Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, September 27, 2017




Nawaz shari 


Labels:

Sunday, November 15, 2015

ڏياري ملهائڻ جو سياسي مقابلو

ننڍي کنڊ ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جو پيدا ٿيل فقدان

جمع 13 نومبر 2015ع

ڏياري ملهائڻ  جو سياسي مقابلو 

 سهيل سانگي


اوچتو ملڪ جي مکيه سياسي اڳواڻن اقليتن خاص ڪري، هندن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏياري ملهائڻ لاءِ مٺي پهتل آهي. تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ان شُڀ ڏڻ تي عمرڪوٽ ۾ لٿل آهي. هڪ ڏينهن اڳ وزير اعظم نواز شريف ڪراچيءَ ۾ ڏياريءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي هن ڏاڍا تاريخي جُملا چيا: ”ظالم مسلمان به هوندو ته مظلوم هندوءَ جي حمايت ڪندس.“ هن اهو به چيو ته: ”مسلمان، سِک، هندو، عيسائي توڙي پارسي سميت سمورن مذهبن جا ماڻهو هن ملڪ جو حصو آهن.“ وزير اعظم طرفان صوفي سنت ڀڳت ڪنورام جي نالي تي ميڊيڪل ڪامپليڪس جوڙائڻ جو ڪيل اعلان به وڏي اهميت رکي ٿو، پر ان کان وڌيڪ اهم سندس ڪيل تقرير آهي، جيڪا بظاهر پاڪستان جي باني قائداعظم جي 11 آگسٽ 1947ع واري تقرير جو ترجمو ٿي لڳي، جنهن ۾ هن چيو هو ته: ”نئون ملڪ اُتي رهندڙ سڀني ماڻهن جو هوندو ۽ مذهب جي بنياد تي ڪو به متڀيد نه ڪيو ويندو.“ قائداعظم جي اها تقرير نه رڳو عملي طرح سان سان گم ٿي وئي، ماڳهين تاريخ جي صفحن مان به نڪري وئي. وزير اعظم نواز شريف طرفان اهڙو کُليل لفظن ۾ اظهار سڀني کي سٺو لڳي ٿو، خاص ڪري ان ماحول ۾ جڏهن گذريل چند سالن کان ملڪ ۾ مذهبي بنياد پرستي ۽ تنگ نظري اوج تي پُهتل آهن.

اهي ٽئي اظهار ملڪ جي ٽن وڏين پارٽين طرفان ڪيا ويا آهن، جيڪي وفاق يا وري صوبن اندر حڪومت ۾ آهن يعني حڪمران سياسي جماعتون آهن. ملڪ جو عوام ڪيترن سالن کان اهي لفظ ٻُڌڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ رهيو، ڇاڪاڻ جو پنجاهه واري ڏهاڪي کانپوءِ جهڙي طرح سان هڪ مذهب کي نه، بلڪه ان ۾ به هڪ خاص فڪر کي جهڙي نموني رياست جي پُٺڀرائي رهي، تنهن ماڻهن کي مذهب ۽ عقيدي جي حوالي سان نه رڳو ورهايو، پري ڪيو، بلڪه هڪ ٻئي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ تي پڻ مجبور ڪيو. اڻ سهپ ۽ گُهٽ جو ماحول، جنهن ۾ آزاديءَ سان سوچڻ يا ساهه کڻڻ به ڪنهن شريف ماڻهوءَ لاءِ مشڪل ئي رهيو هو. ڪڏهن ڪو هوا جو جهوٽو آيو ٿي ته ڄڻ ماڻهن ساهه پئي کنيو. ان تي به سوال ڪري سگهجن ٿا يا ته اسان جي حڪمرانن ۽ سياسي اڳواڻن اهڙو موقف ۽ اهڙو اظهار اڳ ڇو نه ڪيو؟ هاڻي جڏهن انهن ڪيو اٿن ته ان کي پنهنجي رويه سياست ۾ عملي شڪل ڪيئن ڏيندا.

بلاول ڀٽو ۽ عمران خان توڙي نواز شريف طرفان ڏياري ملهائڻ وارو مقابلو هونئن ته سياسي مقابلو آهي، جنهن جو تعلق مڪاني ادارن جي چونڊن سان آهي. بلاول ڀُٽي کي، ان ڪري به ٿر وڃڻو پيو، جو اُتي پارٽيءَ اندر ٽي گروپ الڳ الڳ ڪم ڪري رهيا هئا، اُتي ارباب گروپ جي ٻيهر اچڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو هو. عمران خان لاءِ عمرڪوٽ اهم آهي، جتي ضلعي اندر اڌو اڌ هندو آبادي آهي، اهي ٻئي ضلعا ڀارت جي سرحد سان لڳندڙ ضلعا آهن.

هن کان اڳ سنڌ توڙي پنجاب ۾ انتهاپسنديءَ جا مختلف واقعا ٿيندا رهيا آهن، جنهن ۾ هندو ڇوڪرين جو زوري مذهب مٽائي شاديون ڪرڻ، هندن جي لڏپلاڻ وارا معاملا به سامهون ايندا رهيا آهن. اهڙن موقعن تي انهن سياستدانن طرفان ڪو چٽو ۽ ٺوس اظهار نه ٿيو، بلڪه ڪيترن معاملن ۾ انهن اڳواڻن جي خاموشي رهي. پيپلز پارٽي پنهنجي ايم اين اي ميان مٺو خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهي، جنهن تي رينڪل ڪماري ۽ ڪجهه ٻين هندو ڇوڪرين جي مذهب مٽائڻ جو الزام هو. عمران خان ته ماڳهين ڏيڍ مهينو کن اڳ ميان مٺو سان ملاقات به ڪئي هئي. سياستدانن کي ايندڙ وقت ۾ ان حوالي سان به پنهنجي عمل ۽ موقف جو جائزو وٺڻو پوندو.

پاڪستان جي سياسي اڳواڻن طرفان  اهڙي موقعي تي اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ڀارت ۾ مذهبي جنونيت وڌيل آهي، خاص ڪري ڀارتي وزير اعظم موديءَ جي پاليسين ڀارت جي اقليتن لاءِ ڏکيو ماحول پيدا ڪيو ۽ انتهاپسنديءَ کي هوا ڏني. ايتري قدر جو ڀارتي دانشورن کي به اچي، ان تي ڳڻتي ٿي ته ڀارت پنهنجو سيڪيولر، سهپ، گهڻ رنگيءَ وارو اميج وڃائي رهيو آهي ۽ انهن باقاعده مودي حڪومت ۽ ان جي اهڙين پاليسين خلاف مهم شروع ڪئي. گڏيل پڌرناما، سرڪاري ايوارڊ موٽائڻ، احتجاج ۽ ٻيا اهڙا ڪم شامل آهن. موديءَ جي هندو انتهاپسنديءَ کي بهار ۾ به مُنهن ٽوڙ جواب مليو، جتي سندس پاليسين خلاف سمورين پارٽين اتحاد ڪري چونڊن ۾ شڪست ڏني.

هڪ پاسي مودي حڪومت جي مذهبي انتهاپسنديءَ واري پاليسي ۽ ان سبب اُتي پيدا ٿيندڙ اڻ سهپ جو ماحول آهي ته ٻئي طرف پاڪستان جي حاڪم سياستدانن جو اقليتن سان اظهار. پاڪستان جي تاريخ ۾ شايد اهو پهريون ڀيرو ايئن ٿي رهيو آهي، ورنه هن کان اڳ ڀارت ۾ انتهاپسندن طرفان جڏهن به ڪو اظهار ٿيو آهي ته ان جي موٽ ۾ پاڪستان مان به اهڙي ئي انتهاپسنديءَ جو مظاهرو ٿيو آهي. نتيجي ۾ ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ هندن لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿيون. اسان جي اڳواڻن جي اهڙي موقف سان يقينن عالمي طور پاڪستان جو اميج بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ورنه دنيا ۾ پاڪستان جي سُڃاڻپ انتهاپسند طور ٿي رهي هئي. ڪجهه محققن جو چوڻ آهي ته: ”پاڪستان رياستي سطح تي موهن جي دڙي جي مالڪي نه رڳو ڀارت سان چٽاڀيٽيءَ سبب ڪئي ته اسين ڀارت کان وڌيڪ پراڻي تهذيب آهيون.“ سبب کڻي ڪهڙا به هجن، پر پاڪستان جو موهن جي دڙي بابت ورتل موقف به صحيح هو ۽ هاڻي وارو موقف به ڊگهي پنڌ ۾ صحيح رُخ ۾ لڳي ٿو.

اها ڏاڍي اهم ڳالهه آهي ته اسان جي سياستدانن کي اهو سمجهه ۾ اچي وڃي ته انتهاپسنديءَ جو جواب انتهاپسندي نه، پر سهپ ۽ رواداري آهي. اسان جا سياسي اڳواڻ گڏجي ويهي کڻي، اهڙو اظهار نه ٿا ڪري سگهن، پر جيڪڏهن هن عمل ۾ به ڪن ٿا ته اها چڱي ڳالهه آهي. جيڪڏهن پاڪستان جا سياستدان اهڙي موقف تي بيٺا رهيا ته يقينن ان سان مجموعي طور ننڍي کنڊ ۾ انتهاپسنديءَ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سهپ ۽ رواداريءَ کي مضبوط ڪرڻ ۾ هٿي ملندي.


http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2015/2015/13%20Nov%202015.htm


Labels: ,

Friday, October 02, 2015

پاڪستان ۽ سياسي بدديانتي جي نه کٽندڙ تواريخ

پاڪستان ۽ سياسي بدديانتي جي نه کٽندڙ تواريخ __________ سهيل سانگي

اصغر خان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ملڪ جي نام ڪٺين ادارن، سياستدانن جي ’ڪارنامن‘ ۽ سياست کي وائکو ڪري وڌو آهي. سمجهڻ وارن اڳ به سمجهيو پئي، پر جن نٿي سمجهيو يا سمجهڻ نٿي چاهيو، تن کي به هن فيصلي سمجهائي ڇڏيو آهي ۽ ان ڳالهه تي مهر هڻي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته ڪهڙي طرح 1990ع واريون چونڊون چورايون ويون ۽ عوام جي مينڊيٽ سان هٿ چراند ئي نه ڪئي ويئي، بلڪه ان تي ڌاڙو هنيو ويو. ان ڌاڙي ۾ اهي ادارا ۽ شخصيتون شامل رهيون جن جو ڪم هن رياست، ان جي ادارن ۽ ماڻهن جو تحفظ هو. جڏهن ته انهن سڀني ماڻهن پاڻ کي مليل اختيارن جي خلاف ڪم ڪيو، جيڪا قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي هئي ۽ ان جو ڪو به اخلاقي جواز نه هو.
هاڻي آئين، قانون ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ مختلف جواز ۽ عذر ڳوليا پيا وڃن. عجيب ڳالهه آهي ته اسان جا سياستدان، اينڪر پرسن (جيڪي اڄ جا دانشور آهن) ۽ خود عدليه پئسن جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڍائي سالن تائين سڄي ملڪ جي انتظام ۽ نظام کي لوڏن ۾ رکيو. جڏهن ته پاڪستان ۾ ته ان کان به وڏا وڏا ڪرپشن جا داستان رقم ٿيل آهن ۽ اڃان ٿي رهيا آهن، تن کي ڪرپشن جي کاتي ۾ ئي نٿو ڳڻيو وڃي. حالانڪه سياسيات ۽ سماجيات جي نون نظرين موجب عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو سياسي ڪرپشن آهي، جيڪو ڪرپشن جو اعليٰ قسم آهي. ڇاڪاڻ جو ان سان عوام جي راءِ، مينڊيٽ ۽ مرضي خلاف فيصلا ٿين ٿا، جن جي هونئن ڪا قانوني ۽ آئيني حيثيت نه هوندي آهي. اهي ايئن ئي هٿرادو فيصلا آهن، جيئن ڪنهن کي نقصان يا فائدو ڏيڻ لاءِ واهن ۽ شاخن ۾ گهارا وڌا ويندا آهن. پوءِ ان لاءِ ڪنارن جو مضبوط نه هجڻ جهڙا بهانا پيش ڪيا ويندا آهن.
نئين ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ جيڪو پهريون سياسي فيصلو ريٽيو ويو سو 1940ع واري ٺهراءُ کان هٽڻ هو، جنهن لاءِ 1946ع واري ٺهراءُ جو سهارو ورتو ويو. ان کانپوءِ هڪ سلسلو شروع ٿي ويو واعدن تان هٽڻ جو.
ون يونٽ جو ٺهڻ پڻ سياسي ڪرپشن جي دائري ۾ اچي ٿو ڇاڪاڻ جو ون يونٽ ٺاهيندڙن کي عوام وٽان ڪوبه اهڙو مينڊيٽ مليل نه هو. نه ئي ايئن هو ته جڏهن چونڊون ٿيون پئي تڏهن اها ڳالهه رکي ويئي هجي ته دستور ساز اسيمبلي هڪ اهڙو دستور ٺاهيندي جيڪو ملڪ جي اوڀر ۽ اولهه وارن حصن جي پاڻ ۾ زوري مساوات بيهاريندو ۽ اهو به ته صوبا، جيڪي وحدت طور الڳ شناخت رکن ٿا، تن کي ختم ڪيو ويندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي چونڊون کٽي ايندڙ ڪنهن به پارٽي جي چونڊ منشور توڙي پارٽي منشور ۾ به اهڙو ڪو ذڪر ٿيل نه هو. جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي منشور ۾ اها ڳالهه هجي ها، يا اها پارٽي پنهنجي اليڪشن منشور ۾ اها ڳالهه وجهي ها ته پوءِ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين شايد ون يونٽ ٺاهڻ واري فيصلي کي ڪا عوامي تائيد واري مڃتا ملي ها ۽ ان جي ڪا حقيقي معنيٰ ۾ قانوني حيثيت بيهي ها! اهو چوڻ ته قومي اسيمبلي اهڙو قدم کڻي پئي سگهي، ان ڪري ان اهڙو قدم کنيو، ان سان ڪا قانوني پوزيشن ٺهي نٿي سگهي. پوءِ ايندڙ وقت ۾ سڀني ڏٺو ته ڪيئن حڪمران طبقي کي اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ وري هڪ ٻي وڏي سياسي ڪرپشن ٿي. اها هئي چونڊن جا نتيجا نه مڃڻ ۽ اقتدار اڪثريتي پارٽي جي حوالي نه ڪرڻ. جيڪڏهن اها ڪرپشن يعني زيادتي ۽ بي ايماني نه ڪئي وڃي ها ته پاڪستان جو نقشو ۽ هتي جون حالتون ڪجهه ٻيون هجن ها. يعني بظاهر هڪ ننڍڙي ڳالهه سڄي ملڪ جو نقشو، نظام ۽ حالتون تبديل ڪري ڇڏيون. بلڪه تاريخ ۽ جاگرافي، ٻئي مٽائي ڇڏيون. ساڳي طرح ضياءَ الحق جو مارشل لا لڳائڻ پڻ سياسي ڪرپشن جي دائري ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو کيس ۽ ساڻس گڏ وري ان اداري کي، جنهن جو هو سربراهه هو، ملڪ جي آئين ۽ قانون تحت اهڙو اختيار حاصل نه هو. نه ئي وري اهو اختيار فوج کي حاصل هو ته اها حڪومت ۾ اچي. هن اهو قدم ان ڪري کنيو جو هو بندوق جي زور تي ائين ڪري سگهيو ٿي. ان کي ڪا قانوني حيثيت نٿي ڏئي سگهجي. وڏي ڳالهه ته ضياءُ الحق اهو قدم ملڪ جي چونڊيل حڪومت کي ڊاهڻ، اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ سياسي ڌرين جي اتفاق راءِ جي ابتڙ کنيو. اها بلڪل سياسي ڪرپشن ۽ بد ديانتي ٿي آهي.
اڳتي هلي مشرف سافٽ مارشل لا لاڳو ڪيو. سو پڻ ڪي خاص نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ هو. انهن مارشل لائن جو اڀياس ٻڌائي ٿو ته اهي ڪي خاص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳو ڪيا ويا ۽ ان بعد انهن آمريتن ملڪ ۾ اهو خاص قسم جو معاشي، سياسي ۽ سماجي نظام جوڙيو، جيڪو ٻي صورت ۾ عوام ڪڏهن به نه جوڙي ها. يعني عوام جي مرضي، منشا ۽ راءِ کي اورانگهي ئي نه بلڪه لتاڙي اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو.
ملڪ ۾ جڏهن سياسي بدديانتي ۽ بي ايماني ٿئي ٿي ته هيٺين سطح تي پئسي ڏوڪڙ يا ٻين معاملن جي سلسلي ۾ ڪرپشن ٿئي ٿي. نوڪر شاهي ڏسي ٿي ته جڏهن حڪمران خود بدديانتي ڪري رهيا آهن، ته هو ڇو پٺتي رهن. ايئن ڪرپشن جي ڪلچر جو پيرو کڻجي ته هو سياسي ڪرپشن تي وڃي بيهندو. جيڪڏهن ملڪ ۾ سياسي ڪرپشن ۽ بدديانتي نه هجي ته ملڪ ۾ ميرٽ جو احترام به ممڪن بڻجي سگهي ٿو.
سياسي ڪرپشن جو هڪ ٻيو پاسو به دلچسپي کان خالي ناهي. جڏهن به ڪو حڪمران هيٺين سطح تي ڪرپشن خلاف نعرو هڻي ٿو ته پڪ ڄاڻو ته حڪمران ڌر ڪا وڏي سياسي ڪرپشن يا بدديانتي ڪرڻ ڏي وڃي رهي آهي. ايوب خان جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هن سياستدانن ۽ ڪامورن جي ڪرپشن جو گهڻو ذڪر ڪيو ۽ ان کي ئي ملڪ ۾ مارشل لا هڻڻ جو ڪارڻ ڄاڻايو ويو. دراصل هو پاڻ سياسي ڪرپشن ڪري رهيو هو. ۽ پوءِ تواريخ شاهد آهي ته هنن ڪهڙي سياسي ڪرپشن ڪئي.
ساڳي طرح ضياءَ به 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو چئي آيو ۽ پوءِ ”پهرين احتساب پوءِ انتخاب“ جو نعرو هڻي ويهي رهيو. جڏهن هن احتساب جو نعرو هنيو ته هو دراصل سياسي ڪرپشن ڪرڻ ڏي وڃي رهيو هو.
اڄ پيپلز پارٽي پنهنجي مينڊيت جو وڏو ذڪر ڪري ٿي. پر اها جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، ان لاءِ کيس مينڊيٽ ڏنو ئي نه ويو هو. اها پڻ سياسي ڪرپشن آهي. پيپلز پارٽي ماڻهن کان ووٽ وٺڻ مهل جيڪو انتخابي منشور ڏنو هو، عوام ان منشور کي ووٽ ڏنو هو. ان منشور ۾ ڪراچي جا پنج ضلعا ۽ حيدرآباد ضلعي جي پراڻي حيثيت ۾ بحالي جي ڳالهه چٽي طرح سان ڪيل آهي. منشور ۾ ڪنهن به اهڙي مڪاني نظام جي ڳالهه ئي ٿيل ناهي، جيڪو هن پارٽي سنڌ ۾ لاڳو ڪيو آهي.
سياسيات ۽ سماجيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سياسي ڪرپشن سٺي حڪمراني جي خلاف ۽ ماڻهن کي سندن راءِ ۽ حق کان محروم ڪندڙ آهي. انهي ڪرپشن جي نتيجي ۾ سياسي ۽ معاشي نظام، مڃيل اصولن ۽ قاعدن کان بالاتر صورت ۾ ٺهي ٿو جنهن کي عوام غير قانوني ۽ ناجائز سمجهي ٿو. اها سياسي ڪرپشن ئي آهي جيڪا ڪرپشن ڪلچر جي راڪاس کي جنم ڏئي ٿي ۽ نپائي وڏو ڪري ٿي جيڪو پوءِ عوام کان به ڏاڍو ٿي وڃي ٿو ۽ عوام سان وڙهڻ شروع ڪري ٿو. اها ئي صورتحال آهي جيڪا اڄ اسين پاڪستان ۾ ڀوڳي رهيا آهيون.
sohailsangi@yahoo.com
The Kawish Group of Publication

