Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ جو حساب ڪيئن ڏيندي؟ 25 آڪٽوبر 2014ع

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ جو حساب ڪيئن ڏيندي؟
ڇنڇر 25 آڪٽوبر 2014ع

سهيل سانگي


چلو بلاول ڀٽو زرداريءَ جي تقرير به ٿي وئي، جنهن ۾ وڏيون اُميدون رکڻ جي ڳالهه ٿي وئي. ان تقرير جا سياسي اثر، تجزيا ۽ تبصرا به ٿي ويا، باقي رهيل تبصرا ايندڙ وقت به ٿيندا رهندا. هاڻي ڳالهه وڃي بيهي ٿي، ان تقرير جي عملي پهلوئن جي باري ۾ يعني بلاول جيڪي ڪجهه تقرير ۾ چيو ۽ جيڪي نه به چيو، پر اهڙا اشارا ڏنائين يا وري جن ڳالهين جي باري ۾ سنڌ جي عوام کي هروڀرو به آسرو آهي، ان ڏس ۾ ڇا سامهون اچي رهيو آهي، ماڻهو اُن جا مُنتظر آهن. ڪنهن به پارٽي يا حڪومت جي اڳواڻ جي تقرير دراصل مختلف پاليسين ۽ فيصلن جو اعلان هوندو آهي، جن تي فوري طور عمل شروع ٿي ويندو آهي يعني فيصلي يا اعلان تي اڳواٽ هوم ورڪ تيار ٿيل هوندو آهي. موجوده حالتن ۾ اهڙي ڪا به شئي عملي طرح سامهون نه آئي آهي. ملڪ جون پاليسيون ۽ حڪمت عمليءَ کي پاسيرو رکي، رڳو سنڌ کي ئي ٿا وٺون، جتي پارٽيءَ جي حڪومت آهي ۽ ان سان گڏوگڏ دعوى به ته سنڌ ساڻس گڏ آهي، اهڙي غلط فهمي سنڌ جي ماڻهن کي هڪ حد تائين آهي ته پيپلز پارٽي سندن پارٽي آهي. 
عام ماڻهوءَ کان وٺي، خاص ماڻهن تائين سڀئي ڪجهه حقيقتن تي متفق آهن، پوءِ ڀلي کڻي هو سياسي بيان ڪهڙو به ڏين، ذاتي ڪچهرين ۾ اهڙو ذڪر ضرور ڪندا آهن. سنڌ جو ماڻهو وڏي پئماني تي سماجي انصاف کان محروم آهي، ساڻس ڪو وڏو ظلم ٿئي ٿو يا ننڍڙي به ناانصافي ٿئي ٿي ته ان جي ڪا به داد رسي نه ٿي ٿئي. عام ماڻهو ته ماڳهين هر قسم جو آسرو لاهي ويٺو آهي. هو چوي ٿو ته ”ادا ٿيندو ڪجهه ڪو نه.“ ڪجهه عرصو اڳ تائين احتجاج، جلسا، جلوس ۽ بک هڙتالون ڪو نه ڪو اثر ڏيکارينديون هيون، پر هاڻي اهي به بي اثر ثابت ٿي رهيون آهن. نتيجي ۾ ماڻهو پاڻ کي بي وس، ننڌڻڪو ۽ لاچار سمجهي ٿو، ڄڻ هڪ نئين قسم جي غلاميءَ ۾ اچي ويو آهي. ڏئي وٺي ميڊيا ڏاڍو اهم رول ادا ڪري رهي هئي. لڳاتار اشو کڻڻ تي حڪومت مجبور ٿي تحرڪ ۾ اچي ويندي هئي، پوءِ اهو تحرڪ ڪافي حد تائين رڳو ڏيکاءُ وارو هوندو هو، ان کان پوءِ حڪومت هر ڳالهه جو ”نوٽيس“ وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو، ان نوٽيس وٺڻ جو مطلب اهو هوندو هو ته ”ها اسان ڳالهه ٻُڌي“ پر اُن تي عمل ايترو به ڪو نه ٿي رهيو آهي، جيترو ڪنهن زماني ۾ وزير اعظم يا صدر کي موڪليل درخواست تي ڪو واندو ويٺل سيڪشن آفيسر جواب لکي موڪليندو هو ته، ”توهان جي شڪايت ازالي لاءِ واسطيدار عملدار کي موڪلي وئي آهي“ تڏهن ٻيو نه ته ٺهيو گهٽ ۾ گهٽ ننڍي يا وڏي شڪايت جي رسيد ته ملندي هئي، پر هاڻي ماڻهن جي شڪايتن جي پوءِ اهو خون هجي يا ٻيو ڪو ظلم يا ناانصافي ماڻهن کي ڪا رسيد به نه ملي رهي آهي. مٿان وري حڪومت جا ڀاڳ ڀلا جو خود ميڊيا مالڪن جي حد تائين ئي نه، پر ضلعن جي سطح تائين به ورهائجي وئي آهي، جنهن جو ڀلو نه صحافين کي ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي وري عوام کي البته حڪومت ۽ حڪومتي اهلڪار مزي ۾ آهن. اهي نه رڳو هن جهيڙي جو تماشو ڏسي مزو وٺي رهيا آهن، بلڪه ميڊيا جي گڏيل ڪاهه کان به بچيا پيا آهن. ٻيو وڏو معاملو ڪرپشن جو آهي، جنهن بابت حاوي تاثر آهي. ڪرپشن جيڪا ترقياتي ڪمن ۾ ٿئي ٿي، ڪرپشن جيڪا مختلف ادارن خاص ڪري ميونسپل ادارن کي هر ماهه جاري ٿيندڙ فنڊن ۾ ٿئي ٿي. اڃا ٻه هفتا اڳ جي ڳالهه آهي ته ميڊيا ۾ اهي رپورٽون شايع ٿيون ته وارياسي علائقي جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ ٽينڪر سان ٽانڪي ڀري آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو، اهو ته هڪ اڌ واقعو آهي، جيڪو الائجي ڪيئن ميڊيا جي لپيٽ ۾ اچي ويو، ورنه هر ضلعي ۾ اهڙن واقعن جا داستان جڙيل آهن. ڪنهن دور ۾ ترقياتي ڪمن جا قبرستان هوندا هئا، ڇاڪاڻ جو هر ايندڙ حڪومت پراڻي حڪومت جي شروع ڪيل رٿائن کي اڌورو ڇڏي ڏيندي هئي ۽ نيون رٿائون شروع ڪندي هئي، پوءِ نه حڪومتون مدو پورو ڪنديون هيون، نه ئي وري اهي رٿائون راس ٿينديون هيون. عوام جو ناڻو ڦاٿو پيو هوندو هو. ٺيڪيدار ۽ ڪميشنون وٺندڙ عملدار ۽ ٻيا همراهه مزي ۾ هوندا هئا. هاڻي ته ترقياتي ڪم ڄڻ ”ورچوئل“ ٿيڻ لڳا آهن، يعني فائيلن ۽ ڪاغذن ۾ آهن، سرزمين تي ڪجهه نه. صوبائي گاديءَ واري شهر ۾ اهي به ڳالهيون هلن پيون ته ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن سڌي يا اڻ سڌي طرح سولر جون ڪمپنيون ٺاهي ورتيون آهن، ان ڪري ئي شايد حڪومت سولر تي وڌيڪ زور ڀري رهي آهي. اهي حقيقتون به پنهنجي جاءِ تي آهن ته جيتري رقم آر او پلانٽ ۽ سولر سسٽم لڳائڻ تي سرڪاري طرح خرچ ٿي رهي آهي، ان جي اصل لاڳت چوٿين پتي جيتري جي آهي. صوبي جي سمورن شهرن ۾ انفرا اسٽرڪچر يعني روڊ، گهٽيون، ناليون وغيره تباهه ٿي چڪو آهي. اها ڳالهه مشرف دور جي مڪاني ادارن جا ڳڻ ڳائيندڙن کي ٻُڌائي وڃي، جيڪي رڪارڊ ترقيءَ جون دعوائون ڪندا آهن يعني 8-10 سالن ۾ سڄو انفرا اسٽرڪچر ويهي رهيو، باقي ڪاريگري پاڻ واري سنگت ڪئي، جو نه مرمت، نه سار سنڀال ڪئي وئي. حالت اها آهي، جو ڳوٺن کان وٺي شهرن جي رستن ۽ گهٽين تائين سڀ ڪجهه ڀڳل ٽُٽل ۽ تباهه آهي. ناليون ۽ گٽر تباهه آهن. چلو اهي نه ٿا ٺهرائي سگهجن ته گهٽ ۾ گهٽ ناليون ۽ گهٽيون صاف ته ڪرائي سگهجن ٿيون، پر ڪٿي به ائين نه ٿو ٿئي. گٽر ۽ ناليون اُٿلن ٿيون ته روڊ ۽ گهٽيون ڪنهن ڍنڍ جو منظر ڏين ٿيون، مٿان وري صفائي نه ٿيڻ ڪري گند جا ڍير لڳا پيا آهن. گندي پاڻي، پکڙيل گندگي، دز ۽ مٽيءَ سبب مختلف بيماريون شهرين جي جان ئي ڪو نه ٿيون ڇڏين، جنهن جو فائدو وري صحت کاتو ۽ دواساز ڪمپنيون به کڻن ٿيون. پيپلز پارٽي گذريل دور ۾ ٻيو ته ڇڏيو، ويچارن صفائي ڪندڙن خاڪروبن کي به نه بخشيو، اُتي به ميرٽ تي ۽ جائز ڀرتيون نه ڪيون ويون. هزارن جي تعداد ۾ سفيد پوش ماڻهن کي بطور خاڪروب ڀرتي ڪيو ويو، جن ڪڏهن ڊيوٽي نه ڪئي. اهڙيون هزارين ننڍيون وڏيون ڀرتيون مڪاني ادارن ۾ ان کان سواءِ آهن، جيڪي بنا انٽرويو، بنا اشتهار ۽ بنا ميرٽ جي ڪيون