Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

طالبان سان ڳالهين جي ڳُجهارت 02 نومبر 2013ع

طالبان سان ڳالهين جي ڳُجهارت

سهيل سانگي

ڇنڇر 02 نومبر 2013ع
طالبان چون ٿا ته، امن ڳالهين لاءِ پاڪستان سرڪار سان ڪو رابطو نه ٿيو آهي پر وزير اعظم نواز شريف برطانوي پرڏيهي وزير کي ٻڌايو ته، طالبان سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. گهرو معاملن واري وزير جو چوڻ آهي ته، Structured ڳالهيون شروع ڪيون وينديون. هي ٽي الڳ موقف آهن. وزير اعظم چوي ٿو ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن. چوڌري نثار علي خان ڳالهيون شروع ڏي وڃن پيون بابت اطلاع پيو ڏي ۽ طالبان چون ٿا ته، ڪو رابطو ئي ڪونهي. آخر معاملو ڇا آهي؟ حڪومت ڳالهين لاءِ شروع کان آتي آهي. ان جو خيال آهي ته، ڳالهين سان امن قائم ڪري رتوڇاڻ بند ڪري سگهجي ٿي. هاڻي ته اهي به اڻ تصديق ٿيل خبرون ميڊيا تي رپورٽ ٿي رهيون آهن، بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراهه حڪيم الله محسود آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو آهي ۽ جي انهن خبرن ۾ صداقت آهي، ته پوءِ طالبان سان ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهنديون، جو طالبان اڳ ئي ڳالهين لاءِ ڊرون حملا بند ڪرائڻ جي شرط رکندا رهيا آهن
گذريل مهيني نواز شريف ڳالهين لاءِ مکيه پارٽين جي حمايت حاصل ڪري ورتي هئي، ته آرمي چيف به ان تي هاڪار ڪئي. سياسي جماعتن طرفان ڳالهين جي حمايت بعد طالبان گذريل مهيني ڪجهه اڳواٽ مڃڻ لاءِ شرط رکيا هئا. جنهن ۾ پاڪستان ۾ قيد پنهنجي ميمبرن جي آزادي، افغانستان جي سرحد ويجهو قبائلي علائقن مان جتي طالبان جا ٺڪاڻا آهن، فوجن جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو ويو هو. حڪومت انهن شرطن بابت ڇا ٿي سوچي، ان جو ڪهڙو موقف آهي؟ ان بابت ڪابه ڳالهه پڌري نه ڪئي ويئي آهي. اهو ضرور ٿيو آهي ته، حڪومت انهن شرطن باوجود ڳالهين لاءِ اوترو ئي زور ڀريندي رهي آهي، جنهن جو بظاهر مطلب اهو ئي سمجهيو پيو وڃي ته، ڪنهن حد تائين حڪومت انهن مطالبن تي ويچار ڪرڻ ۽ ڪا حمايت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته، طالبان طرفان ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ اهي شرط رکيا ويا آهن. يعني اهي شرط مڃڻ بعد ڳالهيون ٿينديون، نه ته نه. جيڪڏهن اهي ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ شرط آهي. ته پوءِ اهي ڪهڙا مطالبا آهن جيڪي ڳالهين جي ميز تي کنيا ويندا؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي.
ڳالهين لاءِ زور هميشه اها ڌر ڀريندي آهي، جيڪا سوڙهي ۾ هوندي آهي. نتيجي ۾ سامهين ڌر وٽ Upper hand هوندو آهي. هتي به اها ڳالهه سمجهي پئي وڃي ته، طالبان کي اپر هينڊ حاصل آهي، جيڪڏهن طالبان کي به اپر هينڊ حاصل آهي ۽ ڪو ٽياڪڙي ڪرڻ وارو به ڪونهي، ته پوءِ اهو قصو ڪيئن هلندو؟ گهڻو امڪان انهيءَ جو آهي، ته اپر هينڊ وارن جا ئي مطالبا مڃيا وڃن. هي اهي مطالبا آهن، جيڪي اڃا تائين ظاهر نه ٿي سگهيا آهن.
