Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

بجليءَ جو بحران ۽ نواز ليگ طرفان ڪالاباغ ڊيم تي ٿيندڙ سياست 25 آگسٽ 2013ع

 بجليءَ جو بحران ۽ نواز ليگ طرفان ڪالاباغ ڊيم تي ٿيندڙ سياست

آچر 25 آگسٽ 2013ع

حڪمران جماعت نواز ليگ وري ورجايو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ان جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. پاڻي ۽ بجليءَ واري وزير خواجه آصف ۽ بعد ۾ مملڪتي وزير شير علي قومي اسيمبلي ۾ اعلان ڪيو ته سندس پارٽي اهو ڊيم ضرور ٺاهيندي. ان کان اڳ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور به ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته هاڻي بال عمران خان جي ڪورٽ ۾ آهي، جنهن جي پارٽي  جي خيبرپختونخوا ۾ حڪومت آهي. پنجاب سمجهي ٿو ته ملڪ جي موجوده صف بندي ۾ هي بهترين موقعو آهي، جو هو اهو تڪراري منصوبو شروع ڪري سگهي ٿو. پنجاب سان واسطو رکندڙ نواز ليگ جي انهن اڳواڻن وري به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي ته هن ڊيم لاءِ اتفاق راءِ جوڙڻ ضروري آهي. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته نواز شريف هڪ اهڙي موقعي تي اهو تڪراري معاملو اٿاريو آهي، جڏهن قوم دهشتگردي ۽ امن امان جي صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي، جنهن لاءِ ٻڌيءَ جي ضرورت آهي. لوڊ شيڊنگ، مهانگائي، بدامني، معيشت جي بدحالي، ڪرپشن جي خاتمي وارن معاملن ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
 
هر ڪو ڄاڻي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم تي نه اتفاق راءِ پيدا ٿي سگهندو ۽ نه وري فوري طور تي رقم موجود آهي، جيڪڏهن لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو خواب ڏيکاري هن ڊيم جي اڏاوت جو ڪم شروع به ڪجي ته ان کي ڏهه سال لڳي ويندا. ڪٿي ائين ته ناهي ته حڪومت بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ واري دعوا کان ڀڄڻ لاءِ اهو تڪرار اٿاري رهي آهي ته جيئن ماڻهن کي اهو ٻڌائي سگهي ته جيڪڏهن ڊيم ٺاهڻ ڏنو وڃي ها ته مسئلو ئي حل ٿي وڃي ها. جيستائين اتفاق راءِ جي ڳالهه آهي ته اهو ڪيئن پيدا ٿيندو؟ جوڻيجو کان وٺي جيڪي به حڪومتون آيون، تن سڀني ان ڊيم لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. خود نواز شريف به گذريل دور ۾ ڊيم جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ ۽ پختونخوا جي ڀرپور احتجاج بعد اهو معاملو ٺپ ٿي ويو. ماڳهين چند مهينن کانپوءِ سندس حڪومت ئي ختم ٿي ويئي. جنرل مشرف پڻ ڀرپور مشق ڪئي هئي، پر ڳالهه اڳتي نه وڌي سگهي. عوامي نيشنل پارٽي هن ڊيم جي شروع کان مخالف رهي آهي. ولي خان اها ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن اهو ڊيم ٺاهيو ويو ته هو پنهنجي پيٽ سان بم ٻڌي ڊيم ۾ ٽپو ڏيندو. اسفند يار ولي چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن. عمران خان جي پارٽي جي وزير اعلى پرويز خٽڪ چٽيءَ طرح چيو آهي ته هو هن ڊيم جو مخالف آهي. سنڌ ۾ سموريون پارٽيون ويندي جماعت اسلامي ۽ نواز ليگ تائين هن ڊيم جون مخالف آهن. سنڌ جو موقف اهو آهي ته ان موضوع تي ڳالهه نه ٿيندي. بلوچستان کي به هن ڊيم تي تحفظات آهن. ٽن صوبن جون اسيمبليون وقت بوقت هن منصوبي خلاف ٺهراءُ پاس ڪري چڪيون آهن. يعني خاص ڪري سنڌ ۽ پختونخوا ۾ چاهي ڪنهن به پارٽي جي حڪومت هجي، اها ڊيم جي مخالفت ئي ڪندي. ڇا اهڙي صورت ۾ اتفاق راءِ جو سوچي سگهجي ٿو، جنهن جي نواز ليگ ڳالهه ڪئي آهي. پيپلز پارٽي جي گذريل دور حڪومت ۾ قومي اسيمبلي به هن ڊيم خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي، انهن سڀني لڳاتار مخالفتن ۽ اعتراضن جي باوجود هن منصوبي کي کوٽي ڪڍيو ويو آهي.گذريل دور حڪومت ۾ هن ڊيم لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويو. هن فني ۽ سياسي معاملي کي عدليه جي ايڪٽو ازم ذريعي اڪلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
 
جڏهن اها صورتحال هجي جو هڪڙو صوبو چوندو هجي ته ڊيم کي بم سان اڏايو ويندو، ٻيو صوبو اهو چوي ٿو ته اهو ڊيم لاشن تي ٺهي سگهي ٿو ته ڇا اهڙو ڊيم ٺهي سگهي ٿو؟ يا اهڙي تڪراري منصوبي کي هٿ وٺي اٿارڻ ڪو ڏاهپ جو ڪم آهي؟ حڪومت ڪن معاملن کان بچڻ گهري ٿي يا توانائي جي وسيلن گيس، تيل، بجلي وغيره جي استعمال جي ورڇ اهڙي انداز سان ڪرڻ گهري ٿي، جو ان مان پنجاب کي فائدو پهچي. ان لاءِ ڪالاباغ ڊيم جو اشو کڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن خاص ڪري سنڌ کان اها ڳالهه مڃائي وڃي ته اها گيس، تيل ۽ بجلي جي نئين سر ورهاست بابت ڪو اعتراض نه ڪري. اصل ۾ نواز شريف ڪالاباغ ڊيم تي سياست به ڪرڻ چاهي ٿو. اڄ جي صورتحال ۾ هن رٿا کڻڻ جا ڪيئي سبب آهن ۽ جيترا سبب آهن، اوترا اثر به آهن. سنڌي ڪيئي سالن کان لڳاتار هن منصوبي خلاف سراپا احتجاج آهن. هن مرحلي تي اهو مسئلو ڇيڙڻ سان ماڳهين پيپلز پارٽي کي بال هٿ ۾ ڏنو ويندو ته اها سنڌ اندر پنهنجي راند ڪري ۽ سنڌي پارٽي طور پنهنجي سڃاڻپ کي پختو ڪري. ان سان پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان جون ڪيئي منفي پوائنٽس ڍڪجي وينديون.ٻئي طرف نواز ليگ جي سنڌ اندر عام چونڊن ۾ عدم دلچسپي ۽ صدارتي چونڊن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ سبب بنهه ڪمزور پچ تي هلي وئي هئي، سا وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندي. مٿان وري نواز ليگ جي ايم ڪيو ايم سان قربت ٿي، جنهن بعد سوال ٿيڻ لڳو ته سنڌ ۾ نواز ليگ جي ڪا سياسي دلچسپي آهي يا نه؟ سنڌ نواز شريف جي ايجنڊا تي به آهي يا نه؟سنڌ مان ممتاز ڀٽو، لياقت جتوئي وغيره جي نواز ليگ ۾ شموليت تي پنجاب ۾ خوشيون ملهايون ويون هيون. پر هاڻي اهي سڀ ماڻهو، جن ۾ حڪيم بلوچ، شفيع محمد ڄاموٽ جو به اضافو ٿي ويو آهي، پارٽي کان بدظن ٿي ويا آهن ۽ نيون سياسي واٽون ڳولهي رهيا آهن. ڪو نئين پارٽي ٺاهڻ چاهي ٿو ته ڪو وري پنهنجي پراڻي پارٽي بحال ڪرڻ ٿو گهري ته ڪو وري ماڳهين سياسي گوشه نشيني طرف وڃي رهيو آهي. ان بابت نواز ليگ بطور پارٽي ڇا سوچي رهي آهي؟ ان بابت اڃا تائين ڪوبه مثبت اشارو نه آيو آهي.
 
