Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

ڇا اختيار ”پنڊي“ ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن؟ 22 آگسٽ 2014


ڇا اختيار ”پنڊي“ ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن؟
سهيل سانگي
جمع 22 آگسٽ 2014ع
بامقصد ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت کانپوءِ مذاڪرات جون ميزون لڳي ويون آهن. ڪجهه روسامو، ڪجهه ضد ۽ انا، ان سان گڏوگڏ ڇڪ ڇڪان ڀلي هجي، پر ڳالهيون اوير سوير ٿيڻون آهن. انهي سڄي ڊرامي کي ڪٿي ته کٽائڻو آهي. في الحال هڪڙي ڌر تي ئي ڳالهين لاءِ دٻاءُ آهي، پر اهي ڳالهيون تيستائين نه ٿينديون، جيستائين ٻي ڌر کي به سمجهايو نه ويندو. سمجهيو پيو وڃي ته ٻن مارچن ۽ ڌرڻن جو نتيجو هاڻي ميز تي نڪرندو. اتي جيڪو نتيجو نڪري سو نڪري، پر هيستائين ڪجهه نتيجا نڪري چڪا آهن، جن لاءِ ڳالهين جي ميز جو انتظار به نه ڪيو ويو. سڀ کان وڏو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو هن سڄي بحران بعد هاڻي سويلين جو اختيار ۽ اقتدار تي ڪنٽرول نه هجڻ جي برابر بيٺو آهي. اميد هئي ته 2008ع ۾ جنرل مشرف جي وڃڻ بعد ملڪ ۾ سويلين اختيار رائج ٿي ويندو. سمورن سياسي توڙي غير سرڪاري ادارن ۽ ماڻهن گهڻو ڪجهه سکي ورتو آهي. هاڻي اهو اختيار آهستي آهستي پختو ٿيندو ويندو، پر تڏهن اها ڳالهه خوش فهمي ثابت ٿي، جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي دور حڪومت ۾ ان اختيار کي استعمال ڪرڻ لاءِ هٿ پير هنيا. ان کي ميموگيٽ کان وٺي، وزير اعظم کي توهين عدالت جي ڪيس تائين اڌ ڊزن کن واقعن کي ڀوڳڻو پيو. ان بعد اها پارٽي ان ڳالهه تان هٿ کڻي وئي. نواز شريف حڪومت ۾ اچڻ بعد ان معاملي کي ٻيهر کنيو. هن جو خيال هو ته سندس تعلق پنجاب سان آهي، ان ڪري هو بهتر پوزيشن ۾ آهي ته اسٽيبلشمينٽ تي حاوي ٿي وڃي ۽ سويلين اختيار ۽ اقتدار حاصل ڪري وٺي. هن اهڙي ڪوشش پنهنجي گذريل دور حڪومت ۾ به ڪئي هئي، پر اها ناڪام ويئي. نتيجي ۾ کيس حڪومت تان برطرفي، قيد ۽ جلاوطني ملي. هن ڀيري ٻيهر ڪوشش ڪئي وئي ته ملڪ سياسي بحران جو شڪار ٿي ويو. تاريخ ۽ سياست جا شاگرد ڄاڻن ٿا ته دفاعي ادارن جا پنهنجا طور طريقا ۽ ڪلچر هوندو آهي ۽ سندن مائينڊ سيٽ به مختلف هوندو آهي. اڪثر محقق ۽ تجزيه نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته اهي ادارا خارجه پاليسي، دفاعي معاملا وغيره پنهنجي ئي اختيار ۾ رکڻ چاهين ٿا. هو سويلين سياستدانن کي صلاحيتن کان عاري سمجهن ٿا. اهڙو اظهار ماضي ۾ سويلين حڪومتون ختم ڪري، ملڪ ۾ مارشل لا هڻندڙ ڌريون چِٽن لفظن ۾ ڪري چڪيون آهن. پنجاهه کان ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي تائين ملڪ ۾ سڌي مارشل لا لاڳو ٿيندي رهي. نوي جي ڏهاڪي ۾ ايوان صدر ۽ ڪنهن حد تائين عدليا کان ڪم ورتو ويو. هاڻي طريقو تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي اسٽيبلشمينٽ سڌي طرح اچي ۽ مارشل لا هڻي حڪومت ڪرڻ بدران اڻ سڌي طرح حڪومت ڪرڻ جو نئون طريقو اختيار ڪيو آهي. اهو آهي دٻاءُ ۽ سياسي چوائيس، پنهنجون ڳالهيون دٻاءُ وجهي مڃرايو. اها ڳالهه ميڊيا ۾ اچي چڪي آهي ته ڪيئن وزير اعظم بي اختيار ۽ بيوس بڻجي ويو آهي. لاهور ۾ جڏهن اهو مارچ شروع ٿي رهيو هو، اتان کان وٺي اسلام آباد ۾ ڌرڻي شروع ٿيڻ تائين، ان کان ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان وٺي مظاهرين جي پارليامينٽ جي گهيري تائين، ڪيئن حڪومت هدايتون وٺندي رهي ۽ انهن تي عمل ڪندي رهي. معاملا اڳتي وڌندا ويا. اهڙن احتجاجن کي نه حڪومت وقت ائين منهن ڏيندي آهي ۽ نه ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، سو به اهڙي حالت ۾ جڏهن آرٽيڪل 245 لاڳو هجي، جنهن ۾ آرمي کي بي پناهه اختيار به ڏنا ويا هجن. هن سڄي قصي ۾ ڪٿي به حڪومت جي رٽ نظر نٿي اچي، جيڪا قانون جي نفاذ ذريعي ٿيندي آهي ۽ قانون وري ادارن جي ذريعي لاڳو ٿيندو آهي. وزير اعظم پاڻ کي ڪو حڪم جاري ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه پئي سمجهيو يا وري سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ وارو معاملو وچ ۾ پئي ڦاٿو، تنهن ڪري هن ان ۾ ئي بهتري سمجهي ته پهرين معلوم ڪري پئي ورتائين ته جن حڪمن تي عمل ٿي پئي سگهيو، سي حڪم پئي جاري ڪيائين. سويلين اٿارٽي جي ڪمزور ٿيڻ جي اها انتها هئي. هن سڄي قصي ۾ اهو به ٿيو، جو ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين نواز ليگ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اهميت گهٽجي وئي. ان جي ڀيٽ ۾ احتجاج ڪندڙ ڌئونس ڏيندڙ يا ننڍين پارٽين جي اهميت وڌي وئي. مسلم ليگ حڪمران جماعت هئي، پر هو ڪو سياسي انيشيئٽو (تحرڪ) نه وٺي سگهي. هڪ ٻه اعلان ڪيائين، پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. حڪمران جماعت بحران جي شدت جو اڳواٽ اندازو نه ڪري سگهي. جيڪڏهن ٻه ٽي مهينا اڳ جڏهن بحران جي ديڳ چلهه تي چڙهي هئي، تڏهن ڪي سياسي اپاءَ وٺي ها ته معاملو سياسي حدن ۽ سياسي جمهوري ادارن جي دائري ۾ رهي ها. هو سمورين سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي پئي سگهي. سياسي جماعتن جنهن يڪجهتي جو مظاهرو بعد ۾ ڪيو، سي اڳ به ڪري پئي سگهيون. نواز حڪومت سياسي اپاءَ تڏهن ورتا، جڏهن معاملو انتظامي ۽ امن امان جي دائري ۾ اچي ويو هو. پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي ۽ اپوزيشن جي جماعت آهي. مٿس جمهوريت ۽ نظام کي بچائڻ لاءِ وڏيون ذميواريون اچن ٿيون. حڪومت مخالف جماعتون پارليامينٽ ۾ هجن يا پارليامينٽ کان ٻاهر، کيس انهن جي اصولي طور تي اڳواڻي ڪرڻي آهي ۽ حڪومت تي چيڪ ۽ اينڊ بيلينس رکڻو آهي. هڪ اهڙو ميڪنزم ۽ ماحول جوڙي رکڻو آهي، جنهن سان جمهوري ۽ سياسي عمل اڳتي وڌي، پر ٿيو ائين جو اها پنهنجو حقيقي رول ادا ڪرڻ بدران حڪمران جماعت سان چنبڙيل رهي. ان الڳ ۽ پنهنجي طور تي ڪو انيشيئٽو نه ورتو. بحران جي شروع وارن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ رڳو ٻه سياسي بيان (Narrative) هئا، هڪ حڪومت جو ۽ ٻيو عمران خان جو. پيپلز پارٽي جو مکيه سياسي وهڪري ۾ ڪو ذڪر فڪر ئي نه هو. ڪجهه ڏينهن بعد پيپلز پارٽي ڪجهه سرگرميون ڪيون، پر سي به ڀڳل دل سان. ائين ملڪ جي ٻنهي وڏين جماعتن جي هٿن مان Initiative (تحرڪ) نڪري ويو. سندن اهميت به گهٽجي وئي. اهي ٻئي جماعتون اڳتي وڌي ڪا حڪمت عملي، ڪو رستو ٺاهڻ بدران احتجاجي پارٽين جي عمل جي موٽ ۾ روز مره واريون سرگرميون ڪري رهيون هيون. پيپلز پارٽي مصالحتي ڪوششون ڪيون، تڏهن هڪ ته ان جي اڳواڻي جماعت اسلامي ڪري رهي هئي، ٻيو اهو ته ان جو موقف گهڻو چِٽو نه هو. اها چونڊ سرشتي ۾ سڌارن جهڙن مطالبن کي اهميت نه ڏيئي رهي هئي، جن جي عام ماڻهن ۾ بهرحال مقبوليت هئي. ٻئي جماعتون شُڪر ڪن جو عمران خان ۽ علامه قادري ٻئي آمريت جي مخالفت ڪندڙ ماضي رکندڙ نه هئا ۽ نه وري ڪا سندن سڌي طرح عوامي مطالبن لاءِ ڪا جدوجهد هئي، نه ته انهن ٻنهي جماعتن کي ڏاڍي اڪيلائي ڏسڻي پوي ها. هڪ ٻي اهم ڳالهه اها ٿي، جو ٻن ننڍين جماعتن جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي اهميت وڌي وئي ۽ اهي ڳالهين ۽ ثالثي ۾ اڳيان رهيون. هڪ دليل اهو به آهي ته خود اسٽيبلشمينٽ انهن جماعتن کي اهميت نه ڏيئي رهي هئي، بلڪه انهن جي اهميت گهٽائڻ پئي چاهي. ان جي بدران ننڍين جماعتن کي اهميت ڏيئي رهي هئي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته وڏين جماعتن مان اسٽيبلشمينٽ کي خطرو هو يا اعتبار نه پئي بيٺو يا وري انهن جماعتن سان کيس معاملات ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي. اهو به دليل آهي ته پيپلز پارٽي مڪمل طور نواز شريف سان گڏ بيٺي هئي، تنهن ڪري ان کي ڪو ڪردار ڏيڻ يا اهميت ڏيڻ جو معاملو نه پئي جُڙيو. هن بحران جي خصوصيت اها به رهي، جو ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان لاتعلق رهيا، انهن ٻنهي ننڍن صوبن جا