Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

راءُ نه ڏين ويڻَ ...... 08 مئي 2014ع


راءُ نه ڏين ويڻَ ......
سھیل سانگی
خميس 08 مئي 2014ع
نثارکهڙو، مهيش ملاڻي، سردار شاهه ۽ ڊاڪٽر کٽو مل سميت پيپلز پارٽي ۾ جيڪا به منهنجي سنگت هئي، تنهن کي ڪالهه آئون فون ڪندو رهيس ته کين ڏوراپو ڏيئي سگهان، ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري سگهان ته آخر ٿر جي ماڻهن ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي، جو انهن کي ائين چونڊيل ايوان ۾ بي عزتو ڪيو پيو وڃي؟ اهو ئي ڏوهه ته انهن اربابن کي ڇڏي ٿر جون سڀ سيٽون پيپلز پارٽي کي ڏنيون؟ اها ڪوشش ان لاءِ به هئي ته متان اها سنگت مون کي ئي ڪجهه سمجهائي سگهي. سواءِ سردار شاهه ۽ کٽو مل جي ٻئي ڪنهن به موٽ نه ڏني. لڳي ٿو ته اسيمبلي ۾ پهچڻ بعد اهي سڀ همراهه وڏا ماڻهو ٿي ويا آهن.آئون صحافي آهيان ۽ ساڻن ذاتي طرح به سٺي دعا سلام رهي آهي، مون سان به ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي ته عام ماڻهو ته کانئن اڃا ڪوهين ڏور بيٺل هوندو. ڏوراپو ته وڏي وزير سائين قائم علي شاهه جي سومر ڏينهن تي ڪيل سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير هئي، جيڪا ٻولي، لهجو ۽ مواد ان تقرير ۾هو، تنهن سنڌ جي ساڃهه وندن کي چيڙائي وڌو آهي. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تبصرا ۽ لهجو ان جي چِٽي شاهدي ڏي ٿو. چون ٿا ته پارٽي جي اعلى قيادت سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال به ڪندي آهي ۽ ان جو اثر به وٺندي آهي. خبر ناهي ته انهن تبصرن ۽ تنقيد جو قيادت ڪڏهن ۽ ڪهڙو نوٽيس ٿي وٺي؟ اها ڳالهه دير ۾ دير اڄوڪي ڏينهن تائين اظهار ٿيڻي آهي. رڳو ٿر ۾ ئي نه، سڄي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عورتن جو ويم ڪيئن ٿو ٿئي، اها سڀني کي خبر آهي. جيڪڏهن ٿر توڙي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڃا تائين عورتن جي صحت، ٻارن جي ڄم لاءِ اڃا تائين پراڻا طريقا استعمال ٿي رهيا آهن ته ان ۾ انهن ٻهراڙين ۾رهندڙ عورتن توڙي ٻين ماڻهن جو ڏوهه ناهي. خود وڏي وزير کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي ته سندس پارٽي ڪيترا سال حڪومت ۾ رهي آهي، (اڃا تائين به آهي). ان ٿر سميت ٻين اهڙن ڏورانهن هنڌن تي ان لاءِ ڪهڙو جوڳو بندوبست ڪيو آهي؟ وڏي وزير جي اباڻي ضلعي خيرپور جو نارو ٿر يا ان جي ڪچي واري علائقي ۾ ان حوالي سان ڪهڙي صورتحال آهي، ان تي به سوچڻ گهرجي. ان تي به سوچڻ گهرجي ته ٿر ۾ ڪل 16 بنيادي صحت مرڪز آهن ۽ هر مرڪز جي مهيني ۾ دوائن جي بجيٽ 62 هزار روپيا آهي. هي اهو خرچ آهي، جيڪو وڏي وزير يا ڪنهن وزير جي ڪنهن به ڏورانهن علائقي جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ٿي ويندو آهي. انهيءَ سڄي خرچ مان وڏو وزير ٿر جي ماڻهن کي صلاح ٿو ڏي ته عورتن جو ويم اسپتالن ۾ ڪرايو، جتي ليڊي ڊاڪٽر ته پري جي ڳالهه نرس يا ليڊي هيلٿ وزيٽر به نه هوندي آهي. سندس چوڻ آهي ته: ”ٻارڙا قدرتي موت مئا آهن. ٿر جا ماڻهو ’او ماءِ گاڊ‘ جي فلم جي هيرو پاريش راول وانگر ڪيس ته نه ٿا ڪري سگهن. وڏي وزير جو اهو موقف ائين درست ٿي سگهي ٿو ته ڏڪار ته الله وڌو آهي. سنڌ حڪومت جو برسات وسائڻ يا نه وسائڻ تي وس ڪونه ٿو هلي. اهو صحيح آهي ته ڏڪار، طوفان