ايم ڪيو ايم سان قربت کان پوءِ ڪالاباغ ڊيم کي پارٽي جو ايجنڊا قرار ڏيڻ سان نواز ليگ جا سنڌ ۾ اتحادي قوم پرست ۽ فنڪشنل ليگ به ڏچي ۾ اچي ويا آهن، انهن لاءِ مجبوري ٿي ويئي آهي ته اهي پنهنجو پاڻ کي نواز ليگ کان پري رکن. اهو به سوال آهي ته هاڻي انهن ڌرين جو نواز ليگ سان ڪهڙو رابطو ۽ ڪهڙو تعلق رهندو؟ اهي جيڪڏهن نواز ليگ جو ساٿ ڏين ٿا ته ماڻهن ۾ ايڪسپوز ٿي ويندا. ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو اٿاري نواز ليگ عمران خان جي پارٽي تحريڪ انصاف کي حساس پچ ڏيئي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن کي هو پنجاب ۾ پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي رهي هئي. اهو ئي سبب آهي جو گورنر پنجاب چٽن لفظن ۾ چيو هو ته هاڻي بال عمران خان جي ڪورٽ ۾ آهي. يعني هو خيبر پختونخوا مان ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڏياري  يا پنجاب ۾ پنهنجي حمايت تان هٿ کڻي، پر عمران خان خيبر پختونخوا ۾ موجود مقبول نعري جي ابتڙ ڪو فيصلو نٿو وٺي سگهي.
 
سنجيده حلقن کي اٿندي ئي شڪ هو ته نواز شريف جي حڪومت ۾ اچڻ سان صوبن جي شڪايتن ۾ اضافو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اها پنجاب پسند پارٽي آهي ۽ ٻين صوبن ۾ ان جو حقيقي معنائن ۾ ڪو اثرائتو وجود ناهي. پر ان سان گڏو گڏ اها به اُميد ڪئي پئي ويئي ته هن ماضي جي تجربن مان ضرور سکيو هوندو ۽ پنجاب پسند پارٽي هجڻ جي باوجود ان کي ”پنجاب جي پارٽي“ طور نه رکندو ۽ پنهنجي پاليسين، فيصلن ۽ روين ۾ تبديلي آڻيندو. پر هن وقت تائين جي فيصلن ۾ اهڙي ڪنهن به تبديلي جو عڪس ڪونه ٿو ملي.

Labels: , , , ,

طاهرالقادري جي اصل ايجنڊا، اسٽيبلشمينٽ ۽ عوام . جنوري 2013ع

طاهرالقادري جي اصل ايجنڊا، اسٽيبلشمينٽ ۽ عوام

سهيل سانگي

خميس 3 جنوري 2013ع
علامه طاهر القادري جي اوچتي داخلا  ۽ لاهور ۾ وڏي سياسي شو، سياست ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. علامه جا مطالبا، شرط ۽ ان ڏانهن حڪومت جي ٻن اتحادين جي ساٿ هيڪاري صورتحال کي منجهائي ڇڏيو آهي. ماڻهو اڃا تائين اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته ايترا سال ڪئناڊا ۾ رهندڙ ماڻهوءَ جي سڏ تي لکين ماڻهو گڏ ڪيئن ٿيا؟ عين نگران حڪومت جي ٺهڻ ۽ چونڊن ڪرائڻ جي موقعي تي سندس پهچڻ جي پويان اصل مقصد ڪهڙا آهن؟ جيڪڏهن علامه جو سياسي نظريو ايترو مقبول ۽  تنظيم اڪيلي سر  ايتري مضبوط هئي ته ايترن سالن تائين ان جو ڪو اظهار ۽ عمل آخر ڇو سامهون اچي نه سگهيو؟ عام بحثن ۾ اڪثر ڌرين جو خيال آهي ته هي سڀ اڪيلي علامه قادري جو ڪمال ناهي،  ان جي پويان ڪي سگهارا ادارا ۽ ڌريون موجود آهن
.
پاڪستان جي سياست ڪا ايتري سولي ڪونهي، جيتري بظاهر نظر اچي ٿي. ان جا پنڌ ۽ پيچرا به گهڻا آهن ته ان ۾ روپ ۽ ٻهروپ  گهڻا آهن. هر نئين سياسي موڙ تي سگهاريون ڌريون، جيڪي سياست ۽ حڪومت کي پنهنجي ماتحت رکڻ گهرن ٿيون ۽  ملڪ جون گهرو توڙي پرڏيهي پاليسي پنهنجي مرضي جي رکڻ گهرن ٿيون، سي ڪڏهن ڪنهن شڪل ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ڪيمو فلاج ۾ ڪو نئون تاش جو پتو ميدان ۾ لاهينديون آهن
.
سال کن اڳي عمران خان جي سونامي اچي رهي هئي، ان کي به لاهور توڙي ڪراچي ۾ وڏا وڏا جلسا ڪري ڏنا ويا. پر هن ’ انقلابي‘ به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. هاڻي ان سونامي جا ڪڪر هٽي چڪا آهن. هاڻي علامه طاهر القادريءَ جو ’انقلاب‘ اڳيان آيو آهي، جي عمران خان جو انقلاب سونامي هو،  ته ڇا علامه جو ’انقلاب‘  تباهه ڪندڙ  طوفان آهي؟  هن جو مقصد اهو پيو ٻڌايو ۽ ڏيکاريو وڃي ته سندس مقصد موجوده ڪرپٽ سياستدانن کان ملڪ جي جان ڇڏائڻ آهي. ڪرپشن اڄ جي سياسي ۽ معاشي نظامن جو ايئن حصو آهي، جيئن دنيا ۾ وياج ۽ سيڙپڪاري. اهو نعرو ته ڏاڍو خوبصورت آهي، خاص ڪري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي حڪمراني ۽ ان جي طريقن جو بُرو حال هجي، پر ان مان جان ڇڏائڻ ايڏو آسان ڪونهي.  اهو ڪنهن هڪ  يا ٻن ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان لاءِ ملڪ جي بنيادي ٽن چئن ادارن ۽ سسٽم جو ٺيڪ هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪرپشن جي ڳالهه آهي، ته شايد عمران ان ڏس ۾ بهتر ماڻهو ٿي سگهي ٿو. ڇا علامه صاحب ايئن ڪري سگهي ٿو؟ وڊيو، تقريرون ۽ مواد هاڻي انٽرنيٽ تي ۽ خود ميڊيا ۾ موجود آهي، سو علامه جو مختلف پروفائيل ظاهر ڪري ٿو، ته هو مختلف معاملن تي ڪڏهن هڪڙو ڪڏهن ٻيو ۽ وقت اچڻ تي ٽيون موقف اختيار ڪندو رهيو آهي.

