Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

حڪومت سنڌ ۾ ڪرندڙ لاشن جو غم ڪڏهن محسوس ڪندي؟ 03 ڊسمبر 2014ع

حڪومت سنڌ ۾ ڪرندڙ لاشن جو غم ڪڏهن محسوس ڪندي؟
اربع 03 ڊسمبر 2014ع
سھیل سانگی
سنڌ سخت تاءَ ۽ ڳڻتيءَ مان گذري رهي آهي، ان جو سيڪ هر سنڌ واسي محسوس ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ قومي اسيمبليءَ ۾ اُن جو هلڪو پڙاڏو ضرور ٿيو آهي، پر حڪومت توڙي حڪمرانن تائين اُن جي تپش اڃا نه پهتي آهي. سنڌ اندر سمورا معاملا ۽ سياستون غير لاڳاپيل ٿي ويون آهن. عمران خان جو لاڙڪاڻي وارو جلسو ۽ ان جا پوندڙ اثر بحث کان پاسيرا ٿي ويا آهن. ڪپتان جو اسلام آباد ۾ وڏا شهر بند ڪرڻ وارو اعلان به ڄڻ سنڌ جي ڪنن تي پيو ئي ناهي. سنڌ جي ٽن اڳوڻن وڏن وزيرن ڪجهه ٻين جهونن سان گڏجي پنهنجي لاءِ ڪو چڱو ڪم ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هنن جو خيال هو ته سنڌ ۾ سياست پلٽو کائي رهي آهي. ان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت کان پري رکڻ، عمران خان جي وس جي ڳالهه نه پئي لڳي، ان ڪري انهن همراهن پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ته اهي پيپلز پارٽيءَ کي اُٿلائي سگهن ٿا. 

اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته جيستائين پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ حڪومت کان پري نه ٿو ڪجي، تيستائين نه پنجاب ۾ آيل تبديلي ڪنهن ڪم جي آهي ۽ نه ئي وري بدليل حالتن ۾ نواز شريف کي ناڪ آئوٽ ڪري سگهي ٿي، ان ڪري اهڙو تاثر ڏيڻ لاءِ جيئن مشرف جي دور ۾ ٿيل پهرين چونڊن ۾ سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس ٺاهي ڏنو ويو هو ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ ۽ نواز ليگ جي ڏهه جماعتي اتحاد جي ذريعي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، حالانڪه اهو سڄو تحرڪ اڃا تائين پڪو ٿي نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وڏ وزارت جو عهدو ته هڪڙو ئي آهي، پر اتحاد ۾ ٽي ”وڏا وزير“ يعني لياقت جتوئي، ارباب غلام رحيم ۽ غوث علي شاهه ويٺا آهن، جڏهن ته ٻن ”وڏن وزيرن“ ممتاز ڀٽو ۽ مظفر شاهه جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن طرفان هن نئين اتحاد کي حمايت حاصل آهي، پر اهو ته سودو اڌ ڪچو اڌ پڪو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو گذريل چونڊن ۾ انهن سڀني همراهن سان نواز شريف پَٽي ڪري ويو، پاڻ حڪومت ۾ اچي ويو، هنن همراهن کي نه سنڌ ۾ ۽ نه وري وفاق ۾ ڪا اهميت ملي. 

پر تازو سنڌ ۾ پيش آيل واقعن هن ”اهم تحرڪ“ کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي نهوڙي ڇڏيو. پُراسرار طور گم ٿيل سياسي ڪارڪنن جا هڪ هفتي اندر ڇهه لاش ملي چڪا آهن، انهن جا ماريندڙ ڪير آهن؟ انهن کي ڇا جي ڪري ماريو ويو آهي؟ جيئن ظاهري توڙي اندروني نشان ٻُڌائين ٿا ته کين ماريو ويو آهي يعني قتل ڪيو ويو آهي ته قتل جي صورت ۾ ڪيس داخل ٿيندو آهي، ان قسم جي هن وقت تائين ڪا به چُرپر يا وضاحت سامهون نه آئي آهي. آئين تحت حڪومت هر شهري جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت لاءِ ذميوار آهي. هتي ملڪ جا سڄا سارا ڇهه شهري مارجي ويا، پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومت خاموش آهي. وڏي ڳالهه ته عدليه ۽ ان جي جوڊيشل ايڪٽوازم به. سياسي راءِ جو اختلاف رکڻ هر شهري جو آئيني حق آهي. قومپرست تحريڪ هجي يا جمهوري تحريڪ، ان جي شروعات حقن گهرڻ سان ٿئي ٿي. رياست ۽ رياستي ادارن جو فرض هوندو آهي ته اهي عوام سان ماءُ جهڙو سلوڪ ڪندي، کين اهي حق ڏين ۽ کين دليلن سان قائل ڪن، سمجهائين. 