اهنج مطالبن ۽ بيانن ۾ آيا ۽ نه ئي وري انهن صوبن ڏي ٻنهي احتجاجي ليڊرن رجوع ڪيو، ڄڻ اها پنجاب جي پنهنجي اندر جي جنگ هئي، پر تبديلي اها پاليسي جي هجي يا حڪومت جي، اسلام آباد ۾ پئي آئي. ان قصي ۾ انهن صوبن جو وزن ئي نه پئي ڳڻيو ويو. ٻنهي ڌرين طرفان پيش ٿيندڙ مطالبن جي مڃتا ۽ سندن تشفي (جيئن هو هوڏ تي بيٺل آهن) تڏهن ممڪن آهي، جڏهن آئين ۾ ترميم ٿيندي. آخرڪار اهي به صوبا پاڪستان جو حصو آهن، اهي ته هن سڄي گوڙ گهمسان جو حصو ئي ناهن، انهن کان پڇڻ بنا ڪيئن ترميمون ڪيون وينديون؟ اها به عجيب ڳالهه آهي ته عمران خان ۽ علامه قادري جي تحريڪن ۾ رڳو سندن حامي ۽ مريد شامل آهن. باقي سمورو ملڪ ٻئي پاسي آهي. يعني نه گراس روٽ عوامي احتجاج آهي، نه مطالبن ۾ سڌي طرح عوامي مطالبو آهي. سياسي طور تي ٻئي ڄڻ اڪيلا آهن، جو سموريون پارٽيون جمهوري عمل کي بچائڻ جي نالي ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. ٻه ڪورٽون سندن مطالبن کي نامناسب ۽ آئين کان مٿڀرا سڏي چڪيون آهن، پر پوءِ به هو اسلام آباد کي گهيريو بيٺيون آهن. حڪومت انهن اڳيان لاچار بڻيو بيٺي آهي. جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جون ڌريون اسلام آباد تي ائين ”حملو“ ڪن ته حڪومت ۽ رياستي ادارن جو اهڙو رويو هوندو؟ بهرحال هن بحران هڪ روايت قائم ڪئي آهي، جنهن کي مدرسن کان وٺي قوم پرستن تائين ڪا به ڌر ايندڙ وقت ۾ آزمائي سگهي ٿي. سياسي گهوٽالي ۾ ميڊيا جو رول به سواليه رهيو. بقول اسان جي سماجيات جي ماهر دوست اڪبر زيدي جي، جيڪڏهن ٽي وي جون ڪئميرائون مارچ ۽ ڌرڻن تان کڄن ها ته اهو انقلاب اتي ئي بيٺو هجي ها. علامه قادري پنهنجي ڪنهن به سياسي ڪيريئر جو ذڪر نه ڪيو آهي، جڏهن ته عمران خان پڪو اميدوار آهي، پر هن به گهڻو ڪجهه وڃايو، اڳي هو لک کن ماڻهو گڏ ڪري وٺندو هو، هاڻي وٽس ڪيترا ماڻهو آهن، سو به هرڪو ڏسي پيو. هي سڄو بحران جنهن کي جدوجهد جو نالو ڏنو پيو وڃي، تنهن جا آخري سين هلي رهيا آهن، تنهن چِٽو ڪري ڇڏيو آهي ته سڄو اسڪرپٽ ڇا هو ۽ ان ۾ ڪير ڇا ڇا هو. جمهوريت اڃا گهڻي ڪمزور آهي. هن سڄي ايڪسرسائيز ٻڌائي ڇڏيو ته جهموري ۽ سياسي ادارا وڌيڪ ڪمزور ٿي ويا آهن. اختيار ۽ اقتدار جماعت اسلامي جي اڳواڻ سراج الحق جي چواڻي ته، اسلام آباد کان پنڊي منتقل ٿي ويا آهن. گادي واري شهر تي ”حملو ڪرڻ“ جي روايت جُڙي آهي. ٻه وڏيون سياسي جماعتون ڪمزور ٿيون آهن. مجموعي نقصان عوام جو ٿيو آهي. لڳي ٿو ته ملڪ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏهاڪو پوئتي ڌڪجي ويو آهي.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home