جمهوريت جو مستقبل وري داءُ تي....؟ 16 جنوري 2013ع
جمهوريت جو
مستقبل وري داءُ تي....؟
سهيل سانگي
اربع 16 جنوري 2013ع
اسلام آباد ۾ علامه طاهرالقادري جڏهن لانگ مارچ جي ميڙ کي خطاب
ڪري رهيو هو ته جلسي واري هنڌ کان چند والن جي پنڌ تي واقع سپريم ڪورٽ هڪ
اهڙو فيصلو ڏنو آهي، جنهن سان موجوده چونڊيل حڪومت جو خاتمو ٿيندي نظر اچي
ٿو. عدالت رينٽل پاور ڪيس ۾ وزير اعظم راجا پرويز اشرف جي گرفتاريءَ جو حڪم
ڏنو آهي. عدالت ۾ ويٺل جج صاحبان ان ڳالهه کان بخوبي آگاهه هوندا ته لانگ
مارچ جي اسلام آباد ۾ موجودگي ۽ ان جي مطالبن جي پس منظر ۾ اهو فيصلو ڪهڙي
معنى رکي ٿو ۽ ان جا موجوده صورتحال ۽ ايندڙ وقت تي ڪهڙا اثر پوندا. اهو ئي
سبب آهي جو تجزيه نگار هن فيصلي کي لانگ مارچ جي مقصدن سان جوڙي رهيا آهن.
سندن خيال آهي ته علامه قادري دعوى مطابق جڏهن لکين ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيو
۽ اهو انگ هزارن ۾ وڃي بيٺو ته حڪومت ۽ نظام کي ڊاهڻ لاءِ اها طاقت ناڪافي
هئي، ۽ اها کوٽ تازي فيصلي پوري ڪري ڇڏي آهي. ڪن تجزيه نگارن موجب اهڙي غير
محسوس مداخلت هونئن به ٿيڻي هئي.
نگران حڪومت ٺاهڻ لاءِ فوج ۽ عدليه جي مشاورت وارو علامه جو مطالبو آئين
کان مٿڀرو آهي، ساڳيءَ ريت اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر جوڙجڪ جي به آئين ۽ قانون
۾ گنجائش ناهي. ٽيون مطالبو اُميدوارن جي اهليت وارو آهي۽ آخري ٻن مطالبن
تي عمل ڪرڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته چونڊون ملتوي ٿين. نگران سيٽ اپ اهڙو اچي
جيڪو ڊگهي عرصي تائين هلي.
اهي رڳو ڪي ٻه واقعا ناهن، جن ملڪ جي سياست جو رُخ متعين ڪيو آهي. ڪوئيٽا ۾
هزارا شيعن جي احتجاج کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهين دوران به هڪ ليڊر اهو
مطالبو ڪيو ته ڪوئيٽا ۾ آخر فوج ڇو نٿي گهرائي وڃي، مطلب ڪوئيٽا واري واقعي
کي انهن قوتن پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
عدالت جي فيصلي حڪومت لاءِ ڏاڍي ڏکي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي
هن کان اڳ هڪ وزير اعظم جي قرباني ڏيئي چُڪي آهي، عدالت ٻئي وزير اعظم جي
گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو آهي. ائين پيپلز پارٽيءَ جو اهو طعنو وري سچو ٿيڻ ڏي
پيو وڃي ته ’اسان کي عدالتن مان ڪڏهن به انصاف نه مليو آهي.‘ پيپلز پارٽي
عدالتي فيصلي تي عمل ڪري ٿي، تڏهن به ڏچي ۾، جيڪڏهن نٿي ڪري ته ڏچو هيڪاري
وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ جو عدالتي فيصلو نه مڃڻ جي صورت ۾ رياست جي ٻن مکيه ادارن
جي وچ ۾ ٽڪراءُ جو سوال پيدا ٿي پوندو. نتيجي ۾ عسڪري اسٽيبلشمينٽ کي
مداخلت جو موقعو ملي ويندو.
علامه لانگ مارچ کي خطاب دوران ذري گهٽ اها خوشخبري ڏيندو رهيو ته اجهو سڀ
ڪجهه تبديل ٿيڻ وارو آهي. هن لانگ مارچ هميشه لاءِ عدم استحڪام ۽ غير يقيني
حالتن لاءِ گس ٺاهي ڇڏيو آهي. ڪابه حڪومت اچي، ان خلاف جيڪڏهن 50/60 هزار
ماڻهو وڃي ڌرڻو هڻن ته ان حڪومت کي وڃڻو پوندو. اها هڪ نئين رسم ٺهي ويندي.