Labels:

Friday, July 10, 2015

ڇا نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي پرچائڻ لاءِ ڪراچي ياترا ڪئي؟

ڇا نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي پرچائڻ لاءِ ڪراچي ياترا ڪئي؟

سهيل سانگي


ڇنڇر 04 جولاءِ 2015ع


وزير اعظم نواز شريف ڪراچيءَ جو دورو اهڙي وقت تي ڪيو، جڏهن سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ 12 سئو کان مٿي ماڻهو گرميءَ جي شديد لَهر ۽ بجليءَ جي بدترين لوڊشيدنگ وِگهي ٻُوساٽجي مَري چُڪا هُئا. ٻه وفاقي ادارا نيب ۽ رينجرز ڪرپشن ۽ ٻين اهڙين گهوٻين جي الزام ۾ صُوبائي ادارن ۽ صُوبي جي اعليٰ آفيسرن خلاف وَٺ وَٺان لڳايو بيٺا آهن، ڪي گرفتار ٿيا، ڪن گرفتاريءَ کان اڳ واريون ضمانتون ڪرايون، ته ڪن خلاف جاچ ٿي رهي آهي. اهو وَٺ وَٺان جو سلسلو هليو پئي ته سنڌ جي حُڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ جي قيادت آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر پرڏيهه هليا ويا، ان دوران پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ”سنگت“ پروگرام ۾ به ڏارَ پئجي ويا.
وفاقي ادارا سنڌ اندر ڪارروايون ڪري رهيا هُئا، وفاقي حڪومت ان ڏس ۾ ماٺ ۾ هُئي، نه وضاحت ڪري رهي هُئي، ۽ نه ئي وري ان سڄي ڪارروائيءَ کي Disown ڪري رهي هُئي، اهڙو ڏيک ڏيئي رهي هُئي ڄڻ ان کي ڪا خبر به نه هُجي. انهن سببن جي ڪري صُوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي وِچَ ۾ وِڇوٽي پيدا ٿي، سنڌ سرڪار اخبارن ۾ بيان ته ڏيندي رهي پر ان معاملي کي باقاعده وفاقي حڪومت وٽ کڻي نه ويئي، حالانڪه اهو چوندي رهي ته وفاقي ادارن جي صُوبائي معاملن ۾ ان مداخلت بابت عدالت سان رجوع ڪيو ويندو، پر مهينو کن گُذرڻ بعد به سنڌ سرڪار عدالت جو دَر نه کڙڪايو. ان سڄي عمل کي پيپلز پارٽي پنهنجي خلاف ڪارروائي سمجهي رهي هُئي. وزير اعظم نواز شريف، آصف زرداريءَ سان مُلاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن آصف زرداري پنهنجي ماضيءَ جي اتحادين سان افطار ڊِنر ڪري پرڏيهه روانو ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته آصف زرداريءَ جو پرڏيهه وڃڻ، اصل ۾ وزيرِ اعظم نواز شريف کان ناراضگيءَ جو اظهار آهي. ايم ڪيو ايم خلاف اڳ ئي ڪارروائي هلي رهي آهي، مٿان وري پيپلز پارٽيءَ خلاف وَٺ وَٺان تي، اي اين پي، قاف ليگ ۽ فضل الرحمان ڄڻ وقت اچڻ تي آصف زرداريءَ جو پاسو کڻڻ جو اِشارو ڏنو. تحريڪِ انصاف اڳ ئي نواز ليگ خلاف سياسي ۽ قانوني جنگ ۾ رڌل آهي، اهڙي صُورتحال ۾ نواز ليگ سياسي طور اڪيلي ٿي ويئي. ان جي لاءِ مجبوري هُئي ته آصف زرداريءَ جي عسڪري ڌُرين بابت ڏنل بيان جي مذمت ڪري ۽ پاڻ کي عسڪري ڌُرين سان گڏ بيهاري. صُورتحال اها وڃي بيٺي جو مُختلف اُپائن سياسي ڌُرين ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ وِڇوٽي پيدا ڪري وڌي. جنهن نواز ليگ کي سياسي طور اڪيلو ڪري ڇڏيو. نواز شريف سمجهي ويو ته ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي اهڙي اڪيلائپ کيس ڪنهن به مهل ڏُکيائيءَ ۾ وِجهي سگهي ٿي. هن ڀيري معاملو ڇاڪاڻ جو سنڌ ۽ پيپلز پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ هو، ان ڪري نواز شريف پريشان به ٿيو ۽ پاڻ کي ڏاڍي مُشڪل ۾ محسوس ڪرڻ لڳو.
 انهيءَ احساس تحت هن ڪراچيءَ جو دورو ڪيو، پر هن دوري کان هڪ ڏينهن اڳ آرمي چيف سان مُلاقات ڪئي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هن ملاقات ۾ ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن، بي بي سي جي ايم ڪيو ايم بابت رپورٽ، پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي عسڪري ڌُرين خلاف بيان، سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ، رينجرز ۽ نيب جي ڪاررواين ۽ انهن جي اثرن بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي هُوندي. ايم ڪيو ايم کي ڀارتي ڳُجهي اداري ”را“ جي فَنڊنگ وارو معاملو حڪومت لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهي، پر ادارن جو خيال آهي ته ڀارتي خُفيه اداري جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت وڌيل آهي، ان ڪري اهو معاملو عالمي سطح تي کنيو وڃي، يعني گڏيل قومن ۾ اُٿاريو وڃي. ان ڏس ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي اسلام آباد ۾ موجود آهي، اُن سان اهڙي مشاورت ٿي رهي هُئي ۽ گُهربل هدايتون پڻ ڏنيون پئي ويون. سنڌ ۾ اُٿل پٿل جا ڪيئي پاسا ۽ رُخ آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي کان پري بيهن ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ وِچڙجي وڃن ٿا ۽ اهي زيرِ زمين لهرن ۽ سرگرمين جو رُوپ ڌارين ٿا. ايم ڪيو ايم جي حوالي سان مني لانڊرنگ ڪيس ۽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ پيش رفت ٿي آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي ان بابت گورنر سنڌ عشرت العباد کي آگاهه ڪيو. خيال آهي ته ان ملاقات ۾ اهو پڻ غور هيٺ آيو ته ايم ڪيو ايم بابت هاڻ اسلام آباد ڇا ڪرڻ گُهري ٿو ۽ ڪيئن ڪرڻ گُهري ٿو.
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته تازين سرگرمين مان لڳي ٿو ته حڪومت، بطور پارٽي ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائيءَ جو ارادو نٿي رکي، البته ان ۾ ڏوهاري ماڻهن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رهندو ۽ مائينس الطاف فارمولا کي مرحليوار عمل ۾ آندو ويندو. خيال آهي ته ان ڏس ۾ ڪُجهه مرحلا طئي ٿي چُڪا آهن.
سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد وزير اعظم ٻنهي ڌُرين وٽان سخت دَٻاءَ ۾ آهي. وزير اعظم پيپلز پارٽيءَ سان ورڪنگ رليشن شپ برقرار رکڻ گُهري ٿو، پر هُو عسڪري لَڏي کي به ناراض نٿو ڪرڻ گُهري، ڄڻ نواز شريف اڄڪلهه پلصراط تي پيو هلي، هُو ڪا وچئين واٽَ ڪَڍڻ گُهري ٿو. بظاهر ڪا وِچَ واري واٽَ نظر نه ٿي اچي، پر جيڪڏهن ان ڳالهه کي وزن ڏجي ته زرداري ۽ فريال ٽالپر جو پرڏيهه وڃڻ به ڪا ”ڊيل“ آهي، ته پوءِ ڪُجهه گَس نڪري اچي ٿو. وزير اعظم نواز شريف کي جيئن ئي سياسي اڪيلائپ جو احساس ٿيو ته ذريعن موجب هن اپوزيشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر خورشيد شاهه سان رابطو ڪيو، آصف زرداريءَ جي دُبئي وڃڻ جي ٽن ڏينهن بعد خورشيد شاهه به دُبئي ويو. خيال آهي ته هُو وزير اعظم جو نياپو کڻي ويو هو ته هُو اڳوڻي صدر زرداريءَ جي ناراضگي ختم ڪرڻ گُهري ٿو. چيو وڃي ٿو ته آصف زرداري خورشيد شاهه کي ٻڌايو ته، وزير اعظم ان معاملي ۾ ڪا شروعات ڪري ۽ ڪي عملي اُپاءَ وٺي ته ڳالهه اڳتي وڌي سگهي ٿي. ٻه ڏينهن اڳ خورشيد شاهه جي هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو مان به اهڙو اشارو ملي ٿو، جنهن ۾ هن چيو هو ته وزير اعظم سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. ان ڪري وزيرِ اعظم جو ڪراچيءَ وارو دورو گرميءَ ۽ ٻُوسٽ ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي حوالي سان گهٽ هو، ڇاڪاڻ جو وزير اعظم نه اسپتال ويو ۽ نه وري ڪنهن ٻئي اهڙي هنڌ ويو. هُو پيپلز پارٽيءَ سان تعلقات جي بحاليءَ لاءِ آيو هو، اهو ئي سبب آهي جو هُو هن ڀيري چِيف منسٽر هائوس آيو، نه ته روايتي طور تي هُو گورنر هائوس ئي ايندو آهي ۽ اُتي ئي اجلاس ۽ مُلاقاتون ڪندو آهي.
سنڌ جي وڏي وزيرَ سان مُلاقات دوران هن قائم علي شاهه جي تعريف به ڪئي، سنڌ جي وڏي وزيرَ وفاقي ادارن جي ڪاررواين ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ تي پوندڙ اثرن کان وزير اعظم کي آگاهه ڪيو. وزيرِ اعظم سندس سڀ ڳالهيون ٻُڌيون پر ڪو به واضح اعلان يا يقين دهاني نه ڪرائي سگهيو. ها، اهو ضرور ٿيو ته هُو پيپلز پارٽيءَ کي ساڻ کڻي هلڻ گُهري ٿو. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته وزير اعظم ان ڏس ۾ اڪيلي پنهنجي طور ڪو فيصلو ڪرڻ نٿو گُهري، ان ڏس ۾ عسڪري ڌُرين کي به اعتماد ۾ وٺڻ گُهري ٿو. ڏسجي  اسلام آباد وٽان ان ڏس ۾ ڪهڙي ٿي موٽ ملي؟
sohailsangi@yahoo.com

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2015/2015/04%20Jul%202015.htm

