ڪوئلي جي رٿائن جو لاڀ ٿر جي ماڻهن کي ملڻ گهرجي
سهيل سانگي
اڱارو 28 جنوري 2014ع
22 سالن کان ٿر جي ماڻهو کي خواب ڏيکاريو پيو وڃي ته هن ريگستان ۾ 175 ارب ٽن اعليٰ قسم جو ڪوئلو موجود آهي، جيڪو ٻن وڏن تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ايران ۽ سعودي عرب جي تيل جي گڏيل ذخيرن جي برابر آهي ۽ اهو به ته هن ڪاري سون جي استعمال سان هڪ لک ميگاواٽ بجلي ٻه سئو سالن تائين ٺاهي سگهجي ٿي پر هر ڀيري هي سپنو ساڀيان ٿيندي رهجي وڃي ٿو، ڪڏهن تيل واري لابي ته ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جا حامي ته وري ڪڏهن صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو جهيڙو يا وري پئسن جي کوٽ ۽ پرڏيهين کي نه سهڻ وارو رويو وچ ۾ اچي وڃي ٿو، ڪاري سون جا اهي ذخيرا ٿر جي ماڻهن لاءِ سانوڻيءَ جي ان بادل جيان ٿي ويا آهن، جيڪي ڀرجي ته اچن ٿا پر وسن نٿا، ماڻهو آسمان ۾ اکيون وجهيو مينهن ڦڙي لاءِ واجهائيندا رهن ٿا ۽ اهي بادل ٿر تي ڪارو ڏڪار ڇڏي گذري وڃن ٿا. ڪوئلو لڀڻ کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو 1994ع ۾ پنهنجي ٻئي دور حڪومت ۾ ٿهاريو هاليپوٽو ۾ ٿر ڪول فيلڊ جو افتتاح ڪيو، هن ڪوئلي مان سمنڊ جي ڪناري تي ڪيٽي بندر وٽ نئين اڏجندڙ شهر ويجهو بجلي گهر ٺاهڻو هو، پر سندس حڪومت ختم ٿيڻ تي نواز شريف حڪومت ۾ اچڻ شرط ڪيٽي بندر توڙي ٿر ڪول پروجيڪٽ ٻئي رٿائون رد ڪري ڇڏيون، ان بعد سالن تائين اهو معاملو سرد خاني ۾ هليو ويو، بجليءَ جي وڌندڙ کوٽ ۽ ڪجهه ٻين سببن ڪري ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ لاءِ وري سرگرمي شروع ٿي. خود مشرف جي سربراهي ۾ ڪميٽي به ٺهي، پر اهو ڪوئلو نه نڪتو، سو نه نڪتو. پيپلز پارٽي جي گذريل دور ۾ ايٽمي توانائيءَ جو ماهر ڊاڪٽر ثمر مبارڪ ڪرشمو ڪري ڏيکارڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو، سندس آئيڊيا اهو هو ته زير زمين ڪوئلي کي گئس ۾ تبديل ڪري استعمال ڪجي. سندس پائلٽ پروجيڪٽ وارو اهو ڪرشمو به اڃا تائين ڪو اثر نه ڏيکاري سگهيو آهي، حالانڪ سندس واعدو هو ته ٽن سالن ۾ يعني 2013ع ۾ هو اهو ڪم ڪري ڏيکاريندو. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ چواڻي ته کيس هڪ ارب رپين کان مٿي رقم کپي، جيڪا نه سنڌ حڪومت ۽ نه ئي وفاقي حڪومت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وزير اعظم گيلاني ڪيترائي دفعا پنهنجي تقرير ۾ ٿر جي ڪوئلي جا حوالا ڏيندو رهيو، ان بعد پيپلز پارٽي جو ٻيو وزير اعظم راجا پرويز اشرف به ٿر ڪول فيلڊ گهمي ويو، پر نتيجو ٻُڙي رهيو. هاڻي بدليل حالتن ۾ نواز شريف 31 جنوريءَ تي ڪوئلي ڪڍڻ جو افتتاح ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. پرڏيهي ناڻي جي کوٽ، تيل مان ٺهندڙ بجليءَ جي مهانگائي سبب حڪومت وٽ ان کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نه بچي آهي ته اها ڪوئلي کي بجلي ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪري. رڳو ايترو ئي نه پر پنجاب 2009ع کان پاڻ وٽ ڪوئلي تي هلندڙ 6 بجلي گهر ٺاهڻ جو هوم ورڪ مڪمل ڪري چيني ۽ جرمن ڪمپنين سان معاهدا ڪيا ويا آهن، پنجاب پنهنجي سالٽ رينج مان ڪوئلو ڪڍي ۽ بلوچستان جي چمالنگ علائقي مان ڪوئلو حاصل ڪري بجلي گهر هلائڻ گهري ٿو، جنهن لاءِ بلوچستان حڪومت سان ٺاهه به ٿي ويو آهي، ان سان گڏو گڏ گڏاڻي وٽ ڪوئلي تي هلندڙ 10 بجلي گهر ٺاهڻ لاءِ قطر ۽ چين سان ٺاهه