Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, July 10, 2015

ڇا نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي پرچائڻ لاءِ ڪراچي ياترا ڪئي؟

ڇا نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي پرچائڻ لاءِ ڪراچي ياترا ڪئي؟

سهيل سانگي


ڇنڇر 04 جولاءِ 2015ع


وزير اعظم نواز شريف ڪراچيءَ جو دورو اهڙي وقت تي ڪيو، جڏهن سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ 12 سئو کان مٿي ماڻهو گرميءَ جي شديد لَهر ۽ بجليءَ جي بدترين لوڊشيدنگ وِگهي ٻُوساٽجي مَري چُڪا هُئا. ٻه وفاقي ادارا نيب ۽ رينجرز ڪرپشن ۽ ٻين اهڙين گهوٻين جي الزام ۾ صُوبائي ادارن ۽ صُوبي جي اعليٰ آفيسرن خلاف وَٺ وَٺان لڳايو بيٺا آهن، ڪي گرفتار ٿيا، ڪن گرفتاريءَ کان اڳ واريون ضمانتون ڪرايون، ته ڪن خلاف جاچ ٿي رهي آهي. اهو وَٺ وَٺان جو سلسلو هليو پئي ته سنڌ جي حُڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ جي قيادت آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر پرڏيهه هليا ويا، ان دوران پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ”سنگت“ پروگرام ۾ به ڏارَ پئجي ويا.
وفاقي ادارا سنڌ اندر ڪارروايون ڪري رهيا هُئا، وفاقي حڪومت ان ڏس ۾ ماٺ ۾ هُئي، نه وضاحت ڪري رهي هُئي، ۽ نه ئي وري ان سڄي ڪارروائيءَ کي Disown ڪري رهي هُئي، اهڙو ڏيک ڏيئي رهي هُئي ڄڻ ان کي ڪا خبر به نه هُجي. انهن سببن جي ڪري صُوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي وِچَ ۾ وِڇوٽي پيدا ٿي، سنڌ سرڪار اخبارن ۾ بيان ته ڏيندي رهي پر ان معاملي کي باقاعده وفاقي حڪومت وٽ کڻي نه ويئي، حالانڪه اهو چوندي رهي ته وفاقي ادارن جي صُوبائي معاملن ۾ ان مداخلت بابت عدالت سان رجوع ڪيو ويندو، پر مهينو کن گُذرڻ بعد به سنڌ سرڪار عدالت جو دَر نه کڙڪايو. ان سڄي عمل کي پيپلز پارٽي پنهنجي خلاف ڪارروائي سمجهي رهي هُئي. وزير اعظم نواز شريف، آصف زرداريءَ سان مُلاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن آصف زرداري پنهنجي ماضيءَ جي اتحادين سان افطار ڊِنر ڪري پرڏيهه روانو ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته آصف زرداريءَ جو پرڏيهه وڃڻ، اصل ۾ وزيرِ اعظم نواز شريف کان ناراضگيءَ جو اظهار آهي. ايم ڪيو ايم خلاف اڳ ئي ڪارروائي هلي رهي آهي، مٿان وري پيپلز پارٽيءَ خلاف وَٺ وَٺان تي، اي اين پي، قاف ليگ ۽ فضل الرحمان ڄڻ وقت اچڻ تي آصف زرداريءَ جو پاسو کڻڻ جو اِشارو ڏنو. تحريڪِ انصاف اڳ ئي نواز ليگ خلاف سياسي ۽ قانوني جنگ ۾ رڌل آهي، اهڙي صُورتحال ۾ نواز ليگ سياسي طور اڪيلي ٿي ويئي. ان جي لاءِ مجبوري هُئي ته آصف زرداريءَ جي عسڪري ڌُرين بابت ڏنل بيان جي مذمت ڪري ۽ پاڻ کي عسڪري ڌُرين سان گڏ بيهاري. صُورتحال اها وڃي بيٺي جو مُختلف اُپائن سياسي ڌُرين ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ وِڇوٽي پيدا ڪري وڌي. جنهن نواز ليگ کي سياسي طور اڪيلو ڪري ڇڏيو. نواز شريف سمجهي ويو ته ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي اهڙي اڪيلائپ کيس ڪنهن به مهل ڏُکيائيءَ ۾ وِجهي سگهي ٿي. هن ڀيري معاملو ڇاڪاڻ جو سنڌ ۽ پيپلز پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ هو، ان ڪري نواز شريف پريشان به ٿيو ۽ پاڻ کي ڏاڍي مُشڪل ۾ محسوس ڪرڻ لڳو.
 انهيءَ احساس تحت هن ڪراچيءَ جو دورو ڪيو، پر هن دوري کان هڪ ڏينهن اڳ آرمي چيف سان مُلاقات ڪئي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هن ملاقات ۾ ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن، بي بي سي جي ايم ڪيو ايم بابت رپورٽ، پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي عسڪري ڌُرين خلاف بيان، سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ، رينجرز ۽ نيب جي ڪاررواين ۽ انهن جي اثرن بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي هُوندي. ايم ڪيو ايم کي ڀارتي ڳُجهي اداري ”را“ جي فَنڊنگ وارو معاملو حڪومت لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهي، پر ادارن جو خيال آهي ته ڀارتي خُفيه اداري جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت وڌيل آهي، ان ڪري اهو معاملو عالمي سطح تي کنيو وڃي، يعني گڏيل قومن ۾ اُٿاريو وڃي. ان ڏس ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي اسلام آباد ۾ موجود آهي، اُن سان اهڙي مشاورت ٿي رهي هُئي ۽ گُهربل هدايتون پڻ ڏنيون پئي ويون. سنڌ ۾ اُٿل پٿل جا ڪيئي پاسا ۽ رُخ آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي کان پري بيهن ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ وِچڙجي وڃن ٿا ۽ اهي زيرِ زمين لهرن ۽ سرگرمين جو رُوپ ڌارين ٿا. ايم ڪيو ايم جي حوالي سان مني لانڊرنگ ڪيس ۽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ پيش رفت ٿي آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي ان بابت گورنر سنڌ عشرت العباد کي آگاهه ڪيو. خيال آهي ته ان ملاقات ۾ اهو پڻ غور هيٺ آيو ته ايم ڪيو ايم بابت هاڻ اسلام آباد ڇا ڪرڻ گُهري ٿو ۽ ڪيئن ڪرڻ گُهري ٿو.
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته تازين سرگرمين مان لڳي ٿو ته حڪومت، بطور پارٽي ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائيءَ جو ارادو نٿي رکي، البته ان ۾ ڏوهاري ماڻهن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رهندو ۽ مائينس الطاف فارمولا کي مرحليوار عمل ۾ آندو ويندو. خيال آهي ته ان ڏس ۾ ڪُجهه مرحلا طئي ٿي چُڪا آهن.
سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد وزير اعظم ٻنهي ڌُرين وٽان سخت دَٻاءَ ۾ آهي. وزير اعظم پيپلز پارٽيءَ سان ورڪنگ رليشن شپ برقرار رکڻ گُهري ٿو، پر هُو عسڪري لَڏي کي به ناراض نٿو ڪرڻ گُهري، ڄڻ نواز شريف اڄڪلهه پلصراط تي پيو هلي، هُو ڪا وچئين واٽَ ڪَڍڻ گُهري ٿو. بظاهر ڪا وِچَ واري واٽَ نظر نه ٿي اچي، پر جيڪڏهن ان ڳالهه کي وزن ڏجي ته زرداري ۽ فريال ٽالپر جو پرڏيهه وڃڻ به ڪا ”ڊيل“ آهي، ته پوءِ ڪُجهه گَس نڪري اچي ٿو. وزير اعظم نواز شريف کي جيئن ئي سياسي اڪيلائپ جو احساس ٿيو ته ذريعن موجب هن اپوزيشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر خورشيد شاهه سان رابطو ڪيو، آصف زرداريءَ جي دُبئي وڃڻ جي ٽن ڏينهن بعد خورشيد شاهه به دُبئي ويو. خيال آهي ته هُو وزير اعظم جو نياپو کڻي ويو هو ته هُو اڳوڻي صدر زرداريءَ جي ناراضگي ختم ڪرڻ گُهري ٿو. چيو وڃي ٿو ته آصف زرداري خورشيد شاهه کي ٻڌايو ته، وزير اعظم ان معاملي ۾ ڪا شروعات ڪري ۽ ڪي عملي اُپاءَ وٺي ته ڳالهه اڳتي وڌي سگهي ٿي. ٻه ڏينهن اڳ خورشيد شاهه جي هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو مان به اهڙو اشارو ملي ٿو، جنهن ۾ هن چيو هو ته وزير اعظم سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. ان ڪري وزيرِ اعظم جو ڪراچيءَ وارو دورو گرميءَ ۽ ٻُوسٽ ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي حوالي سان گهٽ هو، ڇاڪاڻ جو وزير اعظم نه اسپتال ويو ۽ نه وري ڪنهن ٻئي اهڙي هنڌ ويو. هُو پيپلز پارٽيءَ سان تعلقات جي بحاليءَ لاءِ آيو هو، اهو ئي سبب آهي جو هُو هن ڀيري چِيف منسٽر هائوس آيو، نه ته روايتي طور تي هُو گورنر هائوس ئي ايندو آهي ۽ اُتي ئي اجلاس ۽ مُلاقاتون ڪندو آهي.
سنڌ جي وڏي وزيرَ سان مُلاقات دوران هن قائم علي شاهه جي تعريف به ڪئي، سنڌ جي وڏي وزيرَ وفاقي ادارن جي ڪاررواين ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ تي پوندڙ اثرن کان وزير اعظم کي آگاهه ڪيو. وزيرِ اعظم سندس سڀ ڳالهيون ٻُڌيون پر ڪو به واضح اعلان يا يقين دهاني نه ڪرائي سگهيو. ها، اهو ضرور ٿيو ته هُو پيپلز پارٽيءَ کي ساڻ کڻي هلڻ گُهري ٿو. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته وزير اعظم ان ڏس ۾ اڪيلي پنهنجي طور ڪو فيصلو ڪرڻ نٿو گُهري، ان ڏس ۾ عسڪري ڌُرين کي به اعتماد ۾ وٺڻ گُهري ٿو. ڏسجي  اسلام آباد وٽان ان ڏس ۾ ڪهڙي ٿي موٽ ملي؟
sohailsangi@yahoo.com

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2015/2015/04%20Jul%202015.htm

Labels: , , ,

Friday, June 19, 2015

بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو ’’ڪاري معيشت‘‘ کي جنم ڏيندو؟ 02 آڪٽوبر 2013ع

بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو ’’ڪاري معيشت‘‘ کي جنم ڏيندو؟
اربع 02 آڪٽوبر 2013ع
نئين حڪومت کي چار مهينا ٿيڻ وارا آهن، انهن چئن مهينن ۾ ورتل اپاءُ ته ماڻهن کي وڌيڪ عذاب ۾ وجهي رهيا آهن.  حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ، ٽن مهينن اندر حالتون ٺيڪ ڪرڻ جون دعوائون جڏهن حقيقتن جي ڏونگر سان ٽڪراءُ ۾ آيون آهن ته اهي سڀ واعدا ڀور ڀور ٿي ويا آهن. ماڻهن جي مٿان مهانگائيءَ جو پهاڙ ڪري پيو آهي. هڪ دفعو ٻيهر نواز حڪومت عالمي مالياتي اداري آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن ۽ تازو بجليءَ جي اگهن ۾ هيڪاندي واڌ آڻي ڇڏي آهي. عالمي مالياتي اداري نئون قرض ڏيڻ لاءِ اها فرمائش ڪئي هئي ته بجليءَ جي اگهن تي ملندڙ رعايت ختم ڪئي وڃي. حڪومت آءِ ايم ايف جو اهو شرط منظور ڪندي بجليءَ جي نون اگهن جو اعلان ڪيو آهي. نئين شيڊول تحت عوام ٽه طرفي جانڊاهه ۾ پيسبو. (1)  اگهن ۾ ٽيهه سيڪڙو سڌي واڌ آندي ويئي آهي. (2) اهڙي ئي واڌ وري بجلي بلن تي ٽيڪسن جي شڪل ۾ پڻ اچي ويندي. (3) بجليءَ جي واهپي ۽ ٻلن ۾ سليب سسٽم ختم ڪرڻ سان بل ۾ 80 کان 90 سيڪڙو تائين واڌ اچي ويندي. هي اهو سليب سسٽم آهي، جنهن ۾ وچولي طبقي وارو ماڻهو اچي ٿو، يعني 300 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدار. نئين سرشتي موجب 200 کان هڪ به يونٽ مٿي استعمال ٿيو ته سمورن يونٽن تي 17 روپيا في يونٽ جي حساب سان بل جاري ڪيو ويندو. اڳ ائين هو ته جنهن جو بل 300 يونٽ هوندو هو ته ان تي 200 يونٽن کان مٿي وارن يونٽن تي نئون سليب لاڳو ٿيندو هو. ائين سڀ کان وڌيڪ مصيبت ۾ وائيٽ ڪالر يا وچولي طبقي وارو ماڻهو اچي ويندو، جنهن ۾ وڏو انگ سرڪاري ملازمن جو آهي. مطلب ته ملڪي معيشت هڪ اهڙي رستي تي نڪري پئي آهي، جنهن ۾ ڳپل بار وچولي طبقي کي کڻڻو  آهي. دنيا ۾ ترقيءَ جا مختلف ماڊل آهن پر انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه مڃيل آهي ته ترقي تڏهن مڃي ويندي آهي، جڏهن ان ملڪ ۾ وچولي طبقي ۾ واڌ ايندي آهي ۽ اهو سولو هوندو آهي پر اهڙن اپائن سان وچولو طبقو ماڳهين گهلجي هيٺين طبقي سان لڳي رهيو آهي. هتي اها ڳالهه ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته وچولو طبقو ئي آهي، جنهن جو ذهني، فڪري ۽ سياسي حوالي سان ملڪ جي ڍانچي ۾ وڏو ڪردار هوندو آهي. ان ڪري اهو طبقو جيترو مستحڪم هوندو، وڏو هوندو، اتي جمهوريت (جنهن کي سرمائيدارانه جمهوريت چيو وڃي ٿو) جي مضبوطي ۽ تسلسل جا امڪان گهڻا چٽا ٿي ويندا آهن.
پيپلز پارٽي حڪومت گذريل ڀيري هڪ دفعو اهو سليب سسٽم ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن خلاف وڏا احتجاج ٿيا ۽ گوڙ ٿيو، نتيجي ۾ حڪومت کي اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو. هاڻي وري نواز حڪومت ان رد ڪيل نسخي تي عمل پيرا آهي. بجليءَ جا اگهه گهٽائڻ يا بجليءَ جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٻيا به آپشن موجود هئا پر اهي آپشن ڪجهه محنت طلب ۽ وڌيڪ فني قسم جا هئا، ان ڪري حڪومت شايد اهي آپشن وٺڻ جي نه سگهه ساري ۽ نه ئي وٽس صلاحيت ٿي لڳي، ان ڪري هڪ ئي ڌڪ ۾ بجليءَ جا اگهه وڌائي ان آءِ ايم ايف کي خوش ڪري ڇڏيو ۽ ان خوشيءَ ۾ کيس قرض به ملي ويو. ائين حڪومت اهو بحران پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي عوام جي يا ملڪ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. نواز حڪومت ته پنهنجي مدت پوري ڪري ويندي، ان بعد عوام ڄاڻي ۽ هي ملڪ ڄاڻي. رٿابندي ۽ بجليءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت وٽ اهي آپشن موجود هئا ته بجلي گهرن کي گئس فراهم ڪري، بجليءَ جي بچت جي مهم هلائي، ٽيون اهو ته بجليءَ واري شعبي تي ٽيڪس گهٽائي، پر حڪومت ائين ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن جو بل 4 هزار روپيا اچي ٿو ته ان تي سيلز ٽيڪس، وڌ هوڊلنگ ٽيڪس وغيره ملائي هڪ هزار روپيا ٽيڪس بيهي ٿو، يعني بجليءَ جو اگهه وڌائڻ سان حڪومت کي 25 سيڪڙو رقم ملندي.
موجوده حڪومت جي ڏينهن ۾ پيٽرول ۽ تيل جي اگهه ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. بجلي ۽ پيٽرول ٻه اهڙيون شيون آهن، جن جي اگهن ۾ واڌ سان هر شئي جي اگهه کي ڦيٿا لڳي وڃن ٿا ۽ اهي گهڻو وڌي وڃن، پوءِ اهو اٽو، کنڊ، کاڌي جو تيل هجي، صابڻ هجي يا ڪپڙو يا وري ڪا ٻي عام استعمال جي شئي، انهن سڀني شين جي تياري، ٽرانسپورٽ ۽ وڪري لاءِ تيل ۽ بجلي کپي. ڏٺو وڃي ته بجلي يا تيل جي اگهن ۾ اضافو رڳو اهو اضافو ناهي، جيڪو ان جو واپرائيندڙ سڌيءَ طرح ڀري ٿو، يعني جيڪڏهن عام ماڻهو بجليءَ جي مد ۾ هزار روپيا وڌيڪ ڀريا ته هو ساڳئي وقت تي استعمال جون شيون بازار مان وٺندو ته انهن تي اها ساڳئي واڌ ڀريندو، جيڪا کيس ان شئي جي وڌيل قيمت جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پوندي.
بجليءَ جا وڌيڪ اگهه ملڪي معاشي بهتريءَ جي حوالي سان ڇا واقعي ڪو نتيجو ڏيئي سگهندا؟ ان جو  جواب ”نهڪر“ ۾ ئي آهي. ماضيءَ جو تجربو ٻڌائي ٿو ته جيترو بجليءَ جا اگهه وڌيا آهن، بجليءَ جي چوري به اوتري ئي وڌي آهي. نتيجي ۾ فائدو واپڊا جي ڪمپنين کي نه پر ملازمن کي ٿيو، جيڪي منٿليون وٺي بجلي چوريءَ ۾ سهڪاري بنجي رهيا هئا. اگهن ۾ تازي آيل واڌ فضيلت سان ڀرڻ ڪنهن به طرح سان ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ڪانه ٿي لڳي. نتيجي ۾ بجليءَ جي چوري به وڌنڌي ۽ چوريءَ ۾ سهڪار ۽ سهولت ڏيڻ جو اگهه به وڌنندو. ائين اهو فيصلو هڪ وڌيڪ ”ڪاري معيشت“ کي جنم ڏيندو. رڳو بجليءَ جا اگهه وڌائڻ موجوده حڪومت جو اڪيلو فيصلو ناهي، جيڪو عام ماڻهوءَ ۽ ملڪي معيشت کي متاثر ڪندو، ان کان علاوه ٻيا فيصلا به اهڙا ئي آهن، جن جو حل ڪڍڻ بدران حڪومت اهي عام ماڻهوءَ جي ڳچيءَ ۾ وڌا آهن. سيلز ٽيڪس ۾ 17 سيڪڙي تائين واڌ ڪري بجيٽ جي ذريعي اهو سنئون سڌو عوام تي مڙهيو ويو. معيشت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته عملي طرح سان ان ٽيڪس سبب 25 کان 30 سيڪڙي تائين مهنگائي ٿي آهي، جيڪا پڻ وچولي طبقي کان وٺي هيٺين طبقي تائين جي ماڻهن کي ڀوڳڻي پئي آهي. عام ماڻهو سيلز ٽيڪس تي واڌ بازار مان هر شئي جي خريداريءَ تي ڀرڻ لڳو آهي.
هن حڪومت جو چوٿون ڪارنامو روپئي جي ملهه ۾ ڪمي ڪرڻ آهي. اها ڪمي به آءِ ايم ايف جي فرمائش تي ڪئي وئي آهي. گردشي قرضن لاهڻ جي دعويدار حڪومت کي آءِ ايم ايف چيو ته پنهنجا اثاثا ڏيکاري. نتيجي ۾ اسٽيٽ بئنڪ مارڪيٽ مان ڊالر خريد ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن ڪري ڊالر جو اگهه وڌي ويو، روپئي جو اگهه ڏهه سيڪڙي تائين گهٽجي ويو. هڪ دفعو اهو اگهه چڙهيو ته هيٺ نه لهندو. نتيجو اهو نڪتو ته پاڪستان تي چڙهيل قرض جي رقم ۾ 10 سيڪڙو تائين واڌ اچي وئي، يعني نئون قرض وٺي نه رڳو مجموعي طور قرض وڌايو ويو، بلڪه ان سان گڏوگڏ پراڻي قرضن جي رقم به وڌائي ويئي. ڳالهه رڳو اتي ختم نٿي ٿئي، ان سان تيل ۽ ٻين پرڏيهي شين جي اگهن ۾ پڻ واڌ اچي ويندي، جيڪي آمدني واپار (درآمد) جي ذريعي ورتيون وڃن ٿيون. ان ۾ کاڄرو تيل ۽ عام استعمال جون شيون يا انهن جو ڪچو (خام) مال شامل آهي. حڪومت هڪ پاسي سيلز ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو، ٻئي پاسي روپئي جي ملهه ۾ ڪمي ڪئي، ٽئين پاسي بجلي ۽ تيل جا اگهه وڌايا، نتيجي ۾ مهانگائيءَ جو راڪاس پوري جوڀن سان ملڪ ۾ لٿل آهي، ته ٻئي طرف ويچارو عوام آهي، جنهن لاءِ جسم ۽ روح جو رشتو برقرار رکڻ مشڪل بڻجندو وڃي.

Labels: , , , ,

آپريشن واري ’فلم‘ پيپلز پارٽي جي ڳچيءَ ۾ وڌي پوندي؟ 20 سيپٽمبر 2013ع

آپريشن واري ’فلم‘ پيپلز پارٽي جي ڳچيءَ ۾ وڌي پوندي؟
جمع 20 سيپٽمبر 2013ع
ڪراچي آپريشن سمورين سياسي ڌرين جي صلاح سان شروع ڪيو ويو، پر جيئن جيئن ڏينهن گذرندا پيا وڃن، تيئن هن آپريشن جون مختلف انگهه ۽ ڇاڙون نڪري رهيون آهن. هن ڪم ۾ جيتري دير ٿيندي يا ڊيگهه ايندي، اوترو وڌيڪ مونجهارا ۽ مسئلا پيدا ٿيندا. گذريل ٻن ٽن سالن جي واقعن جو اڀياس ٻڌائي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي سياست کٽي پئي هئي. مئي وارين چونڊن جي نتيجن انهيءَ ڳالهه تي مهر هڻي تصديق ڪري ڇڏي. ايم ڪيو ايم جي خلاف سياسي ڌريون هم خيال ته ڪافي عرصي کان هيون، جنهن جو اظهار اهي مختلف وقتن تي ڪنديون رهيون هيون. اهي ڌريون ٻن ڳالهين جي انتظار ۾ هيون. هڪ اهو ته موقعو مهل ۽ ٻيو طريقو. پيپلز پارٽي مرڪز ۾ حڪومت ۾ هئي ته ان لاءِ اها مجبوري هئي ته سنڌ توڙي مرڪز ۾ ”سنڌي“ حڪومت آهي. ان کان وڌيڪ اهو ته ايم ڪيو ايم صدر زرداري جي بيساکي بڻيل هئي، جنهن کيس صدارتي ووٽ ڏنو هو ۽ زرداري هر حال ۾ حڪومت جي ۽ پنهنجي صدارت جي عهدي جي مدت پوري ڪرڻ پئي گهري. مئي وارين چونڊن بعد حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي پيپلز پارٽي کي نه وري نواز ليگ کي ضرورت هئي. مٿان وري خود ايم ڪيو ايم اندر ڏڦيڙ پيدا ٿي پيو. ان جي سربراهه خلاف لنڊن ۾ پڻ ڪيسن جي جاچ شروع ٿي. پهرين برطانوي ميڊيا ۽ ان کان پوءِ آمريڪي ميڊيا پنهنجو رخ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڏيکاريو. ائين هڪ اهڙو ماحول ٺهي ويو، جنهن آپريشن لاءِ حالتون سازگار بڻائي ڇڏيون. ڳالهه اها وڃي بيٺي ته آپريشن جيڪڏهن ڪري سگهجي ٿو ته اڄ ڪري سگهجي ٿو.

