شهيد ڀُٽي جي سياست جو عوامي انداز ۽ هاڻوڪي پيپلز پارٽي 05 جنوري 2014ع
شهيد ڀُٽي جي سياست جو عوامي انداز ۽ هاڻوڪي پيپلز پارٽي
آچر 05 جنوري 2014ع
سھیل سانگی
مشهور صحافڻ اوريانا فلاسي ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڏوراپو ڏنو ته، ”اندرا گانڌي کيس اهڙو ماڻهو سمجهي ٿي، جنهن تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي. هو صبح جو هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو ته شام جو ٻي.“ ڀُٽي صاحب اُن جي موٽ ۾ اوريانا کي ٻڌايو ته، سياستدان جو ڪم آهي ته هو نيون ڳالهيون ڪري ته جيئن ڪو هن جي شخصيت کي آسانيءَ سان سمجهي نه سگهي ۽ هرو ڀرو منفي پهلو ڳولي نه سگهي. ڀُٽي صاحب کيس اهو به چيو ته، ”آئون گهڻن ماڻهن سان ملندو آهيان، گهڻو پڙهندو آهيان، ان ڪري پنهنجي سوچ تبديل ڪندو رهندو آهيان.“ ڀٽي صاحب جي ڪرشماتي ۽ پراسرار شخصيت کي بيان ڪرڻ لاءِ شايد ان کان بهتر جملا نه ملن. ڀٽو جيئرو هو ته تڏهن به ڪرشماتي ۽ پراسرار هو، مرڻ کانپوءِ به ائين ئي آهي. هن جي ڦاهي چڙهڻ کي چوٽيهه سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر ڀٽو فيڪٽر جي ان خاصيت تان نه پردو کڄي سگهيو آهي ۽ نه اها ختم ٿي سگهي آهي. ملڪ جا صدر ۽ وزير اعظم هن کان اڳ به هئا ۽ پوءِ به ٿيا پر جهڙي نموني سان ڀٽي صاحب جي شخصيت پاڪستان جي تاريخ ۾ قدآور بڻيل آهي، ڀٽو فيڪٽر جو يا ملڪ جي سياست تي اثر آهي، سو زائل نه ٿي سگهيو آهي. هڪڙيون ڌريون اڄ به يا ”پِرو پيپلز پارٽي“ آهن ته وري ٻيون ”اينٽي پيپلز پارٽي“ آهن.
هو ٻن متضاد ڳالهين کي کڻي هلندو هو. مثال طور: هن نعرو سوشلزم جو هنيو پر سوشلسٽن جي نظر ۾ هن سوشلزم آڏو بند ٻڌو. هن هارين جي ڳالهه ڪئي پر پاڻ سان وڏيرا کنيائين. پاڻ کي جديديت واري نظريي سان واڳيل رکندي وچ اوڀر جي عرب بادشاهن کي پاڻ سان جوڙي ورتائين. پاڪستان جي سياست، معيشت، سماجيت وغيره ۾ سندس ڪردار ۽ حصو نه وسارڻ جوڳو رهندو. هن سماج جي بنيادن ۾ ڪجهه اهڙيون شيون وڌيون، جن کي آسانيءَ سان ڪڍي نٿو سگهجي. ضياءَ جا اپاءُ گهڻو منفي هئا، جڏهن ته ڀٽي صاحب جا اپاءُ مجموعي طور سماج جي حوالي سان مثبت هئا. مزيدار ڳالهه اها آهي ته ان کان پوءِ ضياءَ الحق توڙي سندس باقيات سمورا زور لڳائڻ جي باوجود انهن بنيادن جون پاڙون پٽي نه سگهي آهي.
