Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

سنڌ حڪومت آپريشن متاثرن جي آمد روڪي سگهندي؟! 21 جون 2014ع

سنڌ حڪومت آپريشن متاثرن جي آمد روڪي سگهندي؟!
سھیل سانگی
ڇنڇر 21 جون 2014ع
ويڙهاڪن خلاف اتر وزيرستان ۾ اهم جنگ لڙي پئي وڃي. گذريل ڏهاڪي ڏيڍ کان پاڪستان دهشتگردي خلاف جيڪا جنگ لڙي رهيو هو، سا هاڻي ڄڻ فيصلائتي موڙ تي پهچي وئي آهي. طالبان سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد اهو آپريشن اڻٽر ٿي ويو هو، ليڪن ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي بعد وزيراعظم نواز شريف وٽ ٻيو ڪو چارو نه هو، سواءِ ان جي ته هو وزيرستان ۾ ڀرپور آپريشن جو اعلان ڪري. گذريل ڏهاڪي دوران انهن ويڙهاڪن جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ ملڪ کي جاني، مالي، ۽ فڪري نقصان ڀرڻو پيو، جنهن جو پورائو ڪرڻ ۾ وقت به لڳندو ۽ ڏکيائي به ڏاڍي ٿيندي، اهڙي نقصان جو اندازو پاليسي سازن ۽ فيصلا سازن کي يقيناً اڳواٽ هئڻ گهربو هو. ڇاڪاڻ جو اهو نقصان لڳاتار مرحليوار ٿي رهيو هو، جنهن جا اثر هر واقعي کانپوءِ سامهون ايندا پئي ويا. 
سوال اهو آهي ته جڏهن ايترو نقصان ٿي رهيو هو ته آپريشن جو فيصلو ڪرڻ ۾ دير ڇو ڪئي وئي؟ اسان جي ادارن وٽ ان سوال جو فني جواب ته موجود آهي پر اهو منطق تي پورو نٿو لهي. ان عرصي ۾ 53 هزار پاڪستاني شهري بشمول سيڪيورٽي ادارن جا ماڻهو ماريا ويا. ماهرن مطابق ملڪي معيشت کي 120 ارب ڊالر جو نقصان پهتو، ملڪ کي فڪري طور پوئتي ڌڪيو ويو ۽ اهو فڪر عام ڪيو ويو ته بندوق جي زور تي مذهب جو هڪ خاص فڪر لاڳو ڪري سگهجي ٿو، اها ڏاڍ مڙسي ۽ اڻ سهپ اڳتي هلي، زندگيءَ جي ٻين معاملن ۽ شعبن ۾ به جرڪي ٿي. فاٽا کان شروع ٿيندڙ اها سوچ ۽ ذهنيت پهرين پنجاب پهتي ۽ ان بعد هاڻي ڪراچي ۾ به گهر ڪري ويهي رهي آهي، نه رڳو ايترو پر هن سوچ جون ڇاڙون سنڌ جي باقي علائقن ۾ به محسوس ٿيڻ لڳيون آهن، هاڻي جو اظهار به چِٽو ٿيڻ لڳو آهي، سياسي جماعتن ۾ نواز ليگ، تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي موقف مان پڌرو ٿي وڃي ٿو. هن پروپيگينڊا ميڊيا کي به بُري طرح متاثر ڪيو. جتي ”جهادين“ کي هيرو ڪري پيش ڪيو پئي ويو. آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل احمد شجاع پاشا 2011ع ۾ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ٻڌايو هو ته اتر وزيرستان ۾ 3500 غير ملڪي ويڙهاڪ آهن، جن مان ڪجهه عرب آهن. هزار کن اهڙا عرب آهن، جن جون مائرون پشتون آهن. 

ڪجهه گهومو قسم جا جهادي آهن، ان ڳڻپ ۾ ازبڪ، تاجڪ، چيچن به آهن. پر هڪ ٻي رپورٽ موجب اهو تعداد ان کان ٻيڻو آهي، جنهن مان اڌ کان وڌيڪ ازبڪ آهن،دهشتگرد ڪاررواين جي ڪري پاڪستان عالمي برادري ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي، هاڻي هتي ڪو ٻاهرين ٽيم ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ تيار ڪونهي، ڪراچي ايئرپورٽ واري واقعي بعد پرڏيهي هوائي ڪمپني جهاز موڪلڻ لاءِ ڏهه دفعا سوچي ٿي، آمريڪي ۽ برطانوي جهادي ڪمپنين پاڪستان لاءِ پنهنجون سڌيون اڏامون اڳ ئي بند ڪري ڇڏيون هيون، هاڻي هڪ مشهور عالمي ڪمپني ڪيٿي پيسفڪ به پنهنجون اڏامون پاڪستان لاءِ بند ڪري ڇڏيون آهن، پاڪستان تي پوليو جي ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ بندش پئجي رهي آهي ته وري اهڙن واقعن ڪري ٻاهريان ماڻهو پاڪستان نٿا اچي سگهن. 