ڪالهه واري ڪالم ۾ مون لکيو هو ته لانگ مارچ عوام کي نه پر اسٽيبلشمينٽ کي
Motivate
ڪرڻ لاءِ ٿيندا رهيا آهن. انهن لانگ مارچن جي ڪاميابي تڏهن ٿيندي آهي،
جڏهن اسٽيبلشمينٽ ان جي حمايت ڪري. ان ڪري سمورين ترديدن ۽ وضاحتن جي
باوجود هاڻي علامه جي لانگ مارچ جي حقيقت عوام آڏو پڌري ٿي چُڪي آهي ته هن
لانگ مارچ جي پويان در اصل ڪير آهن.
جيئن مهينو کن اڳ مون لکيو هو ته پاڪستان جي سياست ۽ ٿيندڙ چونڊن جو افغان
سوال سان گهرو تعلق آهي. اڄ اها ڳالهه وري به دهرائڻ چاهيندس ته ملڪ جي
موجوده حالتن جو به افغان سوال سان تعلق آهي. ايندڙ سال آمريڪي فوجون
افغانستان مان وڃڻيون آهن، ان حوالي سان آمريڪا هتي اهڙو سيٽ اپ چاهي ٿو،
جنهن کي هڪ ئي بٽن سان هلائي سگهي، جيڪو جمهوري حڪومت جي موجودگيءَ ۾ هن
لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو، ڇاڪاڻ جو ٽن چئن ڌرين کي سمجهائڻو ۽ مڃائڻو پوندو آهي.
ان حوالي سان پرڏيهي اخبارن ۾ ڇپجندڙ اطلاع ۽ تجزيه صحيح ٿا لڳن ته آمريڪا
۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ڪجهه شين تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ اهي گڏجي
ڪا تبديلي چاهين ٿيون. اڄ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ حالتون انهيءَ جو تسلسل
آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ اها ڳالهه ياد رکي ويندي ته چونڊيل حڪومت تي اوڏيءَ مهل
وار ڪيو ويو، جڏهن ان جي مدت پوري ٿيڻ ۾ ست هفتا مس هئا. ملڪي تاريخ ۾ اها
ڳالهه به رڪارڊ تي رهندي ته ملڪ جون مکيه سياسي ڌريون هڪ ٻئي سان سمورن
اختلافن جي باوجود هڪ طرف آهن، ته وري اسٽيبلشمينٽ ۽ علامه قادريءَ ٻئي طرف
آهن. ان باوجود ايڏو وڏو قدم کنيو پيو وڃي، جيڪو نه رڳو جمهوري حڪومت کي
ختم پيو ڪري، بلڪه جمهوري عمل کي به وڏو هاڃو رسائي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ
اها عجيب ڳالهه به رڪارڊ تي رهندي ته ميڊيا، عام ماڻهو ۽ سياسي حلقن تائين،
ان جي پوري آگاهيءَ جي باوجود ته علامه جا مقصد ڪهڙا آهن ۽ پويان ڪير آهي،
پران هوندي به هو مقصد ماڻڻ ڏانهن هليو ويو.
سمورين سياسي ڌرين جي ذميواري آهي ته ملڪ جي درپيش غير جمهوري چئلينجن کي
منهن ڏيڻ لاءِ ڏاهپ ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪن ۽ ان جو باقاعده اظهار به ڪن.
حڪومت کي گهرجي ته اها فوري طور تي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن جو اعلان ڪري
ته فلاڻي تاريخ تي چونڊون ڪرايون وينديون ۽ فلاڻي تاريخ تي نگران سيٽ اپ
اچي ويندو. ائين ڪرڻ سان حڪومت، مخالف ڌر جي جماعتن ۾ موجود شڪ ۽ غير
يقينيءَ واري صورتحال کي ختم ڪري سگهندي. اها ڳالهه جمهوري تسلسل ۽ عمل کي
جاري رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
Labels: 2013, سپريم ڪورٽ, سهيل سانگي, قادري, وزير اعظم جي گرفتاريءَ جو حڪم
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home