ملڪ جي ٽنهي صوبن ۾ قومي حقن واري تحريڪ جي تاريخ پراڻي آهي. ڪڏهن سمورن ننڍن صوبن گڏجي نيشنل عوامي پارٽي جي جهنڊي هيٺ جدوجهد پئي ڪئي، پر 70ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ هر قوم پنهنجي جدوجهد اڪيلي سر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٿيندو اهو رهيو ته بلوچن ۽ پختونن کي واري ڦيري سان يا ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اقتدار ۾ شرڪت يا اڪموڊيٽ ڪيو ويو، پر سنڌ ۾ اهڙي صورت نه نڪري سگهي. سنڌ ۾ قومپرستن جي بدران اهو ڪُڻو پيپلز پارٽي جي نالي جو نڪرندو رهيو. قومپرست تحريڪ جون جيتريون فڪري پاڙون پختيون آهن، ان ۾ اوتري ئي تڪثريت ((Diversity موجود آهي، جنهن جو اظهار مختلف موقعن تي هڪ کان وڌيڪ طريقن سان ٿيندو رهيو آهي. انهن سمورن واقعن جي باوجود هتان جي ماڻهن کي پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ، کين وسيلن کان وٺي، سياسي فيصلن تائين جو اختيار ۽ حق ڏيڻ وارو معاملو خال خال رهيو آهي. اها ڏاڍي اهم ڳالهه آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ کڻي ڪيترو به قومپرست ڇو نه هجي، پر اهو جمهوريت پسند ٿي رهيو آهي. هو ضياءَ، نواز شريف، مشرف جي دورن ۾ سمورين تبديلين جي باوجود جمهوري تحريڪ جو حصو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو قوم پرستي جي ڪڏهن هلڪي، ڪڏهن ڳري لهر جي باوجود هن جمهوريت جو ساٿ ڏيندي، پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏنو آهي. اهڙي دور ۾ اڄ سڄي سوسائٽيءَ ۾ فڪري ڏڪار هجي، سياسي تربيت ۽ تعليم جا روايتي توڙي غير روايتي ادارا پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهيا هجن، تڏهن سياسي غذائيت جي کوٽ شايد ان کان به گهڻي وڌيل هوندي، جيتري ٿر جي ڏڪاريل ٻارن ۾ کاڌ خوراڪ واري غذائيت جي هوندي آهي. ادارن جي اڻ هوند، فڪري ڏڪار ۽ سياسي غذائيت جي کوٽ هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪري وڌي آهي، جتي نوجوان وڌيڪ مايوسيءَ جي آڙاهه ۾ ڌڪجي وڃي ٿو. دنيا توڙي علائقي ۽ ملڪ جي بدليل حالتن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ به پاڻ کي بدلائي، حالتن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي. 

ڪجهه اهم سوال زير بحث آهن. قومپرست سياست کي ڪيئن ڊگهي حڪمت عملي ۽ جدوجهد ڪجي؟ ان کي ڪيئن ملڪي مين اسٽريم سياست سان ڳنڍجي؟ ملڪي سياست ۾ قومپرستن جي اهميت ڪيئن وڌائجي؟ پنهنجي بيانيه ۾ ڪهڙي تبديلي آڻجي؟ ۽ ڪيئي ٻيا به اهڙا سوال. 
اهڙي موقعي تي جيڪڏهن ڪنهن به بيانيه تحت ڪارروائي ٿئي ٿي ته اها شدت پسند رجحان کي وڌيڪ هٿي ڏيندي ۽ مين اسٽريم سياست يا ڊگهي حڪمت عمليءَ واري لاڙي يا اهي لاڙا جيڪي جمهوري ۽ طبقاتي تحريڪ سان قومي تحريڪ کي گڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تن جي حوصله شڪني ڪندا ۽ ان جون واٽون بند ڪندا. سنڌ جي سياست ۾ هي هڪ اهڙي مداخلت هوندي، جنهن بعد حقن واري جدوجهد پاسيري رهجي ويندي ۽ وڏيون ڌريون پنهنجون ايجنڊائون سيٽ ڪري پنهنجا نتيجا ڪڍنديون. هيءَ گهڙي وڌيڪ فڪر جي آهي، ان جو سيڪ بهرحال اڳ پوءِ حڪومت کي به محسوس ٿيندو. جيڪڏهن اها ڳالهه هو محسوس ڪري وٺي ته ان ۾ سڀني جو ڀلو آهي.

Labels: , , , , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home