Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

حڪومت – اسٽيبلشمينٽ وڇوٽين جو عمران ۽ قادري کي فائدو ٿيندو؟ 02 جولاءِ 2014


سھیل سانگی
حڪومت – اسٽيبلشمينٽ وڇوٽين جو عمران ۽ قادري کي فائدو ٿيندو؟ اربع 02 جولاءِ 2014ع
ملڪ ۾ لڳاتار اهڙا ۽ ايترا واقعا رونما ٿي رهيا آهن، جو عام ماڻهو ته ڇڏيو پر چڱي خاصي پڙهيل لکيل ماڻهن کي به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته صورتحال ڇا ٿيڻ واري آهي؟ ڪهڙي واقعي جو اڳ وارن واقعن سان ڪهڙو تعلق آهي؟ هڪ ئي وقت ڄڻ ٽي چار قسم جا وهڪرا وهي رهيا آهن. ان معاملي کي ميڊيا وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪنهن ننڍي واقعي کي وڏو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو يا اينڪرپرسن ان جي تشريح ڪجهه اهڙي ڪن ٿا، جو اصل حقيقتون گم ٿي وڃن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو ملڪ جي حاڪم طبقن جي پاڻ ۾ ايڊجسٽ مينٽ نٿي ٿئي. ڪنهن کي اقتدار ۽ اختيار توڙي وسيلن ۾ ڪيترو حصو ملڻ گهرجي، ان جو ڪو پائيدار حل ۽ نظام به موجود ناهي. اقتدار، اختيار ۽ معيشت جي پراڻي ورڇ ڪيئي ڀيرا رد ٿي چُڪي آهي، پر هاڻي جاگيردار، واپاري يا صنعتڪار پنهنجون شڪليون تبديل ڪري ڇڏيون آهن. خود انهن طبقن ۾ به ڪجهه نوان گروپ سامهون آيا آهن. ائين نوان طبقا، نوان سياسي ۽ معاشي مظهر سامهون آيا آهن، جيڪي نه رڳو پنهنجي اڪوموڊيشن گهرن ٿا، بلڪ پنهنجو ”صحيح“ حصو پتي به گهرن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ بحراني صورتحال بڻيل آهي ۽ ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کليل شڪل ۾ نظر اچي ٿو. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ ان ٽڪراءَ کي حل ڪرڻ جو ائين ئي وڏو نسخو هو، جيئن 1973ع وارو آئين ڪنهن زماني ۾ هو. بدليل صورتحال ۾ نئون آئين ڏيڻ بدران چارٽر آف ڊيموڪريسي جو رستو اختيار ڪيو ويو، پر هن نسخي ۾ ٻه اهم ادارا عدليه ۽ عسڪري ڌر ٻاهر هئا، ٽيون اهم شعبو ميڊيا جو هو، سوبه ڄڻ هن نسخي ۾ شامل نه هو. مشرف جي اقتدار ۽ ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ هن نسخي تي دٻاءُ پوڻ لڳو، جيڪي ڌريون توڙي ادارا هن نسخي کان ٻاهر رهجي ويا، هئا، تن زور لڳائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي پراڻي حيثيت جي بحالي يا فارمولي ۾ پنهنجي لاءِ “مناسب جڳهه“ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. مختلف لاهين چاڙهين جي باوجود پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ان قصي ۾ هڪ صفحي تي رهيون. گذريل سال جون چونڊون جيڪي هاڻي ڪنٽرولڊ چونڊو چيون وڃن ٿيون، تن هڪ نئين صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. عمران خان جو فيڪٽر مينڊيٽ سان سامهون آيو، جيڪو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ طئي ٿيل گيم جو حصو نه هو. ظاهر آهي ته اهو ڪمال انهيءَ فارمولي کان