Labels: , , ,

نيب جي ””اختيارن“ جو دائرو ۽ ڪرپشن جا قِصا

نيب جي ””اختيارن“ جو دائرو ۽ ڪرپشن جا قِصا

سهيل سانگي

جمع 10 جولاءِ 2015ع
سنڌ ۾ ڪرپٽ آفيسرن خلاف نيب جي ڪاررواين تي صوبائي حڪومت اعتراض پئي ڪيا، پر انهيءَ احتساب بيورو سپريم ڪورٽ ۾ ڏيڍ سئو ماڻهن جي لسٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف، وزير اعلى پنجاب شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي ٻن اڳوڻن وزير اعظمن ۽ آفتاب شيرپائو سميت ڪيترن ئي مکيه شخصيتن جا نالا هئا. هڪ رٽائرڊ جنرل جو نالو به هو، جنهن ريلوي بورڊ جي سربراهه هوندي، ريلوي جي زمين ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪئي هئي. ان لسٽ بعد اهو تاثر پيو ملي ته نيب رڳو سنڌ ۾ نه، پر وفاقي ادارن ۾ به ڪرپشن خلاف قدم کڻي رهي آهي. هن لسٽ تي وفاقي حڪومت کي به پريشاني آهي، جو نواز ليگ جي قيادت سوڌو ڪجهه ٻيا نالا به آهن. جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ هن لسٽ کي اڻپورو سڏيو آهي ۽ ڪجهه وڌيڪ تفصيل طلب ڪيا آهن. لسٽ ۾ ڏنل اڪثر نالا وفاق سان تعلق رکن ٿا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي صوبائي عهديدار ان ۾ شامل آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد ان تي شديد ردعمل ڏيکاريو آهي سندس چوڻ آهي ته، ”ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل هي ادارو سياستدانن جا پٽڪا ڌوڙ پيو ڪري ۽ کين بدنام پيو ڪري.“ ماضيءَ جي تجربي ۾ ڏٺو وڃي ته پرويز رشيد جي ان ڳالهه ۾ وزن لڳي ٿو.
مختصر نموني واري هن لسٽ ۾ ”جوابدار“ جو نالو ڪرپشن جو الزام يا قسم جو تت ۽ گهوٻين واري رقم جو انگ ڏنل آهي. ڪيئي ڪيس اهڙا آهن، جيڪي 10 سال يا ان کان اڳ جا آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته اهي ڪيس ڏهه پندرهن سال بنا ڪارروائي ۽ جاچ ڪرڻ جي التوا ۾ رکيا ويا، انهن خلاف تحقيقات ڇو نه ٿي؟ اهو سوال عدليه به پُڇي ٿي ۽ عوام به. پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ اهي عدالتن ذريعي نه نبيرڻ جي پنهنجي تاريخ آهي، انهن ڪيسن کي بنياد بڻائي سوديبازي ۽ سمجهوتي بازي ٿيندي رهي. سياسي فائدا ۽ حمايت حاصل ڪئي وئي. من پسند طريقي سان چند ماڻهن خلاف ڪرپشن جي الزام ۾ جاچ ڪئي ويندي هئي، بعد ۾ سوديبازي ڪري اها تحقيقات ۽ ڪيس ختم ڪيا ويندا هئا. ائين به ٿيندو رهيو ته ورهين تائين اهي ڪيس ڪورٽ جي شنوائين ۾ ٽنگيل رهيا. نيب جو دائره اختيار الائجي ڪيترو آهي؟ پر هڪ ڳالهه چٽي آهي ته ان ۾ سواءِ هڪ رٽائرڊ جنرل جي عسڪري ڌر جي ڪنهن به ماڻهوءَ جو نالو ڪونهي. نه ته نيوي جي هڪ اڳوڻي ايڊمرل ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي سوين ايڪڙ زمين وڪرو ڪري ڇڏي هئي. اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ رٽائرڊ جنرل هن ٽرسٽ جي اربين رپين جي قيمتي جائيداد وڪي. هي اهي واقعا آهن، جيڪي هفتن تائين ميڊيا ۾ هلندا رهيا هئا. باقي ڪيئي اهڙا واقعا آهن، جن جي توهان کي اسان کي ڪا خبر ئي ناهي. ٻيون ڳالهيون ڇڏيو، اصغر خان ڪيس وڏي اهميت رکندڙ آهي، جنهن بابت گهربل دستاويز يا ثبوت به آهن. ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ٽن جنرلن خلاف ڪارروائيءَ جو حڪم ڏنو هو، انهن خلاف سول توڙي فوجي اداري طرفان ڪنهن ڪارروائي جي اڃا تائين ڪا خبر ميڊيا تائين نه آئي آهي، بجاءِ ان جي جو سمورن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪيس کڻڻ جو مطلب ڪن کي ڍر ڏيڻ ۽ بچائڻ ته ڪن کي ڦاسائڻ آهي. جنرل مشرف جڏهن نواز شريف جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته هن شروع وارن ڏينهن ۾ ڪرپشن جا ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪيو، پر پوءِ ڇا ٿيو؟ هو ان سياسي طبقي سان گڏ وڃي بيٺو، جنهن کي هن ڪرپٽ سڏيو هو يا جنهن خلاف ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيل هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ قاف ليگ ۽ ان جي قيادت کي ڪرپشن کان پاڪ ۽ صاف هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي، جيڪي جماعتون ۽ سياستدان قاف ليگ جي دروازي تائين نه ويا، تن جا ڏوهه ۽ گناهه ڌوپجي نه سگهيا. هو يا جاچ وارن ادارن يا وري ڪورٽ جي حاضرين جا چڪر ڪاٽيندا هئا. نيٺ ڳالهه اُتي وڃي ٽوڙي وئي، جڏهن سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اين آر او جاري ڪيو. اين آر او ڄڻ گنگاجل هو، جنهن ۾ ڪرپشن جي گند سان ڀريل سمورا همراهه صاف سٿرا ٿي ويا، ڄڻ مٿن ڪو الزام ئي نه هو. هو اين آر او ذريعي پنهنجا پراڻا گناهه بخشرائي نوان ڏوهه ڪرڻ جهڙا ٿي ويا.
نيب جي لسٽ ايتري ڊگهي ڇو آهي؟ حالانڪه ڪي تجزيه نگار ان کي بنهه ننڍي لسٽ پيا سڏين. ڊگهي لسٽ مان مطلب اهو آهي ته ڪيترائي پراڻا ۽ پينڊنگ ۾ پيل ڪيس ڇو آهن؟ اهي وقت سر ڇو نه اُڪلايا ويا؟ اصل ۾ ڪرپشن جي معاشري ۾ هڪ سياسي نعرو ۽ اصطلاح بڻجي ويو آهي، جنهن جي ذريعي مخالفن کي بدنام ڪري سگهجي ٿو، انهن کي دٻائي ۽ بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو يا انهن کي سياست کان ٻاهر ڪري سگهجي ٿو. ايوب خان ”ايبڊو“ ذريعي سياستدانن کي سياست کان پري ڪيو، بعد ۾ جنرل ضياءَ ”پهرين احتساب پوءِ انتخاب“ جي نعري کي مڃتا ڏني ۽ ان جي آڙ ۾ چونڊون ڪرائڻ کان لنوائيندو رهيو، انهن ٻنهي آمرن جي احتساب جو نتيجو تاريخ جو حصو آهي ۽ هاڻي اها ڳالهه بحث جوڳي نه رهي آهي ته انهن احساب جو نعرو ۽ عمل ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو هو. هو دراصل غير آئيني ۽ غير قانوني طور حڪومت ۾ اچڻ کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ نئون قانون ۽ نئون رستو جوڙي رهيا هئا. هو نوان سياسي بروڪر به پيدا ڪري رهيا هئا ته جيئن پراڻين سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن مان جند ڇڏائين، ان لاءِ انهن عام چونڊون نه ڪرايون پر مڪاني چونڊون ضرور ڪرايون. سندن مقصد نون سياسي بروڪرن وسيلي عوام جي هڪ طبقي جي حمايت حاصل ڪرڻ هو.
سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل فهرست تي ڪنهن ماڻهوءَ کي تعجب ناهي، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ سياست کي بگاڙڻ ۽ ان کي مخصوص شڪل ڏيڻ ۾ ڪرپشن جو وڏو رول رهيو آهي. ستم ظريفي اها آهي، جو ڪرپشن جا جيڪي الزام لڳايا وڃن ٿا، انهن لاءِ دهل گهڻو وڄايو ويندو آهي.  اهي عام ماڻهن ۽ ميڊيا تائين ضرور پهچن ٿا، پر عدالتن تائين نه ٿا پهچن، جتان سزائون اچي سگهن. چند مثال بڻجي سگهن ۽ ڪرپشن بطور نظام جي سياست، حڪومت، انتظاميه ۽ هيٺين سطح تي رائج نه ٿي سگهي، پر ڪرپشن جا اهي الزام توڙي ڪيس منطقي انجام تائين نه ٿا پهچن. اهو ڪم نه ڪا حڪومت ڪرڻ گهري ٿي ۽ نه ئي نيب، ڇاڪاڻ جو اهي ڄاڻن ٿا ته انهن جو اڪلاءُ عدالتن ۾ نه، پر سياست ۾ ٿيندو.
نيب ان لاءِ جوڙي وئي هئي ته ان ذريعي ڪرپشن جو خاتمو ايندو ۽ ڪرپشن جو ٽوڙ ٿيندو. اهو سڀ تڏهن ٿيندو، جڏهن انصاف ٿيندو، پر سالن کان ائين نه پيو ٿئي. نتيجي ۾ هي ادارو اهي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، جن لاءِ قائم ڪيو ويو هو. ڪيترائي جوابدار پلي بارگيننگ جي ذريعي ڦٻايل رقم مان ڪجهه رقم ڀري بري ٿي وڃن ٿا. هن عمل سان ٻٽو پيغام ملي ٿو يعني ڪرپشن ڪندا رهو، جيڪڏهن پڪڙجي پئو ته گهوٻيون هنيل رقم مان حصو پتي واپس جمع ڪرائي صاف سُٿرا ٿي، معززن جي لسٽ ۾ اچي وڃو. ان رقم جي ادائگيءَ بعد نه ڪا سزا آهي، نه ڪا پينلٽي يعني ان سان ڪرپشن ختم ٿيڻ بدران ڄڻ ان ۾ واڌ اچي رهي آهي.
دراصل هڪ مضبوط پيغام، سو به موثر طريقي سان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪرپشن ختم نه ٿيڻ ڪري ماڻهن جي مصيبت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. نيب جو تازو قدم سٺو به لڳي ٿو، پر ڊپ به ٿئي ٿو ته ڪٿي اهو سويلين اختيارين کي وڌيڪ دٻائڻ جو اوزار ته ناهي.
ماڻهن کي شڪ آهي ته هن ڀيري به ماضيءَ جي ڪهاڻي ته نه پئي دهرائي وڃي ته انهن الزامن کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ته استعمال نه ڪيو ويندو؟ ڪو نئون اين آر او ته نه ايندو يا جوابدارن کي واقعي سزا ملي ويندي؟ معاملو ملڪ جي اعلى ترين عدالتن آڏو آهي. ڏسجي ته عام ماڻهن جي حصي ۾ ڪيترو انصاف اچي ٿو.
sohailsangi@yahoo.com

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2015/2015/10%20Jul%202015.htm

