امداد جي ورهاست وارو روايتي طريقو ۽ غير شفافيت جا امڪان
سهيل سانگي
اڱارو 11 مارچ 2014ع
هاڻي سڀني جو رخ ٿر ڏانهن آهي، وزير اعظم نواز شريف ۽ پيپلز پارٽي جو نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڏڪاريل علائقي ۾ پهچي ويا آهن، سپريم ڪورٽ به نوٽيس وٺندي سنڌ سرڪار کي ٿر جي حالتن لاءِ ذميوار قرار ڏنو، فوج به امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهي آهي، بلڊر ٽائيڪون ملڪ رياض فوتي ٻارڙن جي وارثن لاءِ 5-5 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آءِ بي اي سکر توڙي ٻيا انيڪ سرڪاري نيم سرڪاري ادارا ۽ ماڻهو ڏڪار ستايلن جي امداد لاءِ ميدان ۾ لهي پيا آهن، ڊونر ۽ اين جي اوز ته هونئن ئي اهڙن موقعن تي ميدان ۾ اچي ويندا آهن، لڳي ٿو ته ٿر واسين جي واهر ٿيڻ واري آهي، انهن جي مدد جو سامان ٿيڻ وارو آهي. وزير اعظم هڪ ارب رپين جو اعلان ڪيو، ساڳئي وقت تي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪيو، ۽ چيو ته ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ٻارن جو موت ڪيئن واقع ٿيو ۽ امدادي ڪڻڪ ڇو نه ورهائي ويئي؟ سوال پنهنجي جاءِ تي درست آهن. اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم به گذريل مئي وارين چونڊن کان پوءِ پهريون ڀيرو ٿر ۾ ڏسڻ ۾ آيو، سندس چوڻ هو ته امداد جي ورهاست کي شفاف بڻائڻ لاءِ رابطي ڪاري ضروري آهي، ائين نه ٿئي جو رڳو هڪ پارٽي جي ماڻهن کي امداد ملي. وفاقي حڪومت جي اعلانيل امداد بعد ٿر ۾ ارباب رحيم جو ڪردار هڪ دفعو ٻيهر اڀري رهيو آهي، ورنه چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي وڏي پيماني تي فتح ۽ سندس گروپ جي هار بعد هو بنهه گم لڳو پيو هو. بهرحال انهيءَ ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ٿر جي ڏڪار ۽ ان جي امداد تي به ڪا سياست ٿئي. ڏڪار واري معاملي تي سنڌ حڪومت جيئن ستن مهينن تائين خاموش رهي ۽ ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار نه ڏنو، ٽي مهينا اڳ ڏڪاريل ماڻهن لاءِ اعلانيل ڪڻڪ به نه ورهائي، ان سان گڏوگڏ بدانتظامي ۽ خراب حڪمراني جي ڪري ڳالهه حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي. وڌيڪ خرابي ان وقت ٿي، جڏهن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي گذريل هفتي واري دوري دوران غلط بريفنگ ڏني ويئي. اها نه رڳو غلط، غير منطقي هئي، بلڪه چڙ ڏياريندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ هئي. ان ڳالهه ماڳهين حڪومت جي ساک کي ئي لوڏي وڌو. اهو سٺو ٿيو جو وڏي وزير غلطي جو اعتراف ڪندي معاملي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ بريفنگ ۽ ان کان اڳ واري انتظامي توڙي صحت جي صورتحال مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ٿر ۾ سرڪاري ادارن ۽ اتي ويٺل آفيسرن جا ڪهڙا افعال هوندا. رڳو ايترو ئي نه، ساڳئي وقت چونڊيل عيوضي به اوترا ئي ذميوار آهن، جو اهي سڀ آفيسر فرمائشن تي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جا لڳايل آهن، ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر ۾ اهي خبرون هلن