Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

طاقت جو تبديل ٿيندڙ توازن ۽ علامه جو لانگ مارچ 9 جنوري 2013ع

طاقت جو تبديل ٿيندڙ توازن ۽ علامه جو لانگ مارچ
اربع 9 جنوري 2013ع 

سهيل سانگي 


گذريل پندرهن ڏينهن کان ميڊيا ۽ سياسي حلقن ۾ رڳو هڪ ئي ماڻهوءَ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اهو آهي علامه طاهر القادري، جيتوڻيڪ ميڊيا توڙي هر سگهاري سياسي ڌر علامه جي خلاف ئي ڳالهائي رهي آهي. سندس حق ۾ شايد ئي ڪو دليل آيو هجي، يعني سڀ  سندس خلاف به آهن،  پر ان جي باوجود هو اهم به آهي، ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا، هڪ  اهو ته جهڙي نموني سان حڪمراني ڪئي پئي وڃي، عام ماڻهوءَ کي ڪجهه نه ملي رهيو آهي، ان ڪري ماڻهو انهيءَ خراب حڪمرانيءَ مان بيزار آهن. ٻيو ته پڪ جهڙو شڪ آهي ته هن جي پويان ڪي سگهارا هٿ آهن، اهي موجوده حڪومت توڙي هن جمهوري سرشتي ۽ عمل کي لوڏي وجهندا
.
غور ڪرڻ سان پتو پوندو ته پهريون سبب معروضي يعني Objective صورتحال يا زميني حقيقتون آهن، جڏهن ته ٻيو سبب موضوعي يعني Subjective صورتحال آهي، يعني ڪي ڌريون سرگرم ٿي ان صورتحال جو فائدو وٺي سگهن ٿيون. ان ڪري اهي ٻئي سبب آهن، پر علامه جو چوٻول هجڻ جو ڪارڻ موضوعي Subjective آهي. هتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته جهڙي نموني سان سياسي ڌرين ۽ ميڊيا مُڏي ۽ نهڪار واري موٽ ڏني آهي، تنهن اهو ثابت ڪيو آهي ته، ماڻهو تبديلي ته چاهين ٿا، پر انهن کي علامه قادريءَ واري تبديلي  قبول نه  آهي، ۽ ماڻهو جمهوري عمل کي بهرحال جاري رکڻ گهرن ٿا. ملڪ جو عوام ۽ سياسي ڌريون ساڍن ڇهن ڏهاڪن جي تجربي کان پوءِ، هن نتيجي تي پهتل آهي ته خراب ئي سهي، پر جمهوري عمل جو برقرار ۽ جاري رهڻ ضروري آهي. اها ئي واٽ آهي جيڪا ايندڙ وقت ۾ ملڪ کي ڪنهن چڱي پاسي وٺي ويندي. ماڻهن جو جمهوري عمل ۾ ويساهه، سياسي ڌرين جي سهڪار واري موٽ پنهنجي جاءِ تي، پر علامه جي لانگ مارچ واري اعلان بعد اها ڳالهه به سامهون آئي ته علامه ان  صورت ۾ سگهارو آهي، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ائين چاهي ته..... وغيره وغيره. ان مان به ٻه ڳالهيون ثابت ٿيون. هڪ اها ته اسٽيبلشمينٽ اڃا تائين ايتري سگهاري آهي، جو ملڪ جون سياسي ڌريون ۽ عوام هڪڙي پاسي ۽ ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو جيڪڏهن پيرا شوٽ ذريعي لٿل، ڪنهن ماڻهوءَ جو ساٿ ڏين ۽ پوئواري ڪن ته سڄي ڪم ۽ نظام کي ليڪو اچي سگهي ٿو. يعني ملڪ جو نظام صفا ڪنڊ تي يا دريا جي ڪپ تي بيٺل آهي، ان کي ڪو هڪ فرد به اچي ڌڪو ڏئي، ته  بحران ئي بحران آهي. ٻي ڳالهه اها ته، ڇا اسٽيبلشمينٽ ائين چاهي ٿي؟ گذريل پنجن سالن جي عرصي ۾ ملڪ جي اقتداري سيٽ اپ ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. اقتداري سيٽ اپ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ طاقت جو توازن توڙي محور تبديل ٿيا آهن. اڳي عدليه صفا اسٽيبلشمينٽ جي پاسي ۽ جمهوري حڪومتن جو تختو اونڌو ڪندڙن کي قانوني حيثيت ڏيندڙ رهي هئي، پر هاڻي عدليه جي فعاليت ان کي اقتداري سيٽ اپ ۾ هڪ عنصر بڻائي ڇڏيو آهي. هن کان اڳ سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي، سياسي ڌريون ۽ ڪجهه وري آمريڪا بهادر اقتداري معاملن ۾ ڪاريگري ڪندا رهندا هئا. عدليه جي انهيءَ ڪلب ۾ هڪ اهم ۽ ’ توازن رکو‘ واري عنصر طور داخلا گهڻي ڀاڱي سياسي ڌرين کي ئي مضبوط ڪيو آهي، پر سياسي ڌرين کي اهو چتاءُ به ڏنو آهي ته ’ ماڻهو ٿيو‘. انهيءَ ڪلب ۾، مختلف ڌرين ۽ قوتن جي Interplay چالن ۽ چرپر ملڪ ۾ بنهه نئين صورتحال پيدا ڪري وڌي،  جنهن ۾ اهي ڌريون مختلف موقعن تي، پنهنجي روايتي موقف کان هٽي موقف اختيار ڪري رهيون هيون. مثال طور اهو ته ڪيترن موقعن تي ائين پئي لڳو،  ته اجهو  فوج ٽيڪ اوور ڪري وٺندي، پر ائين نه ٿيو. بلڪه فوج طرفان وضاحت ڪئي ويئي ته اها جمهوريت کي مضبوط ڏسڻ گهري ٿي. نه ته هن کان اڳ اهڙين حالتن ۾ فوج اقتدار ۾ اچي ويندي هئي. ساڳيءَ طرح عدليه جو رويو به روايتي طرز کان هٽيل هو ۽ ان واضح ڪيو ته اها ڪنهن به مهم جُو جنرل جي ٽيڪ اوور تي، مهر لڳائي ان کي قانوني حيثيت نه ڏيندي. مخالف ڌر جيڪا پاڪستان ۾ سدائين ڪرڪيٽ جي ٻارهين رانديگر وانگر تاڙ ۾ ويٺي هوندي آهي، ته ڪڏهن ٿي حڪومت جي ٽنگ ٽُٽي يا بال لڳڻ سان مٿو ٿو ڦاٽي، جو کيس کيڏڻ جو موقعو ملندو. گهٽ ۾گهٽ ٽي موقعا اهڙا آيا،  جڏهن جمهوري عمل کي هاڃو رسڻ جو خطرو پيدا ٿيو ته نواز ليگ، حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏنو. بلڪل ائين جيئن هينئر طاهر القادريءَ جي حوالي سان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ گڏ بيٺيون آهن. ماضيءَ ۾ اهي ٻئي پارٽيون حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾، اهي اسٽيبلشمينٽ هٿان بظاهر هڪ ٻئي خلاف، پر عملي طور تي جمهوري عمل خلاف استعمال ٿينديون رهيون آهن. پر هن ڀيري اهوسڀ ڪجهه نه ٿي سگهيو
.
ميمو گيٽ، ايبٽ آباد وارن واقعن ۽ انهن ڪيسن جي عدالتي ڪارروائي، ان وقت ملڪ اندر ٿيندڙ اٿل پٿل کي ذهن ۾ رکجي ته پتو پوي ٿو ته ان وقت اقتداري طاقت جا محور وڏي حد تائين تبديل ٿي چڪا هئا. بلڪه تڏهن ڪجهه سياسي ڌرين ۽ عدالتي حلقن طرفان پڻ طاقت ۽ اقتدار جا محور تبديل ٿيڻ بابت ڳالهيون پڻ ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيون
.
ڪن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته طاقت جو توازن ۽ محور واقعي تبديل ٿي ويا آهن. انهن تجزيه نگارن موجب اها تبديلي اڃا نئين نئين آهي، جنهن کي عمل ۾ آڻڻ، نظام جو حصو ٿيڻ ۽ معمول بنجڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. انهيءَ عرصي اندر ڪجهه ڏکيائيون به اينديون ته وري تبديليءَ کان متاثر ٿيندڙن تي دٻاءُ به پوندو، ڇاڪاڻ جو اهو ڪم ڪو ايڏو سولو ناهي. جيستائين اهو سڀ ڪجهه معمول بڻجي، تيستائين اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود ڪن ڌرين ۾ اڃا تائين پراڻي باقيات ۽ سوچ به موجود آهي، جيڪا سمورين شين کي واپس پراڻي هنڌ کڻي وڃڻ گهري ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ملڪ ۾ مذهبي ڌرين جي خاص گروهه ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ جمهوري عمل کي هاڃو رسايو آهي. اهو رڳو ان ڪري جو هونئن سياسي ۽ جمهوري عمل ۾ اهڙيون مذهبي ڌريون ڪا مڃتا ۽ حيثيت نه پيون ماڻي سگهن. 
