Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

...۽ تاريج جو هڪ باب بند ٿي ويو! 09 ڊسمبر 2014ع

...۽ تاريج جو هڪ باب بند ٿي ويو!
اڱارو 09 ڊسمبر 2014ع
 سھیل سانگی
اڄ مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته تاريخ جو باب ڪيئن بند ٿيندو آهي. هونئن پڙهندو يا ٻُڌندو رهندو هوس، پر ڪامريڊ سوڀي جي وڇڙي وڃڻ اها ڳالهه سمجهائي ڇڏي. هڪ اڏول ماڻهو، سالم هوش حواس سان 94 سالن جي عمر ۾ به ائين بيٺو هو، جيئن مون کيس چاليهه سال کن اڳ ڏٺو هو. جذبا جوان، ڳالهه ٻولهه ۾ چٽائي ۽ رواني، فڪر ۾ پُختگي ۽ ڪميٽمينٽ. ڪامريڊ سان منهنجي پهرين ملاقات ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏ ٿي، تڏهن آئون ڪاليج ۾ پڙهندڙ ٻار هئس، ان بعد ڀٽو دور ۾ نذير عباسي سان گڏ ڪامريڊ سان ملڻ لاءِ وياسين. پارٽيءَ جي تنظيم، تاريخ، سياسي صورتحال، ايندڙ وقت جي حڪمت عمليءَ تي ڊگهيون ڪچهريون ٿيون. 

گذريل سال ڊسمبر ۾ پنهنجي ٻارن دانيال، ارباز، شيراز ۽ دانش کي موهن جو دڙو گهمائڻ وٺي ويس. تاريخي آثار گهمڻ مهل مون ٻارن کي ٻُڌايو ته، ”هي تاريخي آثار آهن، واپس لاڙڪاڻي هلي، توهان کي زندهه تاريخ سان ملاقات ڪرائينداسين.“ اسين مهمان ته بشير چانڊيو جا هئاسين، پر محمد علي پٺاڻ سڄو وقت گڏ هو. منهنجي انهيءَ خواهش تي محمد علي پٺاڻ چيو ته، ”بلڪل ڪچهري رکون ٿا.“ 

خبر تڏهن پئي ته اسين مچ ڪچهري لڳايو ويٺا هئاسين، جو ڪامريڊ سوڀو، محمد علي پٺاڻ کي ساڻ ڪري اچي نڪتو. منهنجي شرمساريءَ جي حد هئي، وڏو بزرگ، مارڪسي مفڪر هن عمر ۽ ايتري سيءَ ۾ هتي اچي پهتو آهي. چيومانس ته، ”ڪامريڊ هي توهان ڇا ڪيو؟ آئون توهان وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ آيس پئي.“ کِلي چيائين ته، ”محمد علي پٺاڻ ڳالهه ڪئي، سوچيم توهان جو الائي جي شيڊيول ڪيئن هجي، سو هليو آيس.“ اهو منهنجي ۽ منهنجي ٻارن لاءِ يادگار لمحو هو، مون پنهنجو پاڻ کان پُڇيو ته، ”ڇا آئون ان لائق آهيان، جو ڪامريڊ مون سان ملڻ اچي؟“ وڏي ڪچهري ٿي، اسان جو دوست بدر ابڙو به موجود هو. مون ٻارن کي ٻُڌايو هو ته، ”هن زندهه تاريخ سان ملڻ بنا موهن جو دڙو گُهمڻ اڌورو ٿيندو.“ 