Labels: , ,

Friday, June 19, 2015

بنگالين تاريخ کي ناهي وساريو 16 ڊسمبر 2013ع

بنگالين تاريخ کي ناهي وساريو

سهيل سانگي

سومر 16 ڊسمبر 2013ع
مُلان قادر کي آيل ڦاسي 1971ع جا ڦَٽَ اُپٽي ڇڏيا آهن، جڏهن بنگال جي عوام جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ بدران فوجي ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪيو ويو. اڄوڪي بنگلاديش ۽ ڪالهوڪي اوڀر پاڪستان جا ماڻهو جمهوريت ۽ ملڪ جي ٻين شهرين جيان معاشي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي حق گُهري رهيا هئا. انهن حقن جي حاصلات لاءِ انهن ٻه ڀيرا ٻَڌيءَ جو مظاهرو ڪندي، پنهنجو جمهوري ۽ سياسي فيصلو ڏنو. پهريون ڀيرو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جُگتو فرنٽ وڏي پيماني تي چونڊون کٽيون ۽ ٻيو ڀيرو 1970ع ۾ يڪراءِ فيصلو ڏنو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جهڙي نموني جون حڪومتون آيون، رياستي پاليسيون ٺهيون، بنگال سميت ٻين صوبن سان ڇا وهيو واپريو، سو رڳو ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ئي ناهي، جيڪا رڪارڊ طور ڪتابن،  سرڪاري آفيسن يا تحقيقي مقالن ۾ موجود هجي، بلڪه ڪيترن حوالن سان ان رويي جو تسلسل اڃا به جاري آهي، جنهن تي ملڪ جا روشن خيال ۽ ساڃاهه وند متفق آهن. ساڳيءَ ريت اسٽيبلشمينٽ کي ويجهو رهندڙ ڌريون به ان حقيقت کان انڪار نه ٿيون ڪن. فرق اهو آهي جو اهو لَڏو ان جي تشريح ۽ توضيح ڪجهه مختلف ڪري ٿو. بنگالي ڇو ڌار ٿيا؟ انهن کي حق نه ڏنا ويا ۽ ڌِڪيو ويو جو هو آزاديءَ جي جنگ وارو رستو اختيار ڪن.
انهيءَ جنگ دوران ڇا ٿيو؟ ان جو احوال جسٽس حمود الرحمان جي رپورٽ، جيڪا هونئن ته ڇپجي چڪي آهي، پر سرڪاري طرح پڌري نه ڪئي وئي آهي، تنهن ۾ تفصيل سان ملي ٿو. نه رڳو اهو، بلڪه ان کان پوءِ ڪيترن ئي محققن، جنهن ۾ پاڪستاني محقق به شامل آهن، ان جنگ جي واقعن، زيادتين ۽ ظلمن جا تفصيل ڏنا آهن. خود ڪجهه رٽائرڊ جنرلن جون لکڻيون به ان ڳالهه جو ثبوت آهن. اهڙيون ڳچ لکڻيون ملڪ جي لائبريرين ۽ يونيورسٽين ۾ موجود آهن. حمود الرحمان رپورٽ توڙي انهن تحقيقي لکڻين کي اڄ سوڌو ڪير به رد نه ڪري سگهيو آهي. انهيءَ جنگ ۾ ڪنهن جو ڇا ڪردار رهيو، ڪنهن ڇا ڪيو، اهو ڄاڻڻ گهڻو ضروري آهي، جيڪڏهن حمود الرحمان رپورٽ سرڪاري طرح پڌري ڪئي وڃي ها، ته جيڪر اڄ ڪي ڌريون مُلان قادر جي ڦاسيءَ جي حوالي سان جيڪي دليل ڏيئي بحث ڪري نئون ڪوهيڙو پيدا ڪري رهيون آهن، تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيون آهن. انهن کي  ائين ڪرڻ جي همت ئي نه ٿئي ها. جيستائين تاريخ جو رڪارڊ صاف نه رکنداسين، تيستائين وقت بوقت اهو سوال ماڻهن جي ذهنن کي مُنجهائيندو رهندو ۽ غلط تصورن کي پُختو ڪندو رهندو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، ڊگهي ۽ اجائي بحث ۾ پوڻ بدران حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ پڌري ڪئي وڃي.
مُلان قادر کي جن الزامن هيٺ سزا ڏني ويئي آهي، سي ڪنهن به طرح سان سياسي نوعيت جا ناهن. بلڪه اهي اخلاقي ڏوهه جي دائري ۾ اچن ٿا، جن جي دنيا جو ڪوبه قانون توڙي مذهب اجازت نه ٿو ڏئي. ايتريقدر جو جنهن پارٽيءَ سان هو واڳيل هو، يا جيڪي ماڻهو هن جي اڄ حمايت ڪري رهيا آهن، اهڙن الزامن وارو ماڻهو سندن پارٽيءَ ۾ قابلِ قبول نه هجي ها، ڇاڪاڻ جو قتل، زنا، ٻارن کي مارڻ وغيره وارا ڏوهه انسانيت جي خلاف ئي ڏوهه آهن. مُلان قادر يا ان جي گروپ جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو اختيار نه هو، ته هو اهڙي قسم جا ظُلم ڪن.
ڦاهيءَ جي سزا اچڻ تي خوش نه ٿيڻ گهرجي. پر اها سزا ماضي ياد ڏياري ٿي، جڏهن بيگناهه ماڻهن تي ظلم ڪيا ويا، کين قتل ڪيو ويو. اهڙي قسم جي گڏيل ۽ سنگين ڏوهن ۾ گهربلن کي سزا مهل اها دعا ۽ وچن ٿئي ٿو ته، اهڙا ڏوهه ۽ ظلم ٻيهر نه ٿين. تاريخ  جو هي هڪ اهم سبق آهي ته، انصاف جو ڦِيٿو ضرور ڦِري ٿو، پوءِ ڀلي سُست رفتاريءَ سان ئي سَهي. هن ڪيس ۾ پورا 42 سال لڳا. ڄڻ بنگالي قوم ۽ انهن ظُلمن جا ستايل، اهو سمورو عرصو سُور کائيندا رهيا ۽ تڙپندا رهيا، جڏهن ان جي سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن، پروفيسرن ۽ دانشورن کي چُونڊي چُونڊي ماريو ويو. بنگالين کي پنهنجو پاڻ کي تاريخ آڏو شرمساريءَ کان بچڻ لاءِ اهو عرصو لڳو ۽ نيٺ انهن ان ابدي اصول کي ريج ڏنو ته، آخر انصاف جو ڦِيٿو ڦِري ٿو. اهو ڄڻ سڄي دنيا جي مظلومن لاءِ آٿت ۽ ظالمن لاءِ چِتاءُ وارو پيغام آهي.
بنگالين جو اهو درد مون 2010ع ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺو، صحافين جي هڪ ٽيم، جنهن ۾ مون سان گڏ ناز سهتو، اقبال خواجه، امر گرڙو، جان خاصخيلي ۽ ڊان جي فائزه الياس به هئي. ڊبليو ڊبليو ايف جي مهربانيءَ سان بنگلاديش جي ڊيلٽائي علائقن، خاص ڪري سندربن ڏسڻ ويا هئاسين، ڏهاڪو ڏينهن جي هن دوري ۾ هڪ ڏينهن عام ماڻهن جي زندگي ڏسڻ به هو. ڍاڪا کان اڍائي ڪلاڪن جي پند تي هڪ بستيءَ ۾ پهتاسين. اسين الڳ الڳ گروپن ۾ مشاهدو ڪري رهيا هئاسين ۽ معلومات وٺي رهيا هئاسين ته، اسان جو هڪ گروپ، جنهن ۾ اقبال خواجه ۽ سنڌ حڪومت جو هڪ سرڪاري آفيسر شامل هو، سو گروپ پوئتي رهجي ويو. اوچتو اقبال خواجا جا سڏ ۽ رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. آئون پنهنجي گروپ سان گڏ ان ڏانهن متوجه ٿيس. ۽ اقبال جي سڏڻ تي اوڏانهن تڪڙو تڪڙو لڙي ويس، ڇا ٿا ڏسون، ته هڪ نوجوان خواجه صاحب ۽ سندس گروپ سان وڏي جُٺ ڪري رهيو آهي. مون تڙ تڪڙ ۾ خواجا صاحب کان حال احوال ورتا، ته آخر ٿيو ڇا آهي؟ اڃا اقبال ٻڌائڻ ئي شروع ڪيو، ته اهو نوجوان شروع ٿي ويو، ته توهان پاڪستانين کي شرم ڪونه ٿو اچي، جو هتي آيا آهيو، توهان اسان جي ٽِيهه لک ماڻهن جا قاتل آهيو. هڪ لک کان مٿي عورتن سان زوري زنا جا ڏوهاري آهيو. هو يڪ ساهيءَ ۾ اسان تي فردِ جرم عائد ڪري رهيو هو. سندس چوڻ هو ته، توهان کي هتي اچڻ جي همت ڪيئن ٿي؟ هن نوجوان جي انهن الزامن ۽ ڏوهن واري لسٽ جي بمباريءَ ۾ ڏاڍو مشڪل سان پاڻ سنڀالي سگهياسين. مون چيو ته، اهو سڀ صحيح – توکي خبر آهي ته، اسين ڪٿان آيا آهيون؟، سو مون چيو ته، اسين جتان آيا آهيون، سو پاڪستان ۾ شامل ضرور آهي، پر اُتي به اسان کي ڪي برابريءَ وارا ۽ جمهوري حق ناهن. اسين انهن حقن لاءِ رياستي ادارن سان جهيڙي ۾ آهيون. تون اسان کي ڪيئن ٿو بُرو ڀلو چوين. ٻي ڳالهه ته پاڪستان ۾ ڪالهه به اهڙا ماڻهو هئا، جن توهان جي حقن لاءِ آواز پئي اُٿاريو. سڀ اولهه واري پاسي جا اهڙا ناهن. مون کيس اهو به ٻڌايو ته، اسين بينظير جي صوبي جا آهيون. اهي سڀ ڳالهيون اسان ساڳئي وزنائتي انداز سان چيون، جنهن انداز سان هن نوجوان پنهنجون ڳالهيون رکيون هيون. همراهه ڪجهه ٿڌو ٿيو، ڳالهائڻ ٻولائڻ جي گهٽي نڪتي. اڌ ڪلاڪ کن بحث ٿيڻ بعد کيس ڳالهه سمجهه ۾ آئي. پر اسان کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي، ته چاليهارو سالن بعد به بنگالين جو سُور لٿو ناهي. هو اڄ به پاڻ کي زخمي محسوس ڪن ٿا. شايد ان ڪري جو ڪڏهن ڪنهن حقيقتن کي مڃيو ئي ڪونهي ۽ سندن زخمن تي همدرديءَ جي پٽي رکي ڪونهي. ان بستيءَ کان ڍاڪا واپسي دوران آئون، ناز ۽ اقبال خواجا ان موضوع تي ئي ڳالهائيندا رهياسين. اقبال گهڙي گهڙي چوي: ”سائين! هن ڇوري ذري گهٽ اسان کي ماريو ٿي، چڱو ٿيو جو توهان وقت سر پهتا“. اهڙو ٻيو واقعو تڏهن پيش آيو، جڏهن اسين جنگ آزادي جو ميوزيم ڏسڻ وياسين. اسان  کي گيٽ تي ان لاءِ روڪيو ويو، جو اسان وٽ ڪئميرائون هيون. ٻڌايوسين ته صحافي آهيون ۽ پاڪستان مان آيا آهيون. گيٽ تي ويٺل همراهه جو وس نه پيو پڄي جو اسان جون ڪئميرائون ڀَڃي ڀور ڪري ۽ لٺيون وسائي، اسان کي ڀڄائي ڇڏي. مون ۽ ناز سهتي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ هڪ ئي وقت چيو ته، ”جي اهو ميوزيم نه ڏٺو، ته پوءِ ڍاڪا ڇا لاءِ آيا آهيون؟ “ اسان فوراً چيو ته، ميوزيم جي ڪيئر ٽيڪر سان ملڻ ٿا چاهيون، کيس سڏايو. ٿوري دير ۾ هڪ ڪراڙو همراهه نڪري آيو، کيس ٻڌايوسين ته، اسين سنڌ مان آيا آهيون. توهان ته ڀڄي جِند ڇڏائي، اسان اڃا تائين ڦاٿا پيا آهيون. مختصر تعارف به ڪرايوسين. اسان جي انهن جملن سان Wave length ملي ويئي. اکر ڪم ڪيو. همراهه کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. اسان کي چيائين اندر اچو، اندر کليل جاءِ تي اسان کي آڻڻ بعد هن چيو ته، توهان هتي ترسو، آئون ميوزيم جي نگران کان پڇي اچان. ناز پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو: ابا! اڄ بنگالي اسان کي هتي واڙي اڳيون پويون سڀ ڪسرون ڪڍندا. ٿوري دير ۾ واپس آيو ۽ چيائين ته، مبارڪون هجن. توهان کي اجازت آهي، تصويرون ڪڍو. وڊيو ٺاهيو، جيڪي وڻي سو ڪريو. ان بعد هو اسان کي هڪ هڪ شئي ڏيکاريندو رهيو ۽ ٻڌائيندو رهيو. تصويرون، اجتماعي قبرن مان ڪڍيل لاشن جا هڏا، الائي ڇا ڇا، هڪ رضاڪار جي وردي، پاڻيءَ جو جار ۽ بندوق کي مون غور سان ڏٺو پئي، ايتري ۾ همراهه آيو ۽ مون کي چيائين: اها منهنجي وردي ۽ سامان آهي. آئون جيسور سيڪٽر جو آزاديءَ واري جَٿي جو ڪمانڊر هئس. جڏهن سڄو ميوزيم ڏسي دنگ ڪيوسين، ته نياپو مليو ته نگران صاحب اسان کي چانهه پيارڻ ٿو چاهي. ننڍڙي هال ۾ پهتاسين، جتي ٽيبل ڪرسيون ڪانفرنس اسٽائيل سان لڳل هيون. پهرين تعارف ٿيو. اتفاق سان نگران جي ساڄي پاسي کان ناز ويٺل هو، ان بعد باقي اسان جا ٽيم ميمبر ۽ کاٻي پاسي آئون هئس. ناز کيس ٻڌايو ته، هو قومپرست سياسي ڪارڪن رهيو آهي. قاضي فيض محمد صاحب سندس ڏاڏي وانگر آهي. سڀني جو تعارف ٿيندي آخر ۾ منهنجو وارو آيو. مون ٻڌايو ته آئون کاٻي ڌر سان واڳيل پارٽيءَ ۾ رهيو آهيان. بنگال ۾ فوجي آپريشن مهل ڀتيون ڪاريون ڪيوسين، (چاڪنگ ڪري) پمفليٽ ورهايا. اسان کي خبر ناهي ته، اسان جي ان عمل توهان کي ڪيترو فائدو پهچايو پر اسان توهان سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. همراهه اُٿي ڀاڪر پاتو ۽ چيائين ته، خوشي ٿي ته، پاڪستان جي ڪن صحيح ماڻهن سان ملاقات ٿي. ڪچهريءَ دوران هن ٻڌايو ته، توهان پهريان ماڻهو آهيو، جيڪي پاڪستانيءَ طور آيا آهيو ۽ ائين پنهنجي سڃاڻپ به ڪرائي ۽ پنهنجي ڳالهه به مڃرائي ويا. ميوزيم جو دورو، اُتي ٿيل ڳالهين لاءِ ڊگهو قصو آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي دفعي لکبو.
انهن ٻن واقعن ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته، عام بنگالي ڪيئن ٿو سوچي، انهن جي نه تڪليف لٿي آهي ۽ نه ئي ڪاوڙ، ان جو اظهار هنن مُلان قادر کي ڦاسيءَ جي سزا تي خوشيون ملهائڻ جي صورت ۾ ڪيو، ته وري اسان سان پيش آيل ٻن واقعن ۾ به ملي ٿو. پر اسان جي ٽيم سان پيش آيل ٻن واقعن ۾ ائين ٿيو ته، جڏهن اسان کين ڳالهه سمجهائي ته، 71ع وارن واقعن کي ڪوبه سرت ڀريو پاڪستاني چڱو ڪونه ٿو سمجهي ۽ پاڪستان جا صوبا اڄ به برابريءَ وارن حقن لاءِ ۽ پاڪستان جو عوام جمهوري جدوجهد ۾ ائين ئي رڌل آهي، جيئن بنگالين جي گڏ هجڻ واري زماني ۾ هو، ته کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ويئي ۽ انهن بلڪل همدرديءَ وارو رويو رکيو.
پاڪستان 71ع وارن واقعن کي اڄ ڪيئن ٿو ڏسي؟ ان تي ڪڏهن به ڪا چِٽائي ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هڪ سڄو دور اونداهو رکيو ويو آهي، لڪل رکيو ويو آهي. مُلان قادر واري سزا تي پرڏيهي کاتو چوي ٿو ته، اهو بنگلاديش جو اندروني معاملو آهي پر گهرو معاملن واري وزير چوڌري نثار کي ان تي گهري ڳڻتي آهي. سندس وس نه پيو پڄي، ته ٻيو گهڻو ڪجهه چوي. اسان ۽ بنگالين ۾ فرق اهو آهي ته، اسان تاريخ وسارڻ چاهيون ٿا، بنگالي تاريخ وسارڻ کان انڪار ڪيو ويٺا آهن. بقول فيض جي ته:
مُجهئ ياد هئ ذَرا  ذَرا، تُمهيڻ ياد هو ڪه نه ياد هو!
 پاڪستان جيڪڏهن انهن واقعن کي پنهنجي تاريخ جو سُنهري واقعو نه سمجهي ۽ ان جي مذمت ڪندي معذرت ڪري، ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. اهو خود پاڪستان جي صحت توڙي عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ به سٺو آهي، ته تاريخ کي سڌو ڪيو وڃي. ملان قادر کي ڦاسي ڪو وڏو واقعو ناهي،  وڏو واقعو اهو آهي ته، اهڙا واقعا آئينده نه ٿين.

Labels: , ,

نوازشريف جي عملي طور حڪومت هاڻ شروع ٿي رڳي آهي

 نوازشريف جي عملي طور حڪومت هاڻ شروع ٿي رڳي آهي

سهيل سانگي

 29 نومبر 2013ع
هاڻي نواز شريف جو اصل دور شروع ٿي رهيو آهي. رياست جي ٻن اهم ادارن جا سربراهه ”باقيات“ نه پر سندس ئي حڪومت جي مقرر ڪيل آهن. عدليه ۽ عسڪري لڏي جو گذريل پنجن سالن دوران حڪومتي معاملن ۾ ڏاڍو اهم ڪردار رهيو آهي، جو مختلف وقتن تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ جنرل ڪياني ڪيترن ئي معاملن تي سخت موقف وٺي بيٺا.
ماڻهو ته ان ڳالهه کي به ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيا آهن ته وزير اعظم چيف جسٽس ۽ آرمي چيف جي مقرريءَ وارا فيصلا ساڳئي ڏينهن تي ڪيا، جيتوڻيڪ جنرل ڪياني هڪ مهينو اڳ اعلان ڪيو هو ته هو نومبر ۾ رٽائر ڪندو، پر وزير اعظم سڄو مهينو ڪو فيصلو نه ڪيو. سڀني جون اکيون وزير اعظم ۾ کتل هيون ته هو آرمي چيف لاءِ ڪنهن جو ٿو نالو کڻي. ان سڄي عرصي جي افواهن جي باوجود وزير اعظم فيصلو نه ڪيو ۽ جنرل ڪياني جي رٽائرمينٽ جي تاريخ اچي پهتي، تڏهن هن نه رڳو نئين آرمي چيف جو، بلڪه نئين چيف جسٽس جي مقرري جو به اعلان ڪيو، ڄڻ اهي ٻئي فيصلا هڪ ٻئي سان سلهاڙيل هجن.
ڪي تجزيه نگار جنرل ڪياني جي موجودگي کي اين آر او جو حصو سڏي رهيا آهن، جنهن تحت پيپلز پارٽي کي اقتدار ڏنو ويو. بعد ۾ انهيءَ پارٽي جي حڪومت کيس ملازمت ۾ ٽن سالن جي واڌ ڪري ڏني. چيو وڃي ٿو ته اين آر او ٺاهڻ وارو جنرل ڪياني ئي هو، جيڪو مشرف جي ان دور ۾ ڳجهي اداري جو سربراهه هو. اهو موقف ۽ خيال پنهنجي جاءِ تي پر رٽائر ٿيندڙ جنرل پنهنجي دور ۾ فوج کي اقتدار کان پري رکيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ان ڏس ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي ٿيو پر پوءِ به فوج سياسي معاملن تي اثر انداز ٿيندي رهي.  بهرحال جمهوريت کي هن مرحلي تائين پهچائڻ ۾ جنرل ڪياني جو پنهنجو ڪردار آهي، ان ڪري ڪجهه حلقا کيس ”جمهوريت پسند جنرل“ سڏڻ لڳا. جڏهن اين آر او آيو هو ته نواز شريف کي ڏاڍي مٺيان لڳي ته هو اقتدار جي گيم مان آئوٽ ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو ان تحت اقتدار ۾ پيپلز پارٽي ۽ مشرف ئي بيٺا پئي. اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ ٻين ججن جي بحاليءَ لاءِ لانگ مارچ شروع ڪيو. ائين هو هڪ ئي ڌڪ ۾ مشرف ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي کي ڏکيو پئجي رهيو هو، ته ٽئين پاسي عدليه جون همدرديون حاصل ڪري رهيو هو. ائين ججن جي بحالي انصاف ۽ حق جي مطالبي تي ٻڌل هئي، سا ڳالهه پنهنجي جاءِ تي، پر هن لانگ مارچ نواز شريف کي واپس اقتدار واري راند ۾ شامل ڪيو. ان جو اشارو کيس لانگ مارچ جي اڌ ۾ جنرل ڪياني طرفان چوڌري اعتزاز احسن جي هٿان موڪليل نياپي جي شڪل ۾ مليو ته ججن کي بحال ڪيو پيو وڃي.
جڏهن پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ هئي ۽ آصف زرداري صدر هو، تڏهن ڪيترائي ڀيرا ان کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هٽائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي. پيپلز پارٽي کي سڄو وقت عدليه کان خطرو رهيو، ڇاڪاڻ جو اتي جيڪي به مکيه ڪيس هئا، سي هن پارٽي جي حڪومت ۽ مکيه اڳواڻن جي خلاف هئا. تڏهن پيپلز پارٽي توڙي ان جا حامي تجزيه نگار اهو چوڻ لڳا هئا ته، ”ويندا ته ٽئي ويندا“ يعني صدر زرداري، چيف جسٽس ۽ جنرل ڪياني. پيپلز پارٽي جو سڄو دور اها لڪ لڪوٽي هلندي رهي، تان جو صدر آصف زرداري پنهنجو مدو پورو ڪيو، ان بعد جنرل ڪياني ۽ هاڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري به پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ڪري رهيو آهي. اهو صحيح آهي ته سموري عدالتي ڪارروائي پيپلز پارٽي کي هٽائي ته نه سگهي پر ان جي نتيجي ۾ نواز شريف لاءِ ميدان ٺهندو رهيو.
جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه کي ائين وٺجي ته هڪڙو دور نج پج مشرف جو دور هو، ان دور ۾ نواز شريف آئوٽ هو ته وري چيف جسٽس ۽ ٻين ججن کي به هٽايو ويو. ان بعد جيڪو دور آيو، تنهن ۾ مشرف، زرداري ۽ جنرل ڪياني موجود هئا پر چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري موجود نه هو. ٽئين دور ۾ مشرف غائب آهي، زرداري، جنرل ڪياني ۽ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري شامل آهن. انهن ٽنهي جو پنجن سالن تائين ”ساٿ“ رهيو. اهو هڪ سٽاءُ هو، ان سٽاءَ يا ترتيب مان جيڪڏهن هڪ ڄڻو يعني زرداري گهٽ آهي ۽ ٻه ڄڻا برقرار آهن ته ڳالهه ٺهندي نظر ڪانه ٿي اچي. مٿان وري جنرل ڪياني پنهنجي توڙي فوج جي مجموعي ساک بحال ڪرڻ لاءِ رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري تاريخ ۾ نالو لکائي ڇڏيو. آصف زرداريءَ جي صدارت تان هٽڻ بعد ڪي اهڙا طلاع، ڪي تجزيا ته ڪي سرگرميون رپورٽ ٿينديون رهيون ته جنرل ڪياني جي ملازمت ۾ واڌ ڪرڻ جو معاملو ويچار هيٺ آهي ۽ اهو به ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي پڻ ملازمت ۾ واڌ تي ويچار ڪيو پيو وڃي، وغيره وغيره. ايتري قدر جو ايم اين اي مجيد دستي قومي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ آڻڻ جي به ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام رهي. مٿان وري چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ عدليه ڪن معاملن تي حڪومت کي سوڙهو ڪري رهي هئي ته وري ٻين معاملن ۾ حڪومت کي ڊپ هو ته عدليه جي اها ايڪٽو ازم ڪيڏي مهل به ڪر کڻي سگهي ٿي. اخبارن ۾ اهي به ڳالهيون شايع ٿيون آهن ته نواز حڪومت جي وزيرن کي شڪايت رهي ته عدليه کين چرڻ يا ڪجهه ڪرڻ نه ٿي ڏئي. جيتوڻيڪ جڏهن عدليه اهڙي يا ان کان وڌيڪ ڪا هلت پيپلز پارٽي جي حڪومت سان ڪري رهي هئي ته نواز ليگ خوش هئي، پر جڏهن پاڻ تي اها ڳالهه آئي ته رڙيون ڪرڻ لڳي. ان ڪري نواز شريف جي خواهش هئي ته سمورو سيٽ اپ ۽ سٽاءَ نئون هجي. سو نيٺ اهو نئون سٽاءَ ٺهي ويو آهي. هاڻي ڀائنجي ٿو ته ڪنهن به معاملي ۾ کيس ڪابه رڪاوٽ ناهي. ڄڻ نواز شريف جي عملي طور حڪومت هاڻ شروع ٿي رهي آهي.