ويڙهاڪ لڏو، جيڪو افغان جنگ دوران اسٽيبلشمينٽ جو ساٿاري ٿيو هو، سو مختلف گروهه بندين باوجود اڄ به موجود آهي، ان جو ملڪي معاملن تي پنهنجو اثر ۽ دهمان رهندو آيو آهي. اهو صحيح آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان سياست ڪندڙ ڌرين مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم علامه جي لانگ مارچ جي حمايت ڪئي هئي، پر هاڻي انهن ۾ به ڪجهه جهڪائي آئي آهي. عمران خان به تيار نه پيو ٿئي. جماعت اسلامي ۽ ڪجهه ٻين مذهبي ڌرين ايٽمي سائنسدان قدير خان جي اڳواڻيءَ ۾ ڌار شناخت ڏيکاريندي گروپ ٺاهي ورتو آهي. ان ڪري بظاهر علامه جو لانگ مارچ ڪو گهڻو مارچ ڪندي نظر ڪونه ٿو  اچي. پر ان ڳالهه کي به بنهه رد نه ڪرڻ گهرجي، ته جيڪڏهن پوري پڪ ٿي وڃي ته اسٽيبلشمينٽ واقعي تبديلي چاهي ٿي ۽ تبديلي واقعي اچي رهي آهي، ته ڪجهه سياسي پکي اهڙا ضرور نڪري پوندا، جيڪي اُن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ويندا
.
علامه جي تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ گڏ ٿي ويون آهن. پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبلين ٺهراءُ پاس ڪري ورتا آهن. ايم ڪيو ايم سان صدر زرداريءَ جي رابطن جيڪو ڪم ڪيو، سو ڪيو، پر سپريم ڪورٽ طرفان الطاف حسين کي توهين عدالت ۾ معاف ڪرڻ به ڪجهه ڪم ڏيکاريو آهي ۽ سندس ڊرون حملو به رهجي ويو آهي. نواز شريف، جيڪو بظاهر پيپلز پارٽيءَ تي ذميواري وجهي رهيو آهي، پر سندس پارٽي عملي ۽ منطقي لحاظ کان وڌيڪ خراب پوزيشن ۾ آهي. اهو مارچ پنجاب مان ئي شروع ٿيڻو آهي، جيڪو علامه جو بيس آهي. جيڪڏهن اتي اها مقبوليت مڃجي وڃي ٿي ته سياسي مڃتا ۽ ايندڙ چونڊن ۾ نواز شريف جو ڇا ٿيندو؟  ڇاڪاڻ  ته  نواز شريف  ان لاءِ تيار ٿيو ويٺو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ هاڻي سندس وارو آهي. اهڙي موقعي تي ٻن پارٽين جي واري ڦيري سان حڪمرانيءَ وارو کيل خراب ٿو ٿئي ته معنى وري پنج اٺ سال ٻيا کيس انتظار ڪرڻو پوندو. پر اهو به ’جي ٿئي‘ جو آسرو، مٿان وري ڊگهو ۽ ڏکيو انتظار، تيستائين الائي پل هيٺان ڪيترو پاڻي لنگهي ويندو. ڪيترا همراهه ٻين پارٽين ۾ هليا ويندا، يا ماڳهين نظام ئي تبديل ٿي ويندو. اطلاع آهن ته انهن سمورن خدشن ۽ انديشن جي پيش نظر نواز ليگ پنجاب ۾ ٻن نقطن تي ڪم ڪري رهي آهي، هڪ سياسي پهلو، جنهن ۾ ماڻهن کي اهو پيو ٻڌايو وڃي ته علامه جو لانگ مارچ فضول آهي، ان سان پنجاب کي ڪو فائدو ڪونهي وغيره. ٻيو انتظامي پهلوءَ آهي، اهو به ممڪن آهي ته مارچ کان اڳ علامه کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو وڃي، جيڪڏهن ائين ڪيو ٿو وڃي ته علامه جي ڪارڪنن جو ڇا رد عمل هوندو؟ ٻيو اهو ته ڪا متبادل قيادت اڀري سگهي ٿي يا نه؟ انهن شين تي پنجاب حڪومت ۽ نواز ليگ غور ڪري رهيون آهن
.
اهو لانگ ڪيترو وڏو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو يا نٿو ٿئي، اهو سوال پنهنجي جاءِ تي، پر هن سڄي تحرڪ ملڪ جي سياست تي وڏا  اثر ڇڏيا آهن ۽ ڪجهه نوان سياسي رخ متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن. هڪ اهو ته اقتداري سيٽ اپ ۾ طاقت جو توازن ۽ محور واپس موٽائڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ مختلف ادارن جو ڪردار عملي طور تي اڳوڻي طريقي سان Define ڪرڻ شامل آهي. ٻيو اهو ته موجوده صف بندي، جنهن ۾ مکيه سياسي ڌريون هڪ پاسي آهن،  ڇا اها چونڊن جي موقعي تي ۽ ان کان پوءِ به برقرار رهندي؟ ٽيون اهو ته چونڊن جي بائيڪاٽ يا چونڊن ۾ ڪنهن ڌانڌليءَ جي صورت ۾ بائيڪاٽ جي صورت ۾ ڇا ٿيندو؟ اوڏي مهل علامه جو آئيڊيا ۽ علامه پاڻ وري متحرڪ ٿي سگهن ٿا
.

Labels: , , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home