وغيره قدرتي آفتون آهن، پر انهن کي روڪڻ لاءِ توڙي آفتن اچڻ بعد ستايلن جي مدد ڪرڻ وقت جي حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي. ان ذميواري کان حڪومت پنهنجو پاڻ کي اهڙي قسم جا غير ذميواراڻا بيان ڏئي آجو نه ٿي ڪري سگهي. حڪومت ڏيئي وٺي ڏڪاريلن جي اها مدد ڪئي آهي، ته في خاندان 50 ڪلو ڪڻڪ ۽ اٽڪل 36 هزار عورتن کي بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت في عورت کي 10 هزار رپيا (جنهن ۾ اڌ رقم وفاقي حڪومت جي ڏنل آهي) شامل آهي. ڪڻڪ جي ٻي قسط 15 اپريل تي ورهائڻي هئي، سا اڃا تائين نه ورهائي ويئي آهي. لڳي ٿو ته حڪومت ايتري معمولي امداد ۾ به ٿڪجي پئي آهي. بيان مان لڳي ٿو ته حڪومت اهو چوڻ ٿي چاهي ته”هاڻي جيڪڏهن ڪجهه گهرندا ته پوءِ ڪجهه ٻُڌندا.“ گڏيل قومن جي اداري به ٿر جي ڏڪاريلن لاءِ عالمي برادري کي اپيل ڪئي، پر صوبائي حڪومت جي ان رويي سبب ان جي به عالمي برادي وٽان ڪا مثبت موٽ نه ملي سگهي. وڏي وزير ٿرين تي اها به تهمت هنئي آهي ته ”انهن منرل واٽر وڪڻي ڇڏيو ۽ چون ٿا ته کارو پاڻي پيئنداسين.“ اهي انگ اکر اچڻ اڃا باقي آهن ته حڪومت طرفان ٿيندڙ امداد ۾ڪو منرل واٽر به هو. جيڪڏهن اهو پاڻي وڪيو ويو آهي ته خود حڪمران پارٽي جي ماڻهن يا نوڪر شاهي وڪيو هوندو. ان جو الزام ٿرين تي ڇو مڙهيو ٿو وڃي. سنڌ جي واڳ ڌڻي امدادي سامان ۾ لڳل گهوٻيون، تعلقي ۽ ضلعي ڪائونسلن لاءِ هر مهيني ايندڙ ڪروڙين روپيا، جن مان ٽڪو به خرچ نه ڪيو ويو، اهي گهوٻيون بنهه نظر ڪونه آيون. ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسيمبلي ۾ ٿيندڙ هن تقرير تي ٻين ميمبرن ته ڇڏيو، پر ٿر جي ميمبرن ۽ مخالف ڌر به اوتري ئي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو. انهن ڪنهن به مرحلي تي نه ڪو نقطو اٿاريو ۽ نه ئي وري اعتراض واريو. ٿر شديد ڏڪار جي لپيٽ ۾ آهي، اتي ايندڙ ٽي مهينا خوراڪ توڙي پاڻي جي حوالي سان وڌيڪ ڏکيا گذرندا. اهڙي موقعي تي انهن جي ڪا مدد ڪرڻ بدران توهين آميز رويو رکڻ ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. وڏي وزير مهينو کن اڳ ٿر جي حوالي سان چيو هو ته:”اسان جي خلاف سازش ٿي آهي“. هن خطاب مان ظاهر ٿي پوي ٿو ته پيپلز پارٽي پنهنجي پاڻ سان ڪري رهي آهي. اهڙن بيانن بعد ڪنهن کي سازش ڪرڻ جي تڪليف ڪرڻي پوندي، جو ان سان لکين ماڻهن جون دليون رنجايون ويون هجن، سنڌ جي پڙهيل لکيل حلقن ۾ سخت تاءُ پيدا ٿي ويو هجي، خود پارٽي جي حلقن اندر توڙي ان جي حامين وٽ به هن موقف جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه هجي. هڪ پاسي ٿر ۾ ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل اپاءَ وٺڻ بابت تجويزون ۽ فريم ورڪ جوڙڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ويئي آهي، پر اهڙي رويي مان حڪومت جي سنجيدگي ظاهر نٿي ٿئي. اهڙي صورت ۾ خود اها ڪميٽي ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪم ڪري سگهندي؟ ڪميٽي تي کنيل ٽيڪنيڪل ماڻهن جي ڳالهه کي اهڙي صورت ۾ پارٽي توڙي نوڪر شاهي ڪيترو وزن ڏيندي؟ وڏي وزير جي تازي موقف، ماڳهين پيپلز پارٽي ٿر لاءِ جيڪي ڪيو هو، ان تي ڄڻ پاڻي ڦيري ڇڏيو. ٿر جو ماڻهو اهو ئي چوي ٿو ته: ”جيڪڏهن ڏئي نٿا سگهو ته ڏکويو ته نه.“

Labels: , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home