Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

هن سياسي بحران جو ”آخري سين“ ڪهڙو هوندو؟ 28 آگسٽ 2014

سهيل سانگي
هن سياسي بحران جو ”آخري سين“ ڪهڙو هوندو؟
خميس 28 آگسٽ 2014ع
اربع خميس رات 12 بجي تائين ٿيل چرپر ۽ ميڊيا جي رپورٽن ماڻهن جو تجسس وڌائي ڇڏيو آهي. ساڳئي وقت تي کين اها به اُميد ٿي آهي ته اهي گذريل ٻن هفتن کان وفاقي گادي واري شهر جي ڌرڻن ۽ ميڊيا جي لائيو ڪوريج سبب اعصابي بخار ۾ ورتل هئا، تنهن جي پُڄاڻي اچڻ واري آهي. علامه قادري رات دير سان ڳالهين جي ناڪامي جو اعلان ڪيو. پر ان جي باوجود حاوي راءِ اها آهي ته ٽٽل ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اهو رستو وڌيڪ گند جو آهي. نواز حڪومت شروع کان وٺي، هن گهوٽالي کي صحيح طرح سان سمجهڻ ۽ ان کي هينڊل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي، ان ڪري سمورين مکيه سياسي پارٽين جي حمايت جي باوجود اها پنهنجي انيشيئٽو وڃائي چڪي هئي، سا وقت گذرڻ سان گڏ پوئتي ڌڪبي رهي. تعجب جي ڳالهه آهي ته ايڏي وڏي بحران ۾ نواز ليگ پنهنجي پارٽي جو اجلاس نه گهرائي سگهي، جنهن ۾ ان صورتحال تي غور ڪري سگهجي. هاڻي اها صورتحال وڃي بيٺي آهي، جو حڪومت وڌ ۾ وڌ جيڪا ڳالهه آڇڻي هئي سا به آڇي چڪي آهي. ۽ وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ جڏهن اهو چيو ته سڄي معاملي جي پٺيان ڪير آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ان جو مطلب اهو ته ان کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ڳالهه جهيڙي ۾ هلي ويندي. اها ڳالهه ميڊيا رپورٽن موجب ماڊل ٽائون واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ ننڍي ميان صاحب يعني شهباز شريف جي استعيفى. اها ايف آءِ آر جيڪا سمجهيو پيو وڃي ته ڪيڏي به مهل ڪاٽي ويندي، اها ايف آءِ آر دراصل لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن جج جي هدايتن تي ئي ڪاٽي ويندي. عدالتون اٽڪل هفتو کن اڳ اهڙو فيصلو ڏئي چڪيون آهن، پر پوليس يا ائين کڻي چئجي ته پنجاب حڪومت اهو ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي هئي. جڏهن هن بحران جي پڄاڻي جا آخري سين هلي رهيا آهن، تڏهن اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته دراصل هاڻي عمران خان جي بدران علامه قادري ڇانيل آهي ۽ ڳالهين جو بريڪ ٿرو به ان جي ذريعي ٿيندو نظر اچي ٿو. حڪومت بنيادي طرح سان علامه جا ئي مطالبا مڃي رهي آهي، جيڪو پنهنجي مريدن سان گڏ لاهور مان ماڊل ٽائون سانحي جي مارجي ويلن لاءِ انصاف وٺڻ نڪتو هو. جڏهن ته عمران خان جا مطالبا وزير اعظم جي استعيفى ۽ ڌانڌلين جي بنياد تي سڄي قومي اسيمبلي جي جي تڏا ويڙهه ۽ نيون چونڊون هو. سندس مطالبا جن جي آئيني ۽ قانوني پوزيشن تي شڪ ڏيکاريا پئي ويا، اهي مطالبا في الحال پاسيرا بيٺل نظر اچن ٿا. حڪومت جي گذريل ٻن ڏينهن کان اها ڪوشش رهي ته اهي احتجاج ڪندڙ ٻنهي ڌرين کي ڌار ڌار ڊيل ڪري ۽ ڪنهن هڪ ڄڻي سان جيڪڏهن ڊيل ٿي وڃي ٿي ته ٻئي کي منهن ڏيڻ سياسي اخلاقي توڙي انتظامي حوالي سان سولو ٿي پوندو، پر ٻنهي اڳواڻن جي اها حڪمت عملي هئي ته ڊيل ٻنهي سان هڪ ئي وقت ٿئي، الڳ الڳ ٿيڻ ۾ نقصان آهي. اهو ئي سبب آهي، جو علامه قادري شام جو حڪومتي ٽيم سان ڳالهين بعد عمران خان کي فون ڪري صلاح مشورو ڪيو، شايد اهو ئي پيغام ڏنو ته معاملو اڳتي وڌي پيو ۽ ان پيڪيج ۾ کيس به ڪنهن طرح سان شامل رکيو پيو وڃي.صورتحال ڪجهه هن طرح جي بيهي ٿي ته شهباز شريف کان ان بنياد تي استعيفى نه پئي ورتي وڃي ته ڪو هو ڌانڌلين ذريعي چونڊيو آهي يا هن ڌانڌليون ڪرايون آهن، بلڪه ان ڪري ته هو مبينا طور ماڊل ٽائون واري واقعي ۾ ملوث آهي. جيڪڏهن 77ع واري پي اين اي جي تاريخ جو اڀياس ڪيو وڃي ته اها تحريڪ چونڊن ۾ ڌانڌلين جي شڪايت تي شروع ٿي، جيڪا معاملي کي ذوالفقار علي ڀٽي خلاف قتل ڪيس کلڻ ۽ کيس ان ڏوهه ۾ ڦاهي چاڙهڻ تائين وٺي وئي، يعني ان ۾ سياسي ايجنڊا يا سياسي پارٽين جو مطالبو پاسيرو رهجي ويو، هتي به ان صورتحال سان هڪجهڙائي جو عڪس ملي ٿو. معاملو چونڊن ۾ ڌانڌلين تان شروع ٿيو ۽ هاڻي قتل ڪيس داخل ٿيڻ تي ختم ٿي رهيو آهي. حڪومت عدالتي فيصلي جي روشني ۾ هر حال ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهي، پر اها هن معاملي کي شروع ۾ ان ڪري ٽاري رهي هئي ته ڪو بچاءُ جو رستو نڪري، پر پوءِ ان لاءِ ته جيئن ان کي علامه قادري سان ڊيل جو حصو بڻائجي، هاڻي ان جو حصو بڻايو ويندو. پر ڇا عمران خان ان ڳالهه لاءِ راضي ٿي ويندو؟ شايد اها ڳالهه علامه قادري کيس سمجهائي سگهيو هوندو ته انهيءَ استعيفى ۽ ڪيس داخل ٿيڻ جو منطقي نتيجو اهو ئي نڪرندو، جيڪو هو چاهي ٿو. ها اهو ٿي سگهي ٿو ته اهو نتيجو نڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي. اهو وقت تجزيه نگارن موجب ڪو گهڻو ڪو نه ٿو لڳي، پر ڇا عمران خان ان لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ مڃي وٺندو؟ پر سندس سياسي عزت بچائڻ يا ”فيس سيونگ“ جو ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن هو علامه جي پيڪيج ۾ نٿو اچي ته ان بعد حڪومت کيس گرفتار ڪري يا کيس ويٺل ئي رهڻ ڏي ۽ هن ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۽ شهباز شريف جي استعيفى ڏيڻ جون ڪيئي معنائون بيهن ٿيون، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پنجاب ۾ ڀلي نواز ليگ جي حڪومت هجي، پر شريف خاندان جي حڪومت نه هوندي. اتي خود نواز ليگ ۾ مختلف گروپ ۽ لابيون آهن، جيڪي وڌيڪ سرگرم ٿي وينديون، ائين پنجاب شريف فيملي جي پيرن هيٺان نڪرندي محسوس ڪندي، نواز شريف هن وقت سياسي توڙي قومي اسيمبلي ۾ سيٽن جي حوالي سان پنجاب تي ئي انحصار ڪري ٿو، اتي ڪمزور ٿيڻ سندس اسلام آباد ۾ حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو، ان بعد اهو ڪيس ڪهڙو رُخ اختيار ڪندو ۽ اسلام آباد ۾ حڪومت ڪيترا ڏينهن رهندي، اهي سوال بڻجي ويندا. اها ڏاڍي عجيب ڳالهه ٿيندي ته ماڻهن کي تبديلي، انقلاب، چونڊ جي سرشتي کي عوام جي امنگن مطابق بنائڻ جا خواب ڏيکاريندڙ پڇاڙي ۾ سياسي ايجنڊا کي ڇڏي، ڪرمنل ڪيس داخل ٿيڻ تي اچي بيهندا. ائين سڄي بحران ۾ جنهن سڄي ملڪ کي ايڏي بخار ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ اسلام آباد جي ڪاروهنوار مفلوج ڪري ڇڏيو هو، ان مان عوام کي ڇا ملندو؟ هونئن اهڙي قسم جي ڊيل جي صورت ۾ انهي الزام کي به ڌوئڻ جي ڪوشش ٿيندي ته پارليامينٽ جي ٺهرائن ۽ سياسي پارٽين جي گڏيل موقف کي مڃتا ڏني وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ حڪومت کي هٽائي يا مارشل لا نه لڳائي رهي آهي. بس ڇا ڪجي نواز ليگ جي اڳواڻن خلاف قتل جو ڪيس آهي. معاملي جو هڪ پاسو اهو به آهي، جيئن ميڊيا رپورٽن موجب 90ع واري ڏهاڪي کي کڻي شامل نه ڪجي، پر جنرل مشرف جي وڃڻ کان پوءِ هڪ وزير اعظم يعني گيلاني کي لاٿو ويو. ٻئي وزير اعظم سان چڱي خاصي جُٺ ڪئي وئي ۽ هاڻي ٽئين وزير اعظم کي بي اختيار بڻائي ڇڏيو پيو وڃي. موجوده بحران جي پويان اسٽيبلشمينٽ آهي، جنهن لاءِ تجزيه نگار ۽ ميڊيا ۾ گهڻو ڳالهايو پيو وڃي، ان کي اهو ڪجهه حاصل ٿي چڪو آهي؟ يعني پرڏيهي پاليسي، انڊيا سان تجارت، طالبان سان حڪومت جو رويو، جنرل مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ وارا معاملا طئي به ٿي ويا آهن ته ڇا وزير اعظم نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ جا لاڳاپا دلي طور هڪٻئي لاءِ وڻندڙ رهندا، ان جو گهٽ امڪان لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو هڪ دفعو ٽُٽل اعتبار ٻيهر بحال نه ٿيندو. ٻئي ڌريون هڪٻئي تي شڪ ڪنديون رهنديون ۽ اهو شڪ ٻئي ڌريون پنهنجي نموني دور ڪنديون. بحران جنهن ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، تنهن جو دراصل مستقل حل نه نڪري سگهيو آهي، اهو ڪيئن اُڀرندو رهيو ۽ ان جون ڪهڙيون شڪليون هونديون، سو وقت ٻڌائيندو.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home