ٻاهر رهجي ويل ڌرين جو هو. ائين اهي ڌريون گڏ ٿيڻ لڳيون، جيڪي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي خلاف هيون. انهن ڌرين جي گڏ ٿيڻ علائقي ۾ بدلجندڙ صورتحال ۽ طالبان جي وڌيل رول جي ڪري ملڪ ۾ ساڄي ڌر جي ردِ عمل (رائيٽ ري ايڪشن) جو خطرو وڌي ويو. بهرحال ساڄي ڌر جون اهي قوتون اڃا تائين ڪنهن اهڙي ٺاهه تي متفق نه ٿي سگهيون آهن، انهن جا مفاد ان حد تائين گڏيل آهن، جيستائين جو موجوده حڪومت ۽ ان سان گڏوگڏ هن سيٽ اپ کي تبديل نه ڪري وٺن. اهي قوتون اختيارن جي ورڇ مهل ماڳهين هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ان ڪري عمران خان، چوڌري برادران ۽ علامه قادري جو هڪ ٻئي سان تعاون ضرور آهي، پر اتحاد ڪونهي. ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کليل نموني هلندڙ سال تڏهن سامهون آيو، جڏهن مشرف جي جان ڇڏڻ وارو سوال ٿيو. پر هن ٽڪراءَ جو سبب رڳو مشرف نه هو، ڪجهه ٻيا سبب ۽ مظهر به ڪارڻ هئا. مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ آءِ ايس آءِ جي ڀيٽ ۾ جيو جو ساٿ ڏيڻ، اتر وزيرستان ۾ آپريشن شروع نه ڪرڻ ۽ انڊيا سان واپار وارن معاملن تي دفاعي ادارو ۽ نواز حڪومت هڪ ٻئي کان پري بيٺل رهيا. ان مان اهو تاثر اڀريو ته فوج سڌي يا اڻ سڌي طرح اقتدار تي قبضو ڪرڻ گهري ٿي، يا پنهنجي من پسند ماڻهن تي ٻڌل نگران حڪومت جوڙڻ گهري ٿي. پر اهو تاثر درست نه هو، ڇاڪاڻ جو نه پنجاب پنهنجي قيادت تبديل ڪرڻ پيو گهري ۽ نه ئي وري دفاعي ادارا گذريل سال جي چونڊن ۾ جيڪو ”اتفاق راءِ“ پيدا ٿيو آهي، تنهن کي ختم ڪرڻ گهرن ٿا. ها اهو ضرور آهي ته فوج پنهنجي حيثيت ضروري رکڻ ۽ مڃائڻ گهري ٿي، پر انهي اتفاق راءِ کي ٽوڙڻ جي قيمت تي نه- جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هيستائين اهو سڀ ڪجهه ٿي چڪو هجي ها، جنهن جو خدشو ڏيکاريو پئي ويو. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ سافٽ پاور جي اصول تي عمل پيرا آهي. اها پردي جي پويان رهي معاملا هلائڻ گهري ٿي (ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪي ڌريون ۽ ڪردار گهربل هوندا آهن). اها سول حڪومت کي پنهنجي حدن ۾ رکڻ ۽ فيصلا پنهنجي تابع رکڻ گهري ٿي. اهو ئي جديد دور جو ڏاڍو آزمايل فارمولا آهي، جنهن زرداري دور ۾ به ڏاڍا سٺا نتيجا ڏنا- زداري کي اهو فارمولا پيپلز پارٽي جي ماضي جي تجربي ۽ سندس تعلق پنجاب مان نه هجڻ يا پنجاب ۾ سندس نمائندگي نه هجڻ ڪري سمجهه ۾ اچي ويو. نواز شريف کي اها ڳالهه وري دير سان پئي سمجهه ۾ اچي. اسٽيبلشمينٽ جي انهيءَ حڪمت عملي جي پويان دفاعي اداري جي قيادت جي ڏاهپ پنهنجي جاءِ تي، پر ڪي زميني حقيقتون به آهن (1) علائقي جي حالتن، ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي ۽ طالبان واڌو ٻن صوبن ۾ رياست کان دوري جي تحريڪن جي ڪري بهرحال دفاعي اداري کي سياسي اتفاق راءِ، رياستي ادارن ۽ ميڊيا جي حمايت جي ضرورت