پاڪ- ڀارت واپار جو فائدو به پنجاب کي 13 فيبروري 2014ع
سهيل سانگي
پاڪ-ڀارت واپار جو فائدو به پنجاب کي
خميس 13 فيبروري 2014ع
نواز ليگ حڪومت تازو پاڪ- ڀارت واپاري ڳالهين دوران اها نويد ڏني آهي ته پاڪستان ڀارت کي پسنديده ملڪ (موسٽ فيورڊ نيشن) جو درجو ڏيڻ وارو آهي، بشرطيڪه ڀارت پاڪستان جي اڍائي کان ٽي سئو تائين اسمن کي پنهنجي مارڪيٽ ۾ جڳهه ڏئي. خيال آهي ته ان شرط مڃڻ بعد ڀارت کي ڪيڏي به مهل اهو رتبو ڏيڻ جو اعلان ٿي ويندو. پاڪستان جي اها فرمائش آهي ته ڪجهه شين تي ڀارت ڊيوٽي جو ريٽ به گهٽ ڪري. ٻنهي ملڪن جي معيشت جي ڄاڻ رکندڙ جو چوڻ آهي ته اهڙي حيثيت ڏيڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته اٽڪل 1209 اسمن کي منفي لسٽ مان خارج ڪيو وڃي، يعني في الحال اهي اسم روانگي توڙي آمدني واپار واري لسٽ ۾ شامل ناهن. ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ تعلقات ڇڪتاڻ وارا رهيا آهن، ٽي جنگيون وڙهي چڪا آهن، هڪ ٻئي سان فوجي مقابلي ۾ بجيٽ جو وڏو حصو دفاعي خرچن تي استعمال ڪندا رهيا آهن. ٻنهي جي ناتن جي حساسيت اها آهي، جو معمولي ڳالهه تي به ڀڙڪي اٿندا آهن.
گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان پنجاب ۾ صنعتي ۽ زرعي ترقيءَ بعد ڀارت جي باري ۾ مختلف سوچ پيدا ٿيڻ ۽ سامهون اچڻ شروع ٿي. پنجاب کي پيداوار لاءِ ملڪي مارڪيٽ شايد سوڙهي يا ننڍي محسوس ٿي رهي آهي، کيس وري روانگي واپار لاءِ پهرين پرڏيهه ۾ مارڪيٽ ڳولهڻ ۽ ان بعد وري پنهنجو مال ڪراچيءَ جي سامونڊي بندرگاهن تي موڪلڻو هو، سو ڪنهن ڏاهي جي ڏس تي پاڙي وارن سان واپار ڪرڻ واري به سوچ پيدا ٿي. لاهور- دهلي بس سروس، واهگه جو رڳو سرحد پار ڪرڻ وارو هنڌ ئي نه پر تفريحي هنڌ ٿيڻ، ماضيءَ ۾ ٿيل گجرال- نواز شريف ڳالهيون پڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهن. ڏيڊ ٻه سال کن اڳ تڏهوڪي آرمي چيف جنرل ڪيانيءَ به بيان ڏنو ته ملڪ کي خطرو اوڀر جي سرحدن کان نه پر اندروني طور تي آهي. ائين ڄڻ انڊيا سان ناتا سڌارڻ بابت ملڪ جي سگهاري اداري طرفان پڻ اشارو ملي ويو. ڀارت 1996ع ۾ ئي پاڪستان کي ”پسنديده ملڪ“ جو درجو ڏنو هو. تعجب جي ڳالهه اها آهي، جو ان جي باوجود ڀارت پاڪستاني شين جي پنهنجي مارڪيٽ تائين رسائيءَ جي وٿي نه ڏني. ان جي ابتڙ پاڪستان جيتوڻيڪ ڀارت کي موسٽ فيورڊ نيشن جو اڃا درجو نه ڏنو آهي، پر پوءِ ان رڳو گذريل سال 1809 ملين ڊالرن جون شيون اتان گهرايون، جڏهن ته ڀارت ڏانهن پاڪستان جو روانگي واپار ان جي ٽئين پتيءَ جيترو مس آهي.