Labels: , , ,

حڪمرانن جا اندروني ’تضاد‘ ۽ ڊرون حملا بند ڪرڻ وارو سوال 23 نومبر 2013ع

حڪمرانن جا اندروني ’تضاد‘ ۽ ڊرون حملا بند ڪرڻ وارو سوال
 ڇنڇر 23 نومبر 2013ع
 سهيل سانگي
ڇا عجب زمانو اچي ويو آهي، نواز حڪومت جو سڌ سماءُ وارو وزير پرويز رشيد چوي ٿو ته، اڄ ملڪ ۾ موجود فرقيواريت لاءِ رياست جون پاليسيون ذميوار آهن، ڇاڪاڻ جو رياست ڪيترن سالن کان ان مذهبي فرقيواريت ۾ ڌُر رهي آهي. هاڻي وري وزيرِ داخلا چوڌري نثار علي چوي ٿو ته، آمريڪا کي اسين ڪيئن دوست چئي ٿا سگهون؟ اهو ڊرون حملا پيو ڪري، هن اڃا اڳتي چيو آهي ته، آمريڪي امداد ڪڏهن به مثبت تبديلي نه آندي آهي. هن کان اڳ جماعتِ اسلامي جي سربراهه منور حسين جي بيان تي پڻ ڪجهه نظرياتي لِيڪا وائکا ٿيا، تڏهن حڪيم الله محسود کي ”شهيد“ سڏڻ وارو معاملو هو. پرويز رشيد تازو فرقيوارانه جهيڙن جي حوالي سان پئي ڳالهايو. چوڌري نثار علي هنگو ۾ ٿيل ڊرون حملي ۽ ان تي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جي بيان تي ٽوڪيو آهي.
چوڌري نثار علي چوي ٿو ته، سرتاج عزيز کي آمريڪا جي ان خاطريءَ تي ڪيئن يقين آيو ته، اهو طالبان سان ڳالهين تائين ڊرون حملو نه ڪندو. آمريڪا جي تازن ٻن حملن، پهريون جنهن ۾ طالبان اڳواڻ حڪيم الله محسود مارجي ويو هو ۽ ٻيو تازو پشاور ۾ ٿيو، پاڪستان ۾ صف بنديءَ کي چِٽو ڪري ڇڏيو آهي. اها صف بندي سياسي هجڻ بدران نظرياتي ۽ حڪمتِ عملي واري وڌيڪ آهي. اها به عجيب ڳالهه آهي ته، چوڌري صاحب وزير گهرو معاملن وارو آهي پر هو ڳالهائي پرڏيهي معاملن تي رهيو آهي، سو به وري پرڏيهي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز تي ٽوڪون ڪري رهيو آهي. ڄڻ کيس پرڏيهي صلاحڪار کان معاملن ۽ پاليسين بابت ڪا وڌيڪ ڄاڻ هجي ۽ کيس ان بابت ڳالهائڻ جو اختيار به هجي. سرتاج عزيز عمر، سياست ۽ تجربي وغيره ۾ چوڌري نثار کان گهڻو مٿي ۽ سينيئر آهي. ان بابت وزير اعظم نواز شريف به ڪو اهڙو تبصرو ڪرڻ يا ڳالهائڻ جي همت نه ڪري سگهندو آهي پر اهو چوڌري صاحب جو ڪمال آهي، جو سمورا پروٽوڪول ۽ ضابطا اورانگهي ٽوڪ به ڪري ويو ۽ وري پرڏيهي معاملن ۾ به گهڙي ويو.
اسلام آباد جا حلقا چون ٿا ته، گذريل ٻن مهينن کان چوڌري صاحب ڪجهه وڌيڪ نروار ٿي ويو آهي. ايتريقدر جو ملڪ اندر وزير اعظم کان به وڌيڪ سرگرم. سندس بيان ۽ موقف وزير اعظم يا وري ائين کڻي چئجي ته، حڪومت جي موقف کان مختلف هوندو آهي. حڪيم الله محسود جي قتل واري واقعي بابت به ائين ٿيو هو، جنهن تي خود پارٽي حلقن ۾ ڳالهيون نڪتيون، ڪجهه ڳالهيون وري ميڊيا تائين پهتيون. گهڻ ڳالهائو چوڌري نثار، نواز حڪومت جي گذريل دور ۾ به اهو ڏيکاءُ ڏيندو هو، ڄڻ ڊپٽي پرائيم منسٽر هجي، تڏهن آرمي چيف جي نامزدگي به سندس صلاح سان ڪئي ويئي هئي ۽ اهو آرمي چيف جنرل مشرف هو. پوءِ جيڪي ٿيو سو سڀني ڏٺو. تڏهن نواز حڪومت جي برطرف ٿيڻ ۽ ان جي قيد ۽ جلاوطن ٿيڻ سبب فاصلا وڌي ويا. چوڌري نثار پنجابي گانو ”ڪيون دور دور رهندي هو ساڊي ڪور“ ڳائيندو رهيو. بهرحال تازين چونڊن بعد وري ڪنهن طرح سان ”چئو چَوا“  ۽ ”ٽياڪڙي“ ڪم آئي. چوڌري صاحب وري ”اِن“ ٿي ويو آهي.
اهو صحيح آهي ته، تازين حالتن ۾ ڊرون حملا روڪڻ جي آمريڪا جي ڪابه نيت ڪونه ٿي لڳي، هو اتحادي فوجن جي افغانستان مان نڪرڻ واري تاريخ کي سوڙهو ايندو ڏسي، طالبان کي هر حال ۾ سوڙهو ڪرڻ گهري ٿو. ان جو اندازو آمريڪي ميڊيا ۽ آمريڪي اڳواڻن جي بيانن مان به ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته، اها ڳالهه آمريڪا نواز شريف کي به دوري مهل چِٽن لفظن ۾ ضرور چئي هوندي، اها ٻي ڳالهه آهي ته، ميان صاحب ان جي باوجود ڳالهين لاءِ دروازا کليل رکندو آيو. سندس ان پاليسيءَ کي تحريڪِ انصاف ٻچاپڙائپ سڏي رهي آهي، ته نواز شريف آمريڪا سان هڪڙي ڳالهه ٿو ڪري، ته وري ملڪ ۾ ٻي ڳالهه ٿو ڪري. سرتاج عزيز به ڪو خواب ڪونه ڏٺو هو ۽ نه وري ڪو کِيسي مان پنو ڪڍي اهڙو پاليسي بيان ڏنو هوندو. ممڪن آهي ته، ڪنهن آمريڪي اهلڪار کيس ڪا اهڙي پڪ نه ڪرائي هجي، پر اها ته پڪ آهي ته، وزير اعظم کيس اهڙو اطلاع يا اهڙيون هدايتون ڏنيون هونديون. نه ته سرتاج عزيز نه ڪو اهڙو ڇڙواڳ وزير آهي ۽ نه وري ڪو آداب کان غير واقف ماڻهو، ان ڪري سرتاج عزيز جي پرڏيهي پاليسيءَ بابت اهڙي پاليسي بيان کي حڪومت ۽ وزير اعظم طرفان ئي سمجهڻ گهرجي. چڱو ٿيندو ته، ٻيا وزير ۽ ميڊيا جيڪڏهن ان بابت چٿرون ڪرڻ چاهي ٿي ته، اها وزير اعظم تي ڪري.
آمريڪا جي تازي ڊرون حملي، سرتاج عزيز جي بيان ۽ ان تي چوڌري نثار علي جي ”ناقص راءِ“ کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته، اصل حقيقتون ڪي مختلف آهن. آمريڪا ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ ڪا ڊيل يا ڪا انڊر اسٽينڊنگ ضرور آهي. حڪومت اها ڳالهه عام ڪرڻ کان ڊڄي رهي آهي. نتيجي ۾ حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ ڄاڻ جي کوٽ سبب اعتماد جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. ڪيئي ڌريون انهيءَ اعتماد جي کوٽ Credibility جو ناجائز فائدو وٺي رهيون آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ اڃا به وٺنديون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، هوائي خبرون ڪرڻ، حوال ڪٽڻ بدران عوام کي پوري ڄاڻ ڏني وڃي.
تازي ڊرون حملي پاڪستان ۾ سياست کي هڪ مختلف رُخ ۾ تيز ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جي پارٽي تحريڪِ انصاف جي زيرِ حُڪمراني صوبي ۾ ٿيل تازي حملي، عمران خان جي ”نيٽو سپلاءِ بند ڪرڻ“ واري سَڏ ۾ ڪاوڙ وڌائي ڇڏي آهي. ان جي باوجود جو سيپٽمبر ۾ مکيه پارٽين واري ڪانفرنس طالبان سان ڳالهين ۽ ڊرون حملن کي روڪڻ بابت ”يڪراءِ موقف“ اختيار ڪيو هو پر عمران خان جي تازي سڏ ۾ ٻي ڪابه پارٽي ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. سندس اهو سڏ ”سولو فلائيٽ“ هوندو. مولانا فضل الرحمان، جيڪو عمران خان وانگر ئي طالبان لاءِ نرم دل رکندڙ اڳواڻ آهي. ان جو موقف دلچسپ آهي. مولانا فضل الرحمان وڏو اُستاد لڳي ٿو. هن گذريل ڀيري اهو چئي ته، ”آمريڪا خلاف وڙهندڙ ڪُتو به شهيد آهي!“ جماعتِ اسلامي جي سربراهه منور حسين کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو. هو هاڻي عمران خان جي پويان پيل آهي. چوي ٿو ته، اهو رڳو احتجاجي جلسو يا ڌرڻو هوندو، ان کان مٿي ڳالهه نه چڙهندي. نيٽو سپلاءِ بلاڪ ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ڏسجي ته خان صاحب ڪيترو مولانا جي اُڪسائڻ ۾ اچي ٿو.
جيڪي ماڻهو مولانا فضل الرحمان کي سڃاڻن ٿا، تن کي خبر آهي ته، هو ڪيترو حسابي ماڻهو آهي. هو ڄاڻي ٿو ته، نيٽو سپلاءِ بلاڪ ڪرڻ واريون خبرون ”هوائي“ آهن. خاص ڪري اهڙي پارٽيءَ طرفان، جيڪا اهڙي اسٽريٽيجڪ صوبي ۾ حڪومت ۾ هجي. مولانا ضرور اهو به ڄاڻندو هوندو ته، آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي تازين هدايتن بعد عمران خان جي زيرِ حڪمراني صوبي خيبر پختونخوا ۾ ڪيتريون ترقياتي رٿائون شروع ٿي ويون آهن ۽ اوتريون ئي ٻيون پائيپ لائين ۾ آهن. اها ڳالهه به عام آهي جنهن کي مولانا ضرور حساب ۾ آندو هوندو ته، افغانستان ۾ 47 ملڪن جون فوجون آهن، جن کي گڏيل قومن جي اداري جي منظوري پڻ حاصل آهي. اها ڳالهه ان پسمنظر ۾ هيڪاري وڌيڪ اهميت رکي ٿي ته، تازو واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير جو يورپي ملڪن جي دوري بعد بيان آيو هو ته، يورپي يونين جا ملڪ خاص رعايت طور پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ٻيون شيون اٽڪل 700 ملين ڊالرن کان هڪ ارب ڊالرن تائين ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن. پاڪستان، جيڪو هينئر ٽَڪي ٽَڪي لاءِ نه سهي پر هڪ هڪ ڊالر لاءِ محتاج بڻيو بيٺو آهي، سو به اهڙي وقت ۾ جڏهن آءِ ايم ايف جي فرمائش تي پرڏيهي مَٽا سَٽا جا ذخيرا ڏيکارڻ لاءِ جڏهن اسٽيٽ بئنڪ پَٽَ سَٽَ ڪئي، ته ڊالر جو اگهه چڙهي ويو. مهانگائي ٿي وئي، وري به پورت نه ٿي، ته ماڳهين آءِ ايم ايف قسط جاري ڪرڻ ملتوي ڪري ڇڏي. اهڙي وقت ۾ عمران خان ڪيئن نيٽو سپلاءِ بلاڪ ڪندو؟ ۽ رياستي ادارا ان کي ڪيئن اهڙي ڍر ڏيندا؟ جو 47 ملڪ واپار ۽ امداد بند ڪري ڇڏين. اها جيڪڏهن ميڊيا وارن ۽ ٻين ادارن کي خبر آهي ۽ کين سمجهه ۾ اچي ٿي، ته پڪ عمران خان کي به سمجهه ۾ ايندي هوندي پر پوءِ به جيڪڏهن چوڌري نثار، عمران خان جهڙي ٻولي ڳالهائي، ۽  عمران خان ڌرڻو هڻي ٿو يا ان کي اهڙي ڍر ڏني ٿي وڃي، ته ڇا سمجهجي ته، گڏجي سڏجي ملڪ کي کاهيءَ ۾ ڌِڪيو پيو وڃي؟!.

