Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

ڳالهين جو هٿ ناٽ ڇو ڪيو ويو؟ 19 فيبروري 2014ع

ڳالهين جو هٿ ناٽ ڇو ڪيو ويو؟
سهيل سانگي
اربع 19 فيبروري 2014ع

حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ ٻه هفتا اڳ شروع ٿيل ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويون آهن. رزاق آباد (ڪراچي) ۾ پوليس گاڏيءَ تي حملي ۽ مهمند ايجنسيءَ ۾ ٽي سال اڳ پڪڙيل ايف سي اهلڪارن جي طالبان هٿان قتل بعد حڪومتي ٽيم اعلان ڪيو آهي ته ڳالهيون جاري رکڻ جو هاڻ ڪو رستو نه بچيو آهي. طالبان سان جيئن ئي ڳالهيون شروع ٿيون ته آمريڪا کي چئي ڊرون حملا بند ڪرايا ويا ۽ طالبان به جنگ بنديءَ تي راضپو ڏيکاريو، ائين آسرو ڏنو ويو ته في الحال جنگ بندي آهي ۽ ڳالهيون اڳتي وڌنديون، پر عملي طور طالبان واري پاسي کان جنگ بندي نه ٿي، انهن جي طرفان مختلف وارداتون ٿينديون رهيون ۽ نه رڳو ايترو، بلڪه طالبان طرفان تنظيمي طرح ان جي ذميواري به قبولي وئي. ٿي ائين رهيو هو ته حڪومت طرفان ڳالهين ڪرڻ ۽ ان لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ لاءِ جيڪو به قدم کنيو ٿي ويو، طالبان طرفان هر قدم تي رياست تي دٻاءُ وڌي رهيو هو. هو اهڙيون جنگي ڪارروايون ڪري حڪومت کي وڌيڪ جهڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ائين ڄڻ اهو پيغام ملي رهيو هو ته اهي طاقت جو استعمال جاري رکندا، جنهن مان تجزيه نگار اهو نتيجو ڪڍي رهيا هئا ته، اهي سڀ اٽڪلون ان لاءِ ڪيون پيون وڃن ته، جيئن ڪنهن ٺاهه جي صورت ۾ طالبان وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪري سگهن. جڏهن ڳالهيون شروع ٿيون ته پوري ملڪ ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ جو ماحول جوڙيو ويو هو. عام توڙي خاص راءِ اها ٺاهي ويئي ته ڳالهيون شروع نه ڪيون ويون ته صفا آسمان ڪري پوندو. ”ڏاڍي خراب صورتحال آهي“ ..... ”حڪومت پڄي ڪانه سگهندي“ ..... ”ان کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي“ وغيره وغيره. ان دوران ئي عمران خان جو بيان آيو ته کيس نواز شريف ٻڌايو هو ته جنرل ڪياني جو خيال آهي ته، جيڪڏهن آپريشن ڪيو ويو ته ان جي ڪاميابي جا 40 سيڪڙو امڪان آهن، يعني ڪامياب نه ٿيڻ جا 60 سيڪڙو امڪان آهن. جيڪڏهن تڏهوڪي جنرل ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي به هئي ته ان کي کولڻ لاءِ هي وقت چونڊيو ويو، جڏهن ڳالهيون ٿيڻيون هيون. يعني ماڻهن ۾ اهو تاثر ڏنو وڃي ته آپريشن ڪو آپشن ڪونهي، ڇاڪاڻ جو اهو ڪامياب نه ٿيندو. ميڊيا کي ڊيڄارڻ لاءِ طالبان جي ”هِٽ لسٽ“ شايع ٿي. ائين خوف واري فضا جا ڪڪر ملڪ تي ڇائنجي ويا ۽ ڳالهيون “Hobson’s Choice” ٿي ويون. ملڪ جي سنجيده حلقن وٽان انهن ڳالهين جي مخالفت ٿي رهي هئي پر سڀ کان چٽو سياسي آواز بلاول ڀٽو زرداريءَ جو هو، جنهن بهرحال انهن ڳالهين جي مخالفت ڪئي. انهن حلقن جو خيال هو ته ائين ڪرڻ سان طالبان کي قانوني، سياسي ۽ اخلاقي طور مڃتا ملي ويندي ۽ پوءِ اهي ڳچيءَ جو ڳٽ بڻجي ويندا، سندن فرمائشون وڌي وينديون. سندن اهو به چوڻ هو ته جيڪا ڌر ملڪ جي آئين، قانون، پارليامينٽ ۽ ادارن کي نٿي مڃي، ان سان ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن. بهرحال ڳالهيون شروع ڪيون ويون، ان دوران طالبان جا مطالبا سامهون آيا ۽ ان تي مولانا عبدالعزيز، مولانا سميع الحق جا بيان به سامهون آيا ۽ جن صورتحال کي هيڪاري وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه ڌرين جون غلط فهميون به دور ٿي ويون. ان صورتحال ملڪ اندر موجود ڌرين جي سوچ کي وڌيڪ واضح ڪيو. ملڪ اندر جيڪڏهن دانشور ۽ عوامي حقن کي نه به ڳڻجي تڏهن به ٽي وڏا اسٽيڪ هولڊر آهن، جيڪي ڳالهين تي سڌي يا اڻ سڌي طرح انداز ٿي سگهن ٿا. اهي آهن؛ حڪومت، مجموعي طور سياسي ڌريون ۽ عسڪري قوت. حڪومت پنهنجي جاءِ تي آهي، پر حڪمران جماعت بطور سياسي پارٽي به آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سياسي قيادت، جنهن ۾ حڪمران جماعت به شامل آهي، سا انهن ڳالهين، ان جي طريقي ڪار، مذاڪراتي ٽيم بابت متفق ناهي. نواز ليگ، عمران خان ۽ جماعت اسلاميءَ جو هڪڙو موقف آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم جو ٻيو موقف آهي، جن کي انهن ڳالهين بابت نه پارليامينٽ جي اندر ۽ نه ئي ان کان ٻاهر اعتماد ۾ ورتو ويو. مولانا فضل الرحمان پنهنجي پر ۾ ناراض به آهي پر حڪومت سان گڏ هجڻ ڪري ڳالهين واري عمل جي حمايت ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن مذهبي ڌرين کي ڏسجي ته شدت پسند جنگجو گروهن کي ڇڏي، باقي ڌريون اهڙي طرح جي ڳالهين جي حمايت نه پيون ڪن. خود اهل تشيع ۽ بريلوي حلقو به انهن ڳالهين سان متفق ناهي. جيستائين عسڪري ڌرين جو تعلق آهي ته اهي به حڪومت جي طور طريقن کان ٿورو پر ڀرو بيٺل آهن. اهڙي صورت ۾ جڏهن نه سياسي ڌريون متفق آهن، نه مذهبي ۽ عسڪري ڌريون، ته پوءِ ڳالهين کي مڃتا نٿي ملي سگهي. اها ڳالهه هيڪاري وڌيڪ حڪومتي اپائن کي شڪي بڻائي ڇڏي ٿي، جڏهن چيو ٿو وڃي ته نواز شريف جي رڳو پنجاب سان دلچسپي آهي ته ان کي ڪهڙي طرح دهشتگرديءَ جي لپيٽ کان بچائي سگهجي ٿو. اهو ڏوراپو ان وقت شدت اختيار ڪري وڃي ٿو، جڏهن نظر اچي ٿو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي انهن ڳالهين، انهن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جي صورت ۾ پوندڙ اثرن بابت اعتماد ۾ ئي نه ورتو ويو. انهن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ٻن حوالن سان ضروري هو. هڪ اهو ته، دهشتگردي واقعن، ۽ امڪاني آپريشن جي صورت ۾ لڏ پلاڻ وغيره جا اثر ٻن صوبن، خاص ڪري سنڌ تي پوندا. ٻيو اهو ته نواز ليگ کڻي مرڪز ۾ اڪثريت ۽ حڪومت ۾ هجي، پر انهن ٻن صوبن ۾ ان جي تنظيم جو وجود به نظر ڪونه ٿو اچي. اهڙي طرح سان اها سنڌ بابت يا ان تي پوندڙ اثرن بابت ڪو فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. جيئن ڳالهيون شروع ٿيون ته هيٺين سطح تي به چوٻول ۽ بحث اهو هو ته حڪومت طالبان کي ڪيتريون رعايتون ڏيڻ واري آهي، انهن جا ڪهڙا ۽ ڪيترا مطالبا مڃڻ واري آهي؟ انهن مطالبن جو 5-10 سالن ۾ اثر ڪهڙو پوندو؟ انهيءَ بحث ۽ ڳالهين دوران آيل مطالبن تي ورهائجي ويل مکيه ڌرين جي موقف سبب ماڻهو سوال به ڪرڻ لڳا ۽ اظهار به ڪرڻ لڳا. انهن سوالن ۽ اظهار کي روڪڻ جو طالبان وٽ اهو ئي طريقو هو ته وڌيڪ ڏهڪاءُ پيدا ڪن ۽ پنهنجون ڪارروايون شروع ڪن. هاڻ صورتحال اها آهي ته جيڪڏهن انهن ڳالهين ۾ حڪومت کي بيوقوف بڻائي Manipulate نٿو ڪري سگهجي ته طالبان وڌيڪ ڳالهين لاءِ تيار نه ٿيندا، ان جي بدران هو شايد آپريشن لاءِ تيار هجن. ڳالهين جي ڊيڊ لاڪ بعد حڪومت به ميڊيا جي خبرن موجب، جنگ لاءِ تياري پئي ڪري. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسين هڪ دفعو وري جنگ جي ڪنڌيءَ تي آهيون ۽ اها جنگ ساڄي ڌر جي نعري کي مضبوط ڪرڻ بعد لڙي ويندي. جيڪڏهن ائين هو ته پوءِ ڳالهين جو هٿ ناٽ ڇو ڪيو ويو؟ ۽ ڳالهين واري انهيءَ مليل مهلت ۽ وقت جو فائدو ڪهڙي ڌر کي پيو؟ ڳالهه اها آهي ته ڪي ڌريون حڪومت بچائڻ جي چڪر ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿيون. هن وقت سوال حڪومت جي بدران نظام ۽ ملڪ کي بچائڻ جو وڌيڪ آهي. نظام، جنهن ۾ سياست، معيشت، پارليامينٽ، عدليه، سماجيات، سڀ ڪجهه شامل آهي.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home