 پاڪستان جي سياست ۽ ان جي محرڪ جزن Dynamics تي نظر رکندڙ تاريخ دانن ۽ تجزيه نگارن جو خيال آهي، ته لڳي ٿو ته ملڪ جا سگهارا ادارا پراڻن سياستدانن مان ٿڪجي پيا آهن يا اهو ته اهي سياستدان پنهنجي الڳ حيثيت ٺاهي ويا آهن ۽ رياست، سياست ۽ پرڏيهي معاملن جي مڪينزم کي سمجهي ويا آهن، ان ڪري ڪيتري معاملن ۾ پنهنجي هلائين ٿا، تنهن ڪري انهن پراڻن ۽ تجربيڪار سياستدانن مان جان ڇڏائي وڃي ۽ ڪي نوان سياسي رانديگر ميدان ۾ لاٿا وڃن. پر اهو سڀ ڪجهه غير محسوس طريقي سان ڪيو وڃي، جو برائي انهن بادشاهه گر ڌرين جي کاتي ۾ نه اچي. ساڳئي وقت تي اهو به لڳي ته سڀ ڪجهه قانوني ۽ سياسي طريقي سان ٿيوآهي. ان لاءِ ڪڏهن بنگلاديشي ماڊل ته ڪڏهن وري مصري ماڊل جون ڳالهيون اڳيان آنديون وڃن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ علامه قادريءَ جو ڪردار ڏاڍو اهم بڻجي ٿو، جيڪو اها رٿ ڏي ٿو ته چونڊون تيستائين نه ڪرايون وڃن، جيستائين چونڊن بابت سڌارا نٿا آندا وڃن. يعني اهڙا سڌارا جيڪي پراڻن سياستدانن جا رستا روڪي سگهن. 

جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته  اهڙي تبديليءَ واري منصوبي کي رڳو ملڪي سگهارين ڌرين جي ئي نه، پر ڪن سگهارن ملڪن جي ضرور حمايت حاصل هجڻ گهرجي. اهي سگهارا ملڪ، جيڪي وچ اوڀر کان وٺي ڏکڻ ايشيا تائين خاص پلان رکن ٿا ۽ هتي جي سياسي معيشيت ۽ سماجي زندگيءَ کي پنهنجي ماتحت رکڻ گهرن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ ان جا پاليسي ساز ادارا ايڪيويهين  صديءَ کي ايشيا ۽ پيسفڪ جي صدي سڏائيندا رهيا آهن 
.
اڄ پاڪستان جي صورتحال اها ئي آهي، جيڪا 1977ع ۾۽ 80ع واري ڏهاڪي جي شروع ۾ هئي. آمريڪا ۽ ٻيون اولهه واريون ڌريون مذهبي انداز واري سياست ۽ سياسي ڪلچر کي پروان چاڙهڻ گهرن ٿيون. پر هن منظر نامي ۾ روايتي مذهبي ڌريون آئوٽ آهن، ڪجهه ماڊريٽ ۽ ماڊرن قسم جون ڌريون سامهون آيل آهن، جيڪي سياسي ۽ ثقافتي طور اولهه وارن ملڪن کي به قابل قبول آهن. انهن ملڪن جو شايد خيال آهي ته مذهبي رنگ پاڪستان ۾ وڌيڪ آهي، جنهن کي هو پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا. گستاخيءَ جي حوالي سان ڪارٽونن ۽ فلم جي ٺهڻ ۽ ان خلاف ٿيل احتجاج کي جڏهن اڄوڪي منظر نامي ۾ ڏسجي ٿو، ته ڏاڍو عجيب محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه اڄوڪي صورتحال جي ڪري هجي. عجيب ڳالهه آهي ته پرڏيهي هٿ، جيڪي هڪ دفعو وري مذهب جي نالي کي استعمال ڪرڻ گهرن ٿا، تن کان اها ڳالهه وسري ويئي آهي ته افغان جنگ دوران ايئن ڪرڻ بعد نتيجو ڇا نڪتو هو
.
علامه قادريءَ جو چوڻ آهي، ته هو  اسيمبلين ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن بابت آئين جي ڪن شقن تي مڪمل طور عمل ڪرڻ کان اڳ چونڊون ٿيڻ نه ڏيندو. هن ڊسمبر جي پڇاڙيءَ ۾ پرڏيهه مان لاهور پهچڻ تي جڏهن اهو الٽيميٽم ۽ ڊيڊ لائين ڏني، تڏهن 17 ڏينهن باقي هئا. عجيب ڳالهه آهي  ته هڪ پاسي آئين جي شقن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو آهي ته ٻئي طرف آئين جي ڪن شقن تي عمل ڪرڻ کان روڪڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. آئين جي ارڙهين ترميم موجب نگران حڪومت، حڪمران جماعت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل مشوري سان ٺهڻي آهي، پر علامه جو چوڻ آهي ته مشوري ۾ عدليه ۽ فوج کي به شامل ڪيو وڃي. آئين ۾ ڪٿي به اهڙو ذڪر ناهي ته عدليه ۽ فوج جو به ڪو حڪمراني جي معاملن ۽ سياست ۾ دخل هوندو. بلڪه اهو آئين جي شقن ۽ روح جي خلاف آهي. جيڪڏهن واقعي علامه ايئن چاهي ٿو ته پوءِ هو 73ع جو آئين ختم ڪرڻ ۽ نئين آئين جي ڳالهه ڇو نٿو ڪري؟

