Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

اظهار جي آزادي ۽ حڪمرانن جا رويا

اظهار جي آزادي ۽ حڪمرانن جا رويا
 جمع 02 آگسٽ 2013ع
ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق صحافين کي داٻو ڏنو هو ته، ”آئون 5 سالن لاءِ اخبارون بند ڪري ڇڏيندس. ڪير آواز به ڪونه اٿاريندو.“ هي بيان صحافت جي آزاديءَ ڏي پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ حڪومت جي رويي جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو. اسان وٽ زري گهٽ هر حڪومت جو ذهن صحافت بابت اهو ئي هوندو آهي. پر فرق رڳو ان جي اظهار ۽ رد عمل جي شڪل ۾ هوندو آهي. ڪنهن به حڪومت کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي ته ان جي پالسي، فيصلي يا ڪنهن قدم سان ڪا ڌر اختلاف ڪري يا تنقيد ڪري، ٻين لفظن ۾ حڪومتون پاڻ کي عقل ڪُل ۽ اختيار ڪُل سمجهنديون آهن. ان ڪري اهي راءِ، ان جي اظهار، خيالن ۽ فڪر تي به پنهنجي هڪ هٽي سمجهنديون آهن ۽ اها هڪ هٽي وڏي حد تائين اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان قائم به ڪري وٺنديون آهن.
اظهار راءِ جي آزادي جو دنيا ۾ مڃيل وڏي ۾ وڏو ذريعو ميڊيا آهي، ڇاڪاڻ ته ان وسيلي ئي معلومات يا ڄاڻ ۽ مختلف بلڪ اختلافي رايا ۽ خيال وڏي پيماني تي ماڻهن تائين پهچن ٿا، نه رڳو اهو بلڪه ميڊيا ۾ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ رايا ۽ خيال موجود هوندا آهن. ميڊيا جي اهميت ان ڪري به آهي، جو اها ماڻهن تائين اهڙي معلومات پهچائي ٿي، جيڪا کين پنهنجي راءِ جوڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ان بعد اها ساڳي ميڊيا راءِ جي اظهار جو به وسيلو بڻجي ٿي. ان ڪري اظهار راءِ جي آزادي صحافت يا ميڊيا جي آزادي سان ئي ڳنڍيل آهي. صحافت جي آزادي بنا اظهار راءِ جي آزادي جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
ڏٺو وڃي ته اها آزادي ئي جمهوري حقن ۽ هر طرح جي آزادين جو بنياد آهي. جمهوريت جنهن جي معنى عوام جي موثر بلڪه اڄوڪي زماني ۾ ڀرپور شرڪت آهي، ان جو ڪم ڪرڻ ۽ فيصلي سازي ۾ ماڻهن جي شرڪت، شهرين طرفان ووٽ جو صحيح استعمال به تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ميڊيا آهي. جيستائين کين صحيح ڄاڻ نه هوندي، هو پنهنجي صحيح راءِ جوڙي نه سگهندا ۽ ان جو  اظهار به نه ڪري سگهندا. هونئن ته اظهار راءِ جي آزادي انساني حقن جو حصو هجڻ ڪري انسان جي وقار جو معاملو آهي، پر اها جڏهن عمل ۾ اچي ٿي ته جمهوريت ۽ شرڪت سان گڏوگڏ احتساب جو به وڏو ذريعو بڻجي ٿي. جڏهن به جتي به اظهار راءِ جي آزادي جي ڀڃڪڙي ٿيندي، اتي هميشه جتي ان جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي، پوءِ اها ڀڃڪڙي جنهن سطح جي هوندي آهي، انهي سطح تي ئي حق ماريا ويندا آهن.
