Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

پورهيت ۽ انهن جا حق ڪنهن پارٽي جي ايجنڊا تي ناهن 01 مئي 2014ع


پورهيت ۽ انهن جا حق ڪنهن پارٽي جي ايجنڊا تي ناهن
سهيل سانگي,
خميس 01 مئي 2014ع
پاڪستان ترقي ڇو نٿو ڪري؟ اهو اهڙو موضوع آهي، جنهن تي عام ماڻهو کان وٺي وڏي مٿي وارا دانشور به بحث ڪن ٿا. پر اڄ ڪلهه ان بحث ۾ اهو پهلو بنهه وساريو ويندو آهي ته ملڪ جي اڪثريتي آبادي جيڪا پورهيت آهي، ان جي حقن لاءِ نه سوچيو وڃي ٿو، نه ڳالهايو وڃي ٿو ۽ نه ئي وري ان کي بحث جو موضوع بڻايو وڃي ٿو. پورهيت جنهن ۾ ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هارين کان وٺي ڪارخانن ۽ ڪمرشل ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن/ ملازمن تائين سڀ شامل آهن. دراصل اهي ئي ماڻهو ملڪ ۾ معاشي سرگرمي پيدا ڪندڙ ۽ پيداوار ڏيندڙ آهن. جيڪڏهن پيداوار ڏيندڙ ۽ معاشي سرگرمي جي بنياد وارن کي حق نه ٿو ملي، انصاف نٿو ٿئي، هو جيڪي معاشي سرگرمي ڪن ٿا، پيداوار ڏين ٿا، تن ۾ پنهنجي شرڪت ۽ حصيداري نٿا سمجهن ته پوءِ اها سموري ڪو مڪينڪي عمل ته ٿي سگهي، پر ان ۾ ڪوبه جذبو ۽ پنهنجائپ نٿي ٿي سگهي. اسان جو سمورو معاشي نظام انهي تي ئي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ڪم ڪندڙ کي ئي حق ۽ جائز معاوضو نٿو ملي. اها ڳالهه اڳتي هلي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي نظام ۾ نظر اچي ٿي. اڄ پورهيتن جو عالمي ڏينهن آهي، انهي ڏينهن تي شڪاگو ۾ پورهيتن پورهئي ڪرڻ جي ڊگهي وقت کي گهٽائي 8 ڪلاڪ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، قرباني ڏئي ۽ ان کي بنيادي انساني حق طور مڃايو. سڄي دنيا ۾ ان کي قانوني شڪل ڏني وئي، انهي جدوجهد پورهيتن جي حيثيت ۽ حقن جي مڃتا جو دروازو کوليو، جنهن بعد آهستي آهستي پورهيتن جي ڀلائي، بهتري يا اُجوري، ڪم جي حالتن ۽ ٻين سهولتن جي حوالي سان گنجائش پيدا ڪئي. اها جدوجهد بعد ۾ سوويت يونين ۾ پورهيت انقلاب، سوئيڊن ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ملڪن ۾ سماجي ڀلائي واري رياست جي شڪل اختيار ڪئي. دنيا سڄي ۾ انساني حق توڙي پورهيتن جا حق جيترو وڌيا ۽ تسليم ڪيا ويا آهن، پاڪستان ۾ اوترو ئي وري گهٽيا آهن. هي ملڪ ڪڏهن ايڊهاڪ بنيادن ته ڪڏهن وري نئين بيٺڪي نظام جي شڪل ۾ هلندو رهيو آهي، سو ڪوبه اهڙو نظام نه جوڙي سگهيو آهي، جنهن جا خود هن ڌرتي تي پير هجن. نتيجي ۾ صنعتڪاري هجي يا واپار يا وري ڪو ٻيو معاشي، سياسي ۽ سماجي شعبو سڄي جو سڄو اڌو گابرو آهي. نه صنعتي ملڪ آهيون نه زرعي ۽ نه ئي واپاري، ڏيئي وٺي ويڙهاڪ پيدا ڪري رهيا آهيون ۽ ڪنهن به ضرورت پوڻ تي ان جي سپلاءِ به ڪري وٺندا آهيون. سٺ واري ڏهاڪي ۾ ملڪ اندر معاشي سرگرمي صنعتي شعبي ڏانهن وڌي ته پورهيت ۽ پورهئي جي اهميت وڌي. پورهيتن جدوجهد ڪري قانون ٺهرايا، حق مڃايا، يونينون ٺاهيون، انهن يونينن جي سماج ۾ به حيثيت مڃي ويندي هئي. ايتري قدر جو سياسي پارٽيون به مجبور ٿيون ته پورهيتن جي مسئلن کي نه رڳو پنهنجو موضوع بڻائين، بلڪه پنهنجي پروگرامن ۽ تنظيمن ۾ به جاءِ ڏين. رڳو اهڙيون کاٻي ڌر يا ترقي پسند سوچ رکندڙ پارٽيون ئي نه، بلڪه جماعت اسلامي جهڙيون پارٽيون، جيڪي ساڄي ڌر جي آخري ڪنڊ تي هيون، تن کي به مزدورن جي ڳالهه ڪرڻي پئي. پر هاڻي ائين ناهي، پورهيت ۽ انهن جا حق ڪنهن به پارٽي جي ايجنڊا تي ناهن. انهن جي نه يونين کي مڃيو ٿو وڃي ۽ نه وري انهن جي حيثيت کي. حالانڪه مزدور اڄ اڳ کان وڌيڪ خراب صورتحال ۾ آهن. رڳو قانون انهن تي عمل ڪرڻ جو طريقيڪار، حڪمرانن جو رويو، کين ملندڙ اُجرتون ۽ سهولتون گهٽ ٿيون آهن. پورهيتن بابت قانون ۽ پاليسي اهڙي ٺهيل آهي، جنهن ۾ زراعت ۽ ان فارمل سيڪٽر جا مزدور انهي قانون کان ٻاهر ڇڏيا ويا آهن، ڄڻ انهن لاءِ ڪو قانون ئي ڪونهي. جڏهن ته ملڪ جي معيشت جو وڏو حصو ان فارمل شعبي جو آهي، جيڪي فارمل شعبي ۾ ايندڙ صنعتون، ڪارخانا ۽ فيڪٽريون به وڏيري جي اوطاق وانگر هلايون وڃن ٿيون. وڏي ۾ وڏي خرابي اها آهي جو پورهيتن جي ملازمتن جي قانون ۾ ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز سسٽم لاڳو آهن، جنهن ۾ ملازمت جي ڪابه ضمانت ڪونهي، نه رڳو ايترو بلڪه ان تحت ڪم ڪندڙ جيئن ته مسقتل ملازم نه هوندا، ان ڪري اهي قانون تحت ملندڙ سهوليتن ۽ حقن کان محروم رهندا. نه کين ڪو اولڊ ايج بينيفٽ ملندو ۽ نه وري ورڪرز ويلفيئر فنڊ يا سوشل سيڪيورٽي ادارن مان سهولتون ملنديون. ائين ڪري ڪارخانيدار پاڻ کي مزدورن جي ڀلائي لاءِ سرڪاري طور وصول ٿيندڙ فنڊ مان پاڻ کي بچائي وجهي ٿو ته وري مزدورن کي ٻيون سهولتون ڏيڻ کان به بچي وڃي ٿو. اها ڳڙ ٻڙ رڳو خانگي ادارن ۾ ئي نه بلڪه سرڪاري ادارن ۾ به وڏي پيماني تي آهي. هر مهيني مختلف کاتن جي ملازمن طرفان ٿيندڙ احتجاج ان جو ثبوت آهن، جيڪي اهو مطالبو ڪندا رهندا آهن ته کين پڪو ڪيو وڃي. گهڻ قومي ڪمپنيون، جن ۾ تيل ۽ گيس وارن شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنيون قابل ذڪر آهن، اتي به ساڳيو ئي ڪانٽريڪٽ سسٽم آهي. جيڪڏهن سرڪاري ادارن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ به پورهيتن لاءِ ڪي حق نه مڃيا ويندا ته باقي ڪارخانيدار صنعتون ۽ ان فارمل سيڪٽر ۾ پورهيتن لاءِ ملازمت جا شرط، ڪم جون حالتون، پگهارون ۽ سهولتون ڪهڙيون هونديون؟ ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل ناهي. اها بدترين صورتحال پورهيتن جو ڪنهن جي به ايجنڊا تي نه هجڻ آهي. سياسي پارٽيون ملڪ ۾ موجود مقبول نعرن يا پنهنجي سياسي حڪمت عملين سان ٺهڪندڙ ڪمن کي لڳل آهن، انهن جي نظر پرڏيهي پاليسي يا ان سان واڳيل معاملن تي وڌيڪ آهي. سر زمين تي ڇا صورتحال آهي؟ ان تي ڪا نظر ناهي. پورهيتن جو ايجنڊا تان هٽڻ ۾ خود پورهيتن جي تنظيمن جو ٽٽڻ، خراب ٿيڻ وغيره به آهي. ڪٿي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ يونينون يا مزدور تحريڪ موجود به آهي ته گهڻي مقامي بڻيل آهي. ملڪ جي مختلف علائقن، شعبن ۽ صنعتن ۾ ڪم ڪندڙن سان انهن جو ڪو ڳانڍاپو ناهي. ملڪ ۾ يونين سازي جي صورتحال هڪ سروي موجب مشڪل سان 2.4 سيڪڙو آهي. جيڪڏهن خود پورهيت منظم نه هوندا، انهن جي ليڊر شپ ۾ ايتري ڏاهپ، بهادري، وفاداري ۽ جذبو نه هوندو ته ظاهر آهي ته صورتحال تبديل نه ٿي سگهندي. مئي جي شهيدن ۽ انهن جي ليڊرن ۾ اهي پنج ئي شيون هيون. نتيجي ۾ انهن جي جدوجهد جو لاڀ هڪ صدي کان پوءِ اڄ به پورهيتن کي ملي رهيو آهي.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home