اصل حقيقت اها آهي ته جتي ڪراچي جي وسيلن، جنهن ۾ زمين وڏو فيڪٽر آهي، ان تي قبضي ۽ ان ئي مقصد لاءِ سياسي بالادستي ۽ هڪ هٽي جي لڙائي هلي پئي، اتي ڪجهه ٻيون به حقيقتون آهن، جن انهيءَ تضاد کي اڀاري ۽ تيز ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي ڊيمو گرافي يعني آدم شماري جي تناسب ۽ توازن ۾ وڏو ڦيرو آيو آهي. انهي ڦيري جي شروعات ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان ٿي، جڏهن ست لک کان وڌيڪ ماڻهو سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ مقامي آباديءَ جو هڪ وڏو حصو، جيڪي هندو هئا، سي لڏي ويا. انهيءَ لڏ پلاڻ سبب جتي سماجي، معاشي ۽ ثقافتي معاملن ۾ تبديلي آئي، اتي سياست ۾ به تبديلي آئي. ان صورت ۾ ڪراچي ۾ سنڌي آبادي بمشڪل 5-6 سيڪڙو وڃي بچي. ان بعد ون يونٽ ٺهيو، ايوب خان جي حڪومت آئي، صنعتڪاري ٿي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا مان وڏي پيماني تي ماڻهو هن شهر ۾ اچي آباد ٿيا. يعني 51ع ۾ مهاجرن جي اچڻ بعد مهاجر آبادي وڌي ۽ اڪثريت ۾ ٿي، تنهن کي پٺاڻ ۽ پنجابي آبادي Contrast ڪرڻ لڳي، ون يونٽ ٽٽڻ ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ اچڻ بعد سنڌي آبادي ويهن سالن کانپوءِ ڄڻ پنهنجي گاديءَ واري شهر جو رخ ڪيو، پر انهن جو اچڻ ايترو نه هو، جيترو ون يونٽ ٺهڻ ۽ ايوب خان جي دور ۾ پنجابين ۽ پٺاڻن جو هو. بنگلاديش ٺهڻ بعد ٽي کان چار لک ماڻهو (بهاري) اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا. ائين هڪ ڀيرو وري مهاجر آباديءَ ۾ اضافو ٿيو. افغان جنگ ۾ پنج ست لک افغاني اچي آباد ٿيا. وري جڏهن دهشتگردي خلاف جنگ جي ڪارروائي ٿي ته ٽي چار لک قبائلي علائقن جي ماڻهن ڪراچيءَ جو رخ ڪيو. انهن انگن اکرن کي ڏٺو وڃي ته اڀرندي پاسي کان آيل ماڻهن جي آخري وڏي کيپ بنگلاديش ٺهڻ جي موقعي تي آئي هئي. ان بعد ٻي لساني سڃاڻپ رکندڙ ماڻهو وڏي پيماني تي ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بدامني ۽ معاشي بدحالي سبب به وڏي انگ ۾ ماڻهو ڪراچي ۾ آيا. ائين سنڌين، پٺاڻن، پنجابين توڙي بلوچن جو انگ وڌندو رهيو آهي. سنڌين ۽ بلوچن جي آباديءَ ۾ واڌ اڻ لکي يا غير محسوس طريقي سان ٿيندي رهي، جنهن جي پويان معاشي ڪارڻ وڌيڪ هو، جڏهن ته افغانين ۽ پٺاڻن وغيره جي آبادي قافلن جي صورت ۾ ٿي. آدم شماريءَ جا انگ توڙي ووٽر لسٽون به ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون. 81ع جي آدم شماريءَ موجب ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي 54.3 سيڪڙو هئي. انهي اڪثريت کي جواز بڻائي ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. ايندڙ چند سالن ۾ اها صورتحال تبديل ٿي ويئي. 98ع جي آدم شماري ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آباديءَ جو تناسب 48.5 سيڪڙو وڃي بيٺو. 98ع کانپوءِ جي واقعن ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جي صورتحال ٻڌائي ٿي ته هاڻوڪي پنجاب جي سرائيڪي بيلٽ، خيبر پختونخوا ۽ قبائلي علائقن مان لڏ پلاڻ ٿي آهي ۽ اهي ڪراچي آيا آهن. يعني عملي طرح هاڻي آدم شماري جو تناسب 98ع وارو ناهي ۽ اهو اڃا گهٽيو آهي.
98ع واري عرصي کانپوءِ ئي پٺاڻ ٽرانسپورٽ تي مڪمل طور ڇائنجي ويو. انهي آباديءَ ۾ واڌ جو هڪ اهڃاڻ 2008ع جي چونڊن مان به ملي ٿو، جڏهن عوامي نيشنل پارٽي ڪراچيءَ مان صوبائي جون ٻه سيٽون کٽيون. انهي تبديلي کي ايم ڪيو ايم محسوس ڪيو ۽ ووٽر لسٽن جي معاملي تي جهيڙو ڪيو. هاڻي صورتحال اها آهي جو محمود خان اچڪزئي چوي ٿو ته ڪراچي ۾ 30 کان 40 لک پٺاڻ آهن ۽ اسيمبليءَ ۾ سمورن گروپن ۽ قومپرستن کي نمائندگي ملڻ گهرجي. اچڪزئي جي دعوا موجب ڪراچي ۾ پٺاڻ ٻئي نمبر تي وڏو لساني گروهه آهي. اچڪزئي جي انهي دعوا جي  سچائي ۽ سنڌين ۽ بلوچن جي آبادي جو جيڪو انگ هن ٻڌايو آهي، تنهن سان بلڪل اختلاف ڪري سگهجي ٿو. پر اها ڳالهه حقيقت آهي ته ڪراچيءَ جي ڊيمو گرافي وڏي پيماني تي تبديل ٿي آهي. ان جي تناسب ۽ توازن ۾ وڏي تبديلي آئي. انهي تبديليءَ جي مڃتا عملي طور تي هر ڪا ڌر گهري ٿي. غير جمهوري قدرن، روين ۽ ماحول جي ڪري ڪراچي ۾ سياسي پارٽيون پنهنجي فڪري  منشور ۽ پروگرام جي حيثيت وڃائي چڪيون آهن. ان جي جاءِ تي اتي سياست لساني سڃاڻپ سان ٿيڻ لڳي آهي. ان ڪري اهو جهيڙو جيڪو سياسي طور ٿيڻ گهرجي، سو هٿياربند جهيڙو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌمڪيون اها ڌر ڏيئي رهي آهي، جيڪا وقت سان گڏ پنهنجي اڪثريت واري دعوى وڃائي رهي آهي.
ڪراچيءَ وارو آپريشن ان صورتحال ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾Initiative  وفاقي حڪومت جو آهي. پر ان جي ذميواري، بار ۽ سمورو نقصان سنڌ ۽ صوبائي  حڪومت کي ئي کڻڻو آهي. آپريشن جو سمورو خرچ، خاص طور تي رينجرس جو سمورو خرچ سنڌ حڪومت کي ئي ڀرڻو آهي. وفاقي حڪومت پنهنجي Initiative  کي اڃا تائين ڪابه مالي مدد نه ڏني آهي ۽ صوبائي حڪومت کي وفاق وٽان رڳو اخلاقي مدد حاصل آهي ته ”مڙس ماڻهو ٿيو، اسين توهان سان گڏ“ آهيون. وغيره وغيره.
سنڌ حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي آهي. پر اها نه ڪا سياسي Move ڪري سگهي آهي نه وري آپريشن لاءِ ماڻهن کي قائل ڪري سگهي آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته مهاجرن خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي. اها صورتحال اڳتي هلي سياسي طور ايم ڪيو ايم لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. سنڌ ۾ ڏيئي وٺي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جا بيان سامهون اچي رهيا آهن. هڪ ته شرجيل ميمڻ جو ڪو گهڻو سياسي تجربو ۽ قد ڪاٺ ڪونه ٿو بيهي، مٿان وري اهو ته هو سنڌي آباديءَ مان آهي. هن صورتحال ۾ خود ڪراچيءَ سان واسطو رکندڙ ۽ اردو ڳالهائيندڙ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ رضا رباني، وقار مهدي، شهلا ۽ ٻيا خاموش آهن. فيصل رضا عابدي للڪاريندو  هو، پر اهو به هاڻ ميدان ۾ ناهي. اها صورتحال ميڊيا، سياسي ميدان ۽ لابين ۾ ته آهي ئي آهي، پر اسيمبلي ۾ به ڪا بهتر صورتحال ناهي. ڏيئي وٺي نثار کهڙو آهي،  جيڪو تجربو به رکي ٿو ۽ ڳالهائڻ ۾ وزن به اٿس. ورنه اسيمبلي ۾ ته شازيه مري آهي نه وري سسئي پليجو، نه مراد علي شاهه، سراج دراني اسپيڪر ٿي ويو آهي. ايئن خود اسيمبلي اندر به پيپلز پارٽي وٽ ڪو فيس (  ڄاتل سڃاتل چهرو) ڪونهي. نوَن ماڻهن ۾ سردار شاهه يا هڪ ٻه ٻيا ڪي ٿي سگهن ٿا، پر انهن کي ڳالهائڻ ئي نٿو ڏنو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ خود اسيمبلي اندر بحث ۽ خبرن جي حد تائين ڪو ڳالهه ڪرڻ وارو ماڻهو ڪونهي. ٻئي طرف ميڊيا توڙي لابنگ ۾ ايم ڪيو ايم وڌيڪ سرگرم ۽ مضبوط آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي حڪمت عملي نه سڌاري ته آپريشن واري فلم ان جي ڳچيءَ ۾ وڌي ويندي.

Labels: , ,

Friday, April 03, 2015

عمران خان جي ”لاهور شو“ کان پوءِ اڀريل سوال: 16 ڊسمبر 2014ع

عمران خان جي ”لاهور شو“ کان پوءِ اڀريل سوال!
اڱارو 16 ڊسمبر 2014ع

سھیل سانگی

پلان ”سي“ جي ٽئين مرحلي ۾ تحريڪِ انصاف جو لاهور وارو احتجاج سخت ڇڪتاڻ وارين حالتن ۾ ٿيو. فيصل آباد وارو احتجاج پر تشدد هو، پر ڪراچيءَ ۾ اهو احتجاج پرامن رهيو، جنهن سبب عمران خان توڙي پيپلز پارٽيءَ جون سياسي مارڪون وڌي ويون. عمران خان جون ان ڳالهه تي ته ڪراچي پرامن طور به بند ٿي سگهي ٿو، جيڪو مافيائن جي هن ميٽروپوليٽن شهر جي گذريل ٽيهارو سالن جي روايتن جي ابتڙ هو. پيپلز پارٽي جون سياسي مارڪون ان لاءِ وڌيون ته ان نه ڪا تڪڙ ڪئي ۽ نه محاذ آرائي- ان عمران خان کي پنهنجو مهاڙي وارو مخالف نه پئي سمجهيو. بهرحال جمهوريت ۾ اپوزيشن ڏي رويو وڏي ڳالهه هوندو آهي. 

سنڌ سرڪار تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عقلمندي جي حڪمت عملي جوڙي. لاهور وارو عمران خان جو ”شو“ صورتحال ۾ ڪا بنهه وڏي شفٽ ناهي، بس اهو ئي ته تختِ لاهور جو قصو آهي، جيڪو نواز ليگ کان هضم نه پيو ٿئي. احتجاج جي پنهنجي نفسيات هوندي آهي، مظاهرو ڪندڙ تڪڙا هوندا آهن ته ڪو حڪومت سان ٽڪراءُ ٿئي. احتجاج ڪندڙن ۾ اها سوچ مقبول رهي آهي ته ڪجهه اهڙو ڪم ڪجي جو وڏو واقعو ٿئي ته جيئن حڪومت تي ڪو ڏوهه ڏئي سگهجي. ٻئي پاسي حڪومت جي انتظامي مشينري ان کان لنوائيندي آهي، پر حڪومت جي سياسي ونگ لاءِ عزت جو سوال بڻجي ويندو آهي، جنهن جو اظهار نواز ليگ جي ريلوي واري وزير سعد رفيق ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان ڪيو آهي ۽ ان پي ٽي آءِ کي دهشتگرد تنظيم سڏيو آهي. 

