Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

ٿر: ڪوتاهيءَ کان ڪيترو ڀڄبو؟ 26 مارچ 2014ع


ٿر: ڪوتاهيءَ کان ڪيترو ڀڄبو؟
سهيل سانگي
اربع 26 مارچ 2014ع
ٿر جي ڏُڪاريل ماڻهن جون اکيون سنڌ اسيمبليءَ جي سومر ڏينهن واري اجلاس ۾ هيون ته، اُتي ڏُڪاريل حالتن، غير منصفاڻي امداد جي ورهاست، صحت جي سهولتن ۽ هن ريگستان ۾ هر ٻئي سال پوندڙ ڏُڪار بابت ڪنهن پاليسي جوڙڻ تي بحث ٿيندو- ڪو فيصلو ٿيندو. ڪو اهڙو فيصلو ڪيو ويندو، جيڪو کين مستقبل ۽ زندگيءَ بابت اُميد ڏياريندو. کين آٿت ڏيندو، ته نه ٻيلي توهان اڪيلا ڪونه آهيو. سنڌ گدڙن ڪانه کاڌي آهي. ڪوتاهي ۽ بدانتظاميءَ جي ڏوهارين کان ضرور پُڇاڻو ڪيو ويندو. پر جڏهن اجلاس جي ڪارروائي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿي، ته آسوندن جون آسون ڏُڪاريل ڏيهه تي لامارا ڏيندڙ اُڀ جي سُڃن ڪڪرن جهڙيون ثابت ٿيون، جيڪي آيا ته سهي، پر وٺي ڪا ڦڙي به نه- ماڳهين انهن مائرن کي رنجايو ويو، جن جون هنجون گلن جهڙن ٻارڙن کان خالي ٿيون، جن جون لوليون زبان تي ئي اٽڪيل رهيون. ڀلا ڪنهن کي ويساهه ايندو ته، هِي جيڪو ڳالهائين پيا، سي ٿر واسي ۽ ٿر جا نمائندا آهن يا وري 80ع واري ڏهاڪي ۾ پيل ڏڪار جي موقعي تي مارشل لائي سول بيورو ڪريسيءَ جي ڊپٽي ڪمشنر ضياءَ اسلام جو نئون روپ آهن، جنهن چيو هو ته، ٿر ۾ ڏڪار ڪونهي. ٿريا بئراج واري علائقي مان لابارا ڪري، ڪڻڪ جون ٻوريون ڀري وڃي رهيا آهن. يا وري آمر مشرف جا نوان خليفا آهن، جنهن جي ماڻهن 1999ع ۽ 2000ع واري ڏڪار کي به پهرين ڪو نه مڃيو هو ۽ ٿر ۾ ڏڪار ۽ بکن وگهي پکڙيل بيماريءَ کي ميڊيا جو پکڙيل وائرس سڏيو هو. پر زميني حقيقتون ڏٽن، لٻاڙن، غلط بيانن سان تبديل نه ٿينديون آهن. تڏهن به وقت جي حڪومت کي مڃڻو پيو هو ۽ ڏڪار تسليم ڪري امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻيون پيون هيون. اسين پنهنجي چونڊيل عيوضين ۽ اقتدار جي نشي ۾ مست مسند نشين حڪمرانن آڏو ادب جا هٿ ٻڌي ڪجهه سوال ڪرڻ چاهينداسين.1، ڇا اهو صحيح آهي ته، ٿر هڪ وارياسو علائقو آهي، فصل، گاهه پٺو برسات تي ٿئي ٿو؟ اهو فصل ٿر واسين جي روزي ۽ گاهه تي پلجندڙ چوپايو مال سندن روزگار آهي. 2، جيڪڏهن هڪ سال تائين برسات نه پوي، فصل نه ٿئي، گاهه به نه اُڀري ته اتي انسانن توڙي جانورن لاءِ کاڌ خوراڪ ٿي سگهي ٿي؟ 3، جيڪڏهن ڪنهن علائقي جي 80 سيڪڙو آبادي هڪ سال تائين بيروزگار ۽ ڪم ڪار کان وانجهيل رهي، ته اُتي جي معيشت، صحت ۽ سماجيات جي صورتحال ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ٿر ۾ ته ائين ئي ٿيو آهي. ڪو ذرو به عقل رکندڙ انهيءَ صورتحال کي معمول جون حالتون چئي سگهي ٿو؟ حڪومت جا عيوضي ۽ ڍنڍورچي وڏي فخر سان چون ٿا ته، ٻار ٻين هنڌن تي به مرن پيا. ڄڻ ٿر ۾ ٻار مئا ته، ڪا فڪر جي ڳالهه ناهي. گڏيل قومن جي ادارن جون رپورٽون ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ، صحت جي سهولتن جي اڻهوند ۽ حامله عورتن ۽ ٿڃ پياريندڙ مائرن جي حالت بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿيون. جيڪڏهن ڏُڪاريل ڏيهه ۾ سانحي واري صورتحال ميڊيا ۾ رپورٽ نه به ٿئي، تڏهن به اهي رپورٽون سرڪار جي پت، ان جي ڪارڪردگي ۽ دعوائن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. اهڙين حالتن ۾ ٻار، جيڪي هونئن ئي گهٽ مزاحمتي قوت رکندڙ آهن، سي آسانيءَ سان بيمارين جو شڪار ٿي اجل جي گود ۾ هليا ٿا وڃن. حڪومت کي انهيءَ ڳالهه تي به ڏک آهي ته، ٿر ۾ رڳو ٻار پيا مرن، جوان ۽ پوڙها ڇو نه پيا مرن. واهه سائين واهه! ڇا ته اسان عيوضي چونڊيا آهن ۽ ڇا ته انهن عوامي عيوضين حڪومت ٺاهي آهي، جيڪا جمهوريت ۽ عوامي هجڻ جو پلي ڪارڊ پنهنجي ڳچيءَ ۾ لَٽڪائي هلي پئي پر پنهنجي جوهر ۾ نه جمهوري ٿي لڳي ۽ نه ئي عوامي. اڳي رڳو نوڪر شاهي پنهنجي ڪوتاهي ڪانه مڃيندي هئي، پر هاڻي مُنهن جي پڪائيءَ جو نئون دور شروع ٿيو آهي، عوامي ماڻهو ۽ سياستدان ڪوتاهي مڃڻ لاءِ تيار ناهن. ڊپٽي ڪمشنر مقرر تاريخ گذرڻ جي ٽن مهينن تائين ڏڪار بابت سرڪار کي رپورٽ ڪانه موڪلي (اها سازش به ٿرين ۽ ميڊيا جي ٿي لڳي). ان رپورٽ جي هڪ مهيني بعد ڊزاسٽر اٿارٽي صوبائي حڪومت کي خط لکي آگاهه ڪيو پر حڪومت ۽ چونڊيل عيوضين جي ڪن تي جونءَ به ڪانه سُري. تن ڏينهن ۾ ميڊيا ۾ گوڙ ٿيو ته، پوءِ حڪومت فيصلو ڪيو ته ٿر ۾ ڇهن مهينن لاءِ مفت ڪڻڪ ورهائي ويندي. پر عمل ڪونه ڪيو ويو. اها ڪنهن جي ڪوتاهي هئي؟ وري ڊسمبر ۾ اشو ٿيو ته، ٻيهر 60 هزار ڪڻڪ جي ٻورين جو اعلان ڪيو ويو. اها ڪڻڪ به ٽن مهينن تائين گودامن ۾ پئي رهي. واضح رهي ته، ميڊيا اهي سموريون حقيقتون پهرئين ڏينهن کان لڳاتار رپورٽ ڪندي رهي. ڏُڪار وگهي هزارن جي تعداد ۾ رڍون مرڻ شروع ٿيون، ان جي هڪ هفتي بعد ميڊيا رپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو. تيستائين سرڪار جا سمورا کاتا، انهن جا عملدار ۽ اسان جا عيوضي سُتا رهيا، ميڊيا جي رپورٽن بعد کين سجاڳي ٿي. جڏهن ٻارڙا مرڻ لڳا ته، ميڊيا رڳو هڪ سرڪاري اسپتال جا انگ اکر پيش ڪيا، ته ميڊيا هائيپ سڏيو ويو. اسپتال ۾ ٿيل ٻارن جي موت ۽ انهن جي بيمارين بابت ٿر توڙي ميڊيڪل يونيورسٽين جا ماهر ڊاڪٽر متفق آهن ته، ٻارن جو موت، ٻارڙن ۽ مائرن ۾ غذا جي کوٽ سبب ٿيو آهي ۽ انهيءَ کوٽ جي پويان سبب ڏُڪار آهي. پر اسان جي حڪومت ۽ عيوضي ڏيڍ ڏاها ٿيو ويٺا آهن، جيڪي ماهر ڊاڪٽرن جي راءِ کي به رد ٿا ڪن. اهو سلسلو جيڪو گذريل آگسٽ کان شروع ٿيو، سو ظاهر ڪري ٿو ته، هڪ ٻئي پٺيان ڪوتاهين جو سلسلو آهي. هاڻي حڪومت ۽ چونڊيل عيوضي پنهنجي انهيءَ هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ جُهونتون ڏيئي رهيا آهن، چونڊيل ايوان جو تقدس پائمال ڪندي اتي غلط بياني ڪري رهيا آهن. همراهه سِينو تاڻي اها ڳالهه به ڪن ٿا ته، ٿر مان ماڻهو چڱي انگ ۾ هر سال بيراجي علائقي ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن ٿا ۽ هاڻي به ائين ڪيائون ته ڪو هرج ڪونهي. ساڃهه وند ماڻهو اها ڳالهه چوڻ ته پري، پر ٻڌندي به ندامت ٿا محسوس ڪن ته، هن ايڪويهين صديءَ ۾ چڱي خاصي