Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

بلاول پنهنجي پارٽيءَ ۾ تبديلي آڻي سگهندو؟ 20 آڪٽوبر 2014ع


بلاول پنهنجي پارٽيءَ ۾ تبديلي آڻي سگهندو؟
سومر 20 آڪٽوبر 2014ع

سهيل سانگي

بلاول ڀٽو زرداري سياسي ورثو نڀائڻ لاءِ پنهنجي سياسي سفر جو آغاز هڪ وڏي جلسي ۾ ڪري ڇڏيو آهي. 18 آڪٽوبر واري هن جلسي ۽ بلاول جي ڊگهي تقرير جنهن ۾ هن هر موضوع تي ڳالهايو. يقيناً عام ماڻهو کي متاثر ڪيو. ڏيڍ ڪلاڪ جي رواني سان پنهنجي ماءُ کان به بهتر لهجي واري اردو ۾ ڪيل هن تقرير ۾ ڊزن کن معاملن تي ڳالهايو. ڪيترن معاملن تي سندس موقف ڄڻ ماڻهن جي دلين وٽان هو. پر لڳي ٿو ته ان ۾ آئيڊيل ازم وڌيڪ هئي، جيڪا پارٽيءَ جي عمليت پسند سوچ ۽ عمل سان ٽڪراءَ ۾ اچي ويندي. گذريل ٻن مهينن کان ملڪ ۾ جيڪي موضوع بحث هيٺ هئا، بلاول ڀٽي ان کان مختلف ڳالهايو، جيڪا پڻ هڪ وڻندڙ ڳالهه لڳي. مختلف پارٽين يا اڳواڻن تي تنقيد پنهنجي جڳهه تي، پر سندس لب و لهجو سياسي هو. ڪنهن خلاف به ڪو گٿو لفظ نه ڳالهايو. ان سان عام ماڻهو اها اميد ڳنڍي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ڄڻ ڪو سنجيده ليڊر ملي ويو آهي. کيس پارٽي جي قربانين جو ذڪر ته ڪرڻو ئي هو. نئين ڳالهه اها آهي ته هن پارٽي جي ٽن نوجوانن اياز سمون، ناصر بلوچ ۽ ادريس طوطي جو ذڪر ڪيو، جن کي الذوالفقار جا ڪارڪن ڄاڻائي فوجي عدالت جي فيصلي هيٺ ڦاهي چاڙهيو ويو هو. پارٽي جي قيادت ڪارڪنن جي انهيءَ گروپ جو ڪو ورلي ذڪر ڪندي هئي. ساڳي ريت دهشتگردن خلاف، آسيه بي بي جي سزا، سلمان تاثير ۽ شهباز ڀٽي جي قتل جي حوالي سان به ڪو شڪ ناهي ته هن بولڊ موقف رکيو. پيپلز پارٽي جي نوجوان ليڊر 73ع جي آئين کي ئي ڀٽو ازم قرار ڏنو. اها ڀٽو ازم جي نئين تشريح آهي. هو انهي آئين جي ڇٽيءَ هيٺان سمورين سياسي قوتن کي گڏ ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙو سڏ ته رڳو مارشل لا جي ڏينهن ۾ ۽ ان جي خطري جي پيش نظر ڏنو ويندو آهي. ڇا 73ع جو آئين پنهنجي اصلي شڪل ۾ اڄ چاليهه سالن کان پوءِ به ملڪ جي سمورن مسئلن لاءِ اڪسير آهي؟ هي ساڳيو آئين آهي، جنهن جي تخليقڪارن خود چيو هو ته ڏهن سالن کانپوءِ ان ۾ ترميمن جي ضرورت پوندي. ان بعد ان ۾ ڊزن کان مٿي مختلف آمرن ترميمون ڪري ان جي روشن خيالي واري پهلو جو ساهه ڪڍي ڇڏيو هو. هي آئين خاص حالتن ۾ ٺاهيو ويو هو، تڏهن سرد جنگ عروج تي هئي. اڄ جي تبديل ٿيل دنيا، حالتن ۽ ٻين حقيقتن ۾ اهو آئين ڪيتري قدر موزون آهي؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. ماڻهن جون گهرجون توڙي مسئلا ۽ سوچون بدلجي ويون آهن. سجاڳي جي لهر عام ماڻهو کي به متاثر ڪيو آهي. ايتري قدر جو خود بلاول جي پارٽي 2-3 سال اڳ هن آئين ۾ ڪيئي ترميمون ڪري چڪي آهي. جڏهن ته اهڙي قسم جي وڌيڪ ترميمن جي اڃا ضرورت آهي ته جيئن اهو آئين ماڻهن جي گهرجن ۽ خواهشن پٽاندڙ ٿي سگهي ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪري سگهي. اها ڳالهه پڻ سواليه آهي ته ملڪ ۾ رڳو ٻه سياسي قوتون آهن. هڪ ڀٽو ازم ۽ ٻي آمريت وارو لڏو يا ڀٽو ازم جا مخالف. گذريل سالن ۾ دنيا ۾ سياسي، معاشي، فڪري ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بي پناهه تبديليون آيون آهن، جن جا اثر لازمي طور تي