هر طرف احتجاج آهي ۽ حڪمران جماعت ۽ پي آءِ ٽي جو هڪٻئي ڏانهن شديد مخالفت وارو رويو آهي. ٻئي طرف ڳالهيون رسمي طور شروع ٿي ويون آهن. ٻنهي ڌرين تجويز ڪيل جوڊيشل ڪميشن بابت پنهنجين تجويزن جي مٽا سٽا ڪئي آهي. 

چونڊن ۾ ڌانڌلين وارو معاملو ٻنهي ڌرين لاءِ سواليه نشان آهي، ٻنهي مان هر هڪ جي ڪوشش آهي ته قاعدا قانون اهڙا ٺهن جو هڪ کي فائدو ۽ ٻئي ڌر کي سياسي نقصان ٿئي، ڳالهين جا اهي دور انهي ”سچائي“ سان هلي رهيا آهن. نواز ليگ ڪنهن به صورت ۾ ڪا اهڙي جاچ ڪميشن ٺاهڻ جي حق ۾ نه بيهندي، جنهن جي رپورٽ جي بنياد تي 2013ع جي چونڊن وارو سندن مينڊيٽ ڪوڙو ثابت ٿئي ۽ وقت کان اڳ يعني 2018ع کان اڳ ٽپڙ ويڙهڻا پون. 

تحريڪ انصاف جو سمورو زور وچ مُدت وارين چوندن تي آهي، يعني 2018ع کان اڳ چونڊون ٿين. هو ڪا به اهڙي صورت قبولڻ لاءِ راضي ناهي، جو نواز ليگ پنهنجي حڪومت جي آئيني مُدت پوري ڪري. ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي ايترو پختگي سان بيٺيون آهن، جو ڳالهين ذريعي ڪو نبيرو ٿيڻ ممڪن نٿو لڳي.

 حڪومت جو خيال آهي ته ڪميشن جو ڪم اهڙي قسم جو رکيو وڃي، جنهن ۾ رڳو انهن سيٽن جي جاچ ٿئي، جن بابت عمران خان جا الزام آهن، ڳالهه انهيءَ کان اڳتي نه وڌي. عمران خان چاهي ٿو ته مئي 2013ع واري سموري چونڊ جي آڊٽ ٿئي، ان جي نتيجي ۾ چار يا ويهارو کن سيٽون ئي نه، پر سڄي اليڪشن کي غلط يا ناجائز قرار ڏنو وڃي. ان معاملي تي وڏي ريڙهه پيڙهه ٿي به رهي آهي ۽ اڃا به ٿيندي. ڳالهين لاءِ سڄي اپوزيشن جو زور آهي، ان ڪري ڳالهيون ضرور ٿينديون پر حڪومت جو زور هوندو ته معاملو ڊگهو ٿي وڃي ۽ ڳالهيون ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچن، پر عمران خان کي تڪڙ آهي هو چاهي ٿو ته جلد ڳالهيون ٿين. 
هو ڳالهين ذريعي ۽ دٻاءُ وجهي جلد نتيجا وٺڻ جو خواهشمند آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ته ڪا ڊيڊ لائين مقرر آهي، هو ان ڊيڊ لائين اندر ڪو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ گهري ٿو.

  سياسي مارڪيٽ ۾ ٻه ڳالهيون وڌيڪ آهن. سياسي حلقا جنرل راحيل جي آمريڪي دوري ۽ آمريڪا طرفان دفاعي معاملن ۾ سهڪار جو هٿ ڊگهيڙڻ کي اهم قرار ڏيئي رهيا آهن. اهو دورو ۽ سهڪار واقعي وڏي اهميت رکندڙ آهي، پر ڇا ان جي ڪا سياسي معنيٰ به آهي؟ سينيٽ جي ڪميٽي خط لکي گهر ڪئي آهي ته ان دوري ۾ ٿيل ڳالهين بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. شايد ڪي ڌريون محسوس ڪن ٿيون ته آمريڪا پاڪستان جي سياست جي حوالي سان به ڪجهه چاهي ٿو. ان ڏس ۾ عمران خان جي ان بيان جو به حوالو ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ هن چيو هو ته آخر چين پاڪستان لاءِ ايتري سيڙپ ڇو ڪري رهيو آهي؟ 
ائين عمران خان جو رويو آمريڪا نواز محسوس ٿئي ٿو. جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن چونڊن کي غير قانوني يا غلط قرار نه ٿي ڏئي. نواز شريف حڪومت برقرار رهي ٿي ته ڇا اهڙي صورت ۾ عمران خان ماٺ ڪري ويهندو؟ هو اهو ئي چوندو رهيو آهي ته هو ڌانڌلي واري اسيمبلي ۾ نه ويهندو، يعني گذريل چونڊن جي نتيجي ۾ ٻئي نمبر تي ايندڙ جماعت اسيمبلي کان ٻاهر احتجاج ڪندي رهي ۽ اهو سلسلو ٽن سالن يعني 2018ع تائين هلندو رهي، اهو به مشڪل ٿو لڳي. 
جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن چونڊن کي غلط قرار ڏئي ٿي ته اهڙي صورت ۾ 2015ع ۾ چونڊون ٿيندي نظر ڪو نه ٿيون اچن. اهڙي صورت ۾ ڪجهه ٻيون شيون ڪر کڻنديون، انهن ڳالهين ۾ پنهنجي جاءِ تي وزن به آهي. اهي هي ته پهرين آدمشماري ڪرائي وڃي، صوبن ۾ سيٽن جي ٻيهر الاٽ منٽ ٿيڻ گهرجي ۽ تڪن جي جوڙجڪ به نئين سير ٿئي. ٻيو چونڊ سڌارا جن بابت سڄي ملڪ ۾ گڏيل راءِ موجود آهي، اهي سڌارا ڪهڙا، ڪيترا ۽ ڪئين هجڻ گهرجن؟ اهو وڏو سوال آهي. 
جيڪڏهن واقعي شفاف چونڊن لاءِ سڌارا آندا وڃن ٿا ته ملڪ جو اقتداري ڍانچو تبديل ٿي ويندو، ان لاءِ ملڪ جون مکيه ڌريون راضي ڪيئن ٿينديون. جيڪڏهن اهي ٻئي اشو ميچوئر ٿي ٿا وڃن ته ڪجهه وڌيڪ مدت لاءِ عبوري يا نگران حڪومت جي گنجائش نڪري ٿي. اها حڪومت اهڙي هجي، جيڪا آدمشماري به ڪرائي سگهي ۽ چونڊن جا سڌارا به آڻي سگهي. پاڪستان جي سياسي پارٽين وٽ نه ايتري طاقت آهي، ۽ نه وري سياسي ڪمنٽمنٽ، جو اهي ٻئي اشو اڻ ڌرئي نموني ۾ مضبوطي سان حل ڪري سگهن ۽ ائين هڪ دفعو وري عدليه ۽ سگهارين قوتن جي گڏيل هٿن واري حڪومت لاءِ جاءِ پيدا ٿئي ٿي. گهمي ڦري عمران خان جي پراڻي مطالبي تي ڳالهه بيهي ٿي. 

هڪ دفعو وري سڄو معاملو عدليه حوالي ٿيڻ وڃي پيو. ملڪ جي سياسي نظام ۽ حالتن جي تعين لاءِ عدليه جو رول وڌي رهيو آهي، جڊيشل ڪميشن چونڊن جي تحقيقات لاءِ 5-7 مهينا وٺي سگهي ٿي. اها عجيب ڳالهه هوندي ته عدليه ئي چونڊن جي نگراني ڪئي هئي ۽ انهن جي بي قاعدگين جي جاچ به عدليه ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ تان استعيفا ڏيندڙ اڳواڻ جاويد هاشمي جو بيان واقعي سچو ئي رهيو آهي. هن چيو هو ته پلان مطابق هڪ جج اهڙو اچڻو آهي، جيڪو معاملن کي سڌو ڪري ڇڏيندو. هن وقت تائين تحريڪ انصاف جي احتجاج ڪجهه ڳالهين کي گهڻو چٽو ڪيو آهي.
 
عمران خان پنهنجي ذاتي توڙي سياسي رويي ۾ اڻ سهپ ۽ ٻئي جي نه ٻڌڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. لاهور ۾ ڪجهه صحافين جي مارڪٽ ۽ انهن سان توهين آميز رويو رکڻ، سموريون سياسي ڌريون هڪ طرف ۽ عمران خان ٻئي طرف ڳالهه کي واضح ڪري ڇڏين ٿيون. ان کان علاوه احتجاج، ڌرڻن ۽ شهر بند ڪرڻ واري سياست، جنهن جو هن رواج ۽ روايت وجهي ڇڏي آهي انهن کي تحريڪ انصاف سڀاڻي جيڪڏهن حڪومت ۾ اچي ٿي ته ڪيئن منهن ڏيندي؟ هينئر مخالف آواز ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ته سڀاڻي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ان جو رويو ۽ عمل ڪيترو جمهوري ۽ رواداري وارو هوندو؟ 
تحريڪ انصاف جو رويو رڳو ميڊيا ۽ سياسي ڌرين سان اهڙو ناهي، سڀاڻي صوبن جي حوالي سان به سندس رويي ۾ شايد ڪنهن بهتري جي گنجائش نٿي لڳي. نواز شريف ڪجهه ڪڙا تجربا ۽ سبق حاصل ڪرڻ بعد اهو سکيو، جو هن ڪنهن حد تائين سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرستن سان ڳالهيون ته ڪيون. هي ٻئي صوبا گرم آهن، ۽ انتهاپسندي جي حوالي سان وڌيڪ گرم ٿيندا پيا وڃن. انهن کي سياسي طور تي ڊيل ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر اها ڳالهه عمران خان جي ڪيس ۾ٿيندي نظر ڪو نه ٿي اچي.

Labels: , , , , , ,

حڪومت سنڌ ۾ ڪرندڙ لاشن جو غم ڪڏهن محسوس ڪندي؟ 03 ڊسمبر 2014ع

حڪومت سنڌ ۾ ڪرندڙ لاشن جو غم ڪڏهن محسوس ڪندي؟
اربع 03 ڊسمبر 2014ع
سھیل سانگی
سنڌ سخت تاءَ ۽ ڳڻتيءَ مان گذري رهي آهي، ان جو سيڪ هر سنڌ واسي محسوس ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ قومي اسيمبليءَ ۾ اُن جو هلڪو پڙاڏو ضرور ٿيو آهي، پر حڪومت توڙي حڪمرانن تائين اُن جي تپش اڃا نه پهتي آهي. سنڌ اندر سمورا معاملا ۽ سياستون غير لاڳاپيل ٿي ويون آهن. عمران خان جو لاڙڪاڻي وارو جلسو ۽ ان جا پوندڙ اثر بحث کان پاسيرا ٿي ويا آهن. ڪپتان جو اسلام آباد ۾ وڏا شهر بند ڪرڻ وارو اعلان به ڄڻ سنڌ جي ڪنن تي پيو ئي ناهي. سنڌ جي ٽن اڳوڻن وڏن وزيرن ڪجهه ٻين جهونن سان گڏجي پنهنجي لاءِ ڪو چڱو ڪم ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هنن جو خيال هو ته سنڌ ۾ سياست پلٽو کائي رهي آهي. ان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت کان پري رکڻ، عمران خان جي وس جي ڳالهه نه پئي لڳي، ان ڪري انهن همراهن پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ته اهي پيپلز پارٽيءَ کي اُٿلائي سگهن ٿا. 

اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته جيستائين پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ حڪومت کان پري نه ٿو ڪجي، تيستائين نه پنجاب ۾ آيل تبديلي ڪنهن ڪم جي آهي ۽ نه ئي وري بدليل حالتن ۾ نواز شريف کي ناڪ آئوٽ ڪري سگهي ٿي، ان ڪري اهڙو تاثر ڏيڻ لاءِ جيئن مشرف جي دور ۾ ٿيل پهرين چونڊن ۾ سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس ٺاهي ڏنو ويو هو ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ ۽ نواز ليگ جي ڏهه جماعتي اتحاد جي ذريعي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، حالانڪه اهو سڄو تحرڪ اڃا تائين پڪو ٿي نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وڏ وزارت جو عهدو ته هڪڙو ئي آهي، پر اتحاد ۾ ٽي ”وڏا وزير“ يعني لياقت جتوئي، ارباب غلام رحيم ۽ غوث علي شاهه ويٺا آهن، جڏهن ته ٻن ”وڏن وزيرن“ ممتاز ڀٽو ۽ مظفر شاهه جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن طرفان هن نئين اتحاد کي حمايت حاصل آهي، پر اهو ته سودو اڌ ڪچو اڌ پڪو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو گذريل چونڊن ۾ انهن سڀني همراهن سان نواز شريف پَٽي ڪري ويو، پاڻ حڪومت ۾ اچي ويو، هنن همراهن کي نه سنڌ ۾ ۽ نه وري وفاق ۾ ڪا اهميت ملي. 