حڪومت جڏهن صحافت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته اها سڌي يا اڻ سڌي طرح سمورا طريقا استعمال ڪندي آهي. ميڊيا جي لاءِ جوڙيل ريگيوليٽري ادارن کان وڌيڪ معاشي دٻاءُ، دڙڪو ۽ داٻي سان گڏ لوڀ لالچ تائين سمورا طريقا اختيار ڪندي آهي. ملڪي قانون، جيڪي هونئن ئي حڪمرانن ۽ حاڪم طبقي لاءِ ٺهيل هوندا آهن، تن جي ڪن مروڙ ڪري ميڊيا کي ڪنٽرول ۾ رکيو ويندو آهي. انهي ڪن مروڙ جو وڏو جهان آهي. پرنٽ ميڊيا جي صورت ۾ سرڪيوليشن جي آڊٽ، ڪاغذ جي ڪوٽا، اشتهار ڏيڻ کان وٺي اشتهارن جا پئسا روڪڻ تائين جا ڪيترائي معاملا شامل آهن.
اڄ جي دور ۾ حڪومت صحافت جي اثر کان ڀڄڻ يا گسائڻ لاءِ هڪ ٻيو طريقو به استعمال ڪندي آهي، اهو آهي ميڊيا ۾ ٻيتاڙ پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت هٿ ٺوڪيا ميڊيا آئوٽ ليٽ ٺاهيندي ۽ انهن جي پرورش ڪندي آهي. ائين غير پيشيورانه صحافت ۽ صحافي پيدا ٿيندا آهن. اهڙي طرح سان حڪومت ۽ عام ماڻهو لاءِ صحافت کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سولو ڪم ٿي پوندو آهي. ٻئي طرف انهي گهڻ ۾ هڪ ئي وقت ڪيئي آواز اچڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ سڄي رش ۾ حقيقي آواز به دٻجي ويندو آهي ۽ حڪومت ڏاڍي بي فڪر ٿي پوندي آهي. ڇاڪاڻ جو هاڻي ميڊيا هڪ آواز جي بدران هڪ گوڙ بڻيل هوندي آهي.
حڪمرانن جي ميڊيا يا ٻين لفظن ۾ اظهار جي آزادي ڏي اهڙي رويي سبب هيٺ معاشري ۾ به ان جي پيروي ٿيندي آهي. با اثر ڌريون، ڀوتار يا ڪڏهن ڪڏهن سياسي گروپ به ان جو فائدو وٺندا آهن. ان جو مثال نواز شريف حڪومت جو گذريل دور جو هڪ واقعو آهي، جڏهن لياقت جتوئي جي وڏ وزارت جي ڏينهن ۾ سڄي سنڌي ميڊيا ڪراچي ۾هڪ با اثر ماڻهو خلاف  گڏ ٿي هئي ۽ انهن تي لٺين جو وسڪارو ڪيو ويو هو. مطلب ته جڏهن اهي پريشر گروپ صحافت خلاف ڪا ڪارروائي ڪن ٿا ته حڪومت صحافت جي قانوني مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندي آهي. اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته اظهار جي آزادي جو مطلب رڳو پنهنجي راءِ جو اظهار نه پر ٻين کي به اظهار جو موقعو ڏيڻ هوندو آهي ۽ رڳو پنهنجي لاءِ  اهو حق استعمال ڪرڻ ۽ ٻين جي اظهار راءِ نه مڃڻ کي جيڪڏهن ”اصول“ ٺاهيو وڃي ٿو ته پوءِ اهڙو اصول رياست ۽ رياستي ادارا اڳ ئي ٺاهي ويٺا آهن، جيڪي هر معاملي ۾ سڀني کان سگهارا آهن. اها مڃيل حقيقت آهي ته اظهار راءِ جي آزادي جو فائدو هميشه ڏٻري ڌر کي پوندو آهي. ان ڪري حقن جي جدوجهد ۾ رڌل ڌرين جو فرض آهي ته اهي اظهار جي آزادي جو ائين ئي تحفظ ڪن، جيئن هو پنهنجي ٻين حقن جو ڪن ٿا. سنڌي ميڊيا پنهنجي Formative مرحلي مان نڪري اڳتي وڌي رهي آهي. ان ۾ مرحليوار پروفيشنلزم به اچي رهيو آهي. اهو پروفيشنلزم جيترو جلد ايندو، جيترو سگهاري ٿيندو، اوتري ئي سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي صحافت کي فائدو پهچندو. ان لاءِ سنڌي ميڊيا ۽ سماج جي سمورين ڌرين کي ان ڏس ۾ ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته جيئن اهو ڏکيو سفر جلد طئي ٿي سگهي.

Labels: , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home