عالمي معيشت ۽ عالمي سياست ۾ موسٽ فيورڊ نيشن جو درجو يا سطح ان کي چيو ويندو آهي، جيڪو درجو هڪ ملڪ ٻئي ملڪ کي روانگي واپار ۾ ڏيندو آهي. ان بعد ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان ترجيحي بنيادن ۽ سطح تي واپار ڪندا آهن. اصل ۾ عالمي واپاري تنظيم (ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن) جا ميمبر ملڪ هڪ ٻئي لاءِ واپار جي حوالي سان پسنديده ملڪ ئي آهن پر پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اهو ٻنڌڻ عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو آهي. سياسي حڪمت عملي وغيره جي حوالي سان ڀارت سان واپار جي مخالفت پنهنجي جاءِ تي پر زرعي حلقن کي به ڀارت سان واپار بابت تحفظات آهن. ان کان علاوه دوائون ٺاهيندڙن، آٽو پارٽس، آٽو موبائيل، فائبر وارو ڪپڙو ٺاهيندڙن کي پڻ اعتراض آهن.
واپار لاءِ سازگار ماحول نهايت ضروري هوندو آهي ته جيئن سيڙپڪار بنا ڪنهن خوف جي اچي سگهن. بدقسمتيءَ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن، جيڪي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ گهربل ماحول جي نفي ڪندا آهن. جيڪڏهن حڪومت واقعي به پاڙيسري ملڪ سان وڏي پيماني تي واپار ڪرڻ گهري ٿي ته ٻنهي ملڪن کي سرحد پار حالتون ۽ ماحول اطمينان جوڳو رکڻو پوندو. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت 2012ع ۾ ڀارتي شين لاءِ پاڪستان جي مارڪيٽ کولي هئي، پر مئي 2013ع وارين چونڊن ويجهو هجڻ ڪري ان فيصلي تي پوريءَ طرح عمل نه ٿي سگهيو. هينئر جڏهن ڀارت ۾ به چونڊون ٿي رهيون آهن، تڏهن نواز شريف حڪومت اهڙي آڇ ڪئي آهي، جيڪو ڪانگريس حڪومت لاءِ ڄڻ سنهري موقعو آهي. ظاهر آهي ته پاڪستان ان موقعي مان فائدو وٺڻ گهرندو، ڇاڪاڻ جو پاڪستان مڪمل طور پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ واري مدت ٽن سالن مان گهٽائي 45 ڏينهن ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ته اها آڇ ڪري ڇڏي آهي، هاڻي جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي، سو نئين دهليءَ کي ڪرڻو آهي.
حڪومت رسمي طور ته اهو چئي رهي آهي ته پاڪستان ڀارت کي پنهنجي مارڪيٽ تائين بنا فرق يا امتياز جي پهچڻ جو موقعو ڏنو آهي، لڳي ٿو ته ”بنا فرق يا امتياز جي مارڪيٽ تائين پهچ“ وارو اصطلاح پسنديده قوم واري اصطلاح جو نئون نالو آهي، ڇاڪاڻ جو انهن ٻنهي جي عملي شڪل ساڳي آهي. پاڪستان ڀارت کي پسنديده ملڪ ان ڪري به قرار نه ڏيندو، جو ڪجهه حلقا ان اصطلاح کان ڏاڍو هٻڪن ٿا، تنهن ڪري نواز ليگ حڪومت ان ڏس ۾ پنهنجو سياسي نقصان ڪرڻ بنا نئين اصطلاح تحت پنهنجو ڪم ڪرڻ گهري ٿي. پاڪستان جن شين جي ڀارتي مارڪيٽ تائين رسائيءَ جي فرمائش ڪئي آهي، سي ڏکڻ ايشيا فري ٽريڊ ايريا SAFTA جي حساس لسٽ ۾ شامل آهن، انهن ۾ ٽيڪسٽائل، ڪيميڪل ۽ ٻيون اهڙيون شيون وڏي پيماني تي شامل آهن، جيڪي ٻاهران گهرائڻ جي صورت ۾ ڀارت ۾ ڳرو ٽيڪس لڳندو آهي پر پاڪستان پنهنجي فرمائش واري لسٽ ڀارتي حڪومت حوالي ڪري ڇڏي آهي. نواز شريف حڪومت جي ڀارت سان اهڙي نرم دليءَ ۾ ڪجهه گهرو (Domestic) اشو جو وڏو عمل دخل آهي، خاص ڪري پنجاب فيڪٽر، ۽ ڪجهه اثر عالمي مالياتي فنڊ جو به ٿي سگهي ٿو، جنهن تازو اها فرمائش ورجائي آهي ته ڀارت سان واپار وڌايو وڃي.
پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف گذريل سال ڊسمبر ۾ نئين دهليءَ جو دورو ڪيو. ان دوري سبب ئي ڪيترن سالن کان لٽڪيل ”ڊيل“ لاءِ حالتون سازگار ٿي سگهيون. هن دوري ۾ واپار وارو مملڪتي وزير خرم دستگير خان به شهباز شريف سان گڏ هو. ان موقعي تي ڀارتي وزير اعظم من موهن سنگهه پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي اها ڳالهه مڃي ته سرحدي واپار وڌائڻ لاءِ خاص ڪميٽيءَ جو اجلاس سڏايو وڃي. تازو واپار بابت ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي ان سلسلي جي ڪڙي آهي. جنوريءَ ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته دهلي رواني ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ خرم دستگير خان کي مملڪتي وزير جي عهدي مان ترقي ڏيئي مڪمل طور واپار وارو وزير بڻايو ويو، کيس دهليءَ وڃڻ لاءِ خاص جهاز پڻ ڏنو ويو. با اختيار واپار وارو وزير ٿيندڙ خرم دستگير کي اهو به اختيار ڏنو ويو ته هو ڀارت کي گهٽ ۾ گهٽ مدت ۾ پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ جي آڇ ڪري. هي دورو دراصل وزير اعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز جي گذريل سال نومبر واري اجلاس جي تسلسل ۾ هو.
مختلف اعلانن ۽ ٻنهي ڌرين جي بيانن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ان واپاري ٺاهه جو فائدو ٻن پنجابن يعني پاڪستان جي پنجاب ۽ ڀارت جي پنجاب کي پوندو، ڇاڪاڻ جو ائين ڪرڻ سان انهن ٻنهي پنجابن جي وچ ۾ زميني رستي واپار وڌندو. واهگه بارڊر کلڻ بعد سمنڊ رستي ڪراچيءَ ذريعي ٿيندڙ واپار جو رخ موڙي زميني رستي ڏانهن ٿي ويندو، ان ڏس ۾ ڪجهه وڌيڪ چٽا اهڃاڻ به مليا آهن. حڪومت سموريون شيون واهگه سرحد تي گهرائڻ ۽ موڪلڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪيڏي مهل به اعلان ٿي ويندو. ياد رهي ته هن وقت رڳو 137 شين جي واهگه رستي واپار جي اجازت آهي. زميني واپار جي کلڻ ۽ اتان سمورين شين جي واپار جو نتيجو اهو نڪرندو جو روانگي واپار ڪراچيءَ کان لاهور منتقل ٿي ويندو. هوڏانهن حڪومت ايندڙ چند هفتن ۾ واهگه کي ڊرائي پورٽ جو به درجو ڏيڻ واري آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ عرصي ۾ ئي ڪنٽينرس جي ڪارگو شروع ٿي ويندي. واهگه تي واپار لاءِ گيٽ به وڌايا پيا وڃن. اها ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي ناهي ته سنڌ حڪومت لڳاتار وفاقي حڪومت کي واهگه جي طرز تي کوکرا پار – موڻا ٻائو سرحد تي واپار جي اجازت لاءِ چوندي رهي آهي پر هن پاسي کان 137 شين جي واپار جي به اجازت ناهي، ان ڪري ويجهڙ ۾ سنڌ ۽ راجسٿان رستي زميني واپار کلڻ جو ڪو امڪان نٿو لڳي.
Labels: Kawish, Sindh, پاڪ-ڀارت, پنجاب, سهيل سانگي
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home