ڀٽو صاحب پهريون سياستدان آهي، جنهن سڄي ملڪ ۾ ۽ هيٺين سطح تي سياسي هلچل هلائي ۽ عام ماڻهوءَ تائين پهتو، عام ماڻهوءَ کي احساس ڏياريائين ته هو اهم آهي. سينيئر صحافي آءِ اي رحمان قبائلي علائقن ۾ ڀٽي صاحب جي لڪل تصوير جو تازو پنهنجي ڪالم ۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪا هڪ ڏورانهين علائقي جي هڪ همراهه جي اوطاق ۾ لڳل هئي. اهو همراهه نه پيپلز پارٽيءَ جو هو، نه ان جو ووٽر، هن اها تصوير رڳو ان ڪري لڳائي هئي، جو ڀٽو صاحب سندس ڳوٺ آيو هو. يعني ڀٽي صاحب جو اچڻ نشانبر بڻجي ويو. هو عوام سان ڪيئن رجوع ڪندو هو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ ڪيئن ويهي رهندو هو، ان جا هزارين مثال آهن ۽ ملڪ جي اڪثر ماڻهن وٽ اهڙن واقعن جا ڌار ڌار قصا آهن. ڀٽو صاحب شملا ٺاهه ڪرڻ ويو پئي ته سنڌ جو دورو ڪيائين. هن سانگهڙ ۽ دادوءَ ۾ جلسن کي خطاب ڪندي عوام کي ملڪ جي صورتحال ٻڌائي ۽ ساڻن صلاح ڪيائين ۽ پڇيائين ته، هيءَ صورتحال آهي، توهان ٻڌايو ته ڇا ڪجي؟ آئون نئين دهلي اندرا گانڌيءَ سان ڳالهين لاءِ وڃان يا نه وڃان؟ ڪو ٺاهه ڪري اچان يا نه ڪري اچان؟ اهو سياسي ڪميونيڪيشن جو عجيب ۽ اعلى طريقو هو. ساڳئي طرح بنگلاديش منظور ڪرڻ تي به هن ماڻهن سان مشاورت ڪئي ته ٻڌايو، بنگلاديش منظور ڪريان يا نه؟ هڪ ٻيو دلچسپ واقعو سجاول جي جلسي جو آهي. 70ع وارين چونڊن ۾ ڀٽو صاحب ٺٽي ضلعي مان به بيٺو هو ۽ چونڊ کٽي هئائين. جلسي کي خطاب ڪندي هن ماڻهن جا ٿورا مڃيا ۽ کانئن پڇيو ته، ٻڌايو توهان کي ڇا کپي؟ ڪهڙي شئي توهان کي ڏيان؟ ميڙ مان آواز آيو ته اسان کي آغا شاهي ڊپٽي ڪمشنر کپي. آغا شاهي تڏهن پرڏيهي کاتي جو صلاحڪار هو، هن پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنري ۽ ڊپٽي ڪمشنريءَ وارو دور هن ضلعي ۾ گذاريو هو، ماڻهن سان چڱو هليو هو، ان ڪري ماڻهو سندس واپس مقرريءَ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. ڀٽي صاحب کين وراڻيو ته، ”بابا، هو مون وٽ پرڏيهي معاملا سنڀالي پيو، ان کي ڪيئن اتان فارغ ڪري هيڏانهن موڪليان؟“ ميڙ مان ڪنهن چيو ته، ”سائين، نه ڏيڻو اٿوَ ته اها ڳالهه ڪريو.“ ڀٽي ماڻهن کي ٻڌايو ته آغا شاهي کي ڊپٽي ڪمشنر ڪري ٺٽي موڪليم ته منهنجو پرڏيهي ناتن وارو ڪم سڄو رُلي ويندو. ٻيو ڪجهه گهرو. ماڻهن کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته سندن فيصلو ڪيڏو صحيح آهي، جو جنهن ماڻهوءَ لاءِ هو مطالبو ڪري رهيا آهن، سو ڀٽي صاحب جا به پرڏيهي معاملا سنڀالي ويٺو آهي، يعني ڀٽي صاحب جي ۽ اسان جي سوچ هڪ ليول جي آهي.