پر تازو سنڌ ۾ پيش آيل واقعن هن ”اهم تحرڪ“ کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي نهوڙي ڇڏيو. پُراسرار طور گم ٿيل سياسي ڪارڪنن جا هڪ هفتي اندر ڇهه لاش ملي چڪا آهن، انهن جا ماريندڙ ڪير آهن؟ انهن کي ڇا جي ڪري ماريو ويو آهي؟ جيئن ظاهري توڙي اندروني نشان ٻُڌائين ٿا ته کين ماريو ويو آهي يعني قتل ڪيو ويو آهي ته قتل جي صورت ۾ ڪيس داخل ٿيندو آهي، ان قسم جي هن وقت تائين ڪا به چُرپر يا وضاحت سامهون نه آئي آهي. آئين تحت حڪومت هر شهري جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت لاءِ ذميوار آهي. هتي ملڪ جا سڄا سارا ڇهه شهري مارجي ويا، پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومت خاموش آهي. وڏي ڳالهه ته عدليه ۽ ان جي جوڊيشل ايڪٽوازم به. سياسي راءِ جو اختلاف رکڻ هر شهري جو آئيني حق آهي. قومپرست تحريڪ هجي يا جمهوري تحريڪ، ان جي شروعات حقن گهرڻ سان ٿئي ٿي. رياست ۽ رياستي ادارن جو فرض هوندو آهي ته اهي عوام سان ماءُ جهڙو سلوڪ ڪندي، کين اهي حق ڏين ۽ کين دليلن سان قائل ڪن، سمجهائين. 

ملڪ جي ٽنهي صوبن ۾ قومي حقن واري تحريڪ جي تاريخ پراڻي آهي. ڪڏهن سمورن ننڍن صوبن گڏجي نيشنل عوامي پارٽي جي جهنڊي هيٺ جدوجهد پئي ڪئي، پر 70ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ هر قوم پنهنجي جدوجهد اڪيلي سر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٿيندو اهو رهيو ته بلوچن ۽ پختونن کي واري ڦيري سان يا ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اقتدار ۾ شرڪت يا اڪموڊيٽ ڪيو ويو، پر سنڌ ۾ اهڙي صورت نه نڪري سگهي. سنڌ ۾ قومپرستن جي بدران اهو ڪُڻو پيپلز پارٽي جي نالي جو نڪرندو رهيو. قومپرست تحريڪ جون جيتريون فڪري پاڙون پختيون آهن، ان ۾ اوتري ئي تڪثريت ((Diversity موجود آهي، جنهن جو اظهار مختلف موقعن تي هڪ کان وڌيڪ طريقن سان ٿيندو رهيو آهي. انهن سمورن واقعن جي باوجود هتان جي ماڻهن کي پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ، کين وسيلن کان وٺي، سياسي فيصلن تائين جو اختيار ۽ حق ڏيڻ وارو معاملو خال خال رهيو آهي. اها ڏاڍي اهم ڳالهه آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ کڻي ڪيترو به قومپرست ڇو نه هجي، پر اهو جمهوريت پسند ٿي رهيو آهي. هو ضياءَ، نواز شريف، مشرف جي دورن ۾ سمورين تبديلين جي باوجود جمهوري تحريڪ جو حصو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو قوم پرستي جي ڪڏهن هلڪي، ڪڏهن ڳري لهر جي باوجود هن جمهوريت جو ساٿ ڏيندي، پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏنو آهي. اهڙي دور ۾ اڄ سڄي سوسائٽيءَ ۾ فڪري ڏڪار هجي، سياسي تربيت ۽ تعليم جا روايتي توڙي غير روايتي ادارا پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهيا هجن، تڏهن سياسي غذائيت جي کوٽ شايد ان کان به گهڻي وڌيل هوندي، جيتري ٿر جي ڏڪاريل ٻارن ۾ کاڌ خوراڪ واري غذائيت جي هوندي آهي. ادارن جي اڻ هوند، فڪري ڏڪار ۽ سياسي غذائيت جي کوٽ هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪري وڌي آهي، جتي نوجوان وڌيڪ مايوسيءَ جي آڙاهه ۾ ڌڪجي وڃي ٿو. دنيا توڙي علائقي ۽ ملڪ جي بدليل حالتن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ به پاڻ کي بدلائي، حالتن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي. 

ڪجهه اهم سوال زير بحث آهن. قومپرست سياست کي ڪيئن ڊگهي حڪمت عملي ۽ جدوجهد ڪجي؟ ان کي ڪيئن ملڪي مين اسٽريم سياست سان ڳنڍجي؟ ملڪي سياست ۾ قومپرستن جي اهميت ڪيئن وڌائجي؟ پنهنجي بيانيه ۾ ڪهڙي تبديلي آڻجي؟ ۽ ڪيئي ٻيا به اهڙا سوال. 
اهڙي موقعي تي جيڪڏهن ڪنهن به بيانيه تحت ڪارروائي ٿئي ٿي ته اها شدت پسند رجحان کي وڌيڪ هٿي ڏيندي ۽ مين اسٽريم سياست يا ڊگهي حڪمت عمليءَ واري لاڙي يا اهي لاڙا جيڪي جمهوري ۽ طبقاتي تحريڪ سان قومي تحريڪ کي گڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تن جي حوصله شڪني ڪندا ۽ ان جون واٽون بند ڪندا. سنڌ جي سياست ۾ هي هڪ اهڙي مداخلت هوندي، جنهن بعد حقن واري جدوجهد پاسيري رهجي ويندي ۽ وڏيون ڌريون پنهنجون ايجنڊائون سيٽ ڪري پنهنجا نتيجا ڪڍنديون. هيءَ گهڙي وڌيڪ فڪر جي آهي، ان جو سيڪ بهرحال اڳ پوءِ حڪومت کي به محسوس ٿيندو. جيڪڏهن اها ڳالهه هو محسوس ڪري وٺي ته ان ۾ سڀني جو ڀلو آهي.

Labels: , , , , , , , ,

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ جو حساب ڪيئن ڏيندي؟ 25 آڪٽوبر 2014ع

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ جو حساب ڪيئن ڏيندي؟
ڇنڇر 25 آڪٽوبر 2014ع

