Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

راءُ نه ڏين ويڻَ ...... 08 مئي 2014ع


راءُ نه ڏين ويڻَ ......
سھیل سانگی
خميس 08 مئي 2014ع
نثارکهڙو، مهيش ملاڻي، سردار شاهه ۽ ڊاڪٽر کٽو مل سميت پيپلز پارٽي ۾ جيڪا به منهنجي سنگت هئي، تنهن کي ڪالهه آئون فون ڪندو رهيس ته کين ڏوراپو ڏيئي سگهان، ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري سگهان ته آخر ٿر جي ماڻهن ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي، جو انهن کي ائين چونڊيل ايوان ۾ بي عزتو ڪيو پيو وڃي؟ اهو ئي ڏوهه ته انهن اربابن کي ڇڏي ٿر جون سڀ سيٽون پيپلز پارٽي کي ڏنيون؟ اها ڪوشش ان لاءِ به هئي ته متان اها سنگت مون کي ئي ڪجهه سمجهائي سگهي. سواءِ سردار شاهه ۽ کٽو مل جي ٻئي ڪنهن به موٽ نه ڏني. لڳي ٿو ته اسيمبلي ۾ پهچڻ بعد اهي سڀ همراهه وڏا ماڻهو ٿي ويا آهن.آئون صحافي آهيان ۽ ساڻن ذاتي طرح به سٺي دعا سلام رهي آهي، مون سان به ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي ته عام ماڻهو ته کانئن اڃا ڪوهين ڏور بيٺل هوندو. ڏوراپو ته وڏي وزير سائين قائم علي شاهه جي سومر ڏينهن تي ڪيل سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير هئي، جيڪا ٻولي، لهجو ۽ مواد ان تقرير ۾هو، تنهن سنڌ جي ساڃهه وندن کي چيڙائي وڌو آهي. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تبصرا ۽ لهجو ان جي چِٽي شاهدي ڏي ٿو. چون ٿا ته پارٽي جي اعلى قيادت سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال به ڪندي آهي ۽ ان جو اثر به وٺندي آهي. خبر ناهي ته انهن تبصرن ۽ تنقيد جو قيادت ڪڏهن ۽ ڪهڙو نوٽيس ٿي وٺي؟ اها ڳالهه دير ۾ دير اڄوڪي ڏينهن تائين اظهار ٿيڻي آهي. رڳو ٿر ۾ ئي نه، سڄي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عورتن جو ويم ڪيئن ٿو ٿئي، اها سڀني کي خبر آهي. جيڪڏهن ٿر توڙي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڃا تائين عورتن جي صحت، ٻارن جي ڄم لاءِ اڃا تائين پراڻا طريقا استعمال ٿي رهيا آهن ته ان ۾ انهن ٻهراڙين ۾رهندڙ عورتن توڙي ٻين ماڻهن جو ڏوهه ناهي. خود وڏي وزير کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي ته سندس پارٽي ڪيترا سال حڪومت ۾ رهي آهي، (اڃا تائين به آهي). ان ٿر سميت ٻين اهڙن ڏورانهن هنڌن تي ان لاءِ ڪهڙو جوڳو بندوبست ڪيو آهي؟ وڏي وزير جي اباڻي ضلعي خيرپور جو نارو ٿر يا ان جي ڪچي واري علائقي ۾ ان حوالي سان ڪهڙي صورتحال آهي، ان تي به سوچڻ گهرجي. ان تي به سوچڻ گهرجي ته ٿر ۾ ڪل 16 بنيادي صحت مرڪز آهن ۽ هر مرڪز جي مهيني ۾ دوائن جي بجيٽ 62 هزار روپيا آهي. هي اهو خرچ آهي، جيڪو وڏي وزير يا ڪنهن وزير جي ڪنهن به ڏورانهن علائقي جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ٿي ويندو آهي. انهيءَ سڄي خرچ مان وڏو وزير ٿر جي ماڻهن کي صلاح ٿو ڏي ته عورتن جو ويم اسپتالن ۾ ڪرايو، جتي ليڊي ڊاڪٽر ته پري جي ڳالهه نرس يا ليڊي هيلٿ وزيٽر به نه هوندي آهي. سندس چوڻ آهي ته: ”ٻارڙا قدرتي موت مئا آهن. ٿر جا ماڻهو ’او ماءِ گاڊ‘ جي فلم جي هيرو پاريش راول وانگر ڪيس ته نه ٿا ڪري سگهن. وڏي وزير جو اهو موقف ائين درست ٿي سگهي ٿو ته ڏڪار ته الله وڌو آهي. سنڌ حڪومت جو برسات وسائڻ يا نه وسائڻ تي وس ڪونه ٿو هلي. اهو صحيح آهي ته ڏڪار، طوفان وغيره قدرتي آفتون آهن، پر انهن کي روڪڻ لاءِ توڙي آفتن اچڻ بعد ستايلن جي مدد ڪرڻ وقت جي حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي. ان ذميواري کان حڪومت پنهنجو پاڻ کي اهڙي قسم جا غير ذميواراڻا بيان ڏئي آجو نه ٿي ڪري سگهي. حڪومت ڏيئي وٺي ڏڪاريلن جي اها مدد ڪئي آهي، ته في خاندان 50 ڪلو ڪڻڪ ۽ اٽڪل 36 هزار عورتن کي بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت في عورت کي 10 هزار رپيا (جنهن ۾ اڌ رقم وفاقي حڪومت جي ڏنل آهي) شامل آهي. ڪڻڪ جي ٻي قسط 15 اپريل تي ورهائڻي هئي، سا اڃا تائين نه ورهائي ويئي آهي. لڳي ٿو ته حڪومت ايتري معمولي امداد ۾ به ٿڪجي پئي آهي. بيان مان لڳي ٿو ته حڪومت اهو چوڻ ٿي چاهي ته”هاڻي جيڪڏهن ڪجهه گهرندا ته پوءِ ڪجهه ٻُڌندا.“ گڏيل قومن جي اداري به ٿر جي ڏڪاريلن لاءِ عالمي برادري کي اپيل ڪئي، پر صوبائي حڪومت جي ان رويي سبب ان جي به عالمي برادي وٽان ڪا مثبت موٽ نه ملي سگهي. وڏي وزير ٿرين تي اها به تهمت هنئي آهي ته ”انهن منرل واٽر وڪڻي ڇڏيو ۽ چون ٿا ته کارو پاڻي پيئنداسين.“ اهي انگ اکر اچڻ اڃا باقي آهن ته حڪومت طرفان ٿيندڙ امداد ۾ڪو منرل واٽر به هو. جيڪڏهن اهو پاڻي وڪيو ويو آهي ته خود حڪمران پارٽي جي ماڻهن يا نوڪر شاهي وڪيو هوندو. ان جو الزام ٿرين تي ڇو مڙهيو ٿو وڃي. سنڌ جي واڳ ڌڻي امدادي سامان ۾ لڳل گهوٻيون، تعلقي ۽ ضلعي ڪائونسلن لاءِ هر مهيني ايندڙ ڪروڙين روپيا، جن مان ٽڪو به خرچ نه ڪيو ويو، اهي گهوٻيون بنهه نظر ڪونه آيون. ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسيمبلي ۾ ٿيندڙ هن تقرير تي ٻين ميمبرن ته ڇڏيو، پر ٿر جي ميمبرن ۽ مخالف ڌر به اوتري ئي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو. انهن ڪنهن به مرحلي تي نه ڪو نقطو اٿاريو ۽ نه ئي وري اعتراض واريو. ٿر شديد ڏڪار جي لپيٽ ۾ آهي، اتي ايندڙ ٽي مهينا خوراڪ توڙي پاڻي جي حوالي سان وڌيڪ ڏکيا گذرندا. اهڙي موقعي تي انهن جي ڪا مدد ڪرڻ بدران توهين آميز رويو رکڻ ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. وڏي وزير مهينو کن اڳ ٿر جي حوالي سان چيو هو ته:”اسان جي خلاف سازش ٿي آهي“. هن خطاب مان ظاهر ٿي پوي ٿو ته پيپلز پارٽي پنهنجي پاڻ سان ڪري رهي آهي. اهڙن بيانن بعد ڪنهن کي سازش ڪرڻ جي تڪليف ڪرڻي پوندي، جو ان سان لکين ماڻهن جون دليون رنجايون ويون هجن، سنڌ جي پڙهيل لکيل حلقن ۾ سخت تاءُ پيدا ٿي ويو هجي، خود پارٽي جي حلقن اندر توڙي ان جي حامين وٽ به هن موقف جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه هجي. هڪ پاسي ٿر ۾ ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل اپاءَ وٺڻ بابت تجويزون ۽ فريم ورڪ جوڙڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ويئي آهي، پر اهڙي رويي مان حڪومت جي سنجيدگي ظاهر نٿي ٿئي. اهڙي صورت ۾ خود اها ڪميٽي ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪم ڪري سگهندي؟ ڪميٽي تي کنيل ٽيڪنيڪل ماڻهن جي ڳالهه کي اهڙي صورت ۾ پارٽي توڙي نوڪر شاهي ڪيترو وزن ڏيندي؟ وڏي وزير جي تازي موقف، ماڳهين پيپلز پارٽي ٿر لاءِ جيڪي ڪيو هو، ان تي ڄڻ پاڻي ڦيري ڇڏيو. ٿر جو ماڻهو اهو ئي چوي ٿو ته: ”جيڪڏهن ڏئي نٿا سگهو ته ڏکويو ته نه.“

Labels: , , , , ,

ٿر: ڪوتاهيءَ کان ڪيترو ڀڄبو؟ 26 مارچ 2014ع


ٿر: ڪوتاهيءَ کان ڪيترو ڀڄبو؟
سهيل سانگي
اربع 26 مارچ 2014ع
ٿر جي ڏُڪاريل ماڻهن جون اکيون سنڌ اسيمبليءَ جي سومر ڏينهن واري اجلاس ۾ هيون ته، اُتي ڏُڪاريل حالتن، غير منصفاڻي امداد جي ورهاست، صحت جي سهولتن ۽ هن ريگستان ۾ هر ٻئي سال پوندڙ ڏُڪار بابت ڪنهن پاليسي جوڙڻ تي بحث ٿيندو- ڪو فيصلو ٿيندو. ڪو اهڙو فيصلو ڪيو ويندو، جيڪو کين مستقبل ۽ زندگيءَ بابت اُميد ڏياريندو. کين آٿت ڏيندو، ته نه ٻيلي توهان اڪيلا ڪونه آهيو. سنڌ گدڙن ڪانه کاڌي آهي. ڪوتاهي ۽ بدانتظاميءَ جي ڏوهارين کان ضرور پُڇاڻو ڪيو ويندو. پر جڏهن اجلاس جي ڪارروائي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿي، ته آسوندن جون آسون ڏُڪاريل ڏيهه تي لامارا ڏيندڙ اُڀ جي سُڃن ڪڪرن جهڙيون ثابت ٿيون، جيڪي آيا ته سهي، پر وٺي ڪا ڦڙي به نه- ماڳهين انهن مائرن کي رنجايو ويو، جن جون هنجون گلن جهڙن ٻارڙن کان خالي ٿيون، جن جون لوليون زبان تي ئي اٽڪيل رهيون. ڀلا ڪنهن کي ويساهه ايندو ته، هِي جيڪو ڳالهائين پيا، سي ٿر واسي ۽ ٿر جا نمائندا آهن يا وري 80ع واري ڏهاڪي ۾ پيل ڏڪار