هو هڪ دفعو اهو سڌو مطالبو ڪري ته ڏسي ته کيس خبر پئجي ويندي ته گهڻي ويهين سئو آهي. مولانا قادري چواڻي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ضروري ناهن. هي فارمولا به ڪو نئون ڪونهي، ايوب خان به عام چوندن کان ڀڄڻ لاءِ سياستدانن خلاف ڳالهايو ۽ ”ايبڊو“ ۽ ”پروڊا“ جهڙا قانون آندا. ملڪ ۾ بنيادي جمهوريتن جي نالي ۾ نئون سياسي نظام ۽ نئين قيادت مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر کيس وري به ساڳين سياستدانن سان گڏ ويهڻو پيو. ان سڄي چڪر ۾ ٻيو ڪجهه ڪونه ٿيو، پر قوم جا پورا ڏهه سال ضايع ٿي ويا. ماڻهن کي جڏهن موقعو مليو ته هنن ايوب خان ۽ سندس هٿرادو جوڙيل ۽ مڙهيل نظام کي اڇلائي ڦٽو ڪيو. يحى خان به سياست کي ٺيڪ ڪرڻ جا ساڳيا ’ نيڪ خيال‘  کڻي آيو. هن چونڊون ته ڪرايون پر نتيجا نه مڃيا، ڇاڪاڻ جو اهي نتيجا کيس ’هاڪاري‘ نه لڳا. نتيجو اهو نڪتو جو اڌ ملڪ هٿن مان ويو. 
جولاءِ 77ع ۾ جنرل ضياءِ الحق اسلام جي سپاهي هجڻ جي دعوى ڪري آيو. ضياءِ ملڪ جي گهرو توڙي پرڏيهي پاليسيءَ سان اهو حشر ڪيو، جو اهي زخم اڄ ٽيهه سال گذرڻ بعد به نه ڇٽا آهن. ضياءَ الحق به ملڪ ۾ نئون سياسي نظام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. غير جماعتي چونڊون، آئين ۾ انتها درجي جون ترميمون وغيره وغيره. نيٺ کيس پراڻي نظام ڏي ئي وڌڻو پيو. قوم کي تڏهن ڇوٽڪارو مليو جڏهن هو جهاز جي حادثي ۾ مري ويو
.
ان بعد اڌ جمهوري دور رهيو، جنهن ۾ به ساڳيا هٿ سرگرم رهيا. نه ڪنهن حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ نه ئي ڪو جمهوري ۽ سياسي نظام پوريءَ طرح ٺهي سگهيو. هڪ دفعو وري سياستدانن ۽ سياسي نظام کي  ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جنرل مشرف ميدان ۾ آيو. هن ماڳهين اقتدار ۽ اختيارين کي هيٺئين سطح تي لاهڻ جي نالي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪجهه به تبديل نه ٿي سگهيو. هن به ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين کي سياست ۽ حڪومت کان ٻاهر رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ٻيو ڪجهه نه ٿيو، عوام پنهنجي محبوب ليڊر بينظير ڀٽو کي وڃائي ويٺو ۽ مشرف کي ملڪ ڇڏڻو پيو. ته ملڪ ۽ عوام کي ’نجات ڏياريندڙ‘ مشرف جڏهن ملڪ ڇڏيو ته پويان معيشت، سياست، ادارا تباهه هئا ۽ ملڪ ۾ دهشت گرديءَ جو راڄ هو ۽ ملڪ عالمي قوتن جي ماتحتيءَ ۾ هليو ويو هو. 

ايئن ڏٺو وڃي، ته وڏو عرصو فوجي حڪومتون رهيون،  انهن ئي ملڪ جي سياسي نظامن کي ٺاهڻ ۽ ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر علامه ان معاملي تي ماٺ آهي. هن وقت تائين علامه قادريءَ سان گڏ رڳو اهي ڌريون گڏ بيهي سگهيون آهن، جن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي   اسٽيبلشمينٽ  جي سياست ڪنديون آهن. علامه قادريءَ جي حڪمتِ عملي ۽مطالبا اهي  اشارا ڏيئي رهيا آهن ۽ عام بحث به اهو آهي ته هن جي پويان ڪٿي فوجي اسٽيبلشمينٽ آهي.  اها ڳالهه ايتري وڌي ويئي، جو فوج جي ترجمان کي وضاحت ڪرڻي پئي ته علامه قادريءَ جي سياست وغيره سان فوج جو تعلق ڪونهي.
عجيب ڳالهه آهي جو ايم ڪيو ايم جنهن پي پيءَ سان ’ڪڏهن جدا نه ٿيڻ جا واعدا‘ پئي ڪيا، سا به علامه قادريءَ واري مارچ جو حصو بڻجي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جو چوڻ آهي ته اها جاگيردارن جي خلاف آهي ۽ هي انقلابي مارچ  هن نظام جي خلاف آهي. جاگيردار ڪير آهن؟ ايم ڪيو ايم ته 88ع کان وٺي اڄ تائين سمورين حڪومتن جو، خاص ڪري مشرف دور کان وٺي اڄ سوڌو حڪمران ڌر ئي رهي آهي، ٻين لفظن ۾ اهو ته انهن جاگيردارن سان گڏ ويٺل رهي آهي ۽ سمورن فيصلن ۽ پاليسين جو حصو رهي آهي.
ارڙهين ترميم، جنهن تحت نگران حڪومت حڪمران پارٽي ۽ مخالف ڌر جي صلاح مشوري سان ٺهڻي آهي، ايم ڪيو ايم ان جي حامي ۽ قبول ڪندڙ رهي آهي، ان کي اوڏيءَ مهل خيال ڪونه آيو. ساڳيءَ طرح چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرريءَ ۾ به هنن جي صلاح شامل آهي. راتو رات ان کي الهام ٿي ويو ته ارڙهين ترميم به غلط، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري به درست ناهي وغيره وغيره.اصل ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي عجيب و غريب موقف جي ڪري سياسي اڪيلائپ ۾ هلي ويئي هئي. ڪراچيءَ ۾ ووٽر لسٽن جي چڪاس ۽ نئين سر تڪ بندي، مسلسل ٿيندڙ قتل جي واقعن، ڀتا خوري وغيره جي نه رڪجڻ وارا معاملا بنياد بڻجي رهيا هئا. ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو به اچي ويو هو. ساڳيءَ طرح پنهنجي وڏي اتحادي پيپلز پارٽيءَ کي مڪاني نظام  سبب پنهنجي تڪن ۽ ووٽرن ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. ايتري اڪيلائپ جو ان کي ’ڪهڙو پاڪستان کپي‘ وارو ريفرينڊم ۽ سپريم ڪورٽ خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻي وارا سڏ به واپس وٺڻا پيا، جو انهن ٻنهيءَ لاءِ ملڪ جي سياسي ڌرين ۽ ادارن وٽان کيس حمايت ۽ موٽ نه ملي. علامه قادريءَ ڄڻ ايم ڪيو ايم جي ضمانت ڪرائي وڌي ۽ اها هڪ حد تائين مکيه سياسي وهڪري ۾ اچي رهي آهي
.
شهري سياست تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته هي شهري جماعت پنهنجو احتجاج هڪڙن مطالبن لاءِ ڪندي آهي، پر سندس در اصل ٻيا مطالبا هوندا آهن، جيڪي مڃرائيندي آهي. طاهر القادريءَ کي پنهنجي هيڊ ڪوارٽر نائن زيرو تي سڏائڻ تي پيپلز پارٽي کي به ڪاوڙ لڳي. ان مڪاني ادارن واري قانون ۾ ترميمون ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. هوڏانهن گهرو وزير رحمان ملڪ صدر زرداري جو نياپو کڻي الطاف حسين سان ملڻ لاءِ لنڊن ويل آهي. اڪثر تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم هن مارچ ۾ شرڪت نه ڪندي، ڇاڪاڻ جو مڪاني نظام، ووٽر لسٽن ۽ نئين سر تڪ بنديءَ وارن معاملن ۾ کيس گهربل حمايت ملي ويندي
.
بهرحال هي وقت آهي ته ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون جيڪي اقتدار ۽ پارليامينٽ جو حصو آهن ۽ هي سڄو سانگ انهن جي ئي خلاف رچايو ويو آهي، محسوس ڪن ته اهو سڀ ڪجهه سڄي نظام جي تڏا ويڙهه آهي، ڇا اهي اڃا به هڪ ٻئي جي مخالفت ۽ سياست بازي ڪنديون يا هن نظام کي بچائينديون؟