ڪري چڪو آهي، گڏاڻي جا اهي بجلي گهر پنجاب ٺهرائي رهيو آهي، جتي امپورٽ ٿيل ڪوئلو استعمال ڪيو ويندو. ان کان علاوه ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ پڻ پراڻا بجلي گهر ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ لاءِ رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. انهن بدليل حالتن ۾ پنجاب جي ان شعبي ۾ وڌندڙ سرگرمين تي سمورن حلقن ۾ چوٻول ٿيو، نواز شريف جي وفاقي حڪومت سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ ۽ سنڌ حڪومت ڪجهه نه ڪرڻ واري تنقيد هيٺ اچي ويئي. هي آهي اهو پسمنظر، جنهن ۾ هڪ دفعو وري ٿر جي ماڻهن کي ڪاري سون جا خواب ڏيکارڻ لاءِ سنڌ حڪومت آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻنهي کي ٿهاريو هاليپوٽو ۾ وٺي وڃي رهي آهي، نواز شريف تي سنڌ ۾ سخت تنقيد ٿيندي رهي آهي ته 90ع واري ڏهاڪي ۾ حڪومت ۾ اچڻ بعد هن ٿر جي ڪوئلي ۽ ڪيٽي بندر رٿائن سميت سنڌ جا سمورا پروجيڪٽ رد ڪيا هئا، هينئر اهو سونهري موقعو آهي ته هو پاڻ تان اها تنقيد هٽائي، يعني ”رند ڪي رند رهي، هاٿون سي جنت ڀي نه گئي“. ٿر جي ماڻهن کي اڃا به پڪ ڪانهي ته هي پروجيڪٽ واقعي عمل ۾ اچي به ويندو، لڳي ٿو ته ٿر ڪول پروجيڪٽ به ڪالاباغ ڊيم جيان آهي، جنهن تي هر ڪا ڌر اچي سياست ڪري ٿي، ڪن کي لالچ ڏني وڃي ٿي، ڪن کي خواب ڏيکاريا وڃن ٿا ته ڪن کي وري ڊيڄاريو وڃي ٿو.ٿر جي ڪوئلي واري پروجيڪٽ جي حوالي سان ڪئين واقعا ۽ قصا آهن. هي پروجيڪٽ جيئن ته قومي اهميت وارو آهي، ان ڪري ان لاءِ وفاقي حڪومت 60 سيڪڙو پئسا ڏيڻا ڪيا هئا، ساڳئي وقت سيڙپڪارن وفاقي حڪومت کان گارنٽي گهري هئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي پنج سال حڪومت ۾ رهي، ان به نه اها رقم ڏني ۽ نه ئي وري گارنٽي ڏني، چيني ڪمپنيءَ سالن تائين ڪم ڪرڻ بعد جڏهن بجليءَ جو اگهه ڏنو ته ان کي وڌيڪ اگهه چئي رد ڪيو ويو، حالانڪ اهو في يونٽ تي چند پئسن جو فرق هو، پر وفاق ۾ ويٺل لابين چيني ڪمپنيءَ کي ڀڄائڻ ٿي چاهيو، ان ڪري اهو اگهه رد ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ حڪومت توڙي عام ماڻهو ان اگهه کان ٽيڻ چوڻ تي بجليءَ جو اگهه ڀري رهيا آهن. ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني پنهنجو هڪ پلانٽ ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ چاهي ٿي، ان لاءِ بن قاسم پورٽ تي هڪ نئين جيٽي جوڙي پئي وڃي، سنڌ حڪومت ۾ اهو افعال ڪونهي ۽ وفاقي حڪومت ائين ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي ته ڪي اي ايس سي توڙي گڏاڻي ۾ ٺهندڙ ڏهن بجلي گهرن کي پابند بڻائي ته اهي ڪوئلو امپورٽ ڪرڻ بدران ٿر جو ڪوئلو وٺن. حالانڪ هڪ نئين جيٽي ٺاهڻ ۽ ڪوئلو امپورٽ ڪرڻ لاءِ وڏي رقم ۽ پرڏيهي ناڻو درڪار هوندو، جنهن سان نه رڳو بجلي اوتري سستي پيدا نه ٿي سگهندي، بلڪ ساڳئي وقت تي ملڪ جي پرڏيهي ناڻي وارن ذخيرن تي به دٻاءُ پوندو، اينگرو ڪمپني، جيڪا هاڻي ٿر ۾ پروجيڪٽ شروع ڪري رهي آهي، ان جون به ڊگهيون فرمائشون آهن، ان جو چوڻ آهي ته کيس ڄامشوري وارو بجلي گهر به ڏنو وڃي، عجب تماشو آهي، نئين پروجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ ٺهيل ٺڪيل اثاثا هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ٿر جا ماڻهو ڪوئلي وارو پروجيڪٽ شروع ٿيڻ چڱي ڳالهه آهي. چون ٿا ته ان سان ملڪ کي وڏو فائدو رسندو، ان کان علاوه ٿر جي ماڻهن کي ڪاري سون جي حوالي سان جيڪو خوشحاليءَ جو خواب ڏيکاريو پيو وڃي، سو به هڪ پاسي ٿيندو. سوال اهو آهي ته اهو خواب پورو ٿيندو يا ٽٽندو؟ جيئن ته ڪوئلو کليل کڏن Open pitsذريعي ڪڍيو ويندو، يعني جتي جتي ڪوئلو ڪڍيو ويندو، اتي 300 فوٽن تائين اونهي کوٽائي ڪئي ويندي، ڄڻ سڄي زمين جي تهه کي اونڌو ڪيو ويندو، ان سان زير زمين پاڻي جا ذخيرا به بري طرح متاثر ٿيندا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، چوپايو مال، پکي پکڻ سڀ متاثر ٿيندا، چوپائي مال لاءِ جهنگ ختم ٿي ويندو، ان کان علاوه سندن ڳوٺ، گهر، ٻنيون، آسائشي زمين، گوءچر به متاثر ٿيندا، اهڙين حالتن جي باوجود حڪومت انهن متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ ڪابه پاليسي نه جوڙي آهي، حڪومت چوي ٿي ته ڳوٺ متاثر نه ٿيندا. ممڪن آهي ته پلان موجب ڪجهه ڳوٺن کي ۽ گهرن کي به ڊاٺو وڃي، پر جنهن ڳوٺ جي ماڻهن جون ٻنيون، مال، رستا ۽ گس، آسائشي زمين، گوءچر، ڪاٺيون وغيره ختم ٿي وينديون، سو ڳوٺ به گهيري ۾ اچي ويندو ۽ ان ڳوٺ جا ماڻهو لڏ پلاڻ لاءِ مجبور ٿي ويندا. ان رٿا سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحاليءَ واري پاليسي جوڙڻ لاءِ هڪ ڪمپنيءَ کي ٺيڪو ڏنو ويو، پر ٽن سالن کان پوءِ اها پاليسي آخري شڪل اختيار نه ڪري سگهي آهي، ڊرافٽ پاليسي تي محدود پيماني تي ٻڌڻيون ٿيون، جنهن ۾ مقامي ماڻهن سخت اعتراض واريا، هن پاليسي جوڙڻ ۾ ڪنهن به مقامي ماڻهوءَ کي شامل نه ڪيو ويو هو. حڪومت بنا ڪنهن بحاليءَ واري پاليسيءَ جي پروجيڪٽ شروع ڪري رهي آهي، حڪمران چون ٿا ته اڳتي هلي ڏٺو ويندو. اها هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي ته اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ حڪومت رڳو متاثر ٿيندڙ ٻنين جا پئسا ڏيڻ جي حامي ڀري ٿي. ان لاءِ انگريزن جي دور جي ٺهيل 1848ع واري لئنڊ ايڪوزيشن ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪري رهي آهي، ماڻهن کي نوٽيس ڏنا ويا آهن ته کاتا تبديل ڪرايو، هي سامراجين جو ٺهيل قانون آهي، جن کي ماڻهو نه پر زمين ۽ وسيلا گهربل هئا ۽ تڏهن حقن جو ڪو تصور ئي ڪونه هو. اڄ جو دور حقن جو دور آهي، ڇا هن قانون تحت توهان ماڻهن کي انهن جي وسيلن، اثاثن ۽ آسائشن کان محروم ڪري سگهو ٿا؟ ”سرڪار مائي باپ آهي، اها ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، گهوٽڪي، دادو ۽ بدين جا گڙنگ به تيل ۽ گئس ڪمپنين سان نه پڄي سگهيا، ٿر جو ماڻهو ته جيتامڙو آهي“ هي هڪ ٿري دانشور جو چوڻ آهي، ٿر جو ماڻهو کڻي ڪمزور هجي پر ميڊيا، ساڃاهه وند ماڻهو ۽ اڄ حقن واري دنيا شايد ايتري ڪمزور ڪانهي. ٿر جو ماڻهو ڪوئلي ڪڍڻ ۾ ارهو ڪونهي، ان جي اها فرمائش آهي ته ان جي پيرن هيٺان جيڪڏهن زمين ڪڍي وڃي ٿي ته ان کي ڪو ته حصو ڏيو، مٿي لڪائڻ جي جڳهه، جيئري رهڻ جو حق ۽ وسيلا ڏيو، ڇاڪاڻ جو مختلف علائقن جي ماڻهن مان گهڻن جون نعمتون ۽ وسيلا، سر زمين تي زمين مٿي آهن، پر ٿر جي ماڻهن جا وسيلا زير زمين آهن، اهي وسيلا انهن جا آهن، انهن کي ان جو لاڀ ملڻ گهرجي. هي قومي ملڪي منصوبو آهي ۽ ٿر جو ماڻهو هن قوم جو حصو آهي ۽ هن ملڪ جو شهري آهي، ٻئي جو گهر ساڙي ڏياري ڪرڻ بعد ڪو ڏيئو هن جي گهر ۾ ٻارڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.
Labels: Kawish, Sindh, Sohail Sangi, Thar, Thar coal, سهيل سانگي
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home