ڀٽي صاحب جي باري ۾ سندس ساٿي ۽ سنڌ ۾ اهم وزارتن جا قلمدان رکندڙ عبدالوحيد ڪٽپر مرحوم ٻه واقعا ٻڌايا. هن ٻڌايو ته، ڀٽو صاحب پاڻ ڪرپٽ ڪونه هو، ان ڪري ڪنهن کي ڪرپشن جي همت ئي ڪانه ٿيندي هئي. سندس چواڻي ته، وٽس جيل، صحت سميت چار اهم کاتا هئا، پر پگهار ايتري ڪانه هئي جو چئن ٻارن کي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ تعليم ڏياري سگهجي. سو پيار علي الانا مرحوم، جيڪو تڏهن وزير تعليم هو، تنهن سان ڳالهه ڪيم ته يار پگهار وڌايو يا ٻارن کي اسڪالرشپ ڏيو. ائين چئي هن الانا کي ٻارن جي اسڪالرشپ لاءِ درخواست به ڏني. الانا اعتراض ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ائين ڪيوسين ته ماڻهو چوندا ته وزير اقربا پروري پيا ڪن ۽ ماڳهين فلڊ گيٽ کلي پوندو، جيڪو بند ئي نه ڪري سگهنداسين. پوءِ الانا ڪٽپر جي ٻارن لاءِ آغا خان ٽرسٽ مان تعليم جي خرچ جو بندوبست ڪرايو. جيڪڏهن هن واقعي کي ڏسجي ٿو ته ڪرپشن ڪيئن ممنوع بڻيل هئي ۽ وزير پنهنجي ٻارن جي تعليم جو خرچ نه پيو ڀري سگهي ۽ ٻيو وزير وري اقربا پروري کان پيو ڀڄي. اڄ ته خود انهيءَ پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ وزيرن جا ٻار جيڪي سهولتون غير قانوني طور ماڻين ٿا، سا ته وڏي ڳالهه آهي، پر ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي هر ضلعي ۾ جيڪي اختيار، فنڊ ۽ سهولتون مليل آهن، تن بابت سوچي نٿو سگهجي. جيڪڏهن اقربا پروريءَ واري ڳالهه تي اچجي ته وزيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي خاندانن جا ٻار ۽ رشتيدار سڌو آفيسر گريڊ ۾ ڀرتي ٿين ٿا، سڻڀن عهدن تي اچن ٿا. ڪو ايم اين اي آهي ته سندس پٽ، ڀاڻيجو، ڀائيٽو ايم پي اي آهي، وري ضلعي ۾ مڪاني ادارن ۾ به ساڳئي خاندان کي ورسايو پيو وڃي.
عبدالوحيد ڪٽپر ڪچهريءَ ۾ هڪ ٻيو مزيدار واقعو ٻڌايو. ڪراچي ميونسپل ورڪرز يونين جو هڪ عهديدار ڀٽي صاحب جو سخت نقاد ۽ مخالف هو. ورڪرز جي جلسي ۾ هن ڀٽي صاحب ۽ پيپلز پارٽيءَ تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته غريبن جي ٻڌي نٿي وڃي. ڀٽي صاحب کيس ٻانهن مان جهلي ڪرسيءَ تي ويهاريو ۽ پاڻ هيٺ ويٺو ۽ چيائين ته هاڻ ڳالهائي ۽ پوءِ اهو عيسائي ملازم آخري دم تائين پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل رهيو. هن واقعي جو ٻيو حصو هي آهي ته سندس ڌيءَ انٽر پاس ڪئي، پر مارڪون گهٽ هجڻ ڪري کيس داخلا نه ملي سگهي. عبدالوحيد ڪٽپر جي صلاح تي هن ڀٽي صاحب اڳيان دانهيو ۽ گوڙ ڪيو ته غريب ماڻهو ميرٽ تي ان ڪري نٿو اچي، جو وٽس اهي سهولتون ڪونه آهن. ڀٽي صاحب فوري طور آرڊر ڪڍيو ته ڇوڪريءَ کي فوري طور داخلا ڏني وڃي. هي ٻئي انفرادي عمل آهن، جن جي موٽ مثبت طريقي سان ڏني ويئي. ڇا پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت ۽ ان جي وزيرن مان ڪڏهن ڪنهن ائين ڪيو آهي، جو هڪ عام ماڻهوءَ کي ائين عزت ڏني هجي يا ان جي جائز مطالبي تي ائين موٽ ڏني هجي. وزيرن سان رڳو ملاقات لاءِ جيئن ماڻهن کي اسيمبلي، آفيسن ۽ انهن جي گهرن تائين ڊوڙڻو پوي ٿو ۽ اتي به ڪا ڄاڻ سڃاڻ ناهي، اثر رسوخ ناهي ته خالي هٿين موٽڻو پوي ٿو، سو خود پيپلز پارٽيءَ جو نئون ٺهندڙ رڪارڊ آهي. هاڻ ته اها صورتحال آهي ته جي ڪنهن با اثر ماڻهوءَ جو واسطو، تعلق ۽ سفارش هٿ نٿي اچي، ته ڪو عام ماڻهو وزيرن سان ملڻ جو رخ به ڪونه ٿو ڪري.