شروعات ڪامريڊ جي شروعاتي ذاتي زندگيءَ سان ٿي. اهو منهنجي ٻارن لاءِ ته وڏو سبق، تجربو شيئر ڪرڻ هو، پر اسان جي ڪچهريءَ ۾ موجود باقي شرڪت ڪندڙن لاءِ به هو. ڪامريڊ ٻُڌايو ته، سندس هڪ ڪلاس فيلو نينگري، شانتي نڪيتن ۾ پڙهندي هئي، جنهن کيس ٻُڌايو آهي ته، ”جيڪڏهن پڙهڻو آهي ۽ زندگي جو علم پرائڻو آهي ته شانتي نڪيتن اچو.“ ان بعد ڪامريڊ ڊاڪٽر يا وڪيل ٿيڻ وارو فيصلو ترڪ ڪري رابندر ناٿ ٽئگور جي يونيورسٽي شانتي نڪيتن وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪامريڊ ٻُڌايو ته، ”آرٽ، ميوزڪ، فلسفو، تاريخ، ڪلچر، سائنس مطلب ته ڪو اهڙو علم نه هو، جيڪو اُتي نه پڙهايو ۽ سيکاريو پئي ويو.“ ڪامريڊ سوڀي اُتي ڇا سکيو؟ ان جو احوال هن هڪ انٽرويو ۾ هن ريت ڪيو. ”جڏهن پڙهائي پوري ڪري شانتي نڪيتن ڇڏڻ وارو هوس ته هڪ استاد پُڇيو ته، ”هتي ڇا پڙهيو ۽ سکيو؟“ ڪامريڊ وراڻيو ”آئون ٻارن جيان آيو هوس ۽ انسان بڻجي وڃان پيو.“ اتي سندس ملاقات ٽئگور سان به ٿي، جنهن شڪايت ڪئي ته، ”توهان سنڌين بنگالي ماهر آثار قديمه مجمدار کي قتل ڪيو.“ 

ڪامريڊ کيس ٻُڌايو ته، ”ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي مجمدار کي قتل ڪيو هو، جو کين غلط فهمي ٿي هئي ته موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان سون لڌو آهي.“ سندس ان وضاحت ٽئگور تي گهڻو اثر ڪيو ۽ مٿس ”مين فرام موهن جو دڙو“ جو نالو رکيائين. 

ڪامريڊ سوڀي 21 سالن جي عمر ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان فڪر ۽ نظريي سان مرڻ گهڙي تائين واڳيل رهيو. سندس ڪميونسٽ تحريڪ ۾ رول ايترو هو، جو مٿس نالو ”ڪامريڊ“ پئجي ويو. وڏي ڳالهه ته هن ان لفظ جو آخري دم تائين ڀرم رکيو. هن عمر جي آخري حصي ۾ به نه اميد پرستي ڇڏي ۽ نه ئي همت هاري. سوويت يونين جي ٽُٽڻ بعد به کيس پُختو ويساهه هو ته انقلاب ضرور ايندو، ڇاڪاڻ جو سرمائيدار وٽ انسان ذات کي ڏيڻ يا آڇڻ لاءِ ڪا گهڻي شئي ناهي ۽ وٽس ٻي ڪا واٽ به ناهي. 

ورهاڱي مهل ڪيترن ئي همراهن کيس صلاح ڏني ته هو لڏي ڀارت هليو وڃي، پر هن انڪار ڪيو. چيو ته هو هن ڌرتيءَ جو پُٽ آهي، سندس ماضي، حال ۽ مستقبل ان سان ئي ڳنڍيل آهي. لڏي وڃڻ بابت سوچڻ ئي ايترو عذاب ڏيندڙ آهي، جو هو سوچي به نه ٿو سگهي. 

ڪامريڊ کان جڏهن ٻارن سندس صحت جو راز پڇيو ته، هُن ٻڌايو ته هن نه ڪڏهن شراب پيتو، نه ڪوڙ ڳالهايو ۽ نه وري پرائي عورت کي بُري نظر سان ڏٺو. جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهيس، ان تي بيهي رهيس ۽ قائم رهيس. پنجين خوبي جيڪا ڪامريڊ بيان ڪئي، سا هئي پنهنجي فڪر، نظريي سان ڪمٽمينٽ. ايتري قدر جو هن جيڪي لکيو، جيڪي ڳالهايو ۽ جيڪي عمل ڪيو، سو سڀ نظريي سان مطابقت رکندڙ هو. ڪڏهن به ڪو ٿيڙهه يا تضاد نه هو. 

ورهاڱو مذهبي بنياد تي ٿيو، مٿان وري پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ڪميونسٽن خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا. ڪامريڊ سنگت جي صلاح سان پارٽيءَ جي قيادت ۾ نه اچڻ، پر پارٽيءَ ۾ ڪم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر کي گرفتار ڪري پوءِ شهيد ڪيو ويو، تڏهن گرفتار ٿيلن ۾ ڪامريڊ سوڀو به شامل هو، جنهن کي بدنام زمانه اذيت گاهه شاهي قلعي نيو ويو. 

