هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ سان فائدو ڪنهن کي ٿيو؟
جمع 10 جنوري 2014ع
متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين جي سنڌ ورهائڻ بابت تازي بيان ۽ سنڌ جي سياسي ڌرين جي موٽ سياسي ڪارڪنن ۽ ماڻهن لاءِ اڌ ڊزن کان مٿي سبق ۽ سمجهاڻيون ڇڏيون آهن. جيئن ته هن صورتحال بابت ڪيترائي سوال آهن، جن مان ڪن جا جواب ٽڙ پکڙ صورت ۾ ڏنا به ويا آهن، پر سموري تصوير کي سمجهڻ لاءِ پس منظر ۾، ڪهڙو قدم ڇا جي ڪري ٿيو، کي ڄاڻڻ ضروري آهي. الطاف جي بيان جا ڪارڻ الطاف حسين اهڙي صورتحال ۾ بيان ڏنو، جڏهن صوبي اندر مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن، جنرل مشرف وارو ڪيس فيصلائتي موڙ تي آهي، ملڪ کان ٻاهر يعني لنڊن وارو ڪيس به سوڙهو ٿي رهيو آهي، جنهن کي برطانوي حڪومت توڙي اتان جي پوليس ڏاڍي احتياط سان هئنڊل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ان کي ڪو سياسي رنگ نه ملي سگهي. هڪ نظر ۾ الطاف جي انهيءَ ڳالهه ۾ ڪا نواڻ نظر ڪانه ٿي اچي، ڇاڪاڻ جو هو هن کان اڳ به اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي، ان بعد پاڪستان ۾ موجود متحده قيادت ان جون وضاحتون ڪندي رهي آهي پر هن ڀيري هن جن لفظن ۾ چيو ۽ سنڌ سان گڏوگڏ ملڪ جي باري ۾ ڳالهايائين، اسان جي مين اسٽريم ميڊيا جنهن لاءِ سنڌ جا معاملا خير سلا جهڙي ڳالهه رهيا آهن، سا هن ڀيري ان ڪري به سرگرم ٿي وئي، جو ايم ڪيو ايم اڳواڻ ملڪ ورهائڻ ۾ به هٿ وڌا. سندس تقرير ۾ مڪاني ادارا، مشرف ڪيس ۽ لنڊن ڪيس جي مخالفت ڪيل آهي. بلڪ تازي تقرير ۾ هو ان حد تائين به ويو ته مشرف خلاف تڪڙي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جو هو اردو ڳالهائيندڙ آهي. دراصل لنڊن ۾ هلندڙ ڪيسن جيئن پنهنجي منطقي نتيجي ڏانهن وڌي رهيو آهي، ان مان به کيس ڊپ آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارٽيءَ اندر سخت گير ڪيڊر کي اڳيان آندو ويو آهي. تجزيه نگارن موجب، هي اهو ڪيڊر آهي، جيڪو متحده جو نه پر مهاجر قومي موومينٽ جو ڪيڊر آهي. اهڙو حوالو الطاف جي تقرير ۾ به ملي ٿو، جڏهن هو چوي ٿو ته، هو نه هوندو ته بعد ۾ ڪارڪن مختلف رويو رکندا، وغيره. اصل ۾ ايم ڪيو ايم اندر اختلاف، جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان پچي رهيا هئا، تن کي منهن ڏيڻ لاءِ اٻهرائيءَ ۽ اڳرائيءَ واري نعري جو سهارو ورتو. سنڌ جي سياسي دانشورن جو خيال آهي ته سنڌ کي لساني بنيادن تي ورهائجي، اها الطاف ۽ متحده جي نيت ضرور آهي پر سندس تازو بيان انتها درجي جي بليڪ ميلنگ ڪري مڪاني ادارن ۾ وڌ ۾ وڌ سهولتون ۽ فائدا وٺڻ آهي. هن وقت تائين پيپلز پارٽيءَ کيس ٽي کن صوبائي وزارتون ته آڇي رهي آهي پر ان کان اڳتي نٿي وڌي. ان ڪري مڪاني ادارن ۾ وڌيڪ حصو وٺڻ لاءِ ايم ڪيو ايم هن انتها تي کيڏي رهي آهي. هڙتال جو سڏ: اياز لطيف پليجي طرفان تڪڙ ۾ ۽ اڪيلي سر هڙتال جي سڏ ڏيڻ کي تڪڙ ۽ اٻهرائي سڏيو پيو وڃي. اها ڳالهه تازو ٿيل قومپرستن جي گڏجاڻيءَ ۾ به ڪئي وئي. سنڌ جي قومپرست ڌرين کي به اها شڪايت رهي آهي ته اڳ به مختلف موقعن تي عوامي تحريڪ تڪڙ ڪندي آهي، جنهن سبب هڪ پاسي سمورين ڌرين کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ بنا قدم کنيو وڃي ٿو، ته ٻئي طرف خود اتحادي ڌرين ۾ پڻ غلط فهميون پيدا ٿين ٿيون، انهن ٻنهي جو نتيجو تحريڪ کي نقصان پهچڻ جي صورت ۾ نڪري ٿو. بقول هڪ سياسي دانشور دوست جي ته، هن کان اڳ اهڙي تڪڙ عوامي تحريڪ کي ڦٻي ويندي هئي پر هن ڀيري Bounce ڪيو آهي. ان ڳالهه تي اڪثر ڌريون متفق آهن ته اياز کي نه تڪڙ ۾ هڙتال جو سڏ ڏيڻ گهرجي ها ۽ نه ئي وري ايڏو تڪڙ ۾ واپس وٺڻ گهرجي ها. سڏ واپس ڇو ورتو ويو؟ تڪڙ ۾ هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ تي سڄي سنڌ ۾ اعتراض واريا پيا وڃن ۽ سوال اٿاريا پيا وڃن. سڀ کان وڏو اعتراض طريقيڪار ۽ ٽياڪڙيءَ تي آهي. ٽياڪڙي ارباب رحيم ڪري ٿو، جيڪو پاڻ تڪراري ماڻهو رهيو آهي. هو مشرف جو ساٿاري رهيو ۽ ان دور ۾ ايم ڪيو ايم جو زبردست اتحادي پڻ. ان ڪري جيڪي الزام تڏهن سنڌ جا ماڻهو توڙي عوامي تحريڪ ۽ ٻيون سياسي ڌريون ايم ڪيو ايم تي مڙهينديون رهيون، انهن ۾ ارباب رحيم گڏيل جوابدار Co-accused آهي، هو انهن الزامن مان پنهنجو پلاند آجو نه ڪرائي سگهيو آهي. اين آر او تحت ايم ڪيو ايم کي مليل رليف، 12 مئي تي ٿيل رتوڇاڻ، جنهن اشو کي سڀ کان وڌيڪ عوامي تحريڪ کڻندي رهي، اهي سڀ ارباب رحيم جي دور جا معاملا آهن. ايڪشن ڪميٽي تڏهن ارباب رحيم تي الزام هڻندي رهي، ڪراچي ۾ ريلي به ڪڍي وئي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته اياز لطيف پليجو پهرين خود ارباب رحيم کان وضاحتون وٺي ها. سياسي مارڪيٽ ۾ اهي به خبرون هلي رهيون آهن ته هڙتال جو سڏ ڏيڻ بعد ايم ڪيو ايم توڙي عوامي تحريڪ ٻئي ڦاسي پيون هيون، ٻنهي کي ”ضمانت“ ڪرڻ لاءِ ڪو ماڻهو گهربل هو. سياسي مارڪيٽ ۾ اهي به خبرون هلن پيون ته قاسم آباد مان ڪو چوڌري نثار سان رابطو ٿيو هو، موٽ ۾ چوڌري نثار ارباب رحيم کي موڪليو، جيڪو سڀ آسرا لاهڻ بعد پنهنجو ٿر ڇڏي لاهور ۾ ويٺو آهي، ائين اها ٽياڪڙي ٿي ويئي. ڳالهيون ڪهڙيون ٿيون؟ اياز لطيف پليجي جو ڳالهين بابت تت اهو آهي ته ايم ڪيو ايم وارا آيا، ان ڪري هڙتال جو سڏ واپس ورتو ويو. ٿيڻ ائين گهربو هو ته متحده طرفان معافي ورتي وڃي ها، جيڪڏهن اهو ڪنهن طرح سان ممڪن نه هو ته بيان واپس ورتو وڃي ها، پر صرف ايم ڪيو ايم وارن جي لنگهي اچڻ واري معاملي کي ئي ڪافي سمجهيو ويو. يعني ڪا پڪ به نه ڏني وئي، (ساڳئي ڏينهن تي الطاف حسين سنڌ ”ون“ ۽ ”ٽو“ جي ڳالهه ڪئي.) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي ۽ دانشور جامي چانڊيي جو ان بابت هڪ جهڙو موقف آهي ته اياز کي ڳالهين ۾ اهو چوڻو هو ته، ”اگر مگر“ نه ڪريو، مطمئن مون کي نه سڄي سنڌ کي ڪريو، پنهنجو موقف سنڌ جي اڳيان رکو، انهن آڏو پنهنجي پوزيشن واضح ڪريو، ڇاڪاڻ جو هي ڪو ذاتي يا ذاتي انا جو مسئلو ڪونه هو ۽ بلڪه سڄي سنڌ جو مسئلو هو. اها ڳالهه واقعي وزنائتي آهي ته اياز لطيف پليجو ڪنهن طرح سان سڄي سنڌ جو نمائندو نه هو، جو لکت ۾ پڪ ڪرائڻ، بيان واپس وٺڻ بنا معافي جو اهو قدم کڻي. ان جو مطلب اهو ٿو بيهي ته سندس هڙتال جو سڏ به ذاتي هو ته پوءِ ڇا هن کان اڳ وارين هڙتالن جا سڏ به ذاتي سمجهيا وڃن؟! عوام تحريڪ جو ماضيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ڏاڍو سخت موقف رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ عوامي تحريڪ جي گذريل سرگرمين کان اڳ به ڪيترائي بيان ۽ واقعا ان جو ثبوت آهن. ”پونم“ جي ڏينهن ۾ جڏهن سردار عطاءُ الله مينگل ڪنوينر هو ته ايم ڪيو ايم هن اتحاد ۾ شموليت جي درخواست ڏني. عطاءُ الله مينگل پونم جي ميٽنگ ۾ اها ڳالهه رکي ته ان درخواست تي غور ڪريو. رسول بخش پليجي جو موقف هو ته هو دهشتگرد آهن، انهن جي درخواست تي غور ڪرڻ تي به هو هن اتحاد کان الڳ ٿي ويندو. اهو موقف ۽ اڄوڪو موقف هڪ ٻئي جي بنهه ابتڙ آهن. قوم پرست ڌريون: ٻين قوم پرست ڌرين الطاف جي هن بيان کي موجوده سياسي منظر ۾ هڪ راند سمجهيو ۽ ان ۾ پنهنجي شرڪت کي هاڃيڪار ۽ غير ضروري سمجهيو، ان ڪري الطاف جي بيان جي مذمت ته ڪئي وئي، پر ان تي احتجاج يا ٻيو ڪو عملي ردعمل ڏيکارڻ کان پاسو ڪيو ويو. ڪن حلقن ۾ اها ڳالهه به اٿاري پئي وڃي ته قوم پرست ڌريون گذريل عام چونڊن واري اتحاد ۾ کين پهتل ڌڪ اڃان پچائي رهيون هيون. ان اتحاد ۾ خود قومپرستن جا هڪ ٻئي سان اختلاف ۽ اڻ سهپ وارا رويا ايترو سامهون آيا، جو هو نئين اتحاد ۾ وڃڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيا. هن وقت وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪو اڀريل پليٽ فارم به ڪونه هو. ٻيون سياسي ڌريون: الطاف جي بيان جي جماعت اسلامي سميت سنڌ ۾ موجود سمورين وفاقي پارٽين به مذمت ڪئي پر ٻٽي نظام خلاف تحريڪ هلائيندڙ سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جون ٻه مکيه پارٽيون پير پاڳاري جي فنڪشنل ليگ ۽ جتوئين جي نيشنل پيپلز پارٽي، جن کي ڪي همراهه سنڌ جا نجات ڏياريندڙ سمجهي رهيا هئا، سي خاموش رهيون. ڏٺو وڃي ته الطاف حسين جي هن بيان ۽ ان بعد هڙتال جي سڏ ۽ ان جي واپسي مجموعي طور پيپلز پارٽيءَ کي فائدو رسايو. هڪ فائدو الطاف جي بيان سان پ پ پ کي اهو مليو ته سنڌي ماڻهو پاڻ کي خطري ۾ محسوس ڪري پيپلز پارٽيءَ جي ڀر ٿي بيٺو. مٿان وري بلاول ڀٽو زرداريءَ ته ”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“ جو بيان ڏنو. هڙتال جو سڏ ڏيئي واپس وٺڻ سان عام ماڻهوءَ کي اهو پيغام مليو ته پاڻ کي متبادل سڏرائيندڙن ۾ به ڪو گهڻو جهلو يا افعال ناهي. هيءَ سڄي صورتحال هڪ دفعو وري اها تقاضا ڪري ٿي ته سنڌ ۾ متبادل قيادت واري معاملي کي ٻيهر جاچيو وڃي. هن وقت جيڪي اڪثر قوم پرست ڌريون آهن، تن جي قيادت مختلف وقتن تي موقعي پرستي، اٻهرائي ۽ غير دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، نتيجي ۾ قومي تحريڪ کي پيپلز پارٽيءَ کان وڌيڪ، نه ته به ان جي برابر انهيءَ قيادت به نقصان پهچايو آهي. هن وقت دوستن ۽ دشمنن جي وچ ۾ نئين سر لِيڪو ڪڍڻ جي ضرورت آهي، بلڪل ائين، جيئن ون يونٽ جي خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڪڍيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي به ليڪي جي ٻئي پاسي بيٺل شمار ڪيو ويو هو. ائين سڀني جو حساب ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن ڪهڙي مرحلي تي ڇا ڪيو ۽ ان جا اثر ڪهڙا ٿيا، نتيجا ڪهڙا نڪتا؟ جڏهن ته حالتن ۽ وقت جي تقاضا ڇا هئي؟ جيستائين انهن معاملن جو ايڪس ري ۽ پوسٽ مارٽم نه ٿيندو، تيستائين ڳالهه اڳتي نه وڌندي ۽ اسين بند گهٽين ۾ گهمندا رهنداسين.
Labels: Awami Tahreek, MQM, Palijo, سهيل سانگي
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home