پاڪستان تي به پيا آهن. پاڪستان مهاڙي رياست جي رول کان وٺي اڄ خود دهشتگردن سان جنگ جو ميدان بڻيل آهي. هتي نوان طبقا پيدا ٿيا آهن. انهن جو رول بدليو آهي، انهن طبقن جا پاڻ ۾ تعلقات بلديا آهن. پنجاب جي شهري آبادي ريديڪلائيز ۽ ڊيموڪريٽائيز ٿي آهي. پوءِ اها کڻي پيپلز پارٽي جي دائري ۾ نه هجي. هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿيو آهي جيڪو ساڄي ڌر سان واسطو رکڻ جي باوجود جمهوريت ۽ ڀارت سان دوستي ڪرڻ لاءِ بيهي رهي ٿو. نواز شريف جمهوريت ۽ پارليامينٽ لاءِ بيهي رهي ٿو. هڪ وڏو حصو اهڙو به پيدا ٿي چڪو آهي جيڪو پيپلز پارٽي توڙي نواز شريف کي صحيح نٿو سمجهي، پر ان جي باوجود پنهنجي فڪر ۽ سوچ ۾ جمهوري، روشن خيال ۽ ترقي پسند آهي. ان کي ٻئي يا جمهوريت مخالف خاني ۾ ڪيئن فٽ ڪري سگهبو؟ باغ جناح ۾ ڪيل تقرير ۾ ڪجهه تضادات به موجود آهن. بلاول پهريون ڀيرو ننڍن صوبن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ گم ٿيل بلوچ اڳواڻن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ماما قدير جي اڳواڻي ۾ ڪيل لانگ مارچ جو به حوالو ڏنو آهي، پر هن اهو ذڪر نه ڪيو ته خود پيپلز پارٽي جي ٻن حڪومتن دوران بلوچستان ۾ ڪارروائي جاري رهي، ان ۾ هڪ دورِ حڪومت ٻه سال اڳ جو آهي. محرومين ۽ ناانصافين جو ذڪر ڪندي هو سيلڪيٽو Select رهيو. هن شڪايت ڪئي ته سرائيڪي بيلٽ ۾ ماڻهو بک پيا مرن، پر هن ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، جتي گذريل ٻن سالن کان ڏڪار آهي. ٿر ۾ ڏڪار سبب پيدا ٿيل غذائيت جي کوٽ ڪري ڏيڍ سئو کان مٿي ٻار موت جو شڪار ٿي چڪا آهن. اهو ڏڪار اڃا جاري آهي. پر سندس پارٽيءَ جي حڪومت امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. ساڳئي حالت سنڌي ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۽ اجاگر ڪرڻ جي نعري سان عوام آڏو اچڻ جي شروعات ڪندڙ بلاول جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ سنڌ ۾ مزاحمت جي ڪردار هوشو شيدي جي مزار تي حاضري ڀري، جنهن ”مرسون، مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو ڏنو، پر هن جي تقرير ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن جو ڪو ذڪر نه هو. جيالن کي ڪراچيءَ ۾ شهيدن جي ڇڪ ۽ بلاول جي سڪ يقيناً متاثر ڪيو، پر اهي واپس جڏهن پنهنجي شهر ڀگل ٽُٽل روڊن ذريعي ويندا، اسپتال ۾ ڊاڪٽر غير حاضر ڏسندا ۽ بند پيل اسڪول پسندا، تڏهن الائجي ڪيئن سوچيندا؟ سنڌ پيپلز پارٽي جو اباڻو صوبو آهي، جتي پارٽي سان ماڻهن جو لڳاءُ سمورين گرمين سردين هوندي ٽُٽي نه سگهيو آهي. جتي گذيل ستن سالن کان ان جي حڪومت به آهي، اتي جي ئي حڪمراني بابت سڀ کان وڌيڪ شڪايتون آهن. اهي شڪايتون سٺي حڪمراني جي غير موجودگي کان وٺي نوڪرين، مقررين، مڪاني ادارن جا فنڊ کائڻ کان وٺي مٽن مائٽن کي ورسائڻ تائين به صوبي جو هر رهاڪو ڄاڻي ٿو ته هتي رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن آهي. ان کان بلاول جي ڳالهه ڏاڍي مشڪل سان هضم ٿيندي، ته سياسي مخالفت جي ڪري پيپلز پارٽي جي ماڻهن تي ڪرپشن جا الزام پيا لڳن. پنهنجي سياسي سفر جي هن تقريبِ رونمائي کان ٻه هفتا اڳ هن کاٻي ڌر کي پارٽي جو ساٿ ڏيڻ جو سڏ ڏنو هو، پر ڇنڇر ڏينهن واري تقرير ۾ کاٻي ڌر