Labels: , , , ,

جمهوريت جو مستقبل وري داءُ تي....؟ 16 جنوري 2013ع


جمهوريت جو مستقبل وري داءُ تي....؟

سهيل سانگي

اربع 16 جنوري 2013ع
اسلام آباد ۾ علامه طاهرالقادري جڏهن لانگ مارچ جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو ته جلسي واري هنڌ کان چند والن جي پنڌ تي واقع سپريم ڪورٽ هڪ اهڙو فيصلو ڏنو آهي، جنهن سان موجوده چونڊيل حڪومت جو خاتمو ٿيندي نظر اچي ٿو. عدالت رينٽل پاور ڪيس ۾ وزير اعظم راجا پرويز اشرف جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ۾ ويٺل جج صاحبان ان ڳالهه کان بخوبي آگاهه هوندا ته لانگ مارچ جي اسلام آباد ۾ موجودگي ۽ ان جي مطالبن جي پس منظر ۾ اهو فيصلو ڪهڙي معنى رکي ٿو ۽ ان جا موجوده صورتحال ۽ ايندڙ وقت تي ڪهڙا اثر پوندا. اهو ئي سبب آهي جو تجزيه نگار هن فيصلي کي لانگ مارچ جي مقصدن سان جوڙي رهيا آهن. سندن خيال آهي ته علامه قادري دعوى مطابق جڏهن لکين ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيو ۽ اهو انگ هزارن ۾ وڃي بيٺو ته حڪومت ۽ نظام کي ڊاهڻ لاءِ اها طاقت ناڪافي هئي، ۽ اها کوٽ تازي فيصلي پوري ڪري ڇڏي آهي. ڪن تجزيه نگارن موجب اهڙي غير محسوس مداخلت هونئن به ٿيڻي هئي.
نگران حڪومت ٺاهڻ لاءِ فوج ۽ عدليه جي مشاورت وارو علامه جو مطالبو آئين کان مٿڀرو آهي، ساڳيءَ ريت اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر جوڙجڪ جي به آئين ۽ قانون ۾ گنجائش ناهي. ٽيون مطالبو اُميدوارن جي اهليت وارو آهي۽ آخري ٻن مطالبن تي عمل ڪرڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته چونڊون ملتوي ٿين. نگران سيٽ اپ اهڙو اچي جيڪو ڊگهي عرصي تائين هلي.
اهي رڳو ڪي ٻه واقعا ناهن، جن ملڪ جي سياست جو رُخ متعين ڪيو آهي. ڪوئيٽا ۾ هزارا شيعن جي احتجاج کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهين دوران به هڪ ليڊر اهو مطالبو ڪيو ته ڪوئيٽا ۾ آخر فوج ڇو نٿي گهرائي وڃي، مطلب ڪوئيٽا واري واقعي کي انهن قوتن پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
عدالت جي فيصلي حڪومت لاءِ ڏاڍي ڏکي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي هن کان اڳ هڪ وزير اعظم جي قرباني ڏيئي چُڪي آهي، عدالت ٻئي وزير اعظم جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو آهي. ائين پيپلز پارٽيءَ جو اهو طعنو وري سچو ٿيڻ ڏي پيو وڃي ته ’اسان کي عدالتن مان ڪڏهن به انصاف نه مليو آهي.‘ پيپلز پارٽي عدالتي فيصلي تي عمل ڪري ٿي، تڏهن به ڏچي ۾، جيڪڏهن نٿي ڪري ته ڏچو هيڪاري وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ جو عدالتي فيصلو نه مڃڻ جي صورت ۾ رياست جي ٻن مکيه ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جو سوال پيدا ٿي پوندو. نتيجي ۾ عسڪري اسٽيبلشمينٽ کي مداخلت جو موقعو ملي ويندو.
علامه لانگ مارچ کي خطاب دوران ذري گهٽ اها خوشخبري ڏيندو رهيو ته اجهو سڀ ڪجهه تبديل ٿيڻ وارو آهي. هن لانگ مارچ هميشه لاءِ عدم استحڪام ۽ غير يقيني حالتن لاءِ گس ٺاهي ڇڏيو آهي. ڪابه حڪومت اچي، ان خلاف جيڪڏهن 50/60 هزار ماڻهو وڃي ڌرڻو هڻن ته ان حڪومت کي وڃڻو پوندو. اها هڪ نئين رسم ٺهي ويندي.
ڪالهه واري ڪالم ۾ مون لکيو هو ته لانگ مارچ عوام کي نه پر اسٽيبلشمينٽ کي Motivate ڪرڻ لاءِ ٿيندا رهيا آهن.  انهن لانگ مارچن جي ڪاميابي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن اسٽيبلشمينٽ ان جي حمايت ڪري. ان ڪري سمورين ترديدن ۽ وضاحتن جي باوجود هاڻي علامه جي لانگ مارچ جي حقيقت عوام آڏو پڌري ٿي چُڪي آهي ته هن لانگ مارچ جي پويان در اصل ڪير آهن.
جيئن مهينو کن اڳ مون لکيو هو ته پاڪستان جي سياست ۽ ٿيندڙ چونڊن جو افغان سوال سان گهرو تعلق آهي. اڄ اها ڳالهه وري به دهرائڻ چاهيندس ته ملڪ جي موجوده حالتن جو به افغان سوال سان تعلق آهي. ايندڙ سال آمريڪي فوجون افغانستان مان وڃڻيون آهن، ان حوالي سان آمريڪا هتي اهڙو سيٽ اپ چاهي ٿو، جنهن کي هڪ ئي بٽن سان هلائي سگهي، جيڪو جمهوري حڪومت جي موجودگيءَ ۾ هن لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو، ڇاڪاڻ جو ٽن چئن ڌرين کي سمجهائڻو ۽ مڃائڻو پوندو آهي. ان حوالي سان پرڏيهي اخبارن ۾ ڇپجندڙ اطلاع ۽ تجزيه صحيح ٿا لڳن ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ڪجهه شين تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ اهي گڏجي ڪا تبديلي چاهين ٿيون. اڄ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ حالتون انهيءَ جو تسلسل آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ اها ڳالهه ياد رکي ويندي ته چونڊيل حڪومت تي اوڏيءَ مهل وار ڪيو ويو،  جڏهن ان جي مدت پوري ٿيڻ ۾ ست هفتا مس هئا. ملڪي تاريخ ۾ اها ڳالهه به رڪارڊ تي رهندي ته ملڪ جون مکيه سياسي ڌريون هڪ ٻئي سان سمورن اختلافن جي باوجود هڪ طرف آهن، ته وري اسٽيبلشمينٽ ۽ علامه قادريءَ ٻئي طرف آهن. ان باوجود ايڏو  وڏو قدم کنيو پيو وڃي، جيڪو نه رڳو جمهوري حڪومت کي ختم پيو ڪري، بلڪه جمهوري عمل کي به وڏو هاڃو رسائي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ اها عجيب ڳالهه به رڪارڊ تي رهندي ته ميڊيا، عام ماڻهو ۽ سياسي حلقن تائين،  ان جي پوري آگاهيءَ جي باوجود  ته علامه جا مقصد ڪهڙا آهن ۽ پويان ڪير آهي،  پران هوندي به هو مقصد ماڻڻ ڏانهن  هليو ويو.
سمورين سياسي ڌرين جي ذميواري آهي ته ملڪ جي درپيش غير جمهوري چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏاهپ ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪن ۽ ان جو باقاعده اظهار به ڪن. حڪومت کي گهرجي ته اها فوري طور تي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن جو اعلان ڪري ته فلاڻي تاريخ تي چونڊون ڪرايون وينديون ۽ فلاڻي تاريخ تي نگران سيٽ اپ اچي ويندو. ائين ڪرڻ سان حڪومت، مخالف ڌر جي جماعتن ۾ موجود شڪ ۽ غير يقينيءَ  واري صورتحال کي ختم ڪري سگهندي. اها ڳالهه جمهوري تسلسل ۽ عمل کي جاري رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

Labels: , , , ,

’راند’ جا نوان شرط طئه ڪرڻ لاءِ لڳايل بازار .. 15 جنوري 2013ع

  ’راند’ جا نوان شرط طئه ڪرڻ لاءِ لڳايل بازار

سهيل سانگي


اڱارو 15 جنوري 2013ع
چوڌري شجاعت جي ٽياڪڙي به ڪم نه آئي....علامه قادري لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو. شايد رڳو اسلام آباد تائين لانگ مارچ جي ڳالهه هجي ها ته حڪومت ايتري ڊنل نه هجي ها پر التحرير چوڪ بنائڻ واري ڳالهه حڪومت توڙي سياسي ڌرين کي پريشان ڪري ڇڏيو. اها به پريشاني هئي ته طالبان يا ٻي ڪا اهڙي ويڙهاڪ ڌر ڪا ڪارروائي ڪري وجهي ۽ رتو ڇاڻ ٿي پوي. ان صورت ۾ لانگ مارچ ته شايد حڪومت جو ڪجهه بگاڙي سگهي يا نه، پر رتو ڇاڻ ضرور لوڏي وجهي ها. هاڻي ته حڪومت ۽ علامه جي وچ ۾ ٺاهه به ٿي ويو آهي. هاڻي نه چاليهه لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جي ڳالهه آهي ۽ نه التحرير اسڪوائر جي.
اڃا ملڪ لانگ مارچ جي طوفان مان گذري رهيو هو ته ڪوئيٽا ۾ شيعه برادري سان تعلق رکندڙ هزاره قبيلي جي 86 ماڻهن جو قتل ٿيو ۽ ان خلاف لاش رکي ٽن ڏينهن تائين ڌرڻو لڳو، هزاره برادريءَ جي ماڻهن پنهنجا مطالبا ۽ ڏک وزير اعظم آڏو رکيا پئي. هڪ شيعه تنظيم جي اڳواڻ جو زور هو ته بلوچستان جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا کي فوج حوالي ڪيو وڃي. عجيب ڳالهه آهي ته بلوچستان لاءِ اتان جا رهواسي توڙي سڄي ملڪ جون سياسي ڌريون اهو مطالبو ڪري رهيون آهن ته بلوچستان ۾ آپريشن بند ڪري فوج کي بيرڪن ۾ گهرايو وڃي، ايف سي، جيڪا فوج جي ماتحت آهي، سا پنهنجون ڪارروايون روڪي. ان موقعي تي صوبائي گاديءَ واري شهر لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جو مطالبو سياسي بحث جو موضوع ئي تبديل ڪري ڇڏي ٿو، جيڪو هاڻ فوج واپس آڻڻ جي بدران فوج گهرائڻ جو مطالبو يا موضوع بڻجي وڃي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته بلوچستان جي مقبول سياسي ڌرين جي پارلياماني سياست کان دوري ۽ ”اصلي توڙي نقلي“ مينڊيٽ رکندڙ ڌرين جي اسيمبلين ۽ حڪومت ۾ موجودگيءَ سبب هڪ وڏو خال نظر اچي ٿو، پر اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته عوام کي ”ڊليور“ ڪرڻ جي حوالي سان موجوده صوبائي حڪومت جو وڃڻ توڙي گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ برابر ئي آهن. بلوچستان جا امن امان سان واسطو رکندڙ معاملا اڳ به صوبائي حڪومت جي هٿ وس نه هئا ۽ انهن کي وفاقي ادارا ئي ڏسي رهيا هئا، پر پوءِ به ڪوئيٽا ۾ فوج گهرائڻ جي بدران گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ڪجهه گهٽ نقصانڪار اپاءُ لڳي ٿو. ان هوندي به اهو نقصان پنهنجي جاءِ تي آهي ته فوج واپس آڻڻ جي بدران فوج گهرائڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي. هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ تمام ضروري آهي ته حڪومت جي کڻي ڪا ڪوتاهي ۽ نا اهلي وغيره ضرور هوندي پر ان خراب حڪمرانيءَ جي سزا جمهوري عمل ۽ عوام کي نه ملڻ گهرجي
.
سو ڳالهه لانگ مارچ جي پئي هلي، ته ڪوئيٽا وارا واقعا علامه جي لانگ مارچ سان گڏجي پيا آهن. لانگ مارچ ڪڏهن ٿيندا آهن، ڪيئن ڪامياب ٿيندا آهن؟ اهو دلچسپ اڀياس آهي. سياست ۾ لانگ مارچ جو رواج چيني ڪميونسٽ اڳواڻ مائوزي تنگ 1934ع ۾ وڌو، جڏهن چيانگ ڪائي شيڪ جي خلاف لڙائيءَ ۾ ڪميونسٽن جي ريڊ آرمي پوئتي هٽي پنهنجون صفون نئين سر جوڙيون. ڪميونسٽن ڇهه هزار ميلن جو سفر ڪري پنهنجو انقلابي مرڪز ڏکڻ مان اتر چين ۾ منتقل ڪيو. ان لانگ مارچ جون ڪيئي ڪاميابيون آهن. اهو لانگ مارچ سياسي طور ماڻهن کي قائل ڪرڻ سان گڏوگڏ گوريلا جنگ پڻ هو. اهو مارچ چين ۾ آمريت جي خاتمي ۽ سوشلسٽ نظام رائج ڪرڻ لاءِ هو. تاريخ ۾ ٻيو لانگ مارچ جيڪو گهڻو مشهور ٿيو، سو مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ جو هو، جيڪو هن مارچ 1976ع ۾ بنگلاديش ۾ ڪيو هو. بنگلاديش ٺهڻ کان اڳ مولانا ڀاشاني پاڪستاني سياست ۾ هڪ وڏو نالو هو. مولانا ڀاشاني اهو مارچ فرخا ڊيم ٺاهڻ واري ڀارتي فيصلي خلاف ڪيو هو، ڇاڪاڻ جو بنگلاديش کي ڊپ هو ته ائين ڪرڻ سان هي ملڪ غير آباد ٿي ويندو. هن ڊيم لاءِ ڀارت پدما نديءَ جو پاڻي گنگا نديءَ ۾ وجهڻ پئي گهريو. چيو وڃي ٿو ته هن لانگ مارچ جي پويان بنگلاديش جي حڪومت هئي. هونئن به لانگ مارچ وڏي پئسي، تحرڪ ۽ تنظيم ڪاريءَ جو ڪم آهي.
پاڪستان کي به ٽن لانگ مارچن جو تجربو آهي. پهريون لانگ مارچ محترمه بينظير ڀٽو نومبر 92ع ۾ ڪيو، جڏهن سندس حڪومت ختم ڪري سندس جاءِ تي تڪراري چونڊن جي ذريعي نواز شريف کي حڪومت ۾ آندو ويو هو ۽ نواز شريف محترمه خلاف مختلف ڪيس شروع ڪيا. هن لانگ مارچ ۾ پوليس ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ چڪريون ٿيون، اسلام آباد کي سيل ڪيو ويو، محترمه جي گهر جي ٻاهران پڻ ڪانڊيدار تارون وڇائي سندس ٻاهر نڪري پنڊيءَ ۾ پهتل لانگ مارچ تائين پهچڻ ناممڪن بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر هوءَ جيالن جي پاڇي ۾ رڪاوٽون ٽوڙي پنڊيءَ پهچي ويئي. هن مارچ جي پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي. محترمه بينظير ڀٽو ٻيو مارچ نواز شريف حڪومت خلاف ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ڪيو. سنڌ ۾ قومپرستن ۽ خيبر پختونخوا ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ سندس ساٿ ڏنو. محترمه سنڌ- پنجاب سرحد تي ڌرڻو هنيو. اي اين پي ۽ پي پي ولي خان جي اڳواڻيءَ ۾ اٽڪ واري پل تي ڌرڻو هنيو. اهو ڌرڻو ننڍن صوبن جو نواز شريف خلاف احتجاج هو ۽ سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جو اتحاد پڻ. پاڪستان جون ٽيون لانگ مارچ 2008ع ۾ نواز شريف جنرل مشرف جي هٿان برطرف ٿيل 60 ججن جي بحاليءَ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي موجوده حڪومت جي خلاف ڪيو هو. لاهور مان شروع ڪيل لانگ مارچ اڃا اڌ رستي ۾ ئي هو ته آرمي چيف جو فون آيو ته سندس مطالبا مڃيا ويا آهن ۽ هو پنهنجو احتجاج ختم ڪري. ٿيو به ائين. پهرئين مارچ جو نتيجو پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ سامهون آيو پر ٽئين مارچ جو نتيجو ته صفا 24 ڪلاڪن اندر اچي ويو هو. هاڻي چوٿون مارچ علامه قادريءَ جو آهي، ڏسجي ان جو نتيجو مختلف ٿو نڪري يا نه؟ ان کان اڳ شيعا مسلڪ جي ماڻهن پڻ اسي واري ڏهاڪي ۾ لانگ مارچ جي ڪوشش ڪئي هئي. هو شيعه -سني فرقن تي هڪ جهڙو زڪوات جو نظام لاڳو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا. پر اهو مارچ ڪو گهڻو رنگ ڏيکاري نه سگهيو. پاڪستان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مارچ اهو ئي ڪامياب ٿيندو آهي، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هوندي آهي ۽ مارچ ڪري اسٽيبلشمينٽ جي مدد حاصل ڪئي ويندي آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته لانگ مارچ جو مقصد عوام کي متحرڪ يا قائل ڪرڻ نه پر اسٽيبلشمينٽ کي متحرڪ ۽ قائل ڪرڻ هوندو آهي ته اها مداخلت ڪري ۽ پوءِ ائين ٿيندو به آهي.
علامه قادري اهڙي موقعي تي لانگ مارچ ڪري رهيو آهي، جڏهن پيپلز پارٽي جي آئيني مدت پوري ڪرڻ ۾ رڳو 59 ڏينهن وڃي رهيا آهن. ان بعد نگران حڪومت اچڻي آهي، جيڪا ٽن مهينن اندر چونڊون ڪرائي هلي ويندي. ان صورتحال ۾ علامه قادري ٽن اهم مطالبن سان لانگ مارچ ڪري رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ، نگران حڪومت ٺاهڻ ۾ فوج ۽ عدليا جو مشورو ۽ چونڊن ۾ اميدوارن جي اهليت واري شرط تي سختيءَ سان عمل - اهي سڀ وڏيون فرمائشون آهن. آئين ۾ اهڙي ڪابه گنجائش ڪانهي جو راتو رات اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃي، هو ائين ڇو پيو چوي؟ علامه جي دعوى آهي ته هو اهو ڪجهه عوام جي لاءِ ڪري رهيو آهي. عوام جن پارٽين کي چونڊيو آهي يعني پيپلز پارٽي، نواز ليگ، عوامي نيشنل پارٽي وغيره ..... نه انهن مان ۽ نه وري ملڪ ۾ موجود ٻين پارٽين طرفان جيڪي چونڊن ۾ حصو نه وٺنديون رهيون آهن ۽ لڳاتار سياسي عمل جو حصو رهيون آهن، اهڙو ڪو مطالبو ٿي رهيو آهي. پارليامينٽ ۾ ويٺل توڙي ان کان ٻاهر موجود سياسي ڌرين جو خيال آهي ته انهن حالتن ۾ علامه جي ڪُڏي وچ ۾ پوڻ سان ماڳهين پر امن طور هڪ جمهوري حڪومت کان ٻي جمهوري حڪومت کي اقتدار جي منتقلي خطري ۾ پئجي ويئي آهي ۽ جمهوري تسلسل ۾ رخنو پئجي ويو آهي. جيڪڏهن وقت سر چونڊون ٿي وڃن ٿيون ته فوج يا اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن جي ٽياڪڙيءَ جي ضرورت نه پوندي، ائين هڪ جمهوري عمل ۽ ان جو تسلسل ٺهي ويندو ۽ پڪو ٿي ويندو. سياسي ڌرين کي به پڪ ٿي ويندي ته جمهوري عمل سان بهتر تبديلي اچي سگهي ٿي. پر ائين ٿو لڳي ته هي بازار راند جا نوان شرط طئي ڪرڻ لاءِ لڳائي پئي وڃي

