’راند’ جا نوان شرط طئه ڪرڻ لاءِ لڳايل بازار .. 15 جنوري 2013ع
’راند’ جا
نوان شرط طئه ڪرڻ لاءِ لڳايل بازار
سهيل سانگي
اڱارو 15 جنوري 2013ع
چوڌري شجاعت جي ٽياڪڙي به ڪم نه آئي....علامه قادري لانگ مارچ شروع ڪري
ڇڏيو. شايد رڳو اسلام آباد تائين لانگ مارچ جي ڳالهه هجي ها ته حڪومت ايتري
ڊنل نه هجي ها پر التحرير چوڪ بنائڻ واري ڳالهه حڪومت توڙي سياسي ڌرين کي
پريشان ڪري ڇڏيو. اها به پريشاني هئي ته طالبان يا ٻي ڪا اهڙي ويڙهاڪ ڌر ڪا
ڪارروائي ڪري وجهي ۽ رتو ڇاڻ ٿي پوي. ان صورت ۾ لانگ مارچ ته شايد حڪومت جو
ڪجهه بگاڙي سگهي يا نه، پر رتو ڇاڻ ضرور لوڏي وجهي ها. هاڻي ته حڪومت ۽
علامه جي وچ ۾ ٺاهه به ٿي ويو آهي. هاڻي نه چاليهه لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جي
ڳالهه آهي ۽ نه التحرير اسڪوائر جي.
اڃا ملڪ لانگ مارچ جي طوفان مان گذري رهيو هو ته ڪوئيٽا ۾ شيعه برادري سان
تعلق رکندڙ هزاره قبيلي جي 86 ماڻهن جو قتل ٿيو ۽ ان خلاف لاش رکي ٽن ڏينهن
تائين ڌرڻو لڳو، هزاره برادريءَ جي ماڻهن پنهنجا مطالبا ۽ ڏک وزير اعظم آڏو
رکيا پئي. هڪ شيعه تنظيم جي اڳواڻ جو زور هو ته بلوچستان جي گاديءَ واري
شهر ڪوئيٽا کي فوج حوالي ڪيو وڃي. عجيب ڳالهه آهي ته بلوچستان لاءِ اتان جا
رهواسي توڙي سڄي ملڪ جون سياسي ڌريون اهو مطالبو ڪري رهيون آهن ته بلوچستان
۾ آپريشن بند ڪري فوج کي بيرڪن ۾ گهرايو وڃي، ايف سي، جيڪا فوج جي ماتحت
آهي، سا پنهنجون ڪارروايون روڪي. ان موقعي تي صوبائي گاديءَ واري شهر لاءِ
فوج مقرر ڪرڻ جو مطالبو سياسي بحث جو موضوع ئي تبديل ڪري ڇڏي ٿو، جيڪو هاڻ
فوج واپس آڻڻ جي بدران فوج گهرائڻ جو مطالبو يا موضوع بڻجي وڃي ٿو. ان ۾ ڪو
شڪ ڪونهي ته بلوچستان جي مقبول سياسي ڌرين جي پارلياماني سياست کان دوري ۽
”اصلي توڙي نقلي“ مينڊيٽ رکندڙ ڌرين جي اسيمبلين ۽ حڪومت ۾ موجودگيءَ سبب
هڪ وڏو خال نظر اچي ٿو، پر اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته عوام کي
”ڊليور“ ڪرڻ جي حوالي سان موجوده صوبائي حڪومت جو وڃڻ توڙي گورنر راڄ لاڳو
ڪرڻ برابر ئي آهن. بلوچستان جا امن امان سان واسطو رکندڙ معاملا اڳ به
صوبائي حڪومت جي هٿ وس نه هئا ۽ انهن کي وفاقي ادارا ئي ڏسي رهيا هئا، پر
پوءِ به ڪوئيٽا ۾ فوج گهرائڻ جي بدران گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ڪجهه گهٽ
نقصانڪار اپاءُ لڳي ٿو. ان هوندي به اهو نقصان پنهنجي جاءِ تي آهي ته فوج
واپس آڻڻ جي بدران فوج گهرائڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي. هتي اها ڳالهه ذهن ۾
رکڻ تمام ضروري آهي ته حڪومت جي کڻي ڪا ڪوتاهي ۽ نا اهلي وغيره ضرور هوندي
پر ان خراب حڪمرانيءَ جي سزا جمهوري عمل ۽ عوام کي نه ملڻ گهرجي
.