هو ته هو پيپلز پارٽيءَ جو قائد ۽ ان جي سياست ۽ ماڻهن سان سندس ورتاءُ، پر اڄ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت، شهر ۽ ضلعي جي قيادت ته پري جي ڳالهه، ان جي صوبائي ڪائونسل يا ڪميٽيءَ جي ميمبرن سان به نٿي ملي، ان لاءِ وٽس نه ٽائيم آهي ۽ نه حڪمت عملي. نتيجي ۾ عوام ۽ پارٽي، توڙي پارٽي ورڪرن ۽ قيادت جي وچ ۾ خلا آهي، وڏي وڇوٽي آهي، انهيءَ وڇوٽيءَ جو فائدو مفادپرست ۽ ٺيڪي تي ڪم ڪرائيندڙ وٺن ٿا، اتان ڪرپشن جو دروازو کلي وڃي ٿو. جيڪڏهن پارٽي قيادت ورڪرن ۽ عام ماڻهن سان ڳانڍاپو نٿي رکي ته کيس پوءِ ڀوتارن تي ڀاڙڻو پوي ٿو. نتيجي ۾ اڄ عام ماڻهن کي پارٽيءَ ۾ آڻڻ ۽ ميمبر سازي ڪرڻ، نوان ماڻهو ڳولي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي بدران ڀوتارن جي ڀرتيءَ وارو سلسلو زورن تي آهي. اها پيپلز پارٽي، جنهن جي ٽڪيٽ لاءِ وڏيرا، مير، پير جتيون پيا گسائيندا هئا، اڄ خود پيپلز پارٽي جي قيادت انهن وڏيرن جي اوطاقن تي سلامي ڀري رهي آهي، سندن جائز ناجائز سڀ مطالبا مڃي رهي آهي. عوام ۽ ورڪرن سان ڳانڍاپي جي صورت ۾ انهن ڀوتارن کي ڊپ رهندو هو، ڇاڪاڻ جو پارٽيءَ وٽ متبادل موجود هو، پر هاڻي پارٽي اهو متبادل پنهنجي حڪمت عملي ۽ ائپروچ جي نتيجي ۾ وڃايو آهي. پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ناراض ورڪرن جي ڳالهه، پارٽيءَ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر عملي طور تي ان جو ڪو قدم يا عڪس ڪونه ٿو ملي، ڇاڪاڻ جو مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ ڳولي ڳولي ووٽرن ۽ ڀوتارن کي هٿ ڪيو ويو آهي.
سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن ”سنڌ ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو؟“ جو پوتاميل ڪيو وڃي ٿو، ته لڳي ٿو ته ان کان پوءِ سنڌ وڃايو ئي وڃايو آهي، ترقيءَ ۾، سياسي شعور ۾، ماڻهن جي حڪومت تائين رسائيءَ ۾، گورننس ۾، تعليم ۾، زراعت ۾، صنعتڪاريءَ ۾ به وڃايو آهي. هاڻي هڪ بنهه منفي حوالي سان تبديل ٿيل ۽ ورهايل سماج ۾ اسين رهون پيا، جنهن ۾ ڪير ڪنهن جو ڪونهي، ذاتي مفاد، ذاتي سهولتون، ذاتي تڪ، ذاتي اثر ۽ ترجيح رکن ٿا. پارٽي، ماڻهو ۽ ماڻهن جي خدمت، ماڻهن جي ترقي، انهن کي ڪجهه ملي، اهو سڀ ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي. پيپلز پارٽيءَ جا وزير ۽ اسيمبلي ميمبر به ذاتي طور نوڪريون وٺڻ، ترقياتي ڪم ڪرائڻ، پنهنجا پنهنجا تڪ ٺاهڻ م رڌل آهن، اجتماعي ايجنڊا گهڻو ڌڪجي وئي آهي. اڄ ڀٽي صاحب جو ورثو اهو سڀ ڪجهه نٿو مڃيو وڃي، جيڪي مٿي بيان ڪري آيا آهيون، رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ، حڪومت ۾ اچڻ، ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٿيڻ ئي سڀ ڪجهه رهجي ويو آهي.
Labels: Bhutto, Kawish, PPP, Sohail Sangi, پيپلز پارٽي, سہیل سانگی، سھیل سانگی
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home