سهيل سانگي


چلو بلاول ڀٽو زرداريءَ جي تقرير به ٿي وئي، جنهن ۾ وڏيون اُميدون رکڻ جي ڳالهه ٿي وئي. ان تقرير جا سياسي اثر، تجزيا ۽ تبصرا به ٿي ويا، باقي رهيل تبصرا ايندڙ وقت به ٿيندا رهندا. هاڻي ڳالهه وڃي بيهي ٿي، ان تقرير جي عملي پهلوئن جي باري ۾ يعني بلاول جيڪي ڪجهه تقرير ۾ چيو ۽ جيڪي نه به چيو، پر اهڙا اشارا ڏنائين يا وري جن ڳالهين جي باري ۾ سنڌ جي عوام کي هروڀرو به آسرو آهي، ان ڏس ۾ ڇا سامهون اچي رهيو آهي، ماڻهو اُن جا مُنتظر آهن. ڪنهن به پارٽي يا حڪومت جي اڳواڻ جي تقرير دراصل مختلف پاليسين ۽ فيصلن جو اعلان هوندو آهي، جن تي فوري طور عمل شروع ٿي ويندو آهي يعني فيصلي يا اعلان تي اڳواٽ هوم ورڪ تيار ٿيل هوندو آهي. موجوده حالتن ۾ اهڙي ڪا به شئي عملي طرح سامهون نه آئي آهي. ملڪ جون پاليسيون ۽ حڪمت عمليءَ کي پاسيرو رکي، رڳو سنڌ کي ئي ٿا وٺون، جتي پارٽيءَ جي حڪومت آهي ۽ ان سان گڏوگڏ دعوى به ته سنڌ ساڻس گڏ آهي، اهڙي غلط فهمي سنڌ جي ماڻهن کي هڪ حد تائين آهي ته پيپلز پارٽي سندن پارٽي آهي. 
عام ماڻهوءَ کان وٺي، خاص ماڻهن تائين سڀئي ڪجهه حقيقتن تي متفق آهن، پوءِ ڀلي کڻي هو سياسي بيان ڪهڙو به ڏين، ذاتي ڪچهرين ۾ اهڙو ذڪر ضرور ڪندا آهن. سنڌ جو ماڻهو وڏي پئماني تي سماجي انصاف کان محروم آهي، ساڻس ڪو وڏو ظلم ٿئي ٿو يا ننڍڙي به ناانصافي ٿئي ٿي ته ان جي ڪا به داد رسي نه ٿي ٿئي. عام ماڻهو ته ماڳهين هر قسم جو آسرو لاهي ويٺو آهي. هو چوي ٿو ته ”ادا ٿيندو ڪجهه ڪو نه.“ ڪجهه عرصو اڳ تائين احتجاج، جلسا، جلوس ۽ بک هڙتالون ڪو نه ڪو اثر ڏيکارينديون هيون، پر هاڻي اهي به بي اثر ثابت ٿي رهيون آهن. نتيجي ۾ ماڻهو پاڻ کي بي وس، ننڌڻڪو ۽ لاچار سمجهي ٿو، ڄڻ هڪ نئين قسم جي غلاميءَ ۾ اچي ويو آهي. ڏئي وٺي ميڊيا ڏاڍو اهم رول ادا ڪري رهي هئي. لڳاتار اشو کڻڻ تي حڪومت مجبور ٿي تحرڪ ۾ اچي ويندي هئي، پوءِ اهو تحرڪ ڪافي حد تائين رڳو ڏيکاءُ وارو هوندو هو، ان کان پوءِ حڪومت هر ڳالهه جو ”نوٽيس“ وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو، ان نوٽيس وٺڻ جو مطلب اهو هوندو هو ته ”ها اسان ڳالهه ٻُڌي“ پر اُن تي عمل ايترو به ڪو نه ٿي رهيو آهي، جيترو ڪنهن زماني ۾ وزير اعظم يا صدر کي موڪليل درخواست تي ڪو واندو ويٺل سيڪشن آفيسر جواب لکي موڪليندو هو ته، ”توهان جي شڪايت ازالي لاءِ واسطيدار عملدار کي موڪلي وئي آهي“ تڏهن ٻيو نه ته ٺهيو گهٽ ۾ گهٽ ننڍي يا وڏي شڪايت جي رسيد ته ملندي هئي، پر هاڻي ماڻهن جي شڪايتن جي پوءِ اهو خون هجي يا ٻيو ڪو ظلم يا ناانصافي ماڻهن کي ڪا رسيد به نه ملي رهي آهي. مٿان وري حڪومت جا ڀاڳ ڀلا جو خود ميڊيا مالڪن جي حد تائين ئي نه، پر ضلعن جي سطح تائين به ورهائجي وئي آهي، جنهن جو ڀلو نه صحافين کي ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي وري عوام کي البته حڪومت ۽ حڪومتي اهلڪار مزي ۾ آهن. اهي نه رڳو هن جهيڙي جو تماشو ڏسي مزو وٺي رهيا آهن، بلڪه ميڊيا جي گڏيل ڪاهه کان به بچيا پيا آهن. ٻيو وڏو معاملو ڪرپشن جو آهي، جنهن بابت حاوي تاثر آهي. ڪرپشن جيڪا ترقياتي ڪمن ۾ ٿئي ٿي، ڪرپشن جيڪا مختلف ادارن خاص ڪري ميونسپل ادارن کي هر ماهه جاري ٿيندڙ فنڊن ۾ ٿئي ٿي. اڃا ٻه هفتا اڳ جي ڳالهه آهي ته ميڊيا ۾ اهي رپورٽون شايع ٿيون ته وارياسي علائقي جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ ٽينڪر سان ٽانڪي ڀري آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو، اهو ته هڪ اڌ واقعو آهي، جيڪو الائجي ڪيئن ميڊيا جي لپيٽ ۾ اچي ويو، ورنه هر ضلعي ۾ اهڙن واقعن جا داستان جڙيل آهن. ڪنهن دور ۾ ترقياتي ڪمن جا قبرستان هوندا هئا، ڇاڪاڻ جو هر ايندڙ حڪومت پراڻي حڪومت جي شروع ڪيل رٿائن کي اڌورو ڇڏي ڏيندي هئي ۽ نيون رٿائون شروع ڪندي هئي، پوءِ نه حڪومتون مدو پورو ڪنديون هيون، نه ئي وري اهي رٿائون راس ٿينديون هيون. عوام جو ناڻو ڦاٿو پيو هوندو هو. ٺيڪيدار ۽ ڪميشنون وٺندڙ عملدار ۽ ٻيا همراهه مزي ۾ هوندا هئا. هاڻي ته ترقياتي ڪم ڄڻ ”ورچوئل“ ٿيڻ لڳا آهن، يعني فائيلن ۽ ڪاغذن ۾ آهن، سرزمين تي ڪجهه نه. صوبائي گاديءَ واري شهر ۾ اهي به ڳالهيون هلن پيون ته ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن سڌي يا اڻ سڌي طرح سولر جون ڪمپنيون ٺاهي ورتيون آهن، ان ڪري ئي شايد حڪومت سولر تي وڌيڪ زور ڀري رهي آهي. اهي حقيقتون به پنهنجي جاءِ تي آهن ته جيتري رقم آر او پلانٽ ۽ سولر سسٽم لڳائڻ تي سرڪاري طرح خرچ ٿي رهي آهي، ان جي اصل لاڳت چوٿين پتي جيتري جي آهي. صوبي جي سمورن شهرن ۾ انفرا اسٽرڪچر يعني روڊ، گهٽيون، ناليون وغيره تباهه ٿي چڪو آهي. اها ڳالهه مشرف دور جي مڪاني ادارن جا ڳڻ ڳائيندڙن کي ٻُڌائي وڃي، جيڪي رڪارڊ ترقيءَ جون دعوائون ڪندا آهن يعني 8-10 سالن ۾ سڄو انفرا اسٽرڪچر ويهي رهيو، باقي ڪاريگري پاڻ واري سنگت ڪئي، جو نه مرمت، نه سار سنڀال ڪئي وئي. حالت اها آهي، جو ڳوٺن کان وٺي شهرن جي رستن ۽ گهٽين تائين سڀ ڪجهه ڀڳل ٽُٽل ۽ تباهه آهي. ناليون ۽ گٽر تباهه آهن. چلو اهي نه ٿا ٺهرائي سگهجن ته گهٽ ۾ گهٽ ناليون ۽ گهٽيون صاف ته ڪرائي سگهجن ٿيون، پر ڪٿي به ائين نه ٿو ٿئي. گٽر ۽ ناليون اُٿلن ٿيون ته روڊ ۽ گهٽيون ڪنهن ڍنڍ جو منظر ڏين ٿيون، مٿان وري صفائي نه ٿيڻ ڪري گند جا ڍير لڳا پيا آهن. گندي پاڻي، پکڙيل گندگي، دز ۽ مٽيءَ سبب مختلف بيماريون شهرين جي جان ئي ڪو نه ٿيون ڇڏين، جنهن جو فائدو وري صحت کاتو ۽ دواساز ڪمپنيون به کڻن ٿيون. پيپلز پارٽي گذريل دور ۾ ٻيو ته ڇڏيو، ويچارن صفائي ڪندڙن خاڪروبن کي به نه بخشيو، اُتي به ميرٽ تي ۽ جائز ڀرتيون نه ڪيون ويون. هزارن جي تعداد ۾ سفيد پوش ماڻهن کي بطور خاڪروب ڀرتي ڪيو ويو، جن ڪڏهن ڊيوٽي نه ڪئي. اهڙيون هزارين ننڍيون وڏيون ڀرتيون مڪاني ادارن ۾ ان کان سواءِ آهن، جيڪي بنا انٽرويو، بنا اشتهار ۽ بنا ميرٽ جي ڪيون ويون. چيو وڃي ٿو ته ان مان ستر سيڪڙو نوڪريون وڪرو ٿيون آهن. بنا ميرٽ جي ڀرتي ٿيل يا خريد ڪيل نوڪري تي آيلن کي نه ڪو ڪم اچي ٿو ۽ نه وري ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اُهي به مال ميڙڻ جي پويان آهن. اهڙي قسم جون ڀرتيون روينيو ۽ ٻين کاتن ۾ به چور دروازي مان ٿيون آهن. تعليم کاتو ته هروڀرو پڙ چڙهي ويو آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهي ڀرتيون ميرٽ تي ڇو نه ڪيون ويون؟ سنڌ ۾ ذري گهٽ هر ڪو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پيپلز پارٽيءَ جي کاتي ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن ميرٽ تي اهي نوڪريون ڏنيون وڃن ها ته پيپلز پارٽيءَ جي ماڻهن کي ملن ها. ائين ڪرڻ سان نه رڳو پارٽيءَ جي ساک ٺهي ها، بلڪه حق حقدارن کي ملي ها ۽ مختلف کاتن ۽ ادارن جو ڪم ڪار به چڱو هلي ها، جيڪا ڳالهه حڪومت جي ڪارڪردگيءَ ۾ شمار ٿئي ها، پر پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پنهنجي حصي ۾ ايندڙ اهڙي چڱائي الائجي ڇو کڻڻ لاءِ تيار نه ٿي. ساڳي صورتحال مختلف عهدن تي مقررين ۽ ترقين جي آهي، اُتي به سمورا قاعدا قانون لتاڙيندي شيون ڪيون ويون. جڏهن شيون مقرر دائري ۽ پروسيس کان ٻاهر ٿين ٿيون ته اُهي غير منطقي غير قانوني هجڻ سان گڏ سمجهه کان به ٻاهر هونديون آهن، ائين ڪري حڪومت گهٽ تعداد ۾ ماڻهن کي خوش ڪيو ۽ وڏي انگ ۾ ناراض ڪيو. مڪاني ادارن جا ذميوار عملدار دانهون ٿا ڪن ته اڳي رڳو کاتي جي اعلى عملدارن تائين منٿليون پهچائڻيون هونديون هيون، پر هاڻي ته هر ماهه ايندڙ فنڊن مان علائقي جا چونڊيل عيوضي به ڀاڱي ڀائيوار آهن. نتيجي ۾ ماڻهن کي شهري سهولتون ڏيڻ لاءِ ٽَڪو به ڪو نه ٿو بچي. جلد ئي مڪاني چونڊون ٿيڻ واريون آهن. پارٽيءَ کي هڪ دفعو وري ماڻهن وٽ وڃڻو پيو پوي، پر وٽس ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ واقعي ڇا آهي؟ رڳو سياسي نعرا، شهيدن جون قربانيون، ايم ڪيو ايم جو ڊپ يا ٻيو ڪجهه، يا اهو ته مقامي سطح تي ڪيل سياسي ڀڃ ڊاهه، جنهن ۾ ذات وڏيري کي ڳولي خوش ڪيو ويندو ۽ کيس اقتدار، اختيار ۽ فنڊن ۾ حصو پتي ڪرائي ويندي؟ ڪنهن پاسي مان ته عوام کي ڪجهه ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن پارٽيءَ ۾ ڪا شئي تبديل نه ٿا ڪريو ته حڪومت ذريعي ڪجهه ڏيو، ادارن ۾ ماڻهن کي حقيقي نمائندگي ڏيو. عام راءِ موجب پارٽي ڳرن الزامن هيٺ آيل آهي. پارٽي قيادت کي گهرجي ته اها انهن سمورين شڪايتن جي حقيقي معنائن ۾ جاچ ڪري. جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪجي ته شايد هڪ ٻه جج ان ڪم لاءِ ڏئي سگهي ٿي، جيڪي اهو ڏسن ته اهي سڀ ناانصافيون، ناجائزيون ۽ زيادتيون ڪيئن ٿيون؟ ان لاءِ ذميوار ڪير آهي؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي واقعي گڊ گورننس چاهي ٿي، عوام کي ڪجهه ڏيڻ چاهي ٿي ته نون اعلانن کان اڳ ماضيءَ وارن معاملن مان پنهنجا پانڌ اَڇا ڪرڻا پوندا.

Labels: ,

چونڊن واري نظام ۾ سڌارا ۽ اليڪشن ڪميشن جي خودمختياريءَ جو سوال 15 مئي 2014ع

چونڊن واري نظام ۾ سڌارا ۽ اليڪشن ڪميشن جي خودمختياريءَ
سھیل سانگی
خميس 15 مئي 2014ع
ملڪ اندر چونڊ سڌارا بحث جو موضوع بڻجي ويا آهن. مخالف ڌر جي پارٽين کان وٺي حڪومت تائين ايتري قدر جو خود اليڪشن ڪميشن به ساڳئي خيال جو اظهار ڪيو آهي. عمران خان پنجاب جي 65 تڪن تي ڌانڌلي جو الزام کڻي نڪتو، پر پوءِ رڳو 4 تڪن جي مطالبي تي اچي بيٺو، ان سان گڏ هن موجوده اليڪشن ڪميشن کي ٽوڙڻ جو به مطالبو ڪيو. 
عمران خان جي مطالبي کي پيپلز پارٽي ۽ حڪمران جماعت نواز ليگ چونڊن واري نظام ۾ سڌارن جي ڳالهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير احسن اقبال قومي اسيمبليءَ ۾آڇ ڪئي ته،”حڪمران جماعت سمورين پارٽين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ لاءِ تيار آهي.“ جيڪا چونڊ سڌارن بابت سفارشون ٺاهڻ، مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه وري اپوزيشن جي پارٽين کي هن نقطي تي گڏائڻ لاءِ باقاعده اجلاس گهرائڻ جي رٿ ڏني آهي. مطلب ته ملڪ جون به مکيه پارٽيون نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي عمران خان جي الزام کي اهو رنگ ڏيڻ ۾ ڪامياب ويون ته، جيڪڏهن ڪا ڌانڌلي ٿي آهي ته ان جو ڪارڻ سسٽم ۾ موجود نقص آهن. 

قصو ڪنهن ٻن چئن تڪن يا گذريل سال وارين چونڊن جو ناهي، اهو معاملو مستقبل ۾ ٿيندو رهندو، ان ڪري ان جو مستقبل جي بدران مستقل ڪو بندوبست ڳولجي. هوڏانهن پيپلز پارٽي، سول_ ملٽري ڇڪتاڻ ۾سول حڪومت جو پاسو کنيو هو، تنهن پڻ ضروري سمجهيو ته اها پاڻ کي حڪومت کان ٿورو وڇوٽي تي رکي ته متان فرينڊلي اپوزيشن جو نه الزام لڳي. واڌو اهو ته اسلام آباد واري شو بعد بحث جو موضوع عمران خان بڻيل هو. 
ان صورت ۾ سياسي معنائن ۾ ڄڻ پيپلز پارٽيءَ کان مخالف ڌر واري حيثيت کسجي پئي وئي، ان ڪري ان ضروري سمجهيو ته اها هن منظر ۾ ڪا سرگرمي ڪا چر پر ڪري، ان ڪري پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ خورشيد شاهه چونڊ سڌارن لاءِ اپوزيشن جي ميٽنگ گهرائڻ سان گڏ اهو به مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي استعيفا ڏيڻ گهرجي. 