.
لانگ مارچ ۾ ڪيترا ماڻهو شريڪ آهن؟ ان جي ڪامياب هجڻ جا ماڻ ۽ ماپا ڪهڙا آهن؟ ان کان هٽي ڪري اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته بهرحال ان جا اثر دور رس پوڻا آهن. ملڪ جي سياست، حڪمراني، طاقت جا محور ۽ توازن جي تبديليءَ جي لاءِ نوان رستا نڪرندا. ان سان گڏوگڏ ملڪ اندر هڪ دفعو ٻيهر مذهبي سياست ۽ نعرو داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ جو علامه اهو لانگ مارچ پنهنجي رجسٽرڊ پارٽي پاڪستان عوامي تحريڪ جي جهنڊي هيٺ ڪرڻ جي بدران مذهبي تنظيم منهاج القرآن جي جهنڊي هيٺ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا غير سرڪاري تنظيم (اين جي او) طور حڪومت وٽ رجسٽر ٿيل آهي. دور رس نتيجا ته پوءِ جي ڳالهه آهي، لانگ مارچ جا موجوده حالتن تي به سڌي طرح اثر پيا آهن ۽ سياسي صف بنديون انهن اثرن کان بچي نه سگهيون آهن. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي کي ويجهو آيون آهن، ان کان علاوه ٻين جماعتن جي به سياسي پوزيشن هڪ ٻئي جي ناتن جي حوالي سان مضبوط ٿي آهي. ڄڻ ته علامه کان علاوه باقي سمورين جماعتن کي موجوده منظر نامي مان فائدو مليو آهي. دور رس نتيجا ڪهڙا ٿا ٿين، انهن تي پاڪستان جي سياسي رانديگرن جي ڪهڙي اڳ نظر هئي، جو هاڻي کين فڪر ٿيندو!
ايم ڪيو ايم جي پوزيشن ۾ تبديلي آئي آهي. اڃا الطاف حسين ”ڊرون حملا“ ڪري بس مس ٿو ڪري، جنهن ۾ چوي ٿو ته هر حال ۾ ايم ڪيو ايم مارچ ۾ شامل ٿيندي پر 18 ڪلاڪن اندر ايم ڪيو ايم يو ٽرن وٺي ٿي. (هاڻي وري متحده علامه قادريءَ جي مطالبن جي حمايت ڪندي حڪومت کان اهي مطالبا پورا ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي) ڇا هي سياسي ڏاهپ جي کوٽ آهي؟ يا وري ماڻهن جو اهو چوڻ درست ثابت پيو ٿئي ته ايم ڪيو ايم ڪيڏي به مهل ڪوبه فيصلو ڪري سگهي ٿي. ڪئين سوال اٿن ٿا. ڇا اها پارٽي رڳو ردِ عمل جي سياست ڪري ٿي؟  علامه جي آمد ۽ ان جو ساٿ ڏيڻ جي نتيجي ۾ سودي بازيءَ تي ايم ڪيو ايم لانگ مارچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان گورنر هائوس ۾ ڪيو. الطاف حسين پنهنجي تقرير ۾ گورنري کسجڻ جو حوالو ڏنو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته موجوده گورنر برقرار رهندو، اهو هاڻي نگران سيٽ اپ ۾ به تبديل نه ٿيندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته گذريل چونڊن ۾ گورنر جو ڪردار تڪراري رهيو هو. ڪراچيءَ ۾ ووٽرن جي تصديق ۽ تڪ بنديءَ وارا معاملا به اڌ ۾ رهجي ويا آهن. ان صورتحال تي اي اين پي جو چوڻ آهي ته چونڊن بابت انهن ٻن معاملن کي مفاهمتي عمل ڳڙڪائي ويو. حڪومت سنڌ ۾ مڪاني ادارن واري نظام تي ايم ڪيو ايم جي ڳالهه مڃي ورتي آهي. اهو نظام في الحال سپريم ڪورٽ جي سهاري تي روڪيل آهي، ڇاڪاڻ جو ڪورٽ منع نامو ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم وانگر مسلم ليگ (ق) به موقعي جو فائدو ورتو ۽ پنهنجا معاملا اُڪلايا. قاف ليگ پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ کان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرائي ورتي. نگران سيٽ اپ لاءِ پيپلز پارٽيءَ نواز شريف جون ڳالهيون وڏي حد تائين مڃي ورتيون. اهي ٻئي جماعتون پنهنجي سياست بازيءَ لاءِ هاڻي هڪ ٻئي تي گهٽ تنقيد ڪري رهيون آهن ۽ ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ وٽن علامه موجود آهي. علامه ته هونئن به ٻين جي ’ڀلي‘ لاءِ آيو آهي ۽ وهندڙ گنگا مان اسان جي سياسي جماعتن جيڪڏهن هٿ ڌوتا ته ڪهڙو هرج آهي؟ اصل ڳالهه سياست بدلجڻ، سياسي مطالبا ۽ نعرا بدلجڻ، طاقت جو توازن ۽ محور بدلجڻ جي آهي. ڏسجي ته علامه جو زور انهن کي ڪيترو بدلائي سگهي ٿو.

Labels: , , , ,

طاقت جو تبديل ٿيندڙ توازن ۽ علامه جو لانگ مارچ 9 جنوري 2013ع

طاقت جو تبديل ٿيندڙ توازن ۽ علامه جو لانگ مارچ
اربع 9 جنوري 2013ع 

سهيل سانگي 


گذريل پندرهن ڏينهن کان ميڊيا ۽ سياسي حلقن ۾ رڳو هڪ ئي ماڻهوءَ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اهو آهي علامه طاهر القادري، جيتوڻيڪ ميڊيا توڙي هر سگهاري سياسي ڌر علامه جي خلاف ئي ڳالهائي رهي آهي. سندس حق ۾ شايد ئي ڪو دليل آيو هجي، يعني سڀ  سندس خلاف به آهن،  پر ان جي باوجود هو اهم به آهي، ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا، هڪ  اهو ته جهڙي نموني سان حڪمراني ڪئي پئي وڃي، عام ماڻهوءَ کي ڪجهه نه ملي رهيو آهي، ان ڪري ماڻهو انهيءَ خراب حڪمرانيءَ مان بيزار آهن. ٻيو ته پڪ جهڙو شڪ آهي ته هن جي پويان ڪي سگهارا هٿ آهن، اهي موجوده حڪومت توڙي هن جمهوري سرشتي ۽ عمل کي لوڏي وجهندا
.
غور ڪرڻ سان پتو پوندو ته پهريون سبب معروضي يعني Objective صورتحال يا زميني حقيقتون آهن، جڏهن ته ٻيو سبب موضوعي يعني Subjective صورتحال آهي، يعني ڪي ڌريون سرگرم ٿي ان صورتحال جو فائدو وٺي سگهن ٿيون. ان ڪري اهي ٻئي سبب آهن، پر علامه جو چوٻول هجڻ جو ڪارڻ موضوعي Subjective آهي. هتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته جهڙي نموني سان سياسي ڌرين ۽ ميڊيا مُڏي ۽ نهڪار واري موٽ ڏني آهي، تنهن اهو ثابت ڪيو آهي ته، ماڻهو تبديلي ته چاهين ٿا، پر انهن کي علامه قادريءَ واري تبديلي  قبول نه  آهي، ۽ ماڻهو جمهوري عمل کي بهرحال جاري رکڻ گهرن ٿا. ملڪ جو عوام ۽ سياسي ڌريون ساڍن ڇهن ڏهاڪن جي تجربي کان پوءِ، هن نتيجي تي پهتل آهي ته خراب ئي سهي، پر جمهوري عمل جو برقرار ۽ جاري رهڻ ضروري آهي. اها ئي واٽ آهي جيڪا ايندڙ وقت ۾ ملڪ کي ڪنهن چڱي پاسي وٺي ويندي. ماڻهن جو جمهوري عمل ۾ ويساهه، سياسي ڌرين جي سهڪار واري موٽ پنهنجي جاءِ تي، پر علامه جي لانگ مارچ واري اعلان بعد اها ڳالهه به سامهون آئي ته علامه ان  صورت ۾ سگهارو آهي، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ائين چاهي ته..... وغيره وغيره. ان مان به ٻه ڳالهيون ثابت ٿيون. هڪ اها ته اسٽيبلشمينٽ اڃا تائين ايتري سگهاري آهي، جو ملڪ جون سياسي ڌريون ۽ عوام هڪڙي پاسي ۽ ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو جيڪڏهن پيرا شوٽ ذريعي لٿل، ڪنهن ماڻهوءَ جو ساٿ ڏين ۽ پوئواري ڪن ته سڄي ڪم ۽ نظام کي ليڪو اچي سگهي ٿو. يعني ملڪ جو نظام صفا ڪنڊ تي يا دريا جي ڪپ تي بيٺل آهي، ان کي ڪو هڪ فرد به اچي ڌڪو ڏئي، ته  بحران ئي بحران آهي. ٻي ڳالهه اها ته، ڇا اسٽيبلشمينٽ ائين چاهي ٿي؟ گذريل پنجن سالن جي عرصي ۾ ملڪ جي اقتداري سيٽ اپ ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. اقتداري سيٽ اپ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ طاقت جو توازن توڙي محور تبديل ٿيا آهن. اڳي عدليه صفا اسٽيبلشمينٽ جي پاسي ۽ جمهوري حڪومتن جو تختو اونڌو ڪندڙن کي قانوني حيثيت ڏيندڙ رهي هئي، پر هاڻي عدليه جي فعاليت ان کي اقتداري سيٽ اپ ۾ هڪ عنصر بڻائي ڇڏيو آهي. هن کان اڳ سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي، سياسي ڌريون ۽ ڪجهه وري آمريڪا بهادر اقتداري معاملن ۾ ڪاريگري ڪندا رهندا هئا. عدليه جي انهيءَ ڪلب ۾ هڪ اهم ۽ ’ توازن رکو‘ واري عنصر طور داخلا گهڻي ڀاڱي سياسي ڌرين کي ئي مضبوط ڪيو آهي، پر سياسي ڌرين کي اهو چتاءُ به ڏنو آهي ته ’ ماڻهو ٿيو‘. انهيءَ ڪلب ۾، مختلف ڌرين ۽ قوتن جي Interplay چالن ۽ چرپر ملڪ ۾ بنهه نئين صورتحال پيدا ڪري وڌي،  جنهن ۾ اهي ڌريون مختلف موقعن تي، پنهنجي روايتي موقف کان هٽي موقف اختيار ڪري رهيون هيون. مثال طور اهو ته ڪيترن موقعن تي ائين پئي لڳو،  ته اجهو  فوج ٽيڪ اوور ڪري وٺندي، پر ائين نه ٿيو. بلڪه فوج طرفان وضاحت ڪئي ويئي ته اها جمهوريت کي مضبوط ڏسڻ گهري ٿي. نه ته هن کان اڳ اهڙين حالتن ۾ فوج اقتدار ۾ اچي ويندي هئي. ساڳيءَ طرح عدليه جو رويو به روايتي طرز کان هٽيل هو ۽ ان واضح ڪيو ته اها ڪنهن به مهم جُو جنرل جي ٽيڪ اوور تي، مهر لڳائي ان کي قانوني حيثيت نه ڏيندي. مخالف ڌر جيڪا پاڪستان ۾ سدائين ڪرڪيٽ جي ٻارهين رانديگر وانگر تاڙ ۾ ويٺي هوندي آهي، ته ڪڏهن ٿي حڪومت جي ٽنگ ٽُٽي يا بال لڳڻ سان مٿو ٿو ڦاٽي، جو کيس کيڏڻ جو موقعو ملندو. گهٽ ۾گهٽ ٽي موقعا اهڙا آيا،  جڏهن جمهوري عمل کي هاڃو رسڻ جو خطرو پيدا ٿيو ته نواز ليگ، حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏنو. بلڪل ائين جيئن هينئر طاهر القادريءَ جي حوالي سان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ گڏ بيٺيون آهن. ماضيءَ ۾ اهي ٻئي پارٽيون حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾، اهي اسٽيبلشمينٽ هٿان بظاهر هڪ ٻئي خلاف، پر عملي طور تي جمهوري عمل خلاف استعمال ٿينديون رهيون آهن. پر هن ڀيري اهوسڀ ڪجهه نه ٿي سگهيو
.
ميمو گيٽ، ايبٽ آباد وارن واقعن ۽ انهن ڪيسن جي عدالتي ڪارروائي، ان وقت ملڪ اندر ٿيندڙ اٿل پٿل کي ذهن ۾ رکجي ته پتو پوي ٿو ته ان وقت اقتداري طاقت جا محور وڏي حد تائين تبديل ٿي چڪا هئا. بلڪه تڏهن ڪجهه سياسي ڌرين ۽ عدالتي حلقن طرفان پڻ طاقت ۽ اقتدار جا محور تبديل ٿيڻ بابت ڳالهيون پڻ ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيون
.
ڪن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته طاقت جو توازن ۽ محور واقعي تبديل ٿي ويا آهن. انهن تجزيه نگارن موجب اها تبديلي اڃا نئين نئين آهي، جنهن کي عمل ۾ آڻڻ، نظام جو حصو ٿيڻ ۽ معمول بنجڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. انهيءَ عرصي اندر ڪجهه ڏکيائيون به اينديون ته وري تبديليءَ کان متاثر ٿيندڙن تي دٻاءُ به پوندو، ڇاڪاڻ جو اهو ڪم ڪو ايڏو سولو ناهي. جيستائين اهو سڀ ڪجهه معمول بڻجي، تيستائين اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود ڪن ڌرين ۾ اڃا تائين پراڻي باقيات ۽ سوچ به موجود آهي، جيڪا سمورين شين کي واپس پراڻي هنڌ کڻي وڃڻ گهري ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ملڪ ۾ مذهبي ڌرين جي خاص گروهه ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ جمهوري عمل کي هاڃو رسايو آهي. اهو رڳو ان ڪري جو هونئن سياسي ۽ جمهوري عمل ۾ اهڙيون مذهبي ڌريون ڪا مڃتا ۽ حيثيت نه پيون ماڻي سگهن. 
ويڙهاڪ لڏو، جيڪو افغان جنگ دوران اسٽيبلشمينٽ جو ساٿاري ٿيو هو، سو مختلف گروهه بندين باوجود اڄ به موجود آهي، ان جو ملڪي معاملن تي پنهنجو اثر ۽ دهمان رهندو آيو آهي. اهو صحيح آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان سياست ڪندڙ ڌرين مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم علامه جي لانگ مارچ جي حمايت ڪئي هئي، پر هاڻي انهن ۾ به ڪجهه جهڪائي آئي آهي. عمران خان به تيار نه پيو ٿئي. جماعت اسلامي ۽ ڪجهه ٻين مذهبي ڌرين ايٽمي سائنسدان قدير خان جي اڳواڻيءَ ۾ ڌار شناخت ڏيکاريندي گروپ ٺاهي ورتو آهي. ان ڪري بظاهر علامه جو لانگ مارچ ڪو گهڻو مارچ ڪندي نظر ڪونه ٿو  اچي. پر ان ڳالهه کي به بنهه رد نه ڪرڻ گهرجي، ته جيڪڏهن پوري پڪ ٿي وڃي ته اسٽيبلشمينٽ واقعي تبديلي چاهي ٿي ۽ تبديلي واقعي اچي رهي آهي، ته ڪجهه سياسي پکي اهڙا ضرور نڪري پوندا، جيڪي اُن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ويندا
.
علامه جي تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ گڏ ٿي ويون آهن. پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبلين ٺهراءُ پاس ڪري ورتا آهن. ايم ڪيو ايم سان صدر زرداريءَ جي رابطن جيڪو ڪم ڪيو، سو ڪيو، پر سپريم ڪورٽ طرفان الطاف حسين کي توهين عدالت ۾ معاف ڪرڻ به ڪجهه ڪم ڏيکاريو آهي ۽ سندس ڊرون حملو به رهجي ويو آهي. نواز شريف، جيڪو بظاهر پيپلز پارٽيءَ تي ذميواري وجهي رهيو آهي، پر سندس پارٽي عملي ۽ منطقي لحاظ کان وڌيڪ خراب پوزيشن ۾ آهي. اهو مارچ پنجاب مان ئي شروع ٿيڻو آهي، جيڪو علامه جو بيس آهي. جيڪڏهن اتي اها مقبوليت مڃجي وڃي ٿي ته سياسي مڃتا ۽ ايندڙ چونڊن ۾ نواز شريف جو ڇا ٿيندو؟  ڇاڪاڻ  ته  نواز شريف  ان لاءِ تيار ٿيو ويٺو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ هاڻي سندس وارو آهي. اهڙي موقعي تي ٻن پارٽين جي واري ڦيري سان حڪمرانيءَ وارو کيل خراب ٿو ٿئي ته معنى وري پنج اٺ سال ٻيا کيس انتظار ڪرڻو پوندو. پر اهو به ’جي ٿئي‘ جو آسرو، مٿان وري ڊگهو ۽ ڏکيو انتظار، تيستائين الائي پل هيٺان ڪيترو پاڻي لنگهي ويندو. ڪيترا همراهه ٻين پارٽين ۾ هليا ويندا، يا ماڳهين نظام ئي تبديل ٿي ويندو. اطلاع آهن ته انهن سمورن خدشن ۽ انديشن جي پيش نظر نواز ليگ پنجاب ۾ ٻن نقطن تي ڪم ڪري رهي آهي، هڪ سياسي پهلو، جنهن ۾ ماڻهن کي اهو پيو ٻڌايو وڃي ته علامه جو لانگ مارچ فضول آهي، ان سان پنجاب کي ڪو فائدو ڪونهي وغيره. ٻيو انتظامي پهلوءَ آهي، اهو به ممڪن آهي ته مارچ کان اڳ علامه کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو وڃي، جيڪڏهن ائين ڪيو ٿو وڃي ته علامه جي ڪارڪنن جو ڇا رد عمل هوندو؟ ٻيو اهو ته ڪا متبادل قيادت اڀري سگهي ٿي يا نه؟ انهن شين تي پنجاب حڪومت ۽ نواز ليگ غور ڪري رهيون آهن
.
اهو لانگ ڪيترو وڏو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو يا نٿو ٿئي، اهو سوال پنهنجي جاءِ تي، پر هن سڄي تحرڪ ملڪ جي سياست تي وڏا  اثر ڇڏيا آهن ۽ ڪجهه نوان سياسي رخ متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن. هڪ اهو ته اقتداري سيٽ اپ ۾ طاقت جو توازن ۽ محور واپس موٽائڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ مختلف ادارن جو ڪردار عملي طور تي اڳوڻي طريقي سان Define ڪرڻ شامل آهي. ٻيو اهو ته موجوده صف بندي، جنهن ۾ مکيه سياسي ڌريون هڪ پاسي آهن،  ڇا اها چونڊن جي موقعي تي ۽ ان کان پوءِ به برقرار رهندي؟ ٽيون اهو ته چونڊن جي بائيڪاٽ يا چونڊن ۾ ڪنهن ڌانڌليءَ جي صورت ۾ بائيڪاٽ جي صورت ۾ ڇا ٿيندو؟ اوڏي مهل علامه جو آئيڊيا ۽ علامه پاڻ وري متحرڪ ٿي سگهن ٿا
.