Labels: , , , , , , ,

Friday, April 03, 2015

عمران خان جي ”لاهور شو“ کان پوءِ اڀريل سوال: 16 ڊسمبر 2014ع

عمران خان جي ”لاهور شو“ کان پوءِ اڀريل سوال!
اڱارو 16 ڊسمبر 2014ع

سھیل سانگی

پلان ”سي“ جي ٽئين مرحلي ۾ تحريڪِ انصاف جو لاهور وارو احتجاج سخت ڇڪتاڻ وارين حالتن ۾ ٿيو. فيصل آباد وارو احتجاج پر تشدد هو، پر ڪراچيءَ ۾ اهو احتجاج پرامن رهيو، جنهن سبب عمران خان توڙي پيپلز پارٽيءَ جون سياسي مارڪون وڌي ويون. عمران خان جون ان ڳالهه تي ته ڪراچي پرامن طور به بند ٿي سگهي ٿو، جيڪو مافيائن جي هن ميٽروپوليٽن شهر جي گذريل ٽيهارو سالن جي روايتن جي ابتڙ هو. پيپلز پارٽي جون سياسي مارڪون ان لاءِ وڌيون ته ان نه ڪا تڪڙ ڪئي ۽ نه محاذ آرائي- ان عمران خان کي پنهنجو مهاڙي وارو مخالف نه پئي سمجهيو. بهرحال جمهوريت ۾ اپوزيشن ڏي رويو وڏي ڳالهه هوندو آهي. 

سنڌ سرڪار تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عقلمندي جي حڪمت عملي جوڙي. لاهور وارو عمران خان جو ”شو“ صورتحال ۾ ڪا بنهه وڏي شفٽ ناهي، بس اهو ئي ته تختِ لاهور جو قصو آهي، جيڪو نواز ليگ کان هضم نه پيو ٿئي. احتجاج جي پنهنجي نفسيات هوندي آهي، مظاهرو ڪندڙ تڪڙا هوندا آهن ته ڪو حڪومت سان ٽڪراءُ ٿئي. احتجاج ڪندڙن ۾ اها سوچ مقبول رهي آهي ته ڪجهه اهڙو ڪم ڪجي جو وڏو واقعو ٿئي ته جيئن حڪومت تي ڪو ڏوهه ڏئي سگهجي. ٻئي پاسي حڪومت جي انتظامي مشينري ان کان لنوائيندي آهي، پر حڪومت جي سياسي ونگ لاءِ عزت جو سوال بڻجي ويندو آهي، جنهن جو اظهار نواز ليگ جي ريلوي واري وزير سعد رفيق ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان ڪيو آهي ۽ ان پي ٽي آءِ کي دهشتگرد تنظيم سڏيو آهي. 

هر طرف احتجاج آهي ۽ حڪمران جماعت ۽ پي آءِ ٽي جو هڪٻئي ڏانهن شديد مخالفت وارو رويو آهي. ٻئي طرف ڳالهيون رسمي طور شروع ٿي ويون آهن. ٻنهي ڌرين تجويز ڪيل جوڊيشل ڪميشن بابت پنهنجين تجويزن جي مٽا سٽا ڪئي آهي. 

چونڊن ۾ ڌانڌلين وارو معاملو ٻنهي ڌرين لاءِ سواليه نشان آهي، ٻنهي مان هر هڪ جي ڪوشش آهي ته قاعدا قانون اهڙا ٺهن جو هڪ کي فائدو ۽ ٻئي ڌر کي سياسي نقصان ٿئي، ڳالهين جا اهي دور انهي ”سچائي“ سان هلي رهيا آهن. نواز ليگ ڪنهن به صورت ۾ ڪا اهڙي جاچ ڪميشن ٺاهڻ جي حق ۾ نه بيهندي، جنهن جي رپورٽ جي بنياد تي 2013ع جي چونڊن وارو سندن مينڊيٽ ڪوڙو ثابت ٿئي ۽ وقت کان اڳ يعني 2018ع کان اڳ ٽپڙ ويڙهڻا پون. 

تحريڪ انصاف جو سمورو زور وچ مُدت وارين چوندن تي آهي، يعني 2018ع کان اڳ چونڊون ٿين. هو ڪا به اهڙي صورت قبولڻ لاءِ راضي ناهي، جو نواز ليگ پنهنجي حڪومت جي آئيني مُدت پوري ڪري. ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي ايترو پختگي سان بيٺيون آهن، جو ڳالهين ذريعي ڪو نبيرو ٿيڻ ممڪن نٿو لڳي.