جي موقعي تي مارشل لائي سول بيورو ڪريسيءَ جي ڊپٽي ڪمشنر ضياءَ اسلام جو نئون روپ آهن، جنهن چيو هو ته، ٿر ۾ ڏڪار ڪونهي. ٿريا بئراج واري علائقي مان لابارا ڪري، ڪڻڪ جون ٻوريون ڀري وڃي رهيا آهن. يا وري آمر مشرف جا نوان خليفا آهن، جنهن جي ماڻهن 1999ع ۽ 2000ع واري ڏڪار کي به پهرين ڪو نه مڃيو هو ۽ ٿر ۾ ڏڪار ۽ بکن وگهي پکڙيل بيماريءَ کي ميڊيا جو پکڙيل وائرس سڏيو هو. پر زميني حقيقتون ڏٽن، لٻاڙن، غلط بيانن سان تبديل نه ٿينديون آهن. تڏهن به وقت جي حڪومت کي مڃڻو پيو هو ۽ ڏڪار تسليم ڪري امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻيون پيون هيون. اسين پنهنجي چونڊيل عيوضين ۽ اقتدار جي نشي ۾ مست مسند نشين حڪمرانن آڏو ادب جا هٿ ٻڌي ڪجهه سوال ڪرڻ چاهينداسين.1، ڇا اهو صحيح آهي ته، ٿر هڪ وارياسو علائقو آهي، فصل، گاهه پٺو برسات تي ٿئي ٿو؟ اهو فصل ٿر واسين جي روزي ۽ گاهه تي پلجندڙ چوپايو مال سندن روزگار آهي. 2، جيڪڏهن هڪ سال تائين برسات نه پوي، فصل نه ٿئي، گاهه به نه اُڀري ته اتي انسانن توڙي جانورن لاءِ کاڌ خوراڪ ٿي سگهي ٿي؟ 3، جيڪڏهن ڪنهن علائقي جي 80 سيڪڙو آبادي هڪ سال تائين بيروزگار ۽ ڪم ڪار کان وانجهيل رهي، ته اُتي جي معيشت، صحت ۽ سماجيات جي صورتحال ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ٿر ۾ ته ائين ئي ٿيو آهي. ڪو ذرو به عقل رکندڙ انهيءَ صورتحال کي معمول جون حالتون چئي سگهي ٿو؟ حڪومت جا عيوضي ۽ ڍنڍورچي وڏي فخر سان چون ٿا ته، ٻار ٻين هنڌن تي به مرن پيا. ڄڻ ٿر ۾ ٻار مئا ته، ڪا فڪر جي ڳالهه ناهي. گڏيل قومن جي ادارن جون رپورٽون ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ، صحت جي سهولتن جي اڻهوند ۽ حامله عورتن ۽ ٿڃ پياريندڙ مائرن جي حالت بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿيون. جيڪڏهن ڏُڪاريل ڏيهه ۾ سانحي واري صورتحال ميڊيا ۾ رپورٽ نه به ٿئي، تڏهن به اهي رپورٽون سرڪار جي پت، ان جي ڪارڪردگي ۽ دعوائن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. اهڙين حالتن ۾ ٻار، جيڪي هونئن ئي گهٽ مزاحمتي قوت رکندڙ آهن، سي آسانيءَ سان بيمارين جو شڪار ٿي اجل جي گود ۾ هليا ٿا وڃن. حڪومت کي انهيءَ ڳالهه تي به ڏک آهي ته، ٿر ۾ رڳو ٻار پيا مرن، جوان ۽ پوڙها ڇو نه پيا مرن. واهه سائين واهه! ڇا ته اسان عيوضي چونڊيا آهن ۽ ڇا ته انهن عوامي عيوضين حڪومت ٺاهي آهي، جيڪا جمهوريت ۽ عوامي هجڻ جو پلي ڪارڊ پنهنجي ڳچيءَ ۾ لَٽڪائي هلي پئي پر پنهنجي جوهر ۾ نه جمهوري ٿي لڳي ۽ نه ئي عوامي. اڳي رڳو نوڪر شاهي پنهنجي ڪوتاهي ڪانه