سو ڳالهه لانگ مارچ جي پئي هلي، ته ڪوئيٽا وارا واقعا علامه جي لانگ مارچ
سان گڏجي پيا آهن. لانگ مارچ ڪڏهن ٿيندا آهن، ڪيئن ڪامياب ٿيندا آهن؟ اهو
دلچسپ اڀياس آهي. سياست ۾ لانگ مارچ جو رواج چيني ڪميونسٽ اڳواڻ مائوزي تنگ
1934ع ۾ وڌو، جڏهن چيانگ ڪائي شيڪ جي خلاف لڙائيءَ ۾ ڪميونسٽن جي ريڊ آرمي
پوئتي هٽي پنهنجون صفون نئين سر جوڙيون. ڪميونسٽن ڇهه هزار ميلن جو سفر ڪري
پنهنجو انقلابي مرڪز ڏکڻ مان اتر چين ۾ منتقل ڪيو. ان لانگ مارچ جون ڪيئي
ڪاميابيون آهن. اهو لانگ مارچ سياسي طور ماڻهن کي قائل ڪرڻ سان گڏوگڏ
گوريلا جنگ پڻ هو. اهو مارچ چين ۾ آمريت جي خاتمي ۽ سوشلسٽ نظام رائج ڪرڻ
لاءِ هو. تاريخ ۾ ٻيو لانگ مارچ جيڪو گهڻو مشهور ٿيو، سو مولانا عبدالحميد
ڀاشانيءَ جو هو، جيڪو هن مارچ 1976ع ۾ بنگلاديش ۾ ڪيو هو. بنگلاديش ٺهڻ کان
اڳ مولانا ڀاشاني پاڪستاني سياست ۾ هڪ وڏو نالو هو. مولانا ڀاشاني اهو مارچ
فرخا ڊيم ٺاهڻ واري ڀارتي فيصلي خلاف ڪيو هو، ڇاڪاڻ جو بنگلاديش کي ڊپ هو
ته ائين ڪرڻ سان هي ملڪ غير آباد ٿي ويندو. هن ڊيم لاءِ ڀارت پدما نديءَ جو
پاڻي گنگا نديءَ ۾ وجهڻ پئي گهريو. چيو وڃي ٿو ته هن لانگ مارچ جي پويان
بنگلاديش جي حڪومت هئي. هونئن به لانگ مارچ وڏي پئسي، تحرڪ ۽ تنظيم ڪاريءَ
جو ڪم آهي.
پاڪستان کي به ٽن لانگ مارچن جو تجربو آهي. پهريون لانگ مارچ محترمه بينظير
ڀٽو نومبر 92ع ۾ ڪيو، جڏهن سندس حڪومت ختم ڪري سندس جاءِ تي تڪراري چونڊن
جي ذريعي نواز شريف کي حڪومت ۾ آندو ويو هو ۽ نواز شريف محترمه خلاف مختلف
ڪيس شروع ڪيا. هن لانگ مارچ ۾ پوليس ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ چڪريون ٿيون، اسلام
آباد کي سيل ڪيو ويو، محترمه جي گهر جي ٻاهران پڻ ڪانڊيدار تارون وڇائي
سندس ٻاهر نڪري پنڊيءَ ۾ پهتل لانگ مارچ تائين پهچڻ ناممڪن بنائڻ جي ڪوشش
ڪئي ويئي، پر هوءَ جيالن جي پاڇي ۾ رڪاوٽون ٽوڙي پنڊيءَ پهچي ويئي. هن مارچ
جي پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي. محترمه بينظير ڀٽو
ٻيو مارچ نواز شريف حڪومت خلاف ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ڪيو. سنڌ ۾
قومپرستن ۽ خيبر پختونخوا ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ سندس ساٿ ڏنو. محترمه سنڌ-
پنجاب سرحد تي ڌرڻو هنيو. اي اين پي ۽ پي پي ولي خان جي اڳواڻيءَ ۾ اٽڪ
واري پل تي ڌرڻو هنيو. اهو ڌرڻو ننڍن صوبن جو نواز شريف خلاف احتجاج هو ۽
سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جو اتحاد پڻ. پاڪستان جون ٽيون لانگ مارچ 2008ع ۾ نواز
شريف جنرل مشرف جي هٿان برطرف ٿيل 60 ججن جي بحاليءَ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي
موجوده حڪومت جي خلاف ڪيو هو. لاهور مان شروع ڪيل لانگ مارچ اڃا اڌ رستي ۾
ئي هو ته آرمي چيف جو فون آيو ته سندس مطالبا مڃيا ويا آهن ۽ هو پنهنجو
احتجاج ختم ڪري. ٿيو به ائين. پهرئين مارچ جو نتيجو پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ
سامهون آيو پر ٽئين مارچ جو نتيجو ته صفا 24 ڪلاڪن اندر اچي ويو هو. هاڻي
چوٿون مارچ علامه قادريءَ جو آهي، ڏسجي ان جو نتيجو مختلف ٿو نڪري يا نه؟
ان کان اڳ شيعا مسلڪ جي ماڻهن پڻ اسي واري ڏهاڪي ۾ لانگ مارچ جي ڪوشش ڪئي
هئي. هو شيعه -سني فرقن تي هڪ جهڙو زڪوات جو نظام لاڳو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري
رهيا هئا. پر اهو مارچ ڪو گهڻو رنگ ڏيکاري نه سگهيو. پاڪستان جي تاريخ
ٻڌائي ٿي ته مارچ اهو ئي ڪامياب ٿيندو آهي، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت
حاصل هوندي آهي ۽ مارچ ڪري اسٽيبلشمينٽ جي مدد حاصل ڪئي ويندي آهي. ان جو
مطلب اهو ٿيو ته لانگ مارچ جو مقصد عوام کي متحرڪ يا قائل ڪرڻ نه پر
اسٽيبلشمينٽ کي متحرڪ ۽ قائل ڪرڻ هوندو آهي ته اها مداخلت ڪري ۽ پوءِ ائين
ٿيندو به آهي.