 حڪومت جو خيال آهي ته ڪميشن جو ڪم اهڙي قسم جو رکيو وڃي، جنهن ۾ رڳو انهن سيٽن جي جاچ ٿئي، جن بابت عمران خان جا الزام آهن، ڳالهه انهيءَ کان اڳتي نه وڌي. عمران خان چاهي ٿو ته مئي 2013ع واري سموري چونڊ جي آڊٽ ٿئي، ان جي نتيجي ۾ چار يا ويهارو کن سيٽون ئي نه، پر سڄي اليڪشن کي غلط يا ناجائز قرار ڏنو وڃي. ان معاملي تي وڏي ريڙهه پيڙهه ٿي به رهي آهي ۽ اڃا به ٿيندي. ڳالهين لاءِ سڄي اپوزيشن جو زور آهي، ان ڪري ڳالهيون ضرور ٿينديون پر حڪومت جو زور هوندو ته معاملو ڊگهو ٿي وڃي ۽ ڳالهيون ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچن، پر عمران خان کي تڪڙ آهي هو چاهي ٿو ته جلد ڳالهيون ٿين. 
هو ڳالهين ذريعي ۽ دٻاءُ وجهي جلد نتيجا وٺڻ جو خواهشمند آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ته ڪا ڊيڊ لائين مقرر آهي، هو ان ڊيڊ لائين اندر ڪو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ گهري ٿو.

  سياسي مارڪيٽ ۾ ٻه ڳالهيون وڌيڪ آهن. سياسي حلقا جنرل راحيل جي آمريڪي دوري ۽ آمريڪا طرفان دفاعي معاملن ۾ سهڪار جو هٿ ڊگهيڙڻ کي اهم قرار ڏيئي رهيا آهن. اهو دورو ۽ سهڪار واقعي وڏي اهميت رکندڙ آهي، پر ڇا ان جي ڪا سياسي معنيٰ به آهي؟ سينيٽ جي ڪميٽي خط لکي گهر ڪئي آهي ته ان دوري ۾ ٿيل ڳالهين بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. شايد ڪي ڌريون محسوس ڪن ٿيون ته آمريڪا پاڪستان جي سياست جي حوالي سان به ڪجهه چاهي ٿو. ان ڏس ۾ عمران خان جي ان بيان جو به حوالو ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ هن چيو هو ته آخر چين پاڪستان لاءِ ايتري سيڙپ ڇو ڪري رهيو آهي؟ 
ائين عمران خان جو رويو آمريڪا نواز محسوس ٿئي ٿو. جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن چونڊن کي غير قانوني يا غلط قرار نه ٿي ڏئي. نواز شريف حڪومت برقرار رهي ٿي ته ڇا اهڙي صورت ۾ عمران خان ماٺ ڪري ويهندو؟ هو اهو ئي چوندو رهيو آهي ته هو ڌانڌلي واري اسيمبلي ۾ نه ويهندو، يعني گذريل چونڊن جي نتيجي ۾ ٻئي نمبر تي ايندڙ جماعت اسيمبلي کان ٻاهر احتجاج ڪندي رهي ۽ اهو سلسلو ٽن سالن يعني 2018ع تائين هلندو رهي، اهو به مشڪل ٿو لڳي. 
جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن چونڊن کي غلط قرار ڏئي ٿي ته اهڙي صورت ۾ 2015ع ۾ چونڊون ٿيندي نظر ڪو نه ٿيون اچن. اهڙي صورت ۾ ڪجهه ٻيون شيون ڪر کڻنديون، انهن ڳالهين ۾ پنهنجي جاءِ تي وزن به آهي. اهي هي ته پهرين آدمشماري ڪرائي وڃي، صوبن ۾ سيٽن جي ٻيهر الاٽ منٽ ٿيڻ گهرجي ۽ تڪن جي جوڙجڪ به نئين سير ٿئي. ٻيو چونڊ سڌارا جن بابت سڄي ملڪ ۾ گڏيل راءِ موجود آهي، اهي سڌارا ڪهڙا، ڪيترا ۽ ڪئين هجڻ گهرجن؟ اهو وڏو سوال آهي. 
جيڪڏهن واقعي شفاف چونڊن لاءِ سڌارا آندا وڃن ٿا ته ملڪ جو اقتداري ڍانچو تبديل ٿي ويندو، ان لاءِ ملڪ جون مکيه ڌريون راضي ڪيئن ٿينديون. جيڪڏهن اهي ٻئي اشو ميچوئر ٿي ٿا وڃن ته ڪجهه وڌيڪ مدت لاءِ عبوري يا نگران حڪومت جي گنجائش نڪري ٿي. اها حڪومت اهڙي هجي، جيڪا آدمشماري به ڪرائي سگهي ۽ چونڊن جا سڌارا به آڻي سگهي. پاڪستان جي سياسي پارٽين وٽ نه ايتري طاقت آهي، ۽ نه وري سياسي ڪمنٽمنٽ، جو اهي ٻئي اشو اڻ ڌرئي نموني ۾ مضبوطي سان حل ڪري سگهن ۽ ائين هڪ دفعو وري عدليه ۽ سگهارين قوتن جي گڏيل هٿن واري حڪومت لاءِ جاءِ پيدا ٿئي ٿي. گهمي ڦري عمران خان جي پراڻي مطالبي تي ڳالهه بيهي ٿي. 

هڪ دفعو وري سڄو معاملو عدليه حوالي ٿيڻ وڃي پيو. ملڪ جي سياسي نظام ۽ حالتن جي تعين لاءِ عدليه جو رول وڌي رهيو آهي، جڊيشل ڪميشن چونڊن جي تحقيقات لاءِ 5-7 مهينا وٺي سگهي ٿي. اها عجيب ڳالهه هوندي ته عدليه ئي چونڊن جي نگراني ڪئي هئي ۽ انهن جي بي قاعدگين جي جاچ به عدليه ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ تان استعيفا ڏيندڙ اڳواڻ جاويد هاشمي جو بيان واقعي سچو ئي رهيو آهي. هن چيو هو ته پلان مطابق هڪ جج اهڙو اچڻو آهي، جيڪو معاملن کي سڌو ڪري ڇڏيندو. هن وقت تائين تحريڪ انصاف جي احتجاج ڪجهه ڳالهين کي گهڻو چٽو ڪيو آهي.
 