سال کن اڳ آمريڪا به طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. تڏهن طالبان نار واري هڪ ملڪ ۾ پنهنجي آفيس به کولي هئي. ان وقت ”سُٺا طالبان“ ۽ ”خراب طالبان“ جا اصطلاح پڻ سامهون آيا. آمريڪا جي ڳالهين ڪرڻ جو مطلب ان ۾ عالمي قوتن جو شامل ٿيڻ آهي. يعني سعودي عرب، نار واريون رياستون ۽ يورپ جو ڪو ملڪ به سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح سان ستايل هوندو. اهو تحرڪ به ڪو نتيجو نه ڏيئي سگهيو. پردي جي پويان ڪي ڳالهيون ڪي رابطا ٿيا سي ٿيا پر نه ڪو فيصلو سامهون آيو ۽ نه ئي ڪا ٻي شئي. سمجهيو اهو پيو وڃي ته، اهي ڳالهيون يا ته ناڪام ويون يا وري آمريڪا ان مان اڌ ۾ ئي هٿ ڪڍي ويو. ان خيال سان ته ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪري سگهندو. سوال اهو آهي ته، جيڪڏهن آمريڪا طالبان سان ڳالهين کي بي معنيٰ سمجهيو، ته پاڪستان حڪومت ڳالهيون ڪري ڪهڙو هڙ حاصل ڪندي؟.
پاڪستان ۾ حڪمت عملي جوڙيندڙن جو هڪ حصو، افغان جنگ کان وٺي شدت پسند ڪارروايون ڪندڙن کي حڪمت عمليءَ وارو اثاثو سمجهندو رهيو آهي. هي اها پاليسي آهي، جيڪا ضياءَ الحق ۽ جنرل حميد گل واري پاليسي آهي، جيڪا افغان جنگ کان وٺي ايندڙ وڏي وقت تائين جاري رهي، تان جو جنرل مشرف آيو ۽ نائين اليون وارو واقعو ٿيو، جنهن بعد پاڪستان ان پاليسيءَ کان ڪجهه هٽڻ شروع ڪيو پر ساڳئي وقت انهن شدت پسندن ۽ پاليسيءَ کي مشرف آمريڪا وٽ ڪيش به ڪرائيندو رهيو. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت به ان هٽيل پاليسي تي عمل ڪندي رهي. نتيجو اهو نڪتو جو طالبان توڙي ٻيا شدت پسند پيپلز پارٽيءَ جي به خلاف ٿي ويا. گذريل چونڊن جي نتيجي ۾ نواز ليگ حڪومت ۾ آئي، جيڪا شدت پسندن کي حڪمت عمليءَ جو اثاثو سمجهڻ واري خيال کي ويجهي هئي. سمجهيو اهو پيو وڃي ته طالبان ۽ نواز شريف حڪومت هڪ ٻئي کي سولو سمجهن ٿا.
هن وقت جڏهن آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ گهري ٿو، ته هو علائقي ۾ پويان اهڙو سيٽ اپ ۽ حالتون ڇڏڻ گهري ٿو، جنهن سان انتهاپسندي ۽ شدت پسنديءَ جو خطرو نه هجي. ان جو پاڪستان تي وڌ ۾ وڌ اهو دٻاءُ آهي، ته اهو دهشتگرديءَ خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ان سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي، ته نان اسٽيٽ ايڪٽر پاڪستان جي سر زمين کي استعمال ڪندي پاڙيسري يا ڀرپاسي وارن ملڪن لاءِ مسئلو پيدا نه ڪن. آمريڪا ان لاءِ دهشتگردن خلاف وڌ ۾ وڌ ڪارروايون ڪرڻ بلڪه انهن جو خاتمو آڻڻ گهري ٿو. پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ بابت تازو لاڳو ڪيل ٻه قانون به ان سلسلي جي ڪڙي آهن. رڳو اهو ئي نه پر آمريڪا ان ڏس ۾ پاڪستان کان وڌيڪ اپاءُ وٺڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا ايتريون سخت ڪارروايون چاهي ٿو، ته نواز حڪومت طالبان سان ڳالهين لاءِ چئي، اهو تاثر ڏيڻ گهري ٿي، ته معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ اهو ته انهن خلاف سخت ڪارروايون نه ڪيون وڃن، جيڪڏهن ائين ناهي ته ڇا انهن ڳالهين کي آمريڪا جي پٺ حاصل آهي؟ اگر آمريڪا جي پٺڀرائي حاصل هجي ها، ته ان لاءِ عالمي سطح تي به ڪجهه ڌريون سرگرم ٿين ٿا.
بهرحال طالبان سان ڳالهيون ته شروع نه ٿي سگهيون آهن، بلڪه اهو ’ڳالهوڙو‘ ٿي ويون آهن. ساڳئي وقت تي نه طالبان جا اصل مطالبا سامهون آهن ۽ نه وري طالبان طرفان اڳواٽ رکيل شرطن بابت حڪومت جو موقف. اهي ڳالهيون ڳجهارت بڻجي ويون آهن. حڪومت کي ان ڏس ۾ ڪجهه وضاحتون ڪرڻ ۽ ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري ٿي پيو آهي.

Labels: , , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home