اتر وزيرستان ۾ ويڙهاڪن، خاص ڪري پرڏيهي ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، اتي انهن کان علاوه عام آبادي به آهي، جيڪا هن آپريشن سبب متاثر ۽ بي گهر ٿي رهي آهي، اها آبادي ڪِيڏهَن ويندي؟ ۽ ان باري ۾ ڪو پلان موجود ڪونهي ۽ نه وري انهن لاءِ عارضي طور ڪي ڪيمپون جوڙيون ويون آهن. اهو آپريشن ڪيترو ڀرپور انداز ۾ ٿيندو ۽ مستقبل ۾ ڪيترو اثرائتو ثابت ٿيندو؟ ان سوال کي ڇڏي ڏنو وڃي ته هن آپريشن جا سڄي ملڪ تي اثر پوندا. انهيءَ سموري آباديءَ جو رخ ماضيءَ جي مثالن جيان سنڌ ڏانهن ئي ٿيندو. جتي انهن آپريشن ستايلن جي وڏي پيماني تي آمد متوقع آهي. اتي به وري سڀ کان وڌيڪ اثر شهري علائقن تي پوندو. ڇاڪاڻ جو لڏي آيلن کي شهري علائقا ئي وڌيڪ سپورٽ ڪن ٿا. 

ڪراچي جي آبادي رڳو گذريل ڏهن سالن ۾ ٻيڻي ٿي ويئي آهي، جنهن جو وڏو ڪارڻ غير قانوني طور آباد ٿيندڙ پرڏيهي ۽ ملڪ جي اترين علائقن مان وڏي پيماني تي آيل ماڻهو آهن، جيڪي آپريشن، زلزلن، ٻوڏ، دهشتگردي جي واقعن کان متاثر ٿي هتي آيا آهن. شهر جي ڊيموگرافي ۽ ان جو مزاج تبديل ٿي ويو آهي. اهو سافٽ اميج مان بدلجي سخت گير ٿي ويو آهي. ڊيموگرافي ۾ اها تبديلي دراصل سنڌ جي ڊيموگرافي ۾ تبديلي آهي. اهي ماڻهو پنهنجا علائقا ڇڏي اچن ٿا، سي پنهنجا خيالات، خصلتون، فڪر ۽ ڪردار به پاڻ سان آڻين ٿا، جيڪي ڪنهن به طرح سان شهري ماحول سان ٺهڪندڙ نه هوندا آهن. جيئن ته اهي لڏ پلاڻ ڪري اچن ٿا ته هر لحاظ کان پنهنجي لاءِ جڳهه زبردستي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ڪراچي ۾ شيعه آبادي ۽ ٻين مڪتب فڪر جا ماڻهو به آهن. نوان ايندڙ ماڻهن جو تعلق ديوبند فرقي سان آهي، ائين فرقيواريت جو ٽڪراءُ پڻ شدت اختيار ڪندو. 