آبادي رڳو روزگار لاءِ لڏ پلاڻ ڪري ٿي. سا به هڪ اهڙي علائقي جي، جتي قيمتي گرينائيٽ آهي، چيني مٽي آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته جن جي پيرن هيٺان ڪارو سون آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هڪ سئو سالن تائين ملڪ جي توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو. سرڪاري ڏيڍ ڏاها چون ٿا ته، حڪومت خلاف ٿر جي حوالي سان سازش ٿي رهي آهي. ڏاڍي کِل جهڙي ڳالهه آهي، ڪاش ٿر واسي اهڙي ڪنهن سازش ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هجن ها!! جي هجن ها ته، حڪومت کي هوند انهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ جي همت ئي نه ٿئي ها. ها، جيڪڏهن واقعي ڪا سازش ٿي آهي ته، اها حڪومت پنهنجي پاڻ سان ڪئي آهي، جنهن جي ڪوتاهين، ناانصافين ۽ نااهلين جي ڍڳ ٿيڻ بعد اهو ڌماڪو ٿيو آهي. رڳو مٺيءَ جا هڪ ٻه صحافي ميڊيا جا ڪي ٻه ٽي ادارا ئي نه، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ، رياستي ادارا، گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن جي راءِ ۽ زميني حقيقتون هڪ پاسي آهن، ته وري حڪومت جي غلط بياني ۽ ”سازش جو انڪشاف“ ٻئي طرف آهي. اهي ته قِصا ٿيا وڏي خرچ ۽ وڏي ڏاهپ جا، جنهن جي، لڳي ٿو ته، حڪومت وٽ جهجهي اڻهوند آهي. انهن سمورن واقعن بعد حڪومت رڳو تعلقي اسپتالن تائين به ٻار ۽ عورتن جي بيمارين جو هڪ ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ڪري سگهي آهي. ميڊيڪل ٽيمون پري پري جي ڳوٺن تائين موڪلي نه سگهي آهي. کاڌ خوراڪ جي شين جا آيل امدادي پيڪيٽ ماڻهن تائين نه پهچائي سگهي آهي.حڪومت هن وقت تائين سرڪاري طور پهتل في ڪٽنب 50 ڪلو ڪڻڪ جي ورهاست کي انصاف ڀريو نه ڪري سگهي آهي، جو وفاقي حڪومت طرفان موڪليل امدادي پيڪٽ ارباب غلام رحيم پنهنجن ماڻهن کي ڏنا ۽ پيپلز پارٽيءَ وارن ڪڻڪ پنهنجن ماڻهن کي ڏني. ان کان به وڌيڪ سنجيده سوال اهو آهي ته، حڪومت ٿر بابت ڪا پاليسي، ڪو پلان به نه ٺاهي سگهي آهي. ورنه صوبي ۾ چار اهڙا شهر آهن، جتي يونيورسٽيءَ جي مٿان ٻي، ٽي ۽ چوٿين يونيورسٽي ٺاهي رهي آهي. پر ٿر ۾ يونيورسٽي ته پري جي ڳالهه، انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليج به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٻن مکيه شهرن ۾ اهڙيون سرڪاري بلڊنگون موجود آهن، جتي رڳو هڪ اعلان سان ڇاڇري ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي/ڪاليج ۽ مٺي ۾ ميڊيڪل ڪاليج کولي سگهجي ٿو. ٿر ڄاوا ڊاڪٽر بيکا رام ۽ ڊاڪٽر ڀواني شنڪر، ڊاڪٽر خانجي، ڊاڪٽر پرڌان ۽ ٻيا ڊزن کن ماڻهو بنا پگهار پنهنجون خدمتون آڇڻ لاءِ تيار آهن. حڪمرانن ۽ عيوضين جي حضور ۾ هڪ دفعو وري ادب جا هٿ ٻڌي گذارش ڪنداسين ته، ٻيلي ڏاها ٿيو، اکيون نه پوريو ۽ نه ئي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهو. ڪوتاهي ٿي سا ٿي، هاڻي ته مڙس ماڻهو ٿي ان جو ازالو ڪريو.

Labels: , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home