Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

عمران خان جي سنڌ ۾ تبديليءَ واري خواهش! 25 نومبر 2014ع


عمران خان جي سنڌ ۾ تبديليءَ واري خواهش!
سهيل سانگي,
اڱارو 25 نومبر 2014ع

اسلام آباد ۽ پنجاب جي وڏن شهرن ۾ نواز ليگ کي چئلينج ڪرڻ کان پوءِ عمران خان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اچي سڱن تي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. سياسي پنڊتن چواڻي ته ان لاءِ هن پ پ جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪيو، تحريڪ انصاف پاڻ سان تبديلي يا پراڻي نظام جي خاتمي جو نعرو کڻي آئي. گذريل هڪ سئو ڏينهن دوران سنڌ ۾ عمران خان جو هي ٽيون جلسو هو، هو ڪنهن حد تائين ميڙو لڳائڻ ۾ ته ڪامياب ويو، پر ميڙو مچي نه سگهيو. 
اڄ جي دور ۾ سفري توڙي ٻين سهولتن جي آرامده ۽ عام ٿيڻ بعد ماڻهو گڏ ڪرڻ، سو به وري سنڌ اندر جتي قبائلي اثر ۽ بااثر ماڻهن جو داٻو دڙڪو موجود آهي، اهڙو ميڙ ڪرڻ بنهه ڪو مشڪل ناهي. اهم ڳالهه اها آهي، اها ناهي ته جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪيترائي هئا؟ هاڻي اها ڳالهه وڌيڪ اهم بڻجي وئي آهي ته شرڪت ڪندڙ ڪير هئا؟ اهي جلسي گاهه تائين ڇو آيا؟ ڪيئن آيا؟ جوش خروش جي ڇا صورتحال هئي؟ جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب ڳولجي ٿو ته ڳالهه پڌري پٽ اچي ٿي وڃي. عمران جيڪو نئين نظام جو نعرو هڻي رهيو آهي، انهي نواڻ جي نمائندگي ڪندڙ جلسي ۾ ڪو نه هئا، اهو عمران خان يا ان جي پاليسين جي حامين جو نه، پر وڌ ۾ وڌ پيپلز پارٽيءَ جي مخالفن جو ميڙ هو. 

لاڙڪاڻي واري جلسي ۾ اها ڳالهه سامهون اچي وئي ته هو سنڌ کي ڇا ڏيڻ گهري ٿو؟ ۽ ڪيئن ڏيڻ گهري ٿو؟ هن سنڌين کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو ته، کيس ڪالاباغ ڊيم تيستائين منظور ناهي، جيستائين سنڌ جا ماڻهو ان کي نه ٿا قبول ڪن. هي اهو گٺل موقف آهي، جيڪو سينٽرل پنجاب جي هر ليڊرشپ پيش ڪندي رهي آهي، نواز شريف ان کان پوءِ جنرل مشرف به (جڏهن مٿس دٻاءُ پيو) مطلب ته پنهنجي طور اهڙي ليڊر شپ پاڻيءَ جي هن تڪراري منصوبي جي حق ۾ آهي، پر سنڌ تي احسان ڪري چوي ٿي ته ”چلو توهان نه ٿا مڃون ته ڪو نه ٿا ڪريون“ يعني سنڌ جي اصولي موقف کي مڃڻ بدران يا دل سان مڃڻ بدران ان کي سنڌ جي ضد جي طور ورتو پيو وڃي. ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ واري ڳالهه تان هن ان ڪري هٿ کنيو، جو ان سان نه کيس ڪو ڪراچي ۾ فائدو آهي ۽ نه وري سرائيڪي بيلٽ ۾. ڪراچي ۾ اهو نعرو ايم ڪيو ايم جو آهي ۽ سرائيڪي بيلٽ ۾ اهو نعرو پيپلز پارٽيءَ جو آهي. 

اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ عدليا جي اصرار بعد اختيارن جي منتقليءَ جي راهه هموار ٿي وئي آهي. اهي اختيار هاڻي مڪاني ادارن ڏي ويندا، ان ڪري عمران خان لاءِ وڌيڪ صوبن واري ڳالهه ايتري فائديمند ۽ پُرڪشش نه رهي ۽ هن سنڌ جي ورهاست جي مخالفت جو اعلان ڄڻ ائين ڪيو ته اها ”بچت جي بچت ۽ انعام جو انعام آهي.“ بظاهر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پيپلز پارٽي ۽ شهر ۾ ايم ڪيو ايم مختلف آهي. ٻنهي لاءِ سبب ڌار ڌار آهن، ٻئي ڌريون اقتدار ۾ رهندي، سُٺي حڪمراني، قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. 
سمورين سياسي هڪ هٽيءَ وارين دعوائن، حڪومتي ساٿ جي باوجود ڪراچي ڄڻ ڪنهن جو به شهر ناهي، پر ڪراچي شهر امن گُهري ٿو. سياسي جڳهه شهري توڙي ٻهراڙين ۾ موجود آهي، فرق اهو آهي ته ٻهراڙين ۾ ميدان کُليل آهي، ڪير به اچي سياست ڪري سگهي ٿو، پر شهري علائقن ۾ گهڻيون خاطريون، پارتون ۽ ضمانتون گُهربل آهن. اها حقيقت آهي ته عام چونڊون هجن يا احتجاج، خواهه روزمره جي سياست، عمران خان وٽ گذريل ڏهن پندرهن سالن دوران سنڌ ۽ بلوچستان نظر انداز ٿيل آهن. 2010ع جي بدترين مها ٻوڏ، 2011ع واريون تباهي آڻيندڙ برساتون ۽ هاڻي ٿر جو ڏڪار يا ڪي ٻيا مسئلا، هن جي نعرن ۽ دليلن ۾ نظر نه آيا. هتي نه هن ڪا تنظيم سازي ڪئي ۽ نه وري عام راءِ تي اثر انداز ٿيندڙن کي پنهنجو موقف سمجهائي سگهيو. هاڻي رڳو هڪ جلسو سنڌ کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. اهڙين حالتن ۾ هو کڻي ڪيتريون ئي ڪوششون ڪري، هن لاءِ ووٽ وٺڻ ڏکيو ڪم آهي. 

سنڌ ۾ عمران خان پنهنجي چوڌاري اهڙا ماڻهو گڏ ڪيا آهن، جيڪي رڳو هڪ تبديلي ۾ يقين رکن ٿا ۽ اها آهي، پارٽي تبديل ڪرڻ. هو وري ڀوتارن ۽ وڏيرن کي ڳولي رهيو آهي. هو اهڙن ماڻهن تي ڀاڙي رهيو آهي، جيڪي پيپلز پارٽي وارن کان وڌيڪ ويل آهن، يا پراڻ پرست آهن. اهي همراهه سدائين اسٽيبلشمينٽ ۽ غير جمهوري سيٽ جا ڳولائو رهيا آهن، سنڌ انهن ماڻهن تي ڪيئن ويساهه ڪري، جيڪي سياسي پناهه گير آهن ۽ ڪالهه ڪنهن هڪ پاسي هئا، اڄ عمران خان سان آهن. عمران، سنڌ اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪرڻ ٿو چاهي يا اهڙن ماڻهن جي ذريعي سنڌ ۾ تبديلي آڻڻ ٿو چاهي؟ عمران خان ڪو اهڙو خواب ڏسي ته منع ناهي. سنڌ جو ماڻهو انهن همراهن جي ڪڙين حقيقتن ۽ تلخ تجربن مان گذري چڪو آهي. 

بلاشبه سنڌ شدت سان تبديلي گُهري ٿي، خاص ڪري ان جو وچولو ۽ پورهيت طبقو، پر اڃا تائين ڪو به گروپ ان تائين پهچي نه سگهيو آهي. ساڳي طرح ايم ڪيو ايم به موثر طور ماڻهن جا مسئلا حل نه ڪري سگهي آهي. ڪراچي هجي يا حيدرآباد، اُتي امن امان، ٽرانسپورٽ، تعليم توڙي ٻيون شهري سهولتون تباهه آهن. باقي رهيل سنڌ ۾ ماڻهو پيپلز پارٽي کي ان ڪري ووٽ ڏئي رهيا آهن، جو متبادل ڪونهي ۽ جن کي متبادل ڪري ميدان ۾ لاٿو ٿو وڃي، سي سنڌ جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نٿا سگهن. 

