Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

پوليس نظام ۾ بُنيادي تبديلين جي ضرورت 31 مئي 2014ع


پوليس نظام ۾ بُنيادي تبديلين جي ضرورت
سھیل سانگی
ڇنڇر 31 مئي 2014ع
وڏي وزير سيد قائم علي شاهه تازو انڪشاف ڪيو هو ته، پوليس ۾ ڪاريون رِڍون آهن، جنهن ڪري ڏوهن کي روڪڻ ۾ ڏُکيائي ٿي رهي آهي. وڏي وزير باگڙجي واري علائقي ۾ ڏهن ڏينهن کان هلندڙ بي نتيجه ڏوهارين خلاف آپريشن جو به اِشارو ڏنو، جتان آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ وڏيون مَڇيون ڀڄڻ ۾ ڪامياب ويون. بعد ۾ پوليس اسٽيج ڊرامو ڪيو، جيڪو ميڊيا ۾ پڻ رپورٽ ٿيو. هِي ڪو پهريون موقعو ناهي جو پوليس بابت اهڙا ريمارڪس سامهون آيا آهن، هن کان اڳ به مختلف وقتن تي ڪڏهن باقاعده ته وري ڪڏهن بي قاعده اهڙو اظهار ٿيندو رهيو آهي. تازو ڪراچي آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ وزير اعظم ۽ آرمي چيف جي سڏايل اجلاس ۾ پڻ پوليس کي موثر بنائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. هن کان اڳ رينجرز جو سربراهه ۽ ڪجهه ٻيا فوجي آفيسر پوليس جي ڪردار بابت ڳالهائيندا رهيا آهن. ائين ويچاري پوليس جو اميج نڪو عام ماڻهوءَ وٽ چڱو آهي ۽ نه وري ڪو سرڪار وٽ. رينجرز جي سربراهه ته ماڳهين اِها صلاح ڏني هئي ته پوليس جي ڀرتي فوجي سينٽرن ذريعي ڪئي وڃي. اها ڳالهه اڃا تائين ويچار هيٺ آهي پر تيستائين سنڌ پوليس ۾ 1500 کن رٽائرڊ فوجي ڀرتي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ايترو ٻيو انگ ترت ڀرتي ٿيڻ وارو آهي. اصل ۾ هن سڄي معاملي کي ڏاڍي تفصيل سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. پوليس بابت عام شڪايت اها آهي ته اها بدتميز، چڱي ڀلي ڳالهه کي نه ليکڻ يا نظرانداز ڪرڻ، نااهل، شهرين جي شڪايتن تي ترت مدد لاءِ نه اچڻ، مثبت موٽ نه ڏيڻ، اختيارن جو غلط استعمال وڏي پيماني تي ڪرپشن، ماڻهن سان ڏاڍايون ڪرڻ ۽ يڪطرفو رويو رکڻ آهي. پوليس جي انهيءَ رويي سبب ماڻهن جو به پوليس ڏانهن ساڳيو رويو آهي. هُو سمجهن ٿا ته پوليس قانون لاڳو ڪرڻ يا ماڻهن جي تحفظ يا امن ذريعي نه پر ڪرپشن جو ادارو آهي، جيڪو يا پنهنجي مفادن لاءِ، يا وري وقت جي حاڪمن ۽ ڏاڍي لٺ وارن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ وڌندڙ ويڳاڻپ هڪ وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اها ويڳاڻپ ڪا هڪ ٻن سالن جو قصو ناهي. بلڪه اُن جي پويان ڊِگهي ڪهاڻي آهي. پهرين ڳالهه اها ته سنڌ توڙي پاڪستان ۾ پوليس جو نظام انگريزن جي دور جو آهي. انگريزن اها فورس ان لاءِ جوڙي هئي ته ان جي ذريعي ماڻهن کي قابو ۾ رکجي ۽ انهن تي حڪمراني ڪجي. ان ڪري ان جو سمورو تصور، ڍانچو ۽ اپروچ انهن ۾ مقصدن ۽ نتيجن کي سامهون رکي جوڙيو ويو هو. انگريز اهڙي فورس ۽ انتظامي مشينري ڪيئن جوڙيندا هئا، اهو هن مثال مان ظاهر ٿي وڃي ٿو. ننڍي کنڊ جي آزاديءَ کانپوءِ انتظامي مشينريءَ جا انگريز آفيسر جڏهن وطن ويا ته کين پينشنون ۽ ٻيا فائدا ڏيئي فارغ ڪيو ويو، جڏهن انهن آفيسرن اعتراض واريو ۽ سبب پڇيو ته کين ٻڌايو ويو ته ننڍي کنڊ ۾ توهان حڪمرانيءَ لاءِ هئا، هتي پنهنجي ملڪ ۾ خدمت لاءِ مشينري هوندي آهي. توهان کي حُڪمراني ڪرڻ سيکاري ويئي هئي. خدمت ڪيئن ڪجي، اهو نه سيکاريو ويو هو. مصيبت اها آهي ته ملڪ جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ ان قانون ۽ نظام کي بهتر بنائڻ بدران ويتر وڌيڪ خراب ڪيو ويو. ان ۾ حاڪمن طرفان مقررين، بدلين ۽ غير ضروري مداخلت، اثر، يڪطرفه حڪمن جي ڪري سڄو نظام ڊهي پيو. ان ۾ ايڏو بگاڙ آيو جو ان جي نتيجي ۾ اها فورس پنهنجا فرض نڀائڻ کان لاچار ٿي پئي. پوليس جي نظام ۾ انتظامي سطح تي بدليون ۽ مقرريون وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي فرمائش تي ٿيڻ ڪري پوليس جو رَويو به اهڙو ئي ٿي ويو. اهڙو دور به رهيو جو ٿاڻا وِڪامڻ لڳا. ٿاڻن جا خرچ ايس ايڇ او تي اچڻ لڳا. جڏهن پوليس سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي ته ان جو فائدو وٺندي پوليس وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ لڳي. پوليس جي ڪارڪردگي خراب ڪرڻ ۾ دهشتگردي، فرقيوارانه رتوڇاڻ، هٿيارن جي وڏي پيماني تي ڦهيلاءُ، آباديءَ ۾ واڌ ۽ عام ماڻهن جي استعمال ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو اچڻ آهي. پوليس جي خراب ڪارڪردگي ۽ ڏوهن ۾ واڌ، معاشي ۽ سماجي ترقي توڙي انساني جانين جي تحفظ جي واٽ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. جيڪڏهن سياسي حوالي سان ڏٺو وڃي ته اها خراب جمهوري عمل جي لاءِ پڻ نقصانڪار آهي. ان کي هن معاملي کي اوليت جي بنياد تي ڏسڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ پوليس سُڌارن لاءِ گذريل سال جُون ۾ وڏي وزير ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن کي ٻن هفتن اندر رپورٽ ڏيڻي هئي پر سال گذرڻ کانپوءِ ان ڪميٽيءَ جي ڪارڪردگي سامهون نه آئي آهي. ساڳيءَ طرح پنجاب حڪومت 2010ع ۾ ان مقصد لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي پر ان جون سفارشون اڃا تائين عمل ۾ نه اچي سگهيون. هي هاڻي وري هڪ دفعو سول سوسائٽيءَ طرفان اهو معاملو اُٿاريو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ رايا ورتا پيا وڃن. ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سماجي پس منظر ۾ پوليس نظام ۾ بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي. ٻين لفظن ۾ اهو ته ملڪ اندر سموري ڪرمنل لاز واري نظام ۾ سُڌارن جي ضرورت آهي، جنهن تحت پوليس ذميوار، اخلاق ۽ انصاف ڀريو ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي، ته جيئن ماڻهو ڏوهارين جي ڊپ بنا سُمهي به سگهن ۽ ڪم ڪار به ڪري سگهن.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home