حڪومت-طالبان ڳالهيون ۽ خوف ۾ ورتل سنجيدهه حلقا
سهيل سانگي
اڱارو 04 فيبروري 2014ع
طالبان ۽ حڪومت جون ٽيمون اڄ اڱاري ڏينهن ڳالهيون شروع ڪرڻ واريون آهن، انهن ڳالهين جو نه ڪو فريم ورڪ آهي ۽ نه ئي وري ڪا ايجنڊا. ساڳي ريت ڳالهين شروع ڪرڻ لاءِ گهربل سازگار ماحول، جيڪو جڳ جهان ۾ پهرئين شرط طور مڃيو ويندو آهي، يعني ”سيز فائر“- سو به ٿيل ناهي. ٻين لفظن ۾ اهو ته خود اهي ٽئي بنيادي ۽ ضروري شيون به ڳالهين دوران طئي ٿينديون، ان جو مطلب اهو آهي ته اهي ڳالهيون گهڻي ڊيگهه ڪري وينديون، اها ڊيگهه ان ڪري به ٿيندي، جو ڳالهيون ڪندڙ ٽيمن ۾ ٻئي ڌريون اڻ سڌيءَ طرح شامل آهن، ٻنهي ٽيمن ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو شامل ناهي، جيڪو فيصلي سازي ڪري سگهي يا پختي طريقي سان ڪي واعدا وعيد ڪري سگهي، ڪنهن شيءَ بابت ڪا حتمي ڳالهه ڪري سگهي يا پڪ ڏياري سگهي. حڪومت جي ٺاهيل ٽيم ۾ وزير اعظم جو قومي معاملي بابت صلاحڪار عرفان صديقي، اڳوڻو آءِ ايس آءِ جو آفيسر رٽائرڊ ميجر عامر، سينيئر صحافي رحيم الله يوسف زئي ۽ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ۽ افغانستان ۽ پاڪستان جو سفير رستم شاهه شامل آهن. طالبان جي ٽيم ۾ پروفيسر محمد ابراهيم (جماعت اسلامي)، مولانا سميع الحق (جي يو آءِ -ايس)، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ڪفايت الله، لال مسجد اسلام آباد جو خطيب مولوي عبدالعزيز ۽ تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان آهن. ٻنهي ٽيمن جا نالا پڙهي اها ڳالهه صاف ٿي وڃي ٿي ته سواءِ ٻن صحافين يعني عرفان صديقي ۽ رحيم الله يوسفزئي کي ڇڏي باقي سڀ طالبان لاءِ نرم دل رکندڙ آهن ۽ شروع کان ساڻن ڳالهيون ڪرڻ جا حامي رهيا آهن، ايتري قدر جو سياسي ڌريون عمران خان کي طالبان خان ۽ مولانا سميع الحق کي طالبان جو ابو ڪوٺينديون رهيون آهن. لال مسجد جو خطيب پنهنجي مذهبي تنگ نظريءَ لاءِ مشهور آهي، هن حڪومت سان ڳالهين ۾ ويهڻ لاءِ پهريون شرط اهو رکيو هو ته ملڪ ۾ شريعت (مخصوص) لاڳو ڪرڻ قبول ڪيو وڃي ته پوءِ هو ڳالهين ۾ ويهندو. تعجب جي ڳالهه اها به آهي ته حڪومتي ٽيم ۾ شامل ميجر عام خان ته نالي چڙهيو آهي، هن مشرف درو ۾ به ملا فضل الله سان ڳالهايو هو. تازي صورتحال اها آهي ته طالبان جي ٽيم مان جي يو آءِ (ف) پنهنجي عيوضي مولانا ڪفايت الله ۽ عمران خان پاڻ کي ڌار ڪري ورتو آهي، مونالا فضل الرحمان طالبان جو پاسو ڇڏي حڪومت جي امن وارين ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ساڳي طرح عمران خان پاڻ ته طالبان جي ٺاهيل ٽيم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر حڪومت جي ٽيم ۾ ويٺل پنهنجي جماعت جي عيوضي رستم شاهه کي برقرار رکيو آهي، ائين ڄڻ انهن ٻنهي جماعتن طالبان جي بدران حڪومتي موقف ڏي اچڻ جو رخ ڏيکاريو آهي، اهي ٻئي اڳواڻ هن کان اڳ نه رڳو ڳالهين لاءِ زور ڀريندا رهيا آهن، بلڪه مولانا فضل الرحمان ته ماڳهين ٽياڪڙيءَ لاءِ به پاڻ آڇيندو رهيو آهي، ان صورتحال ۾ لڳي ٿو ته حڪومت ڳالهين وارو آپشن استعمال ڪرڻ بعد ڪو ٻيو ايڪشن به کڻڻ گهري ٿي. طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ نواز شريف لاءِ ان ڪري ضروري ٿي پيو هو، جو سندس سمورا فطري ۽ حڪمت عملي وارا اتحادي، جنهن کي ساڄي ڌر چيو وڃي ٿو، ڳالهين لاءِ زور ڀري رهيا هئا، جيڪڏهن نواز شريف ائين نه پيو ڪري ته پنهنجي فطري ۽ حڪمت عملي واري اتحادين جي غير موجودگي ۾ پاڻ کي اڪيلو پيو محسوس ڪري، ان سوچ جو عڪس سندس جوڙيل ٽيم مان به ملي ٿو، اها ٽيم فطري ۽ حڪمت عملي واري لڏي سان واسطو رکندڙ آهي، ان ڪري ئي هن پاڻ يا پارٽي مان پنهنجي اعتماد واري يا وري ڪو فيصلو ڪرڻ واري ماڻهو کي موڪلڻ بدران اهڙن ماڻهن کي ئي ڳالهين لاءِ موڪليو آهي. هڪ جهڙائي رکندڙ ٽيمن جي موجودگي ۾ ڳالهيون ڪهڙيون ٿينديون، ان جو جواب ڪو گهڻو ڏکيو ڪونهي، اها ڳالهه دلچسپي کان خالي ناهي ته ٻنهي ٽيمن جا ميمبر نه رڳو فطري ۽ حڪمت عملي جي حوالي سان هڪجهڙائي رکن ٿا، بلڪه هونئن به هڪ ٻئي سان ملندا، خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهيا آهن، يا ڪري پيا سگهن. عمران خان کڻي پاڻ کي ڳالهين ۾ طالبان واري پاسي کان رکندو پيو اچي ته ڇا ٿي پيو؟ حڪومتي پاسي کان ته سندس ماڻهو رستم شاهه ويٺو آهي. هونئن به اها وڏي مشڪري ٿي وڃي ها ته پارٽيءَ جو سربراهه هڪڙي ڌر جي طرفان ڳالهيون ڪري ها ۽ ان جو ٻيو اڳواڻ وري ٻي ڌر جي نمائندگي ڪري ها! هڪ حلقو اهڙو به آهي، جنهن جو خيال آهي ته ڳالهين جو بنيادي نقطو سيز فائر هوندو، يعني حڪومت ۽ طالبان ٻئي هڪ ٻئي خلاف ڪاررواين بابت جنگبندي ڪن، جيڪڏهن اهي ئي جنگبندي ڪندا به ته آمريڪا جي ڊرون حملن نه ڪرڻ جي ڪير خاطري ڏياريندو؟ جي خاطري ناهي ٿي پوءِ ڇا طالبان ۽ حڪومت ئي هڪ نڪتي تي اچي بيهنديون ته ٻئي گڏجي آمريڪا کي للڪارين ۽ ڊرون حملن کي روڪين. جي اهو ٿئي ٿو ته ڪنهن جي ايجنڊا اڳتي وڌندي، اها پڻ سوچڻ جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ٻئي ٽيمون ڪجهه اهم ڳالهين تي متفق ٿي ٿيون وڃن ته ڇا ٿيندو؟ طالبان جو ته مطالبو ئي اهو آهي ته ملڪ جو موجوده آئين ۽ آئيني ادارا، سمورو سياسي، سماجي عدالتي ۽ انتظامي نظام ئي غلط آهي ۽ هو ان کي نٿا مڃين ۽ ان جي جاءِ تي خاص قسم جو نظام آڻڻ گهرن ٿا. حڪومتي ٽيم، جيڪا اهڙي قسم جا ئي خيال رکي ٿي، سا جيڪڏهن اهي ڳالهيون مڃي ٿي وٺي ته پوءِ ان جو هڪ اشارو وزير داخلا چوڌري نثار علي جي بيان مان به ملي ٿو، جنهن جو چوڻ آهي ته طالبان جون ڪي ڳالهيون مڃي سگهجن ٿيون. اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي مڃي سگهجن ٿيون؟ گهٽ ۾ گهٽ موجوده حڪومت کي ڪو به اهڙو مينڊيٽ حاصل ناهي ته اها ملڪ جي آئين، جمهوري ۽ عدالتي توڙي انتظامي نظام کي تبديل ڪري. ڇا حڪومت ماڻهن جي راءِ ۽ حقن جي سودي بازي ڪري وٺندي؟ يا تاريخ جي ڦيٿي کي پوئتي ڦيرائيندي، ان باري ۾ سنجيده حلقن ۾ ڊپ آهي.
Labels: Kawish, سهيل سانگي
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home