عمران خان پنهنجي ذاتي توڙي سياسي رويي ۾ اڻ سهپ ۽ ٻئي جي نه ٻڌڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. لاهور ۾ ڪجهه صحافين جي مارڪٽ ۽ انهن سان توهين آميز رويو رکڻ، سموريون سياسي ڌريون هڪ طرف ۽ عمران خان ٻئي طرف ڳالهه کي واضح ڪري ڇڏين ٿيون. ان کان علاوه احتجاج، ڌرڻن ۽ شهر بند ڪرڻ واري سياست، جنهن جو هن رواج ۽ روايت وجهي ڇڏي آهي انهن کي تحريڪ انصاف سڀاڻي جيڪڏهن حڪومت ۾ اچي ٿي ته ڪيئن منهن ڏيندي؟ هينئر مخالف آواز ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ته سڀاڻي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ان جو رويو ۽ عمل ڪيترو جمهوري ۽ رواداري وارو هوندو؟ 
تحريڪ انصاف جو رويو رڳو ميڊيا ۽ سياسي ڌرين سان اهڙو ناهي، سڀاڻي صوبن جي حوالي سان به سندس رويي ۾ شايد ڪنهن بهتري جي گنجائش نٿي لڳي. نواز شريف ڪجهه ڪڙا تجربا ۽ سبق حاصل ڪرڻ بعد اهو سکيو، جو هن ڪنهن حد تائين سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرستن سان ڳالهيون ته ڪيون. هي ٻئي صوبا گرم آهن، ۽ انتهاپسندي جي حوالي سان وڌيڪ گرم ٿيندا پيا وڃن. انهن کي سياسي طور تي ڊيل ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر اها ڳالهه عمران خان جي ڪيس ۾ٿيندي نظر ڪو نه ٿي اچي.

Labels: , , , , , ,

حڪومت سنڌ ۾ ڪرندڙ لاشن جو غم ڪڏهن محسوس ڪندي؟ 03 ڊسمبر 2014ع

حڪومت سنڌ ۾ ڪرندڙ لاشن جو غم ڪڏهن محسوس ڪندي؟
اربع 03 ڊسمبر 2014ع
سھیل سانگی
سنڌ سخت تاءَ ۽ ڳڻتيءَ مان گذري رهي آهي، ان جو سيڪ هر سنڌ واسي محسوس ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ قومي اسيمبليءَ ۾ اُن جو هلڪو پڙاڏو ضرور ٿيو آهي، پر حڪومت توڙي حڪمرانن تائين اُن جي تپش اڃا نه پهتي آهي. سنڌ اندر سمورا معاملا ۽ سياستون غير لاڳاپيل ٿي ويون آهن. عمران خان جو لاڙڪاڻي وارو جلسو ۽ ان جا پوندڙ اثر بحث کان پاسيرا ٿي ويا آهن. ڪپتان جو اسلام آباد ۾ وڏا شهر بند ڪرڻ وارو اعلان به ڄڻ سنڌ جي ڪنن تي پيو ئي ناهي. سنڌ جي ٽن اڳوڻن وڏن وزيرن ڪجهه ٻين جهونن سان گڏجي پنهنجي لاءِ ڪو چڱو ڪم ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هنن جو خيال هو ته سنڌ ۾ سياست پلٽو کائي رهي آهي. ان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت کان پري رکڻ، عمران خان جي وس جي ڳالهه نه پئي لڳي، ان ڪري انهن همراهن پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ته اهي پيپلز پارٽيءَ کي اُٿلائي سگهن ٿا. 

اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته جيستائين پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ حڪومت کان پري نه ٿو ڪجي، تيستائين نه پنجاب ۾ آيل تبديلي ڪنهن ڪم جي آهي ۽ نه ئي وري بدليل حالتن ۾ نواز شريف کي ناڪ آئوٽ ڪري سگهي ٿي، ان ڪري اهڙو تاثر ڏيڻ لاءِ جيئن مشرف جي دور ۾ ٿيل پهرين چونڊن ۾ سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس ٺاهي ڏنو ويو هو ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ ۽ نواز ليگ جي ڏهه جماعتي اتحاد جي ذريعي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، حالانڪه اهو سڄو تحرڪ اڃا تائين پڪو ٿي نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وڏ وزارت جو عهدو ته هڪڙو ئي آهي، پر اتحاد ۾ ٽي ”وڏا وزير“ يعني لياقت جتوئي، ارباب غلام رحيم ۽ غوث علي شاهه ويٺا آهن، جڏهن ته ٻن ”وڏن وزيرن“ ممتاز ڀٽو ۽ مظفر شاهه جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن طرفان هن نئين اتحاد کي حمايت حاصل آهي، پر اهو ته سودو اڌ ڪچو اڌ پڪو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو گذريل چونڊن ۾ انهن سڀني همراهن سان نواز شريف پَٽي ڪري ويو، پاڻ حڪومت ۾ اچي ويو، هنن همراهن کي نه سنڌ ۾ ۽ نه وري وفاق ۾ ڪا اهميت ملي. 

پر تازو سنڌ ۾ پيش آيل واقعن هن ”اهم تحرڪ“ کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي نهوڙي ڇڏيو. پُراسرار طور گم ٿيل سياسي ڪارڪنن جا هڪ هفتي اندر ڇهه لاش ملي چڪا آهن، انهن جا ماريندڙ ڪير آهن؟ انهن کي ڇا جي ڪري ماريو ويو آهي؟ جيئن ظاهري توڙي اندروني نشان ٻُڌائين ٿا ته کين ماريو ويو آهي يعني قتل ڪيو ويو آهي ته قتل جي صورت ۾ ڪيس داخل ٿيندو آهي، ان قسم جي هن وقت تائين ڪا به چُرپر يا وضاحت سامهون نه آئي آهي. آئين تحت حڪومت هر شهري جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت لاءِ ذميوار آهي. هتي ملڪ جا سڄا سارا ڇهه شهري مارجي ويا، پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومت خاموش آهي. وڏي ڳالهه ته عدليه ۽ ان جي جوڊيشل ايڪٽوازم به. سياسي راءِ جو اختلاف رکڻ هر شهري جو آئيني حق آهي. قومپرست تحريڪ هجي يا جمهوري تحريڪ، ان جي شروعات حقن گهرڻ سان ٿئي ٿي. رياست ۽ رياستي ادارن جو فرض هوندو آهي ته اهي عوام سان ماءُ جهڙو سلوڪ ڪندي، کين اهي حق ڏين ۽ کين دليلن سان قائل ڪن، سمجهائين. 