مڃيندي هئي، پر هاڻي مُنهن جي پڪائيءَ جو نئون دور شروع ٿيو آهي، عوامي ماڻهو ۽ سياستدان ڪوتاهي مڃڻ لاءِ تيار ناهن. ڊپٽي ڪمشنر مقرر تاريخ گذرڻ جي ٽن مهينن تائين ڏڪار بابت سرڪار کي رپورٽ ڪانه موڪلي (اها سازش به ٿرين ۽ ميڊيا جي ٿي لڳي). ان رپورٽ جي هڪ مهيني بعد ڊزاسٽر اٿارٽي صوبائي حڪومت کي خط لکي آگاهه ڪيو پر حڪومت ۽ چونڊيل عيوضين جي ڪن تي جونءَ به ڪانه سُري. تن ڏينهن ۾ ميڊيا ۾ گوڙ ٿيو ته، پوءِ حڪومت فيصلو ڪيو ته ٿر ۾ ڇهن مهينن لاءِ مفت ڪڻڪ ورهائي ويندي. پر عمل ڪونه ڪيو ويو. اها ڪنهن جي ڪوتاهي هئي؟ وري ڊسمبر ۾ اشو ٿيو ته، ٻيهر 60 هزار ڪڻڪ جي ٻورين جو اعلان ڪيو ويو. اها ڪڻڪ به ٽن مهينن تائين گودامن ۾ پئي رهي. واضح رهي ته، ميڊيا اهي سموريون حقيقتون پهرئين ڏينهن کان لڳاتار رپورٽ ڪندي رهي. ڏُڪار وگهي هزارن جي تعداد ۾ رڍون مرڻ شروع ٿيون، ان جي هڪ هفتي بعد ميڊيا رپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو. تيستائين سرڪار جا سمورا کاتا، انهن جا عملدار ۽ اسان جا عيوضي سُتا رهيا، ميڊيا جي رپورٽن بعد کين سجاڳي ٿي. جڏهن ٻارڙا مرڻ لڳا ته، ميڊيا رڳو هڪ سرڪاري اسپتال جا انگ اکر پيش ڪيا، ته ميڊيا هائيپ سڏيو ويو. اسپتال ۾ ٿيل ٻارن جي موت ۽ انهن جي بيمارين بابت ٿر توڙي ميڊيڪل يونيورسٽين جا ماهر ڊاڪٽر متفق آهن ته، ٻارن جو موت، ٻارڙن ۽ مائرن ۾ غذا جي کوٽ سبب ٿيو آهي ۽ انهيءَ کوٽ جي پويان سبب ڏُڪار آهي. پر اسان جي حڪومت ۽ عيوضي ڏيڍ ڏاها ٿيو ويٺا آهن، جيڪي ماهر ڊاڪٽرن جي راءِ کي به رد ٿا ڪن. اهو سلسلو جيڪو گذريل آگسٽ کان شروع ٿيو، سو ظاهر ڪري ٿو ته، هڪ ٻئي پٺيان ڪوتاهين جو سلسلو آهي. هاڻي حڪومت ۽ چونڊيل عيوضي پنهنجي انهيءَ هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ جُهونتون ڏيئي رهيا آهن، چونڊيل ايوان جو تقدس پائمال ڪندي اتي غلط بياني ڪري رهيا آهن. همراهه سِينو تاڻي اها ڳالهه به ڪن ٿا ته، ٿر مان ماڻهو چڱي انگ ۾ هر سال بيراجي علائقي ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن ٿا ۽ هاڻي به ائين ڪيائون ته ڪو هرج ڪونهي. ساڃهه وند ماڻهو اها ڳالهه چوڻ ته پري، پر ٻڌندي به ندامت ٿا محسوس ڪن ته، هن ايڪويهين صديءَ ۾ چڱي خاصي آبادي رڳو روزگار لاءِ لڏ پلاڻ ڪري ٿي. سا به هڪ اهڙي علائقي جي، جتي قيمتي گرينائيٽ آهي، چيني مٽي آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته جن جي پيرن هيٺان ڪارو سون آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هڪ سئو سالن تائين ملڪ جي توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو. سرڪاري