ان ڏس ۾ هڪ وڌيڪ سرگرمي اها ٿي آهي، جو تحريڪ انصاف ۽ قاف ليگ پنهنجو گڏيل اجلاس ڪيو آهي، جنهن ۾ چونڊ سڌارن بابت ويچاريو ويو آهي، اهو اجلاس سياسي موقف ۾ هڪ جهڙائي رکندڙ پارٽين ان ڪري به ڪيو، ته جيئن پاڻ کي پيپلز پارٽيءَ کان الڳ ظاهر ڪري سگهن ۽ هڪ حد تائين پيپلز پارٽيءَ کي اڪيلو ڪن. ورنه اليڪشن ڪميشن ۽ چونڊ سڌارن بابت جيڪو موقف پيپلز پارٽيءَ هاڻي اختيار ڪري رهي آهي، سو تحريڪ انصاف يا قاف ليگ جي موقف کان ڪو گهڻو مختلف ڪونهي. اليڪشن ڪميشن تبديل ڪرڻ جي حوالي سان خود اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جو به موقف آيو آهي. 
اليڪشن ڪميشن جي گذريل ڏينهن واري اجلاس ۾ ان معاملي تي ويچار ڪرڻ بعد اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي جوڙ جڪ چونڊيل اداري پارليامينٽ جي ذريعي هڪ سڄي پروسيس سان عمل ۾ آئي آهي، جنهن کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي. اهو صرف آئين جي آرٽيڪل 209 جي تحت ٿي سگهي ٿو، جنهن موجب ميمبرن بابت ريفرنس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ويندو. اجلاس ۾ اهو به موقف رکيو ويو ته خود سپريم ڪورٽ ٻه مهينا اڳ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن تي اعتماد جا ريمارڪس ڏئي چڪي آهي. 
اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين توڙي ميمبر سپريم ڪورٽ/ هاءِ ڪورٽ جا حاضر سروس جج آهن. جڏهن انهن کي اليڪشن ڪميشن مان هٽائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته، ان جو مطلب اهو ٿيندو ته پهرين کين بطور جج جي هٽايو وڃي. اليڪشن ڪميشن ۾ تبديلي بابت حڪومت جو موقف به اهو آهي ته ان کي ٽوڙي نٿو سگهجي. 
پاڪستان جو سياسي توڙي چونڊن وارو نظام اهڙو رهيو آهي، جو ذري گهٽ سمورين چونڊن بابت مختلف وقتن تي سياسي ڌريون عدم اعتماد جو اظهار ڪنديون رهيون آهن. ٿيندو ائين رهيو آهي جو سواءِ چونڊون کٽيندڙن جي ٻين کي اهي نتيجا قبول نه هوندا آهن، ساڳي صورتحال گذريل مئي وارين چونڊن جي آهي. چونڊن کان پوءِ جيڪي احتجاج ٿيا، تن جو پڙاڏو اڃا تائين فضائن ۾ گونجي پيو. نواز ليگ کي ڇڏي، باقي سمورين جماعتن يعني پيپلز پارٽي، قاف ليگ، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم انهن چونڊ نتيجن کي اڳواٽ رٿيل قرار ڏنو. چونڊن جي هڪ سال کانپوءِ هاڻي عمران خان رستن تي نڪري آيو آهي. پتو پيو آهي ته پيپلز پارٽي چونڊن بابت ”ڪچو چٺو“ (وائيٽ پيپر) شايع ڪرڻ ڏي پئي وڃي. 
مطلب ته واقعي ڪابه پارٽي چونڊن جي موجوده نظام مان خوش ناهي. خود اليڪشن ڪميشن به ان ۾سڌارا آڻڻ گهري ٿي. گذريل سال تڏهوڪي چيف اليڪشن ڪميشن فخر الدين جي ابراهيم جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ سفارش ڪئي وئي هئي ته اهڙو قانون جوڙيو وڃي، جو اليڪشن ڪميشن ڀارت جي طرز تي بااختيار هجي. 
فيبروري 2013ع ۾ گذريل پارليامينٽ ۾ اهڙو بل به پيش ڪيو ويو هو، پر ان کي اڳتي نه وڌايو ويو، شايد ان بل ۾ حڪومت ۾ ويٺل ڌرين جي ڪا دلچسپي نه هئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي جو نئين پارليامينٽ کي وجود ۾ آئي سال ٿي ويو آهي، پر اهو بل ٻيهر جيئرو نه ڪيو ويو آهي. هن بل جي خاص خاص ڳالهين ۾ چونڊن واري عمل ۾ مداخلت ڪرڻ يا ان جي شفافيت ۾ رڪاوٽ وجهڻ تي اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري يا آءِ جي پوليس کي به معطل ڪري سگهي ٿي. 
هاڻي اليڪشن ڪميشن 13 نقطن وارو هڪ اسٽريٽجڪ پلان سمورين پارٽين ۽ سول سوسائٽي توڙي پارليامينٽ جي سمورين ڪميٽين کي موڪليو آهي ۽ کين چيو آهي ته، ”ڪي ٺوس يا قابل عمل تجويزون ڏنيون وڃن“. ڀارتي اليڪشن ڪميشن جي بااختيار هجڻ جو جهجهو حوالو ڏنو پيو وڃي. ڪالهه هڪ انگريزي اخبار ۾ انڊيا جي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر مسٽر قريشي جو ڏاڍو ڇرڪائيندڙ انٽرويو ڇپيو آهي. ان سان گڏ اها خبر به ته انڊيا ۾ آرمي چيف جي مقرري لاءِ اليڪشن ڪميشن کان منظوري ورتي ويئي آهي. اهو ان ڪري جو ملڪ اندر چونڊون ٿي رهيون هيون. اڳوڻي لوڪ سڀا جو مدو پورو ٿي چڪو هو، ان ڪري حڪومت پنهنجي پاڻ کي اخلاقي طور ان قابل نه پئي سمجهي، جو آرمي چيف جي مقرري ڪري، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کان پڇيو ويو. 

ڳالهه مسٽر قريشي جي انٽرويو جي پئي هلي، هن جو چوڻ آهي ته، ”چونڊن جي اعلان کانپوءِ چونڊن جي عمل سان واڳيل ڪو به عملدار، گورنر، وزير اعلى يا وزير اعظم وغيره سان نه ملي سگهي ٿو ۽ نه فون تي ڳالهائي سگهي ٿو.“ اڃا به مزيدار ڳالهه اها چئي آهي ته، ”چونڊن لاءِ عملي جي مقرري بابت باقاعده جاچ ڪئي ويندي آهي ۽ شڪايتون ٻڌيون وينديون آهن ۽ ان عملي جي مقرري ۾ ڪنهن به سياسي جماعت يا حڪومتي عهديدار جي نه ٻڌي ويندي آهي. اليڪشن ۾ ٿيندڙ خرچ بابت هر اميدوار لاءِ لازم آهي ته اهو ان بابت الڳ اڪائونٽ کولي.“ 

واڌو اهو ته اليڪشن ڪميشن اميدوار جي استعمال ايندڙ مختلف شين جا اگهه به پاڻ وٽ رکندي آهي ۽ سختيءَ سان اليڪشن بابت قانون ۽ قاعدن تي عمل ڪرائيندي آهي. اتي فوج ته اليڪشن واري عمل کان ڪوهين ڏور هوندي آهي، پر اسان وٽ تيستائين سياسي جماعتن کي سڪون نه ايندو آهي، جيستائين ووٽرن جي داخلا کان وٺي پولنگ تائين ۽ هاڻي ته پولنگ اسٽيشن جي اندر به فوج ٿي بيهاري وڃي. يعني اسان وٽ ٻن اهم ادارن فوج ۽ عدليه کي چونڊن جي عمل ۾ شامل رکيو ويندو آهي، بلڪه انهن کي فري هينڊ ڏنو ويندو آهي، پر پوءِ به شڪايتون ئي رهنديون آهن. 
اليڪشن ڪميشن جو خودمختيار هجڻ بايو ميٽرڪ سسٽم ذريعي ووٽنگ، چونڊن جي قانون ۽ قاعدن ۾ سڌارا ۽ سختي ۽ انهن تي مڪمل عمل تمام ڀلي ڳالهه آهن. سوال اهو آهي ته ڇا اسٽبلشمينٽ اليڪشن ڪميشن کي ايتري خود مختياري ڏيڻ ۽ قاعدن قانونن تي ايترو عمل ڪرڻ جي اجازت ڏيندي؟ چونڊ سڌارا ٿيڻ گهرجن، اها بنيادي طرح سان هاڻي حڪومت جي ذميواري آهي. هن وقت جڏهن سڄو اهڙو ماحول جڙيوآهي ته ان نيڪ ڪم ۾ هٿ وجهڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي.

Labels: , , , ,

شهيد ڀُٽي جي سياست جو عوامي انداز ۽ هاڻوڪي پيپلز پارٽي 05 جنوري 2014ع

شهيد ڀُٽي جي سياست جو عوامي انداز ۽ هاڻوڪي پيپلز پارٽي
آچر 05 جنوري 2014ع
 سھیل سانگی
 