Labels: , , , , , ,

Friday, April 03, 2015

سنڌ ۾ سياسي تبديلي آڻڻ لاءِ شروع ٿيل راند : ڊسمبر 2014ع

سنڌ ۾ سياسي تبديلي آڻڻ لاءِ شروع ٿيل راند
اڱارو 23 ڊسمبر 2014ع

سهيل سانگي

پيپلز پارٽيءَ جي وائيس چيئرمين مخدوم امين فهيم، پير پاڳاري سان گڏجي ريٽائرڊ جنرل مشرف سان ملاقات ڪئي آهي. لڳي ٿو ته مستقبل جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪجهه تبديل ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. مخدوم خاندان لڳاتار شڪايتن بعد ڀائنجي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ کي خدا حافظ ڪرڻ گُهري ٿو. اسلام آباد جي هڪ دوست چواڻي ته، سڄي ملڪ ۾ تبديليءَ جي فضا ۾ سنڌ ئي رڪاوٽ هئي، پاڳارو-مخدوم اتحاد جي ذريعي حالتون سازگار ڪيون پيون وڃن، جتي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جي خراب حڪمرانيءَ مان هونئن ئي بيزار آهن. مخدوم خاندان جي پيپلز پارٽيءَ سان جيتري ڊگهي وابستگي آهي، ان جي ناراضگين جي لسٽ به اوتري ئي ڊگهي آهي. پيپلز پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو هو، ان ڪري چيو ويندو آهي ته اها پارٽي هالا ۾ ٺهي، جيتوڻيڪ اها لاهور ۾ ٺهي هئي. پارٽي ٺهڻ بعد وڏو مخدوم طالب المولى تاحيات وائيس چيئرمين رهيو، ان بعد اهو عهدو مخدوم امين فهيم کي ڄڻ ورثي ۾ مليو.

 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي موت جي سزا ٻُڌائڻ بعد جڏهن پيرزادو ۽ ممتاز ڀٽو پوئتي هٽي ويا، تڏهن مخدوم خاندان بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان گڏ بيٺو رهيو. نوجوان نينگري بينظير ڀٽو ايجيٽيٽر ۽ احتجاج ڪندڙ طور ميدان ۾ لٿي ته مخدوم خليق الزمان نه رڳو سنڌ ۾ بلڪه ملڪ ۾ جلسن جلوسن ۾ ساڻس گڏ رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ جڏهن غلام مصطفى جتوئي پارٽيءَ کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته مخدوم خليق کي پارٽيءَ جو صدر بڻايو ويو. پارٽيءَ جي بااثر جاگيردار جتوئي جي اثر کي منهن ڏيڻ لاءِ مخدوم خاندان ڏاڍو ڪم آيو، بعد ۾ مخدوم خليق الزمان ذاتي ۽ ڪجهه سياسي معاملن سبب پارٽيءَ کان پاسيرو ٿي ويو.

 ضياءَ جي 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن جي موقعي تي مخدوم خاندان کي پارٽي ڇڏڻ لاءِ پُرڪشش آڇون ڪيون ويون، پر وڏي مخدوم خاندان کي پارٽي ۾ ئي رهڻ جو حڪم ڏنو. 1988ع جون چونڊون کٽي پارٽي حڪومت ۾ آئي ته مخدوم خاندان فرمائش ڪئي ته گهرو معاملن واري وزارت مخدوم رفيق الزمان کي ڏني وڃي، پر پيپلز پارٽي ڪنهن به مرحلي تي سنڌ اندر مخدوم خاندان کي حڪومت ۾ اثرائتي پوزيشن نه ڏني، شايد اهو فيصلو غلام مصطفى جتوئي کي ڏنل اختيارن ۽ پوزيشن کان پوءِ ڪيو ويو.

 1990ع واري ڏهاڪي ۾ مخدوم امين فهيم محترمه کان وفاق ۾ ڪا وزارت گُهري، جنهن تي پيپلز پارٽيءَ جي حلقن ۾ اهي ڳالهيون هُلڻ لڳيون ته، ”محترمه چوي ٿي ته مخدوم صاحب جو ۽ سرڪاري آفيس جو وقت مٽائي شام جو ڪرڻو پوندو.“ مخدوم امين فهيم پنهنجي ننڍي ڀاءُ خليق الزمان وانگر ڪو مقرر يا عوامي ليڊر ڪونهي، هو پارٽي ليڊر ۽ ڊرائنگ روم جي سياست جو گُر ڄاڻيندڙ طور سُڃاڻپ رکي ٿو. بينظير ڀٽو ملڪ ۾ پنهنجي غير حاضريءَ ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ملڪ اندر رهندي به اسلام آباد جي ڌرين سان مخدوم امين جي ذريعي ئي ڳالهائيندي رهي. چون ٿا ته، هو اهو ڪم محترمه جي اطمينان جي حد تائين سرانجام ڏيندو رهيو. خود مشرف سان به مخدوم امين جي ذريعي ڳالهيون ٿينديون رهيون، جنهن ڪري سندس مشرف سان ويجهڙائپ ٿي.

 2002ع جي چونڊن کان پوءِ وزارت عظمى مخدوم کان ڪجهه وکن جي پنڌ تي هئي، جڏهن مشرف ساڻس مرگلا جي ٽڪرين تي واقع هڪ هوٽل ۾ سرعام ملاقات ڪئي ۽ ان عهدي جي آڇ ڪئي. دراصل سنڌ ۾ وڏ وزارت ماڻڻ مخدوم خاندان جو پراڻو خواب آهي. 1993ع ۾ هو ان خيال سان ئي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي بيٺو، پر محترمه کيس سنڌ ۾ اها ذميواري نه ڏني، جنهن تي کيس ڏک رسيو. اهڙو اظهار هو ڪڏهن ذاتي محفلن ۾ به ڪندو رهيو. مشرف جو خيال هو ته مخدوم کان اهو زخم وسريو نه هوندو ۽ هو وزارت عظمى جو عهدو قبول ڪري وٺندو، پر هن محترمه جي هدايت تي عهدو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي مشرف ۽ امين فهيم جي ويجهڙائپ کي ائين امتحان ۾ وڌو ويو، جو مشرف جي مقابلي ۾ کيس صدارتي اميدوار بيهاريائين. 

سنڌ جي سياست ۾ ڀوتارن طرفان پارٽيون مٽائڻ عام آهي، پر ان حوالي سان مخدوم وفاداريءَ جي علامت بڻيل رهيو، هن پارٽي نه مٽائي. ڪيترن موقعن تي هن چيو، ”بينظير منهنجي ليڊر ۽ منهنجي ليڊر جي ڌيءُ آهي، آئون ان سان دوکو نه ٿو ڪري سگهان.“ محترمه جي شهادت کان پوءِ عام تاثر هو ته کيس پارٽيءَ جو سرواڻ بڻايو ويندو ۽ وزير اعظم جو عهدو ڏنو ويندو، پر ائين نه ڪيو ويو. آصف علي زرداري پاڻ پارٽيءَ جو سرواڻ ۽ ملڪ جو صدر ٿيڻ پئي گُهريو، ٻه حڪومتي عهدا سنڌ مان نه پئي ٿي سگهيا. هڪ دفعو وري مخدوم خاندان ڪنهن اهم عهدي کان محروم رهيو. پارٽي حلقن ۾ اهي ڳالهيون هلنديون رهيون ته مخدوم مشرف سان ملندو رهندو آهي. مبصرن جو خيال آهي ته آصف علي زرداريءَ کي خطرو هو ته امين فهيم کي وزير اعظم يا وزير اعلى سنڌ جو عهدي ڏيڻ سان هو سنڌ ۾ پنهنجو اثر ۽ لابي ٺاهي وٺندو، جيڪو هن لاءِ چئلينج بڻجي سگهي ٿو.

 2008ع کان پوءِ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ٻه ڀيرا حڪومت ۾ آئي، ذوالفقار مرزا، پير مظهرالحق يا وري نثار کهڙي کي سينئر وزير بڻايو ويو، پر مخدوم خاندان کي اهو عهدو نه مليو. هلندڙ سال مارچ، اپريل ۾ ٿر ۾ ڏڪار سبب ٻارڙن جي مرڻ تي وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪاوڙجي پيو. ٿر ۾ تڏهن ڊپٽي ڪمشنر مخدوم جو پُٽ عقيل الزمان ۽ رليف منسٽر ٻيو پُٽ جميل الزمان هو. وڏي وزير مخدوم خاندان جي انهن ڀاتين کي ڏڪار کي مُنهن ڏيڻ وارن انتظامن ۾ ناڪام ٿيڻ جي الزام ۾ معطل ڪري ڇڏيو. ان تي مخدوم امين کي به ڪاوڙ لڳي. هن پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، اها ملاقات پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڌمڪي هئي ته هو پير پاڳاري سان اتحاد ٺاهي وٺندو. وڏي وزير سائين قائم علي شاهه کي حڪم واپس وٺڻا پيا. مخدوم جو موقف هو ته معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. قائم علي شاهه پنهنجو موقف مٽائي، جاچ جو حڪم ڏنو ۽ اهو به چيو ته ٿر ۾ ڏڪار سندس حڪومت خلاف سازش آهي. ”سازش“ لفظ اڄ سوڌو ڏڪاريل ٿرين جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي. حڪومت پنهنجي ئي جوڙيل ڪميٽين جي رپورٽن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي، پنجين ڪميٽي ويهاري آهي. تازو پنجاب ۾ پارٽيءَ جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مخدوم ٻُڌايو ته، ”پارٽيءَ ۾ گروهه بندي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ناراض دوستن کي پرچائي گروهه بندي ختم ڪرائي وڃي.“ سندس انهن ريمارڪس تي آصف علي زرداري ڪاوڙ ڏيکاري ته ناڪاره ويٺل ماڻهن کي ڇنڊي ڦوڪي اڳيان آندوسين ته هاڻي اهي گروهه بنديءَ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. 

پارٽيءَ جي سربراهه وٽان اهڙن ريمارڪس ۽ ملڪ ۾ بدليل حالتن مخدوم لاءِ واٽ ٺاهي ڏني. هن پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي ۽ ان بعد اهي ٻئي اڳواڻ ريٽائرڊ جنرل مشرف سان مليا. آصف علي زرداري جي هدايت تي پارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ اڳوڻو وزير اعظم پرويز اشرف مخدوم سان مليا. 

اطلاع آهن ته ٻئي اڳواڻ کيس پرچائي نه سگهيا، جنهن بعد مخدوم پنهنجي سروري جماعت جي خليفن جو اجلاس گهرايو آهي. اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا وانگر سنڌ ۾ به عمران خان کي پاپولر ليڊر طور متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سنڌ ۾ اثر ڏيکاري نه سگهيو. سنڌ ۾ پاور بروڪرس تيستائين پاسو مٽائڻ لاءِ تيار نه هئا، جيستائين کين پڪ نه پئي ٿي ته سنڌ حڪومت ۾ ڪير ايندو؟ سندن خيال آهي ته امڪاني تبديليءَ جي صورت ۾ عمران خان اسلام آباد يا لاهور ۾ ته حڪومت ٺاهي سگهي ٿو، پر سنڌ ۾ وري به پيپلز پارٽي آهي، جنهن کي عمران خان ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، ان بعد پلان ”بي“ کي عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سنڌ جي ٽن اڳوڻن وڏن وزيرن لياقت جتوئي، غوث علي شاهه ۽ ارباب غلام رحيم گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ نواز دور جو اڳوڻو اسپيڪر الاهي بخش سومرو به شريڪ ٿيو. سندن دعوى هئي ته هن گڏجاڻيءَ کي ٻن وڌيڪ اڳوڻن وڏن وزيرن ممتاز ڀٽو ۽ مظفر شاهه جي به حمايت حاصل هئي، پر اهو پلان اڏامڻ کان اڳ ئي پٽ پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته انهن کي نه ماڻهن وٽان، نه ڀوتارن وٽان ڪنهن مڃتا ملڻ جو آسرو مليو. هاڻي پلان ”سي“ طور پاڳارو- مخدوم اتحاد کي اڳيان آڻڻ جي ڪئي پئي وڃي، يعني ٻئي پيراڻي گادين وارا آهن، واڌو ڀوتار به حمايت ڪري سگهن ٿا، جو کين سمجهه ۾ ڳالهه ايندي ته اهو اتحاد گيم چينجر ٿي سگهي ٿو. 

ڊسمبر 2012ع ۾ پير پاڳاري سنڌ جي قومپرست ڌرين کي ساڻ ڪري، حيدرآباد ۾ طاقت جو مظاهرو ڪيو هو، پر پوءِ جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌ ۾ وري به پيپلز پارٽي پئي اچي ته پاڻ پاسيرو ٿي ويو. سياسي ڪارڪنن جي ملندڙ لاشن بعد سنڌ ۾ قوم پرستيءَ جا جذبا هڪ دفعو وري اُڀري رهيا آهن، بلڪل ائين جيئن بلدياتي نظام جي حوالي سان ٻه سال اڳ جذبا اُڀريا، جن کي پاڳاري يڪجا ڪيو، هو اهو ڪم هن ڀيري به ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو انگريزن خلاف گوريلا جنگ وڙهندڙ سندس ڏاڏي سورهيه بادشاهه کي سنڌ جون مختلف ڌريون قومپرست سمجهن ٿيون. ميڊيا جي حلقن ۾ اها ڳالهه به اُڇلائي وئي آهي ته اڄوڪي صورتحال ۾ جڏهن سمورا اختيار ۽ فيصلا وزير اعظم نواز شريف کان منتقل ٿي ويا آهن، تڏهن پرويز مشرف ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

 پرويز مشرف اهڙو ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو يا نه، پر هو اهڙين ڌرين کي گڏ ڪري سگهي ٿو، جيڪي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي کي ڌڪ رسائين. جيڪڏهن اسلام آباد ۾ ايندڙ وقت لاءِ ڪا کچڻي پچي رهي آهي ته سنڌ وٽان پوندڙ ”رڪاوٽ“ هن سرگرميءَ وسيلي دور ٿي وڃي ٿي.

Labels: , , , , , ,