ويون. چيو وڃي ٿو ته ان مان ستر سيڪڙو نوڪريون وڪرو ٿيون آهن. بنا ميرٽ جي ڀرتي ٿيل يا خريد ڪيل نوڪري تي آيلن کي نه ڪو ڪم اچي ٿو ۽ نه وري ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اُهي به مال ميڙڻ جي پويان آهن. اهڙي قسم جون ڀرتيون روينيو ۽ ٻين کاتن ۾ به چور دروازي مان ٿيون آهن. تعليم کاتو ته هروڀرو پڙ چڙهي ويو آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهي ڀرتيون ميرٽ تي ڇو نه ڪيون ويون؟ سنڌ ۾ ذري گهٽ هر ڪو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پيپلز پارٽيءَ جي کاتي ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن ميرٽ تي اهي نوڪريون ڏنيون وڃن ها ته پيپلز پارٽيءَ جي ماڻهن کي ملن ها. ائين ڪرڻ سان نه رڳو پارٽيءَ جي ساک ٺهي ها، بلڪه حق حقدارن کي ملي ها ۽ مختلف کاتن ۽ ادارن جو ڪم ڪار به چڱو هلي ها، جيڪا ڳالهه حڪومت جي ڪارڪردگيءَ ۾ شمار ٿئي ها، پر پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پنهنجي حصي ۾ ايندڙ اهڙي چڱائي الائجي ڇو کڻڻ لاءِ تيار نه ٿي. ساڳي صورتحال مختلف عهدن تي مقررين ۽ ترقين جي آهي، اُتي به سمورا قاعدا قانون لتاڙيندي شيون ڪيون ويون. جڏهن شيون مقرر دائري ۽ پروسيس کان ٻاهر ٿين ٿيون ته اُهي غير منطقي غير قانوني هجڻ سان گڏ سمجهه کان به ٻاهر هونديون آهن، ائين ڪري حڪومت گهٽ تعداد ۾ ماڻهن کي خوش ڪيو ۽ وڏي انگ ۾ ناراض ڪيو. مڪاني ادارن جا ذميوار عملدار دانهون ٿا ڪن ته اڳي رڳو کاتي جي اعلى عملدارن تائين منٿليون پهچائڻيون هونديون هيون، پر هاڻي ته هر ماهه ايندڙ فنڊن مان علائقي جا چونڊيل عيوضي به ڀاڱي ڀائيوار آهن. نتيجي ۾ ماڻهن کي شهري سهولتون ڏيڻ لاءِ ٽَڪو به ڪو نه ٿو بچي. جلد ئي مڪاني چونڊون ٿيڻ واريون آهن. پارٽيءَ کي هڪ دفعو وري ماڻهن وٽ وڃڻو پيو پوي، پر وٽس ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ واقعي ڇا آهي؟ رڳو سياسي نعرا، شهيدن جون قربانيون، ايم ڪيو ايم جو ڊپ يا ٻيو ڪجهه، يا اهو ته مقامي سطح تي ڪيل سياسي ڀڃ ڊاهه، جنهن ۾ ذات وڏيري کي ڳولي خوش ڪيو ويندو ۽ کيس اقتدار، اختيار ۽ فنڊن ۾ حصو پتي ڪرائي ويندي؟ ڪنهن پاسي مان ته عوام کي ڪجهه ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن پارٽيءَ ۾ ڪا شئي تبديل نه ٿا ڪريو ته حڪومت ذريعي ڪجهه ڏيو، ادارن ۾ ماڻهن کي حقيقي نمائندگي ڏيو. عام راءِ موجب پارٽي ڳرن الزامن هيٺ آيل آهي. پارٽي قيادت کي گهرجي ته اها انهن سمورين شڪايتن جي حقيقي معنائن ۾ جاچ ڪري. جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪجي ته شايد هڪ ٻه جج ان ڪم لاءِ ڏئي سگهي ٿي، جيڪي اهو ڏسن ته اهي سڀ ناانصافيون، ناجائزيون ۽ زيادتيون ڪيئن ٿيون؟ ان لاءِ ذميوار ڪير آهي؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي واقعي گڊ گورننس چاهي ٿي، عوام کي ڪجهه ڏيڻ چاهي ٿي ته نون اعلانن کان اڳ ماضيءَ وارن معاملن مان پنهنجا پانڌ اَڇا ڪرڻا پوندا.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home