علامه قادري اهڙي موقعي تي لانگ مارچ ڪري رهيو آهي، جڏهن پيپلز پارٽي جي
آئيني مدت پوري ڪرڻ ۾ رڳو 59 ڏينهن وڃي رهيا آهن. ان بعد نگران حڪومت اچڻي
آهي، جيڪا ٽن مهينن اندر چونڊون ڪرائي هلي ويندي. ان صورتحال ۾ علامه قادري
ٽن اهم مطالبن سان لانگ مارچ ڪري رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ،
نگران حڪومت ٺاهڻ ۾ فوج ۽ عدليا جو مشورو ۽ چونڊن ۾ اميدوارن جي اهليت واري
شرط تي سختيءَ سان عمل - اهي سڀ وڏيون فرمائشون آهن. آئين ۾ اهڙي ڪابه
گنجائش ڪانهي جو راتو رات اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃي، هو ائين ڇو پيو چوي؟ علامه
جي دعوى آهي ته هو اهو ڪجهه عوام جي لاءِ ڪري رهيو آهي. عوام جن پارٽين کي
چونڊيو آهي يعني پيپلز پارٽي، نواز ليگ، عوامي نيشنل پارٽي وغيره ..... نه
انهن مان ۽ نه وري ملڪ ۾ موجود ٻين پارٽين طرفان جيڪي چونڊن ۾ حصو نه
وٺنديون رهيون آهن ۽ لڳاتار سياسي عمل جو حصو رهيون آهن، اهڙو ڪو مطالبو ٿي
رهيو آهي. پارليامينٽ ۾ ويٺل توڙي ان کان ٻاهر موجود سياسي ڌرين جو خيال
آهي ته انهن حالتن ۾ علامه جي ڪُڏي وچ ۾ پوڻ سان ماڳهين پر امن طور هڪ
جمهوري حڪومت کان ٻي جمهوري حڪومت کي اقتدار جي منتقلي خطري ۾ پئجي ويئي
آهي ۽ جمهوري تسلسل ۾ رخنو پئجي ويو آهي. جيڪڏهن وقت سر چونڊون ٿي وڃن ٿيون
ته فوج يا اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن جي ٽياڪڙيءَ جي ضرورت نه پوندي، ائين هڪ
جمهوري عمل ۽ ان جو تسلسل ٺهي ويندو ۽ پڪو ٿي ويندو. سياسي ڌرين کي به پڪ
ٿي ويندي ته جمهوري عمل سان بهتر تبديلي اچي سگهي ٿي. پر ائين ٿو لڳي ته هي
بازار راند جا نوان شرط طئي ڪرڻ لاءِ لڳائي پئي وڃي
.