جو نه، پر مولانا مودودي جو ذڪر هو. ها اهو ضرور هو ته هن عراق ۽ شام جي واقعن تي زور ڏنو ۽ ان مذهبي انتهاپسندي واري خطري کي پاڪستان ڏي وڌڻ بابت ڳالهايو. اهو هڪ حد تائين صحيح آهي، پر لڳي ٿو ته هن اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته لبرل ۽ روشن خيال ماڻهو هن خطري جي پيشي نظر ان جو ساٿ ڏين. روشن خيال طبقو گذريل چئن ڏهاڪن کان پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، ليڪن پارٽي هن حلقي سان ۽ روشن خيال پاليسين سان جيڪو سلوڪ ڪيو آهي، سو به سڀني جي سامهون آهي. 18 آڪٽوبر واري ها تقرير سڄي عمر بلاول جي پاليسي تقرير طور سمجهي ويندي، ان ۾ ڪنهن نظام جي خلاف يا ڪنهن نئين نظام جي لاءِ ڪو پيغام ڪونهي. اڄ ملڪي ادارن، سياست ۽ سوسائٽيءَ جي حالت مختلف آهي، ماڻهو تبديلي گهرن ٿا. هو ستر واري ڏهاڪي ۾ واپس نٿا وڃڻ گهرن، کين 73ع جي آئين کان وڌيڪ ڪجهه گهرجي. نتيجي ۾ نه چاهيندي به کين عمران خان کڻي نه وڻي پر سندس تبديلي ۽ اسٽيٽسڪو ٽوڙڻ واري ڳالهه وڻي ٿي. بلاول جي تقرير ۾ اهڙي ڪنهن به تبديلي جو اشارو يا تاثر ڪونه ٿو ملي. سٺو ٿو لڳي ته بلاول ڪراچي تي پنهنجو مالڪي جو حق ڄاڻايو، پر ايم ڪيو ايم کي گڏ رکڻ جي اپيل ڪئي. ايتري قدر جو هن باقي سنڌ کي ڇڏي ڪراچي لاءِ وزير اعظم کان پيڪيج گهريو، جنهن جو مطالبو ايم ڪيو ايم ڪندي رهي آهي. بلاول شايد نان ايم ڪيو ايم Non M Q M ووٽ تحريڪ انصاف يا ڪنهن ٻئي جي کاتي ۾ وجهڻ بدران پيپلز پارٽي لاءِ گهري رهيو آهي. اهو حوالو ايم ڪيو ايم خلاف عمران خان جي تبديلي واري ڳالهه جي دليل جي ٽوڙ طور ڏنو ويو آهي. ها هڪ حد تائين سنڌ جي ماڻهن کي ان سان خوش ڪري سگهي ٿو ته هن ڪراچيءَ تي پنهنجو حق جتايو آهي. توڙي جو اعتزاز احسن هن جلسي ۾ پارٽي نوجوانن کي اڳيان آڻڻ جو چٽو اشارو ڏئي بلاول کي سٺو موقعو ڏنو، پر هن ان جو ڪو جواب نه ڏنو. سابق وزير اعظم يوسف رضا گيلاني به اعتزاز واري ڳالهه کي اڳتي وڌايو ته پارٽي جي ٻيهر تنظيم سازي ڪريو، نوجوانن کي اڳيان آڻيون. ڇا واقعي پارٽي اهڙي ڪا حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي؟ لڳي نٿو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جيڪو پيپلز پارٽي جو قلعو آهي، جتي ان جي حڪومت هجڻ سبب ان جو ”شوڪيس“ به آهي، اتي اٽڪل نوي سالن جو بزرگ چاچو سائين قائم علي شاهه حڪومت ۽ پارٽي ٻنهي جي قيادت ڪري رهيو آهي. پارٽيءَ جي ڪن حلقن جو چوڻ آهي ته نوجوانن کي اڳيان آڻڻ واري خيال تي عمل ٿيڻ وارو آهي، پر پارٽي جي موجوده اسيمبلي ميمبرن ۽ انهن جي پٽن، پوٽن وغيره کي اهم ذميواريون ڏنيون وينديون. بلاول ڀٽو ”مين باغي هون“ جي سڄي نظم پڙهي ۽ پاڻ کي بغاوت ۽ مزاحمت جي اهڃاڻ طور پيش ڪيو، پر ان کان چند منٽ اڳ سندس والد جي ڪيل ان اعلان سان ٽڪراءَ ۾ آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ، عدليه، الطاف حسين ۽ سڀني سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. ان صورتحال ۾ لڳي ٿو ته بلاول جي آئيڊيل ازم سندس والد ۽ پارٽي جي ٻين سينئر اڳواڻن ۽ انڪلز جي عمليت آڏو ڪٿي جهڪي نه وڃي. بهرحال دنيا اميد تي قائم آهي، ۽ سنڌي ماڻهو هونئن ئي توڪلي آهي ۽ اميد پرست به.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home