Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

ڪراچي آپريشن ڪي نتيجا ڏيئي سگهندو؟ 03 سيپٽمبر 2013ع

   
ڪراچي آپريشن ڪي نتيجا ڏيئي سگهندو؟   
   
اڱارو 03 سيپٽمبر 2013ع
گذريل ڏهاڪو ڏينهن کان ڪراچيءَ ۾ آپريشن بابت  هلندڙ چوٻول جو اڱاري ڏينهن سنڌ جي صوبائي گاديءَ واري شهر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ڳجهن ادارن ۽ رينجرس جي عملدارن جي موجودگيءَ ۾ آپريشن جي پلان جي منظوري ڏينديون. ميڊيا ۾ انهيءَ رٿيل پلان جا ڳچ تفصيل شايع ٿي رهيا آهن، جن موجب اهو ٽارگيٽيڊ آپريشن هوندو، جيڪو صوبائي حڪومت جي سربراهي ۾ ڳجها ادارا، رينجرز ۽ پوليس ڪندي. ڳجهن ادارن ۽ پوليس انهيءَ اجلاس لاءِ جيڪا رپورٽ جوڙي آهي، ان ۾ سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي ماڻهن جا نالا شامل آهن، جيڪي ڪراچيءَ ۾ بدامني لاءِ ذميوار قرار ڏنا ويا آهن. اها پڻ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته شهر جي هڪ سياسي ڌر جا ٻين مذهبي ۽ سياسي جماعتن ۽ گروپن سان جهيڙا هلندڙ آهن، ساڳي طرح اهو به ته شهر ۾ طالبان به موجود آهن.
 
جيتوڻيڪ هي فوجي آپريشن نه هوندو، پر جيئن ته اهو آپريشن ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ٿي رهيو آهي، جنهن جو مطالبو فوجي آپريشن جو هو. اها ڏاڍي عجيب صورتحال آهي ته سياسي ۽ مذهبي ڌريون ڪراچي جي بدامني ۽ قتل جي وڌندڙ واقعن لاءِ هڪ خاص جماعت کي ذميوار سڏي رهيون آهن. ائين انهن ڌرين جو اشارو ايم ڪيو ايم ڏانهن ئي آهي، پر ان جي مطالبي تي ٿيندڙ هن آپريشن جي  اهي ڌريون  به حمايت ڪري رهيون آهن. ڳالهه رڳو ايتري ناهي، ميڊيا ۾ ٿيندڙ مباحثن ۽ بيانن مان اهو به سامهون آيو آهي ته سموريون سياسي توڙي  مذهبي ۽   لساني ڌريون آپريشن جي حق ۾ آهن، انهن جي موقف ۾ فرق صرف فوجي آپريشن يا غير فوجي آپريشن جو آهي.
 
اصل ۾ ڪراچي شهر ۽ ان ۾ موجود وسيلا ۽ موقعا، هن شهر جي امن جا دشمن ٿي ويا آهن، انهن وسيلن ۽ موقعن تي قبضي ۽ بالادستي جي جنگ هلي رهي آهي. اهو سمورو قصو  سندن ان خواهش جي ئي چوگرد گهمي ٿو. ان جنگ ۾ ڌرين کي سياسي اثر ۽ مٿڀرائپ بلڪه ڪن کي ته ماڳهين هڪ هٽي گهرجي. کين زمين، مالي وسيلا ۽ وڏن مالي وسيلن ۽ ادارن مان ٿيندڙ اُپت ۾ ناجائز طور حصو به گهرجي. اهي ئي شيون آرام سان نه پيون حاصل ٿي سگهن، ڇاڪاڻ جو انهن مان ڳچ شيون غير قانوني آهن، باقي جيڪڏهن ڪا قانون جي دائري ۾ اچي به ٿي ته ان جو ڪو اهڙو مڪينزم جوڙيل ناهي. اتفاق سان جيڪو مڪينزم آهي، تنهن کي اهي ڌريون مڃڻ لاءِ تيار ناهن. نتيجي ۾ ڏاڍ ۽ هٿيارن جي زور تي سياسي، مالي ۽ سماجي قبضا گيري جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي. ڪراچي ۾ سياست، واپار، ڏوهه ۽ قانون جي رکوالن جو تاڃي پيٽو  ايترو  ته پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي، جو انهن تي وار ڪرڻ، هٿ وجهڻ يا ٽوڙڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ان ڪري آپريشن جو نعرو ته مليو آهي، پر ان مان ڪو لاڀ ملي سگهڻ، ايترو آسان نه آهي. هن سڄي آپريشن پلان ۾ طالبان يا وري غير ملڪين جي حوالي سان ڪابه ڳالهه چٽيءَ طرح موجود ناهي. جيڪڏهن هي آپريشن طالبان خلاف به آهي ته ڇا وفاقي حڪومت ان جي سٽ جهلي سگهندي؟
 