لانگ مارچ ۾ ڪيترا ماڻهو شريڪ آهن؟ ان جي ڪامياب هجڻ جا ماڻ ۽ ماپا ڪهڙا
آهن؟ ان کان هٽي ڪري اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته بهرحال ان جا اثر دور رس
پوڻا آهن. ملڪ جي سياست، حڪمراني، طاقت جا محور ۽ توازن جي تبديليءَ جي لاءِ
نوان رستا نڪرندا. ان سان گڏوگڏ ملڪ اندر هڪ دفعو ٻيهر مذهبي سياست ۽ نعرو
داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ جو علامه اهو لانگ مارچ پنهنجي رجسٽرڊ پارٽي
پاڪستان عوامي تحريڪ جي جهنڊي هيٺ ڪرڻ جي بدران مذهبي تنظيم منهاج القرآن
جي جهنڊي هيٺ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا غير سرڪاري تنظيم (اين جي او) طور
حڪومت وٽ رجسٽر ٿيل آهي. دور رس نتيجا ته پوءِ جي ڳالهه آهي، لانگ مارچ جا
موجوده حالتن تي به سڌي طرح اثر پيا آهن ۽ سياسي صف بنديون انهن اثرن کان
بچي نه سگهيون آهن. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي کي ويجهو آيون آهن، ان
کان علاوه ٻين جماعتن جي به سياسي پوزيشن هڪ ٻئي جي ناتن جي حوالي سان
مضبوط ٿي آهي. ڄڻ ته علامه کان علاوه باقي سمورين جماعتن کي موجوده منظر
نامي مان فائدو مليو آهي. دور رس نتيجا ڪهڙا ٿا ٿين، انهن تي پاڪستان جي
سياسي رانديگرن جي ڪهڙي اڳ نظر هئي، جو هاڻي کين فڪر ٿيندو!
ايم ڪيو ايم جي پوزيشن ۾ تبديلي آئي آهي. اڃا الطاف حسين ”ڊرون حملا“ ڪري
بس مس ٿو ڪري، جنهن ۾ چوي ٿو ته هر حال ۾ ايم ڪيو ايم مارچ ۾ شامل ٿيندي پر
18 ڪلاڪن اندر ايم ڪيو ايم يو ٽرن وٺي ٿي. (هاڻي وري متحده علامه قادريءَ
جي مطالبن جي حمايت ڪندي حڪومت کان اهي مطالبا پورا ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي) ڇا
هي سياسي ڏاهپ جي کوٽ آهي؟ يا وري ماڻهن جو اهو چوڻ درست ثابت پيو ٿئي ته
ايم ڪيو ايم ڪيڏي به مهل ڪوبه فيصلو ڪري سگهي ٿي. ڪئين سوال اٿن ٿا. ڇا اها
پارٽي رڳو ردِ عمل جي سياست ڪري ٿي؟ علامه جي آمد ۽ ان جو ساٿ ڏيڻ جي
نتيجي ۾ سودي بازيءَ تي ايم ڪيو ايم لانگ مارچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان
گورنر هائوس ۾ ڪيو. الطاف حسين پنهنجي تقرير ۾ گورنري کسجڻ جو حوالو ڏنو هو.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته موجوده گورنر برقرار رهندو، اهو هاڻي نگران سيٽ اپ ۾
به تبديل نه ٿيندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته گذريل چونڊن ۾ گورنر جو ڪردار
تڪراري رهيو هو. ڪراچيءَ ۾ ووٽرن جي تصديق ۽ تڪ بنديءَ وارا معاملا به اڌ ۾
رهجي ويا آهن. ان صورتحال تي اي اين پي جو چوڻ آهي ته چونڊن بابت انهن ٻن
معاملن کي مفاهمتي عمل ڳڙڪائي ويو. حڪومت سنڌ ۾ مڪاني ادارن واري نظام تي
ايم ڪيو ايم جي ڳالهه مڃي ورتي آهي. اهو نظام في الحال سپريم ڪورٽ جي سهاري
تي روڪيل آهي، ڇاڪاڻ جو ڪورٽ منع نامو ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم وانگر مسلم ليگ
(ق) به موقعي جو فائدو ورتو ۽ پنهنجا معاملا اُڪلايا. قاف ليگ پنجاب ۾
پيپلز پارٽيءَ کان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرائي ورتي. نگران سيٽ اپ لاءِ پيپلز
پارٽيءَ نواز شريف جون ڳالهيون وڏي حد تائين مڃي ورتيون. اهي ٻئي جماعتون
پنهنجي سياست بازيءَ لاءِ هاڻي هڪ ٻئي تي گهٽ تنقيد ڪري رهيون آهن ۽ ٽارگيٽ
ڪرڻ لاءِ وٽن علامه موجود آهي. علامه ته هونئن به ٻين جي ’ڀلي‘ لاءِ آيو
آهي ۽ وهندڙ گنگا مان اسان جي سياسي جماعتن جيڪڏهن هٿ ڌوتا ته ڪهڙو هرج آهي؟
اصل ڳالهه سياست بدلجڻ، سياسي مطالبا ۽ نعرا بدلجڻ، طاقت جو توازن ۽ محور
بدلجڻ جي آهي. ڏسجي ته علامه جو زور انهن کي ڪيترو بدلائي سگهي ٿو.
Labels: 2013, اسٽيبلشمينٽ, سهيل سانگي, قادري, لانگ مارچ
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home