ڏيڍ ڏاها چون ٿا ته، حڪومت خلاف ٿر جي حوالي سان سازش ٿي رهي آهي. ڏاڍي کِل جهڙي ڳالهه آهي، ڪاش ٿر واسي اهڙي ڪنهن سازش ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هجن ها!! جي هجن ها ته، حڪومت کي هوند انهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ جي همت ئي نه ٿئي ها. ها، جيڪڏهن واقعي ڪا سازش ٿي آهي ته، اها حڪومت پنهنجي پاڻ سان ڪئي آهي، جنهن جي ڪوتاهين، ناانصافين ۽ نااهلين جي ڍڳ ٿيڻ بعد اهو ڌماڪو ٿيو آهي. رڳو مٺيءَ جا هڪ ٻه صحافي ميڊيا جا ڪي ٻه ٽي ادارا ئي نه، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ، رياستي ادارا، گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن جي راءِ ۽ زميني حقيقتون هڪ پاسي آهن، ته وري حڪومت جي غلط بياني ۽ ”سازش جو انڪشاف“ ٻئي طرف آهي. اهي ته قِصا ٿيا وڏي خرچ ۽ وڏي ڏاهپ جا، جنهن جي، لڳي ٿو ته، حڪومت وٽ جهجهي اڻهوند آهي. انهن سمورن واقعن بعد حڪومت رڳو تعلقي اسپتالن تائين به ٻار ۽ عورتن جي بيمارين جو هڪ ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ڪري سگهي آهي. ميڊيڪل ٽيمون پري پري جي ڳوٺن تائين موڪلي نه سگهي آهي. کاڌ خوراڪ جي شين جا آيل امدادي پيڪيٽ ماڻهن تائين نه پهچائي سگهي آهي.حڪومت هن وقت تائين سرڪاري طور پهتل في ڪٽنب 50 ڪلو ڪڻڪ جي ورهاست کي انصاف ڀريو نه ڪري سگهي آهي، جو وفاقي حڪومت طرفان موڪليل امدادي پيڪٽ ارباب غلام رحيم پنهنجن ماڻهن کي ڏنا ۽ پيپلز پارٽيءَ وارن ڪڻڪ پنهنجن ماڻهن کي ڏني. ان کان به وڌيڪ سنجيده سوال اهو آهي ته، حڪومت ٿر بابت ڪا پاليسي، ڪو پلان به نه ٺاهي سگهي آهي. ورنه صوبي ۾ چار اهڙا شهر آهن، جتي يونيورسٽيءَ جي مٿان ٻي، ٽي ۽ چوٿين يونيورسٽي ٺاهي رهي آهي. پر ٿر ۾ يونيورسٽي ته پري جي ڳالهه، انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليج به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٻن مکيه شهرن ۾ اهڙيون سرڪاري بلڊنگون موجود آهن، جتي رڳو هڪ اعلان سان ڇاڇري ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي/ڪاليج ۽ مٺي ۾ ميڊيڪل ڪاليج کولي سگهجي ٿو. ٿر ڄاوا ڊاڪٽر بيکا رام ۽ ڊاڪٽر ڀواني شنڪر، ڊاڪٽر خانجي، ڊاڪٽر پرڌان ۽ ٻيا ڊزن کن ماڻهو بنا پگهار پنهنجون خدمتون آڇڻ لاءِ تيار آهن. حڪمرانن ۽ عيوضين جي حضور ۾ هڪ دفعو وري ادب جا هٿ ٻڌي گذارش ڪنداسين ته، ٻيلي ڏاها ٿيو، اکيون نه پوريو ۽ نه ئي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهو. ڪوتاهي ٿي سا ٿي، هاڻي ته مڙس ماڻهو ٿي ان جو ازالو ڪريو.

Labels: , , , ,