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ بظاهر انهن متاثرن کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومت انهن کي ڪيئن روڪيندي؟ اهڙا اعلان حڪومت سوات آپريشن مهل، يا وري ٻه ٽي مهينا اڳ به ڪيا هئا. اول ته حڪومتون ايتري ارادي جي توڙي نيت جي مضبوطي خيرڪو آهي. وٽس وسيلا ۽ فورس به ناهي، جيڪا انهن ماڻهن کي روڪي سگهي، جيڪي ڳالهائيندا ئي هٿيارن جي ٻولي آهن. ٻيو اهو ته خود آئيني شق به آڏي اچي سگهي ٿي، جنهن موجب ملڪ اندر هر شهري کي چرپر جي آزادي آهي، ملڪ ۾ اترين علائقن مان ماڻهو رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد کانپوءِ هاڻي ننڍن وڏن شهرن ۾ آباد ٿي رهيا آهن، ڪڏهن ۽ ڪيترا ماڻهو ڪٿان پيا اچن، ڪهڙي مقصد لاءِ پيا اچن، اهي ڪٿي آباد ٿيندا. اصلوڪن باشندن لاءِ ڪهڙو مسئلو پيدا ڪندا. اهي روزگار ڪهڙو ڪندا. کائيندا پيئندا ڪٿان، ان جو ڪو پتو ڪونهي. وري به حڪومت اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي زحمت به نٿي ڪري. جيڪڏهن سپر هاءِ وي تي ئي نظر وڌي وڃي، جتي وڏي پيماني تي اترين ۽ قبائلي علائقن جا ماڻهو آباد ٿي رهيا آهن ۽ اتي پنهنجو ڪاروبار ۽ ڌنڌو قائم ڪري رهيا آهن. ائين صوبي ۾ روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا مقامي ماڻهن لاءِ بند ٿي رهيا آهن، ان سان گڏوگڏ شهري سهوليتن جهڙوڪ تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، روڊ، کاڌ خوراڪ تي به انهيءَ نئين آبادي جي ڪري دٻاءُ وڌي ويندو. آبادي جي تناسب ۾ غير معمولي ۽ وڏي پيماني تي تبديلي ڪيترن ئي سماجي توڙي ثقافتي مسئلن کي جنم ڏيئي رهي آهي. روين ۾ تبديلي اچي رهي آهي، انهن سمورين شين جا سياست تي به اثر مرتب ٿي رهيا آهن. 

اهو صحيح آهي ته اتر وزيرستان ۾ آرمي آپريشن ڪري ممڪن آهي ته اتي انهن ويڙهاڪن جو صفايو ڪيو وڃي. پر اتان ڪيترا ويڙهاڪ متاثر ٿيلن جي شڪل ۾ يا هونئن جوٽجي نڪرندا ۽ پوءِ شهرن ۾ ننڍا وڏا وزيرستان ٺهندا. انهن جو ڇا ٿيندو؟ اها ته ٿي ايندڙ وقت جي ڳالهه. ڪراچي ۽ خود اسلام آباد ۾ هينئر به ”مني وزيرستان“ موجود آهن، جن خلاف ڪو به موثر قدم اڃا تائين نه کڄي سگهيو آهي. مهراڻ نيول بيس ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي حملو ۽ اهڙا ٻيا ڊزن کن واقعا ٿي چڪا آهن، جن بابت هاڻي ادارن به اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته ان ۾ پرڏيهي ويڙهاڪ ملوث هوندا. اهڙين حالت ۾ انهن ويڙهاڪن جي موجودگي ۽ انهن جون ڪارروايون شهرن ۾ خطرن کي وڌائي ڇڏينديون، جيڪا ڳالهه ڪاروبار ۽ عام زندگيءَ لاءِ به خطرناڪ ثابت ٿيندي. ڇا وزيرستان سان گڏ شهري علائقن ۾ موجود نيٽ ورڪ کي به صاف ڪيو ويندو. امن امان ۽ دهشتگردي ملڪ جو نمبر ون مسئلو بڻيل آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ملڪ جي ٻن وڏن صوبن يعنى سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪو وزير داخلا آهي ئي ڪو نه. اهي قلمدان اتان جي وڏن وزيرن جي ئي حوالي آهن. اهو صحيح آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن جاري آهي، ان آپريشن لاءِ نئين مالي سال ۾ بجيٽ به ٻيڻي رکي ويئي آهي، پر اڃا تائين عام ماڻهوءَ کي ڪو رليف نه ملي سگهيو آهي.

شدت پسندن جي شهرن ۾ موجودگي سان دهشتگردي ۽ ٻين ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو، ان سان گڏو گڏ خوف ۽ هراس جي فضا ٺهيل رهندي، ان ڪري ترقياتي منصوبا ۽ ٻيا عوامي ڀلي جا سرڪاري پروجيڪٽ توڙي ٻيا ڪم ڪار به بُري طرح متاثر ٿيندا. اهڙين حالتن ۾ پرڏيهي خواه پرڏيهي سيڙپڪاري نه ٿي سگهندي. تازو حڪومت اڌ ڊزن کن ڪاروباري ۽ مالي ادارا خانگائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙين حالتن ۾ ڪنهن پرڏيهي سيڙپ ڪار جي اچڻ جو امڪان گهٽ ٿو لڳي. آپريشن شروع ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي. پر ان جا ٻيا پاسا آهن، جيڪي ملڪ اندر زندگي ۽ ڪاروهنوار جي مختلف شعبن تي اثر وجهندا، تن ڏي پڻ ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ساڳئي وقت حڪومت سنڌ کي به اعلان بازي کان اڳتي وڌي عملي طور ڪجهه ڪرڻو پوندو.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home