/04%20Jul%202015.htm

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home