آهي. ان لاءِ سياسي نظام يعني چونڊيل حڪومت ضروري آهي، پوءِ کڻي ان حڪومت تي سئو تهمتون ڇو نه هجن. ظاهر آهي ته انهيءَ ڪم لاءِ عمران خان هجي يا طاهر القادري ٻنهي مان ڪو به فٽ ڪونه ٿو بيهي. دفاعي ادارا ملڪي سالميت وغيره جي حوالي سان ڪجهه مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. ان حڪمت عملي مطابق سياسي جماعتن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۽ قومي ادارن مان عدليه ۽ ميڊيا کي ٻاهر رکي اهي مقصد حاصل نٿا ڪري سگهجن. عمران خان ۽ قادري سياسي تقسيم جا حامي آهن، جڏهن ته هتي سياسي اتحاد گهربل آهي. وڌيڪ اهو ته عمران خان سمورين ڪوششن باوجود ملڪ گير يا مين اسٽريم جي پارٽي نه بڻجي سگهيو آهي. وڌ ۾ وڌ سندس تماشائي طبعيت مين اسٽريم پريشر گروپ جي شڪل اختيار ڪئي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وڌيڪ اهم آهن. علامه قادري جي آچر ڏينهن لاهور ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس به ان کي وڏي سياسي وهڪري ۾ شامل نه ڪري سگهي، پر ڪانفرنس آل پارٽيز جي بدران اسٽبلشمينٽ جي اڳواڻن ۽ اتحادين جي ڪانفرنس بڻجي وئي. قومي سياسي وهڪري جي ٻن مکيه پارٽين يعني نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان گڏوگڏ اي اين پي ۽ جي يو آءِ به ان ۾ شريڪ نه ٿيون. ٻيو اهو ته عمران خان پڻ علامه قادري سان گڏ هلڻ کان لنوائي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هو ڪنهن به ”انقلاب“ ۾ ثانوي پوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي. عمران خان هڻي هڻي هاڻي ان هنڌ تي وڃي بيٺو آهي ته موجوده حڪومت جو خاتمو اچڻ گهرجي ۽ نيون چونڊون ٿيڻ گهرجن، پر هو علامه قادري جي غير آئيني اپاءَ کان پاڻ کي پري رکي ٿو. بهرحال هو اهو سمجهي ٿو ته علامه قادري موجوده يا پيپلز پارٽي-نواز ليگ فارمولي کي ٽوڙڻ ۾ ڪم اچي سگهجي ٿو. هو اهو ڪم ڪري سگهي ٿو جيڪو 9 ستارن واري پاڪستان قومي اتحاد جي تحريڪ ضياءُ الحق لاءِ ڪيو هو. ان کي سنجيدگي وچان يا کل ڀوڳ ۾ تجزيه نگار چون ٿا ته علامه قادري جو وزيراعظم عمران خان آهي. لڳي ٿو ته عمران خان پنهنجو رول تبديل ڪيو آهي. تجزيه نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيتوڻيڪ هو پنڊي جي پيداوار آهي، پر پوءِ به هاڻي هو ڪجهه پنهنجون ڳالهيون به ڪرڻ لڳو آهي. ان حد تائين ته ٺيڪ آهي ته عمران خان جا اڪثر قدم عسڪري ڌرين کي فائدو ڏين ٿا، پر اهو نٿو لڳي ته اهي عسڪري ڌريون عمران خان کي وزيراعظم به بڻائي وٺنديون. اڄ جي عسڪري اسٽيبلشمينٽ آئيني، قانوني، سياسي ۽ سماجي صورتحال ۾ انتهاپسندن کان پاسو ڪري ٿي، ڇاڪاڻ جو هو انهن معاملن ۾ انتهاپسندي ڏي وڃي نه ٻين کي ۽ نه ئي وري پنهنجو پاڻ کي امتحان ۾ وجهڻ گهري. هو نظام ۾ پنهنجي طاقت برقرار رکڻ چاهي ٿي، ان لاءِ حڪومت توڙي ٻين ڌرين کي داٻي ۾ ضرور رکڻ گهري ٿي.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home