ٿيون ته انهن آفيسرن کي خاص مقصدن لاءِ لڳايو ويو آهي، وڏو مقصد اهو آهي ته ترقياتي ڪمن توڙي سار سنڀال وارن فنڊن مان سندن حصو پتي نڪري. الزام وڏا آهن، ماڻهن وٽ شاهديون به آهن، ان جي ضرور جاچ ٿيڻ گهرجي. ڳالهه اها پئي ٿي ته انهن عيوضين به وڏي وزير کي صحيح صورتحال نه ٻڌائي، ٻين لفظن ۾ اهو ته اهي نمائندا عوامي مينڊيٽ جو احترام نه ڪري سگهيا. ڇا ٿر جي ماڻهن کي اهو حق نٿو پهچي ته اهي انهن نمائندن تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪن ۽ کين ايوانن مان واپس گهرائي وٺن ۽ ٿر جي ماڻهن سموريون رڪاوٽون توڙي هن ڀيري انهن نمائندن (پيپلز پارٽي) کي تاريخي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ انهن جي مينڊيٽ جو اهو حال ڪيو ويو، ان بابت خود پارٽي قيادت کي انهن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. سنڌ جو وڏو وزير ٿر ۾ خراب صورتحال جي حوالي سان ستن آفيسرن کي اڳ معطل ڪري چڪو آهي ۽ ڪالهه ڪجهه وڌيڪ آفيسرن خلاف قدم کنيو ويو آهي. ڳالهه هڪڙي نظر ۾ ٺيڪ لڳي ٿي، پر انهن آفيسرن جي مقرري، انهن جي اهڙي خراب ڪاڪردگي توڙي رويي کي خود پارٽي جي ڪن اڳواڻن جي پُٺ حاصل آهي، ان ڪري رڳو انهن آفيسرن جي معطلي سان ڪم ڪونه هلندو. ڪي حلقا اهو پيا چون ٿا ته ڏڪار آهي ئي ڪونه، اهو ميڊيا جو وڌل ڏڪار آهي، اها ميڊيا هائيپ آهي، اها ڳالهه شروع ۾ سنڌ جي وڏي وزير به چئي هئي، ٻئي ڏينهن تي کيس پاڻ کي درست ڪرڻو پيو. 15 آگسٽ تائين برساتون نه پوڻ کانپوءِ ميڊيا لڳاتار حالتن بابت خبرون ڏيندي رهي ۽ حڪومت جو ڌيان ڇڪائيندي رهي ته علائقي ۾ امدادي سرگرميون شروع ڪيون وڃن پر حڪومت ائين نه ڪيو، ٽي مهينا اڳ مختلف رپورٽن جي روشنيءَ ۾ حڪومت 60 هزار ٻوريون ڪڻڪ به موڪلي. مهينو کن اڳ اسيمبلي ۾ به ان ڏڪار جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ ائين ميڊيا ۾ اهو سلسلو لڳاتار هلندو اچي، جنهن کان حڪومت ۽ انتظاميا ڪن لاٽار ڪندي رهي. ڪي حلقا، خود انتظاميا ۾ ويٺل ماڻهو چون ٿا ته گذريل سال ساڳئي موسم ۾ وڌيڪ ٻار موت جو شڪار ٿيا هئا، بلڪه اها ڳالهه خود صوبائي وزير شرجيل ميمڻ به چئي آهي. اهي انگ اکر ضرور صحيح هوندا، پر کانئن اهو پڇي سگهجي ٿو ته تڏهن به ته پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي ۽ انهن موتن لاءِ به اها ئي ذميوار آهي، پوءِ انهيءَ لاءِ به حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو. ڏڪار سبب پيدا ٿيل غذائي کوٽ ۽ مال لاءِ چاري جي اڻ هوند آهستي آهستي اثر ڏيکاري رهي آهي، ريڍو مال وڌيڪ ڪمزور ٿيندو آهي ۽ اهو ڏڪارن ۽ بکن ۾ سڀ کان پهرين شڪار ٿيندو آهي، هن ڀيري به ائين ٿيو. ڏڪار جي سٽ وارو معاملو ان وقت کليو، جڏهن بيماري وگهي رڍون هزارن جي تعداد ۾ مرڻ لڳيون، ٿر جا ماڻهو جن کي اڳ به ڪيترن ئي ڏڪارن جو تجربو آهي، تن سمجهي ورتو هو ته هاڻي ڏڪار اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي، ان ڳالهه ميڊيا جو ڌيان به ڏڪار جي اثرن طرف ڇڪايو. جڏهن اسپتالن جو ٽن مهينن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ته ڊيڄاريندڙ صورتحال سامهون آئي، رڳو مٺي سول اسپتال جا انگ اهو پيا ٻڌائين ته سراسري طرح چاليهارو کن ٻار هر مهيني اجل جو شڪار ٿيا آهن، هي ڪو ميڊيا هائيپ ڪونهي، بک ۽ ڏڪار ڪو گولي يا بم ڪونهي، جو ان جو ڌماڪو ٿئي ۽ ماڻهو مري وڃي، هي ته لڳاتار ڪمزور ڪندڙ، چيچلائي ماريندڙ عمل آهي، ٿر جو ماڻهو ان مان گذري رهيو آهي، 5 سالن جو ننڍڙو ٻارڙو انهيءَ غذائي کوٽ جي سٽ نٿو سهي سگهي، ان ڪري سٽ ۾ اهو ئي متاثر ٿيو، مدافعت جي سگهه نه هجڻ ڪري موت جي منهن ۾ هليو ويو، جيڪڏهن هي ميڊيا هائيپ آهي ته انڊيا جي راجسٿان ۾ به ڏڪار پيو آهي، ان کي ڇا چئبو! مٺي شهر جو منظر ٻڌائي ٿو ته سنڌ توڙي وفاقي حڪومت ۽ عالمي ادارا ٿر ڏانهن اٿلي پيا آهن، هڪ وڏي امداد اچڻ واري آهي، ان ڪري هاڻي اصل سوال اهو آهي ته اها امداد ۽ خوراڪ غريب ۽ مستحق ماڻهن تائين ڪيئن پهچي؟ سرڪار امداد ورهائڻ جو اهو انتظام ڪيو آهي جو اهو ڪم انهن ماڻهن جي حوالي ڪيو آهي، جيڪي هن کان اڳ به ٿر ۾ سفيد ۽ سياهه جا مالڪ هئا، اهي ماڻهو اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي ذميواري کان آجا ناهن ۽ ان ڪري امداد جي ورهاست ۾ به شفافيت بابت شڪ ۽ شبها آهن. ٻيو طريقو روايتي اين جي اوز جو آهي، اين جي اوز هاڻي عوام جي خدمت ڪرڻ يا عوام کي ڪجهه ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ تبديل ٿي ويون آهن. انهن گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ عوام جي نالي تي ۽ تباهين جي ازالي لاءِ آيل پئسن مان پنهنجو پاڻ کي ته ٺاهيو آهي پر عوام کي ڪجهه به نه مليو آهي. ڊونر ادارا مٺي يا اسلام ڪوٽ تائين ئي پنهنجيون ڪئمپون قائم ڪندا، باقي ڪم انهن روايتي وڏين اين جي اوز کي ڏنو ويندو ، بزنس ڪندڙ انهن اين جي اوز جو ڪردار مارڪيٽ جي ٻوليءَ ۾ وچيئن ڌر وارو هوندو، پر اهي انهيءَ امداد کي اڳتي نه وڌائينديون. ٿيڻ ڇا گهرجي؟ (1) حڪومت کي گهرجي ته ڪنهن هڪ پارٽي يا چونڊيل عيوضيءَ تي ڀاڙڻ بدران ڳوٺ جي سطح تي ڪميٽيون ٺاهي. ڪن ڳوٺن ۾ اڳ ئي ڳوٺاڻيون تنظيمون قائم آهن، انهن کان ڪم ورتو وڃي، ڪميٽين ۾ هر مڪتبه فڪر ۽ گروپ جا ماڻهو کنيا وڃن ته جيئن امدادي ڪم جي ورهاست ۾ شفافيت اچي سگهي. (2) ڊونر ادارن کي گهرجي ته اهي به ڪجهه هيٺ لهن ۽ انهن ”ايجنٽ“ اين جي اوز جي بدران ڳوٺاڻين تنظيمن کي اڳتي آڻين ۽ امداد جي ورهاست انهن جي ذريعي ڪئي وڃي. (3) ٿر ۾ پوندڙ ڏڪار جو مستقل حل ڳولڻ لاءِ انڊيا جي تجربي مان به سکيو وڃي، جتي ٽيوب ويلن ۽ ڪئنال جي ذريعي پوکي ڪئي وڃي ٿي. (4) ٿر جي ڪوئلي کي استعمال کان اڳ ٿر جي نوجوانن کي هنري ۽ ٽيڪنيڪل تعليم ڏيئي اتي سئو سيڪڙو انهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. (5) ٿر ۾ معياري تعليم کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ذهين ٻارن کي اسڪالرشپون ڏيئي بهتر نوڪرين لاءِ تيار ڪيو وڃي. (6) هن وقت ٿر جا ماڻهو چوپائي مال ۽ برسات تي ٿيندڙ فصلن تي ڀاڙين ٿا، ان جي بدران سندن روزگار جو ذريعو تبديل ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن.
Labels: Kawish, Thar, بلاول ڀٽو, ڏڪار, سهيل سانگي, نواز شريف
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home