قصو اهو به آهي ته ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ صوبن ۾ سياست ئي تبديل ٿي وئي آهي، خاص ڪري اُهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي ”اليڪٽ ايبل“ سڏائين ٿا. ان ترميم بعد فنڊ، اختيار، نوڪريون، مالي فائدا، ترقياتي ڪم وغيره وفاق مان نڪري صوبن جي دائري ۾ اچي ويا آهن. مشرف دور واري ناظمي سرشتي جو اڀياس هن نقطي کي گهڻو چٽو ڪري ڇڏي ٿو، تڏهن فنڊز، ترقياتي ڪم ۽ اختيار ضلعي حڪومتن وٽ هئا. نتيجي ۾ سڀ بااثر اليڪٽ ايبل مهر، مزاري، بجاراڻي، جيلاني، شيرازي، قومي اسيمبلي ڇڏي، ضلعي ناظميءَ لاءِ اچي ويا هئا. هاڻي جڏهن اهو سڀ ڪجهه صوبن وٽ آهي ته انهن همراهن جي وفاق ۾ ڪا دلچسپي ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هو سمجهن ٿا ته جيڪي ڪجهه ملڻو آهي، سو صوبي مان ئي ملڻو آهي. عمران کڻي وزير اعظم ٿي سگهي ٿو، پر هو سنڌ ۾ ته حڪومت نه ٿو ٺاهي سگهي. صوبائي حڪومت جي حد تائين سنڌ وري به پيپلز پارٽي جي جهوليءَ ۾ پوي ٿي. اهو بااثر ماڻهو توڙي اپر مڊل ڪلاس عمران خان جي آسري ۾ پيپلز پارٽيءَ کان دوري نه ٿو چاهي. ماضيءَ ۾ مشرف خواهه نواز شريف تڏهن پيپلز پارٽيءَ کي اڪيلو ڪري سگهيا، جڏهن انهن پڪ ڪري ورتي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ حڪومت نه ٺاهي سگهندي. 

هن ڀيري پيپلز پارٽي ڀلي ڪرپشن يا خراب حڪمرانيءَ جا رڪارڊ ٽوڙيا آهن، پر اها سنڌ سان چنبڙيل رهڻ واري حڪمت عمليءَ تي عمل پيرا آهي. هڪ اهو ته نواز شريف ان کان پري نه وڃي، ٻيو اهو ته وڌ ۾ وڌ بااثر وڏيرا سندس دائري ۾ رهن، ٽيون وري قوم پرستيءَ جو نعرو ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون.“ سوال اهو آهي ته سينٽرل پنجاب جي پارٽي سنڌ ۾ ڪهڙي سياست ڪري؟ اها لازمي طور تي سينٽرل پنجاب جي مفادن جي نگراني ڪندي. سنڌ جي ماڻهن لاءِ نواز شريف هجي يا عمران خان ان حوالي سان ٻنهي ۾ ڪو فرق ناهي، ٻئي پنجاب جي هڪ ئي طبقي جا نمائندا آهن ۽ ٻنهي جو سنڌ ۾ دارومدار مدي خارج طبقن ۽ گروهن سان ڳنڍيل آهي. اها سوچ ”لاڙڪاڻو فتح ٿي ويو، ڄڻ سنڌ فتح ٿي وئي“ بنهه ائين به ناهي، هي ڪو بادشاهن وارو دور ڪونهي ته آخري قلعو فتح ٿيڻ سان ڄڻ سڄو علائقو فتح. ممڪن آهي ته لاهور ۽ اسلام آباد به سنڌ فتح ڪرڻ جي چڪر ۾ هجن. 

سنڌ هڪ مختلف گيم بال آهي، في الحال لاڙڪاڻي کي ئي وٺو، پيپلز پارٽيءَ پنهنجي دور ۾ جيترو لاڙڪاڻي کي نوازيو آهي، اوترو ته نواز شريف ۽ نه ئي وري عمران خان ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪرپشن جي قصي کي مڃجي کڻي، اها ڪرپشن مٿان کان وٺي، هيٺئين سطح تائين تعلقي صدر تائين به وئي آهي، اهو ڪارڪن به پارٽيءَ جي حڪومت مان فائدو کڻندڙ آهي. عمران خان ۽ نواز ليگ ان معاملي ۾ ان پاور بروڪر کان اونچا آهن. سنڌ جي ماڻهن ۾ تبديليءَ جي خواهش شديد آهي، پر چهرن جي نه، حقيقي تبديلي. کين پسند جي تبديلي نه ملي رهي آهي، تنهن ڪري هو پاسو مٽائڻ لاءِ تيار نه پيا ٿين.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home