سياسي ڌريون ان کان علاوه چئن پنجن ٻين ڳالهين تي به متفق آهن. سڀئي چون ٿيون ته سياسي ۽ مذهبي جماعتون ڀتا خوري ۽ زمين تي قبضن ۾ ملوث آهن، پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ٿيل ناهن، واپارين تي اهي ڌريون دٻاءُ وجهن ٿيون، يعني اهي سڀ ڪم ڪرڻ واريون به اهي ڌريون آهن ته وري اهو الزام هڻڻ واريون به ساڳيون ئي ڌريون آهن. ائين سندن پاران اهو مطالبو بظاهر هڪ”اعتراف“ لڳي ٿو، پر در حقيقت جڏهن ڪا ڌر اهو چوي ٿي ته ان جو مطلب آهي ته اها پاڻ کي پاسيرو رکي باقي ڌرين تي الزام مڙهي ٿي ۽ هو پنهنجي ڪردار کي انهي دائري کان مٿانهون رکي ڳالهه ڪري ٿي. پوءِ اهو ڀتا خوري جو معاملو هجي، يا زمين تي قبضي جو يا وري بنا ميرٽ پوليس ۾ ڀرتين جو يا وري واپاري حلقن تي دٻاءُ وجهڻ جو. جيڪڏهن سياسي ڌريون واقعي دلي طرح اهو چون ٿيون ته کين اهو اعتراف به ڪرڻو پوندو ته اهي پنهنجن ئي ٺاهيل ويڙهاڪ گروپن وٽ يرغمال بڻيل آهن ۽ سندن  اهي گروپ انهن ڌرين يعني مدر آرگنائزيشنز جي ڳالهه نٿا مڃين، بلڪه خود ان تي پنهنجي راءِ ڊڪٽيٽ ڪن ٿا. پر اهڙي قسم جو کليل اعتراف سامهون نه اچي سگهيو آهي.  ڇاڪاڻ ته  هر سياسي ڌر کي ڊپ آهي ته ان جيڪڏهن پنهنجي ويڙهاڪ ونگ ختم ڪئي، ته مخالف ڌر ان کي ڌوڏي ڇڏيندي، ختم ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن ان اڻکٽ سلسلي کي ڏسبو ته شهر ۾ هڪ ڌر طرفان ويڙهاڪ ونگ ٺاهڻ جي نتيجي ۾ هر ڌر پنهنجي ويڙهاڪ ونگ ٺاهي، ڇاڪاڻ جو اهي سمجهن ٿيون ته سندن بقا لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي.
 
قصو رڳو هڪ يا ٻه آپريشن ڪرڻ جو ناهي، پر آپريشن بعد قانون جي بالادستي ۽ انصاف ڀريو مڪينزم به ضروري آهي ته جيئن ڏوهارين جي نئين کيپ  تيار نه ٿي سگهي ۽  شهري  بنا ڪنهن خوف جي شهر ۾ پنهنجون معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي سرگرميون جاري رکي سگهن.
سڀني سياسي ڌرين  سان گڏ  وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به آپريشن تي متفق آهن. ان جي باوجود سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا هي آپريشن ڪي گهربل نتيجا ڏيئي سگهندو؟ ان ڳالهه جو امڪان گهٽ ٿو لڳي، ڇاڪاڻ جو هر ڪا ڌر پاڻ کي ڇڏي ٻئي جي خلاف آپريشن ڪرڻ چاهي ٿي ۽  بنا ڪنهن فرق جي آپريشن لاءِ دلي ۽ عملي طور تيار نٿي لڳي. ان سان گڏوگڏ اها ڳالهه به وڏي اهميت رکندڙ آهي ته ڏهن پندرهن ڏينهن کان ’آپريشن.. آپريشن‘ جو چوٻول آهي ۽ ان بعد آپريشن  پلان جو ڳچ حصو سامهون اچي چڪو آهي ته ڇا ڏوهاري، دهشتگرد وغيره، جن خلاف اها ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، سي پنهنجي ٺڪاڻن تي سمورا هٿيار رکيو ويٺا هوندا ۽ قانون لاڳو ڪندڙن جو انتظار ڪندا هوندا ته اهي اچن ۽ اچي کين گرفتار ڪن يا سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي؟ ظاهر آهي ته ائين ناهي، جيڪي به ڏوهاري هئا، سي پنهنجي هٿيارن ۽ سامان سميت ڇپر ٿي ويا هوندا. هاڻي جيڪو به آپريشن ٿيندو، تنهن ۾ ڪا ننڍي مڇي ڦاسي يا ڪو پنهنجي بيوقوفي جي ڪري ڦاسي ته ٻي ڳالهه آهي، مانگر مڇ ڪڏهوڪا ٿانيڪا ٿي چڪا آهن. هاڻي ڀلي هڪ نه پر ڏهه آپريشن ڪريو.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home