Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

ڌرڻي وارا ڪهڙي معجزي جي انتظار ۾ آهن؟ 20 سيپٽمبر 2014ع

ڌرڻي وارا ڪهڙي معجزي جي انتظار ۾ آهن؟
ڇنڇر 20 سيپٽمبر 2014ع
 سهيل سانگي
ملڪ جي سياسي صورتحال تي ويچار ڪرڻ لاءِ گهرايل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس پنهنجي آخري ڏينهن تي ٺهراءُ جي شڪل ۾ ڌرڻن جي مذمت ڪئي آهي. هي پهريون ڀيرو آهي، جو ائين کليل لفظن ۾ پارليامينٽ انهن احتجاجن جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان سبب ملڪ کي پهچندڙ اقتصادي نقصان توڙي عالمي ساک کي رسندڙ ڌڪ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ٺهراءُ ۾ آئين، جمهوريت جي برقرار رکڻ جو به وچن ڪيو ويو آهي. بظاهر اهو ٺهراءُ روايتي لڳي ٿو، پر بدليل حالتن ۾ اهو ظاهر ڪري ٿو ته پنجن هفتن کان جاري احتجاج کانپوءِ پارلياماني ڌريون گڏ ۽ ساڳئي موقف تي بيٺيون آهن. هن ٺهراءُ کي وزير اعظم نواز شريف جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير سان گڏ پڙهڻ سان اُن جو وزن وڌي وڃي ٿو. احتجاج ڪندڙ ڌرين سان ڳالهيون هلائڻ لاءِ جوڙيل سياسي جرڳي اها صلاح ڏني هئي ته وزير اعظم پارليامينٽ ۾ اهڙو اعلان ڪري ته چونڊن ۾ ڌانڌليون ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ استعيفى ڏيئي ڇڏيندو. جرڳي موجب ٽي ڌريون آهن. هڪ حڪومت ۽ ٻه احتجاج ڪندڙ جماعتون، جڏهن ته جرڳي پاڻ کي ڄڻ الڳ ڌر طور شمار ڪيو آهي. گڏيل پارليامينٽ ۾ ٿيل تقريرن ۽ پاس ڪيل ٺهراءُ ۾ رڳو ٻن ڌرين کي مڃيو ويو آهي، يعني پارليامينٽ ۽ سياسي ڌريون هڪ پاسي ته وري احتجاج ڪندڙ ٻئي ڌريون ٻئي پاسي آهن. گڏيل اجلاس حڪومت کي اڪيلو يا الڳ نه رکيو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو عوامي نيشنل پارٽي توڙي پيپلز پارٽي جي ميمبرن وزير اعظم کي پارليامينٽ جو نمائندو يا ملڪ جي 18 ڪروڙ عوام جو وزير اعظم سڏيو آهي. هونئن سياسي جرڳي پنهنجي حساب سان قرار ڏنل ٽنهي ڌرين کي خط به لکيو آهي، جنهن ۾ 11 نقطا شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ گذريل سال وارين چونڊن جي مبينه ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ واري ڳالهه به شامل آهي. عام خيال اهو هو ته وزير اعظم پنهنجي تقرير ۾ سياسي جرڳي جي صلاحن کي آڏو رکي، ڪجهه ڳالهيون ڪندو ۽ جيڪڏهن سڌي طرح سان استعيفى جو ذڪر نه به ڪندو، تڏهن به اهو ضرور چوندو ته ڌانڌليون ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ قومي اسيمبلي ختم ٿي ويندي وغيره، پر ان خيال جي ابتڙ وزير اعظم نه رڳو اهو ته اهڙو ڪو ذڪر نه ڪيو، بلڪه جڊيشل ڪميشن جي به ڪا ڳالهه نه ڪئي. ماڳهين انگ اکر ڏيندي چيو ته، ”ڌانڌلين وارا الزام غلط آهن.“ تحريڪ انصاف رڳو 30 سيٽن بابت اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواستون ڏنيون هيون، جن مان صرف 12 تي نواز ليگ ڪامياب ٿي آهي. سندس تقرير ۾ توڙي باڊي لئنگويج ۾ ڪو اهڙو اشارو نه ملي رهيو ته سندس موقف ۾ لچڪ آهي. سندس هي جملا معنى رکن ٿا ته، ”جمهوريت جو سفر جاري رکنداسين، ڪنهن گروهه جي چند هزار ماڻهن جي چوڻ تي پارليامينٽ يا حڪومت کي نه ٽوڙينداسين.“ اها پراڻي ڳالهه آهي ته ڪو ننڍو وڏو لشڪر چڙهائي ڪري، زبردستي ڪنهن کي حڪومت ڏي يا مرضيءَ جي حڪومت مُسلط ڪري. هن اهو به اعلان ڪيو ته جمهوريت لاءِ آخري حدن تائين وينداسين. وزير اعظم جو اهڙو سختيءَ وارو موقف پهريون ڀيرو سامهون آيو آهي. اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته ٺهراءُ ۾ سياسي جماعتن سول سوسائٽي، وڪيلن، واپارين وغيره جو ٿورو مڃيو ويو، جن جمهوريت جي عمل کي جاري رکڻ ۾ مدد ڪئي يا اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو. نه ٺهراءُ ۾، نه ئي وزير اعظم جي تقرير ۾ ڪن اهم ادارن جو ٿورو مڃڻ جو ذڪر موجود نه هو، جيڪي مختلف وقتن تي جمهوريت جو ساٿ ڏيڻ جو چوندا رهيا آهن. ائين وزير اعظم ڄڻ سويلين جي بالادستي واري موقف تي قائم رهيو. سندن ئي چواڻي ته ان لاءِ هو اپوزيشن پارٽين جو ٿورائتو آهي، واقعي اها ڳالهه صحيح به آهي، ڇاڪاڻ جو اپوزيشن پارٽين پنهنجي پاڻ کي ۽ حڪومت کي پارليامينٽ جو حصو قرار ڏنو ۽ پارليامينٽ جي بچاءُ جي ڳالهه ڪندي حڪومت کي به بچايو. سياسي ڌريون توڙي سڄي ملڪ جا ماڻهو ان سوال جو جواب ڳولي رهيا آهن ته آخر ڌرڻو ختم ڇو نه ٿو ٿئي؟! اهو ڌرڻو ڪيئن ۽ ڪڏهن ختم ٿيندو؟ حڪومت ان طرف پنهنجو ڪهڙو موقف اختيار ڪندي. جمعي ڏينهن واري پارليامينٽ جي اجلاس کان اڳ وزير اعظم سمورين پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي نواز ليگ ۾ سخت موقف رکندڙ ڪجهه ميمبرن طرفان اها رٿ آئي ته طاقت جو استعمال ڪري، ڌرڻي وارن کي اُٿاريو وڃي، پر اپوزيشن جي جماعتن اهڙي ڪنهن قدم جي مخالفت ڪئي ۽ صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ جي صلاح ڏني. بعد ۾ خورشيد شاهه پنهنجي تقرير ۾ به اهو چيو ته اهڙي موقف رکڻ بابت سندس ئي صلاح هئي. ٺهراءَ جيتوڻيڪ ڌرڻي جي مذمت ڪئي، اُن جي مطالبن کي غير آئيني سڏيو، پر ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت ڪنهن عملي قدم جو ذڪر نه ڪيو ويو. البته وزير اعظم پنهنجي تقرير ۾ چيو ته،”شاهراهه دستور خالي ڪرائڻ نه ڪالهه مسئلو هو نه اڄ آهي، پر حڪومت صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ چاهي ٿي.“ مطلب ته حڪومت زبردستي اُٿارڻ وارو قدم نه ٿي کڻڻ چاهي. عام خيال اهو هو ته ڌرڻي وارا همراهه به ٿَڪجي پيا آهن. اسان جي اسلام آباد جي هڪ دوست چواڻي ته، هنن همراهن ”سنگت“ کي نياپو به ڪيو هو ته کين زوري ئي سَهي، ڀلي اُٿاريو وڃي، پر اهي به اسلام آباد ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن ته کين خالي هٿ نه وڃڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. بهرحال اپوزيشن جي صلاح تي ئي سهي، پر حڪومت ڪو به زبردستي يا تشدد وارو رستو اختيار ڪرڻ نه پئي چاهي ۽ ڌرڻي وارن کي ٿَڪائڻ جي حڪمت عمليءَ تي برقرار آهي. ڌرڻي وارا ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ اڃا ويٺا آهن. ساڳئي وقت اها به حڪمت عملي جوڙي ويئي آهي ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به نواز حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي. ايندڙ ڏينهن ٻن ۾ ڪراچي ۾ عمران خان جو جلسو رکيو ويو آهي. لاهور نواز ليگ جو ڳڙهه هو، شروعات اُتان ڪئي وئي. اسلام آباد وفاقي گادي وارو شهر هو، اُتي وڌ ۾ وڌ دٻاءُ وڌو ويو، پر حڪومت جي ٿوڻي ڪجهه مضبوط نڪتي. هاڻي هڪ وڌيڪ هاٽ اسپاٽ ڪراچي کي اِن مقصد لاءِ چونڊيو ويو آهي. ڪراچي لاءِ سگهارن ادارن جو به خيال آهي ته ٽيڪس اتان اچي ٿو، ان کي متحرڪ ڪري جلدي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. معاملي کي ڪراچي ڏانهن شفٽ ڪرڻ جي کُڙڪ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين کي ٽي چار ڏينهن اڳ پئجي ويئي، اهو ئي سبب آهي، جو هو پاڻ کي ڳرو بڻائي رهيو آهي ۽ فرمائشون وڏيون ڪري رهيو آهي. عمران خان وڌيڪ صوبن جي ڳالهه ته ڪري ويٺو، پر پوءِ کيس احساس ٿيو ته ڳالهه ڳري ٿي ويندي، ان ڪري سنڌ کي ان دائري کان ٻاهر رکي ڳالهه ڪرڻ لڳو، پر ايم ڪيو ايم پنهنجي الڳ حيثيت رکڻ ۽ الڳ ڊيل ڪرڻ جي خواهشمند لڳي ٿي، اُن ڪري عمران خان جي ڪراچيءَ واري جلسي جي آجيان ڪرڻ بدران ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ عمران کان سنڌ جي ورهاڱي بابت وضاحتون ۽ خاطريون گهريون. پهريون رائونڊ ته پارلياماني ۽ سياسي ڌرين جي حق ۾ رهيو آهي. بظاهر لڳي ٿو ته سندن سرسي ٿي آهي. اختيار گهٽجي چڪو آهي سياسي ڌريون رڳو پارليامينٽ ۽ حڪومت کي ئي بچائي سگهيون آهن. ڇا هاڻي ٻيو رائونڊ ٿيڻ ڏي وڃي پيو؟ ائين ٿيو ته ان لاءِ ٻيا هاٽ اسپاٽ ڳوليا ويندا ۽ ان جون شڪليون ۽ اظهار مختلف هوندا.

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home