مشهور صحافڻ اوريانا فلاسي ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڏوراپو ڏنو ته، ”اندرا گانڌي کيس اهڙو ماڻهو سمجهي ٿي، جنهن تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي. هو صبح جو هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو ته شام جو ٻي.“ ڀُٽي صاحب اُن جي موٽ ۾ اوريانا کي ٻڌايو ته، سياستدان جو ڪم آهي ته هو نيون ڳالهيون ڪري ته جيئن ڪو هن جي شخصيت کي آسانيءَ سان سمجهي نه سگهي ۽ هرو ڀرو منفي پهلو ڳولي نه سگهي. ڀُٽي صاحب کيس اهو به چيو ته، ”آئون گهڻن ماڻهن سان ملندو آهيان، گهڻو پڙهندو آهيان، ان ڪري پنهنجي سوچ تبديل ڪندو رهندو آهيان.“ ڀٽي صاحب جي ڪرشماتي ۽ پراسرار شخصيت کي بيان ڪرڻ لاءِ شايد ان کان بهتر جملا نه ملن. ڀٽو جيئرو هو ته تڏهن به ڪرشماتي ۽ پراسرار هو، مرڻ کانپوءِ به ائين ئي آهي. هن جي ڦاهي چڙهڻ کي چوٽيهه سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر ڀٽو فيڪٽر جي ان خاصيت تان نه پردو کڄي سگهيو آهي ۽ نه اها ختم ٿي سگهي آهي. ملڪ جا صدر ۽ وزير اعظم هن کان اڳ به هئا ۽ پوءِ به ٿيا پر جهڙي نموني سان ڀٽي صاحب جي شخصيت پاڪستان جي تاريخ ۾ قدآور بڻيل آهي، ڀٽو فيڪٽر جو يا ملڪ جي سياست تي اثر آهي، سو زائل نه ٿي سگهيو آهي. هڪڙيون ڌريون اڄ به يا ”پِرو پيپلز پارٽي“ آهن ته وري ٻيون ”اينٽي پيپلز پارٽي“ آهن. هو ٻن متضاد ڳالهين کي کڻي هلندو هو. مثال طور: هن نعرو سوشلزم جو هنيو پر سوشلسٽن جي نظر ۾ هن سوشلزم آڏو بند ٻڌو. هن هارين جي ڳالهه ڪئي پر پاڻ سان وڏيرا کنيائين. پاڻ کي جديديت واري نظريي سان واڳيل رکندي وچ اوڀر جي عرب بادشاهن کي پاڻ سان جوڙي ورتائين. پاڪستان جي سياست، معيشت، سماجيت وغيره ۾ سندس ڪردار ۽ حصو نه وسارڻ جوڳو رهندو. هن سماج جي بنيادن ۾ ڪجهه اهڙيون شيون وڌيون، جن کي آسانيءَ سان ڪڍي نٿو سگهجي. ضياءَ جا اپاءُ گهڻو منفي هئا، جڏهن ته ڀٽي صاحب جا اپاءُ مجموعي طور سماج جي حوالي سان مثبت هئا. مزيدار ڳالهه اها آهي ته ان کان پوءِ ضياءَ الحق توڙي سندس باقيات سمورا زور لڳائڻ جي باوجود انهن بنيادن جون پاڙون پٽي نه سگهي آهي. ڀٽو صاحب پهريون سياستدان آهي، جنهن سڄي ملڪ ۾ ۽ هيٺين سطح تي سياسي هلچل هلائي ۽ عام ماڻهوءَ تائين پهتو، عام ماڻهوءَ کي احساس ڏياريائين ته هو اهم آهي. سينيئر صحافي آءِ اي رحمان قبائلي علائقن ۾ ڀٽي صاحب جي لڪل تصوير جو تازو پنهنجي ڪالم ۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪا هڪ ڏورانهين علائقي جي هڪ همراهه جي اوطاق ۾ لڳل هئي. اهو همراهه نه پيپلز پارٽيءَ جو هو، نه ان جو ووٽر، هن اها تصوير رڳو ان ڪري لڳائي هئي، جو ڀٽو صاحب سندس ڳوٺ آيو هو. يعني ڀٽي صاحب جو اچڻ نشانبر بڻجي ويو. هو عوام سان ڪيئن رجوع ڪندو هو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ ڪيئن ويهي رهندو هو، ان جا هزارين مثال آهن ۽ ملڪ جي اڪثر ماڻهن وٽ اهڙن واقعن جا ڌار ڌار قصا آهن. ڀٽو صاحب شملا ٺاهه ڪرڻ ويو پئي ته سنڌ جو دورو ڪيائين. هن سانگهڙ ۽ دادوءَ ۾ جلسن کي خطاب ڪندي عوام کي ملڪ جي صورتحال ٻڌائي ۽ ساڻن صلاح ڪيائين ۽ پڇيائين ته، هيءَ صورتحال آهي، توهان ٻڌايو ته ڇا ڪجي؟ آئون نئين دهلي اندرا گانڌيءَ سان ڳالهين لاءِ وڃان يا نه وڃان؟ ڪو ٺاهه ڪري اچان يا نه ڪري اچان؟ اهو سياسي ڪميونيڪيشن جو عجيب ۽ اعلى طريقو هو. ساڳئي طرح بنگلاديش منظور ڪرڻ تي به هن ماڻهن سان مشاورت ڪئي ته ٻڌايو، بنگلاديش منظور ڪريان يا نه؟ هڪ ٻيو دلچسپ واقعو سجاول جي جلسي جو آهي. 70ع وارين چونڊن ۾ ڀٽو صاحب ٺٽي ضلعي مان به بيٺو هو ۽ چونڊ کٽي هئائين. جلسي کي خطاب ڪندي هن ماڻهن جا ٿورا مڃيا ۽ کانئن پڇيو ته، ٻڌايو توهان کي ڇا کپي؟ ڪهڙي شئي توهان کي ڏيان؟ ميڙ مان آواز آيو ته اسان کي آغا شاهي ڊپٽي ڪمشنر کپي. آغا شاهي تڏهن پرڏيهي کاتي جو صلاحڪار هو، هن پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنري ۽ ڊپٽي ڪمشنريءَ وارو دور هن ضلعي ۾ گذاريو هو، ماڻهن سان چڱو هليو هو، ان ڪري ماڻهو سندس واپس مقرريءَ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. ڀٽي صاحب کين وراڻيو ته، ”بابا، هو مون وٽ پرڏيهي معاملا سنڀالي پيو، ان کي ڪيئن اتان فارغ ڪري هيڏانهن موڪليان؟“ ميڙ مان ڪنهن چيو ته، ”سائين، نه ڏيڻو اٿوَ ته اها ڳالهه ڪريو.“ ڀٽي ماڻهن کي ٻڌايو ته آغا شاهي کي ڊپٽي ڪمشنر ڪري ٺٽي موڪليم ته منهنجو پرڏيهي ناتن وارو ڪم سڄو رُلي ويندو. ٻيو ڪجهه گهرو. ماڻهن کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته سندن فيصلو ڪيڏو صحيح آهي، جو جنهن ماڻهوءَ لاءِ هو مطالبو ڪري رهيا آهن، سو ڀٽي صاحب جا به پرڏيهي معاملا سنڀالي ويٺو آهي، يعني ڀٽي صاحب جي ۽ اسان جي سوچ هڪ ليول جي آهي. ڀٽي صاحب جي باري ۾ سندس ساٿي ۽ سنڌ ۾ اهم وزارتن جا قلمدان رکندڙ عبدالوحيد ڪٽپر مرحوم ٻه واقعا ٻڌايا. هن ٻڌايو ته، ڀٽو صاحب پاڻ ڪرپٽ ڪونه هو، ان ڪري ڪنهن کي ڪرپشن جي همت ئي ڪانه ٿيندي هئي. سندس چواڻي ته، وٽس جيل، صحت سميت چار اهم کاتا هئا، پر پگهار ايتري ڪانه هئي جو چئن ٻارن کي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ تعليم ڏياري سگهجي. سو پيار علي الانا مرحوم، جيڪو تڏهن وزير تعليم هو، تنهن سان ڳالهه ڪيم ته يار پگهار وڌايو يا ٻارن کي اسڪالرشپ ڏيو. ائين چئي هن الانا کي ٻارن جي اسڪالرشپ لاءِ درخواست به ڏني. الانا اعتراض ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ائين ڪيوسين ته ماڻهو چوندا ته وزير اقربا پروري پيا ڪن ۽ ماڳهين فلڊ گيٽ کلي پوندو، جيڪو بند ئي نه ڪري سگهنداسين. پوءِ الانا ڪٽپر جي ٻارن لاءِ آغا خان ٽرسٽ مان تعليم جي خرچ جو بندوبست ڪرايو. جيڪڏهن هن واقعي کي ڏسجي ٿو ته ڪرپشن ڪيئن ممنوع بڻيل هئي ۽ وزير پنهنجي ٻارن جي تعليم جو خرچ نه پيو ڀري سگهي ۽ ٻيو وزير وري اقربا پروري کان پيو ڀڄي. اڄ ته خود انهيءَ پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ وزيرن جا ٻار جيڪي سهولتون غير قانوني طور ماڻين ٿا، سا ته وڏي ڳالهه آهي، پر ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي هر ضلعي ۾ جيڪي اختيار، فنڊ ۽ سهولتون مليل آهن، تن بابت سوچي نٿو سگهجي. جيڪڏهن اقربا پروريءَ واري ڳالهه تي اچجي ته وزيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي خاندانن جا ٻار ۽ رشتيدار سڌو آفيسر گريڊ ۾ ڀرتي ٿين ٿا، سڻڀن عهدن تي اچن ٿا. ڪو ايم اين اي آهي ته سندس پٽ، ڀاڻيجو، ڀائيٽو ايم پي اي آهي، وري ضلعي ۾ مڪاني ادارن ۾ به ساڳئي خاندان کي ورسايو پيو وڃي. عبدالوحيد ڪٽپر ڪچهريءَ ۾ هڪ ٻيو مزيدار واقعو ٻڌايو. ڪراچي ميونسپل ورڪرز يونين جو هڪ عهديدار ڀٽي صاحب جو سخت نقاد ۽ مخالف هو. ورڪرز جي جلسي ۾ هن ڀٽي صاحب ۽ پيپلز پارٽيءَ تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته غريبن جي ٻڌي نٿي وڃي. ڀٽي صاحب کيس ٻانهن مان جهلي ڪرسيءَ تي ويهاريو ۽ پاڻ هيٺ ويٺو ۽ چيائين ته هاڻ ڳالهائي ۽ پوءِ اهو عيسائي ملازم آخري دم تائين پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل رهيو. هن واقعي جو ٻيو حصو هي آهي ته سندس ڌيءَ انٽر پاس ڪئي، پر مارڪون گهٽ هجڻ ڪري کيس داخلا نه ملي سگهي. عبدالوحيد ڪٽپر جي صلاح تي هن ڀٽي صاحب اڳيان دانهيو ۽ گوڙ ڪيو ته غريب ماڻهو ميرٽ تي ان ڪري نٿو اچي، جو وٽس اهي سهولتون ڪونه آهن. ڀٽي صاحب فوري طور آرڊر ڪڍيو ته ڇوڪريءَ کي فوري طور داخلا ڏني وڃي. هي ٻئي انفرادي عمل آهن، جن جي موٽ مثبت طريقي سان ڏني ويئي. ڇا پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت ۽ ان جي وزيرن مان ڪڏهن ڪنهن ائين ڪيو آهي، جو هڪ عام ماڻهوءَ کي ائين عزت ڏني هجي يا ان جي جائز مطالبي تي ائين موٽ ڏني هجي. وزيرن سان رڳو ملاقات لاءِ جيئن ماڻهن کي اسيمبلي، آفيسن ۽ انهن جي گهرن تائين ڊوڙڻو پوي ٿو ۽ اتي به ڪا ڄاڻ سڃاڻ ناهي، اثر رسوخ ناهي ته خالي هٿين موٽڻو پوي ٿو، سو خود پيپلز پارٽيءَ جو نئون ٺهندڙ رڪارڊ آهي. هاڻ ته اها صورتحال آهي ته جي ڪنهن با اثر ماڻهوءَ جو واسطو، تعلق ۽ سفارش هٿ نٿي اچي، ته ڪو عام ماڻهو وزيرن سان ملڻ جو رخ به ڪونه ٿو ڪري. هو ته هو پيپلز پارٽيءَ جو قائد ۽ ان جي سياست ۽ ماڻهن سان سندس ورتاءُ، پر اڄ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت، شهر ۽ ضلعي جي قيادت ته پري جي ڳالهه، ان جي صوبائي ڪائونسل يا ڪميٽيءَ جي ميمبرن سان به نٿي ملي، ان لاءِ وٽس نه ٽائيم آهي ۽ نه حڪمت عملي. نتيجي ۾ عوام ۽ پارٽي، توڙي پارٽي ورڪرن ۽ قيادت جي وچ ۾ خلا آهي، وڏي وڇوٽي آهي، انهيءَ وڇوٽيءَ جو فائدو مفادپرست ۽ ٺيڪي تي ڪم ڪرائيندڙ وٺن ٿا، اتان ڪرپشن جو دروازو کلي وڃي ٿو. جيڪڏهن پارٽي قيادت ورڪرن ۽ عام ماڻهن سان ڳانڍاپو نٿي رکي ته کيس پوءِ ڀوتارن تي ڀاڙڻو پوي ٿو. نتيجي ۾ اڄ عام ماڻهن کي پارٽيءَ ۾ آڻڻ ۽ ميمبر سازي ڪرڻ، نوان ماڻهو ڳولي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي بدران ڀوتارن جي ڀرتيءَ وارو سلسلو زورن تي آهي. اها پيپلز پارٽي، جنهن جي ٽڪيٽ لاءِ وڏيرا، مير، پير جتيون پيا گسائيندا هئا، اڄ خود پيپلز پارٽي جي قيادت انهن وڏيرن جي اوطاقن تي سلامي ڀري رهي آهي، سندن جائز ناجائز سڀ مطالبا مڃي رهي آهي. عوام ۽ ورڪرن سان ڳانڍاپي جي صورت ۾ انهن ڀوتارن کي ڊپ رهندو هو، ڇاڪاڻ جو پارٽيءَ وٽ متبادل موجود هو، پر هاڻي پارٽي اهو متبادل پنهنجي حڪمت عملي ۽ ائپروچ جي نتيجي ۾ وڃايو آهي. پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ناراض ورڪرن جي ڳالهه، پارٽيءَ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر عملي طور تي ان جو ڪو قدم يا عڪس ڪونه ٿو ملي، ڇاڪاڻ جو مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ ڳولي ڳولي ووٽرن ۽ ڀوتارن کي هٿ ڪيو ويو آهي. سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن ”سنڌ ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو؟“ جو پوتاميل ڪيو وڃي ٿو، ته لڳي ٿو ته ان کان پوءِ سنڌ وڃايو ئي وڃايو آهي، ترقيءَ ۾، سياسي شعور ۾، ماڻهن جي حڪومت تائين رسائيءَ ۾، گورننس ۾، تعليم ۾، زراعت ۾، صنعتڪاريءَ ۾ به وڃايو آهي. هاڻي هڪ بنهه منفي حوالي سان تبديل ٿيل ۽ ورهايل سماج ۾ اسين رهون پيا، جنهن ۾ ڪير ڪنهن جو ڪونهي، ذاتي مفاد، ذاتي سهولتون، ذاتي تڪ، ذاتي اثر ۽ ترجيح رکن ٿا. پارٽي، ماڻهو ۽ ماڻهن جي خدمت، ماڻهن جي ترقي، انهن کي ڪجهه ملي، اهو سڀ ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي. پيپلز پارٽيءَ جا وزير ۽ اسيمبلي ميمبر به ذاتي طور نوڪريون وٺڻ، ترقياتي ڪم ڪرائڻ، پنهنجا پنهنجا تڪ ٺاهڻ م رڌل آهن، اجتماعي ايجنڊا گهڻو ڌڪجي وئي آهي. اڄ ڀٽي صاحب جو ورثو اهو سڀ ڪجهه نٿو مڃيو وڃي، جيڪي مٿي بيان ڪري آيا آهيون، رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ، حڪومت ۾ اچڻ، ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٿيڻ ئي سڀ ڪجهه رهجي ويو آهي.

Labels: , , , , ,