ڀٽو دور ۾ وري سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ويا. مير غوث بخش برنجو تڏهن بلوچستان جو گورنر هو، تنهن ڀُٽي کي ڳالهه مڃائي ته سوڀي کي گرفتار نه ڪيو وڃي. بشير چانڊيو جي اوطاق تي هن مچ ڪچهريءَ ۾ ڪامريڊ سوڀي حسن ناصر جي گرفتاريءَ واري واقعي بابت به ٻُڌايو. هو ان خيال جو هو ته پارٽيءَ طرفان ان جي جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو رکيون وڃن ها. 

ڪراچيءَ مان منهنجي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار لاءِ اسان ڪامريڊ سان ملاقات ڪئي هئي. ڊگهي ڪچهريءَ بعد ڪامريڊ کي مڃايو هوسين ته هو اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکندو، پوءِ ڪامريڊ ڳالهائيندو هو ۽ محمد علي پٺاڻ اهو لکي اسان کي موڪلي ڏيندو هو، جيڪو ”تاريخ ڳالهائي ٿي“ جي نالي سان شايع ٿيندو هو، بعد ۾ انهن ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب پڻ شايع ٿيو. 
هڪ ٻي يادگار ملاقات اسلام آباد ۾ ڪامريڊ روچيرام سان گڏ ٿي هئي، جتي اهي ٻئي جهونا اقليتن جي چونڊن ۾ تبديليءَ لاءِ حڪومت کي قائل ڪرڻ لاءِ آيل هئا. ڊاڪٽر کٽومل ايم اين اي جي ڪمري تي اقليت جي مسئلن جي مختلف پهلوئن تي گهڻو ڪجهه ڳالهايو. ڪامريڊ جو چوڻ هو ته، ”اصل ڳالهه اها ته سوسائٽي ان اشو تي ڪيئن ٿي موٽ ڏي، اها ئي شئي عملي شڪل ۾ بيهندي.“ پاڪستان جي سياسي نظام ڪڏهن به ڪامريڊ کي هضم نه ڪيو. کيس ڪيئي سال روپوش رهڻو پيو يا وري قيد ۾. 1988ع کان پوءِ عام چونڊون به لڙيون، پر ادارن طرفان جوڙ ڪٽ جي حساب کيس چونڊيل ايوانن کان ٻاهر رکيو، بلڪل ائين جيئن گرامچي لاءِ سندس ملڪ جي آمر چيو هو ته، کيس گهٽ ۾ گهٽ 30 سال ماڻهن کان پري رکيو وڃي، تيئن ڪامريڊ سوڀي لاءِ به ڪيو ويو. هو پاڻ چوندو هو ته اسٽيبلشمينٽ کيس ٽمورتي ديو سمجهي ٿي، هڪ ڪميونسٽ ٻيو وري سنڌي، مٿان وري هندو. پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڪميونسٽ تحريڪ ۽ ان جي مختلف محاذن کي منظم ڪرڻ ۾ ڪامريڊ جو وڏو ڪردار رهيو، هو ڪراچيءَ جي مزدورن جو ليڊر ۽ ترقي پسند اديبن جو ساٿي هو. 
سٺ واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ عملي طور تي ڪنهن به حقيقي ڪميونسٽ تحريڪ کي ساڻ نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو. ڪامريڊ ان بعد به پنهنجو فطري ۽ ذهني لڳاءُ پارٽي سان واڳيل رکيو ۽ وقت بوقت صلاحون ڏيندو رهيو. ڪيترن ئي موقعن تي پارٽي کائنس خاص طور تي صلاحون وٺندي رهي.ڪامريڊ سوڀو نظريي ۽ فڪر سان والهانه وابستگي رکندڙ هو، اهو رشتو ڪو به دٻاءُ ۽ سختي ٽوڙي نه سگهي. هو هڪ اڏول، قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي رکندڙ، حقيقي معنائن ۾ سياسي ڪارڪنن لاءِ مڪمل رول ماڊل هو. 
ميرا عشق تها گواهي تيري حسن کي ديکهه
 اس گواهي پر قائم رهي هم

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home