ملڪ جي ٽنهي صوبن ۾ قومي حقن واري تحريڪ جي تاريخ پراڻي آهي. ڪڏهن سمورن ننڍن صوبن گڏجي نيشنل عوامي پارٽي جي جهنڊي هيٺ جدوجهد پئي ڪئي، پر 70ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ هر قوم پنهنجي جدوجهد اڪيلي سر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٿيندو اهو رهيو ته بلوچن ۽ پختونن کي واري ڦيري سان يا ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اقتدار ۾ شرڪت يا اڪموڊيٽ ڪيو ويو، پر سنڌ ۾ اهڙي صورت نه نڪري سگهي. سنڌ ۾ قومپرستن جي بدران اهو ڪُڻو پيپلز پارٽي جي نالي جو نڪرندو رهيو. قومپرست تحريڪ جون جيتريون فڪري پاڙون پختيون آهن، ان ۾ اوتري ئي تڪثريت ((Diversity موجود آهي، جنهن جو اظهار مختلف موقعن تي هڪ کان وڌيڪ طريقن سان ٿيندو رهيو آهي. انهن سمورن واقعن جي باوجود هتان جي ماڻهن کي پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ، کين وسيلن کان وٺي، سياسي فيصلن تائين جو اختيار ۽ حق ڏيڻ وارو معاملو خال خال رهيو آهي. اها ڏاڍي اهم ڳالهه آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ کڻي ڪيترو به قومپرست ڇو نه هجي، پر اهو جمهوريت پسند ٿي رهيو آهي. هو ضياءَ، نواز شريف، مشرف جي دورن ۾ سمورين تبديلين جي باوجود جمهوري تحريڪ جو حصو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو قوم پرستي جي ڪڏهن هلڪي، ڪڏهن ڳري لهر جي باوجود هن جمهوريت جو ساٿ ڏيندي، پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏنو آهي. اهڙي دور ۾ اڄ سڄي سوسائٽيءَ ۾ فڪري ڏڪار هجي، سياسي تربيت ۽ تعليم جا روايتي توڙي غير روايتي ادارا پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهيا هجن، تڏهن سياسي غذائيت جي کوٽ شايد ان کان به گهڻي وڌيل هوندي، جيتري ٿر جي ڏڪاريل ٻارن ۾ کاڌ خوراڪ واري غذائيت جي هوندي آهي. ادارن جي اڻ هوند، فڪري ڏڪار ۽ سياسي غذائيت جي کوٽ هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪري وڌي آهي، جتي نوجوان وڌيڪ مايوسيءَ جي آڙاهه ۾ ڌڪجي وڃي ٿو. دنيا توڙي علائقي ۽ ملڪ جي بدليل حالتن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ به پاڻ کي بدلائي، حالتن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي. 

ڪجهه اهم سوال زير بحث آهن. قومپرست سياست کي ڪيئن ڊگهي حڪمت عملي ۽ جدوجهد ڪجي؟ ان کي ڪيئن ملڪي مين اسٽريم سياست سان ڳنڍجي؟ ملڪي سياست ۾ قومپرستن جي اهميت ڪيئن وڌائجي؟ پنهنجي بيانيه ۾ ڪهڙي تبديلي آڻجي؟ ۽ ڪيئي ٻيا به اهڙا سوال. 
اهڙي موقعي تي جيڪڏهن ڪنهن به بيانيه تحت ڪارروائي ٿئي ٿي ته اها شدت پسند رجحان کي وڌيڪ هٿي ڏيندي ۽ مين اسٽريم سياست يا ڊگهي حڪمت عمليءَ واري لاڙي يا اهي لاڙا جيڪي جمهوري ۽ طبقاتي تحريڪ سان قومي تحريڪ کي گڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تن جي حوصله شڪني ڪندا ۽ ان جون واٽون بند ڪندا. سنڌ جي سياست ۾ هي هڪ اهڙي مداخلت هوندي، جنهن بعد حقن واري جدوجهد پاسيري رهجي ويندي ۽ وڏيون ڌريون پنهنجون ايجنڊائون سيٽ ڪري پنهنجا نتيجا ڪڍنديون. هيءَ گهڙي وڌيڪ فڪر جي آهي، ان جو سيڪ بهرحال اڳ پوءِ حڪومت کي به محسوس ٿيندو. جيڪڏهن اها ڳالهه هو محسوس ڪري وٺي ته ان ۾ سڀني جو ڀلو آهي.

Labels: , , , , , , , ,

ڌرڻن مان عمران خان ڇا ماڻيو، ڇا وڃايو؟ 05 سيپٽمبر 2014

سهيل سانگي
ڌرڻن مان عمران خان ڇا ماڻيو، ڇا وڃايو؟
جمع 05 سيپٽمبر 2014ع
گذريل ٻن هفتن کان جاري پرتشدد واقعا، آئين ۽ قانون کان مٿڀرا مطالبا، ڌرڻا هاڻي سياسي دائري ڏي موٽي رهيا آهن. تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ موٽي آئي آهي ۽ مخالف توڙي حڪومتي ڌر جي ميمبرن تي مشتمل سياسي جرڳي سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ٻين لفظن ۾ ته هاڻي سياسي بحران پارليامينٽ جي حوالي آهي، جيڪو چونڊيل ايوان هجڻ جي ناتي مجاز ادارو آهي. هن کان اڳ سياسي ماحول ۾ رڳو احتجاج ڪندڙ ڌرين جون تقريرون، سرگرميون ۽ مطالبا ڇانيل هئا. ايڪڙ ٻيڪڙ حڪومتي موقف يا سرگرمي ٿي رهي هئي ۽ ساڳي صورتحال مخالف ڌر جي هئي، جڏهن ته جمهوري ادارن يعني پارليامينٽ يا اسيمبلي جو ڪو ذڪر فڪر ۽ رول ئي سامهون نه پئي آيو. ڪجهه حد تائين قومي اسيمبلي جي تازي اجلاس ۽ ان بعد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سبب صورتحال ۾ بهتري آئي. تحريڪ انصاف کي پڪ هئي ته پارليامينٽ ۾ موٽ تي اتي کين ڪو گلن جا هار نه پارايا ويندا، ۽ نه ئي وري ڪو هن جي ڳالهين کي مڃتا ملندي، بلڪه مٿن تنقيد ئي ٿيندي، جنهن جو اظهار گذريل هفتي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٿي چڪو هو. پر ان جي باوجود ان اهو ضروري سمجهيو ته پارليامينٽ ڏانهن موٽ کائجي، اتان ئي ڪو رستو نڪري سگهي ٿو. ائين ان جو پارليامينٽ ۾ اچڻ ڀلي ڳالهه آهي. ان ڳالهه کي پاسيرو رکي ته سڄو ڊرامو يا بحران اسڪرپٽ تي ٻڌل آهي، پر ان جي مطالبن ۾ جان ضرور آهي. اهو فرق ضرور آهي ته ان لاءِ وقت ۽ طريقو غلط چونڊيو ويو. ان جي مٿان وري اسڪرپٽ جو به الزام لڳي ويو. جيڪڏهن معاملي کي نبيرڻ ۽ مستقبل جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف حڪومت کي سٺي اوپننگ ڏني آهي، جنهن کي حڪومت توڙي ٻين سياسي ڌرين وٽان سٺي موٽ ملڻ ۽ ان کي سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي. مثبت ڳالهه اها به ٿي آهي ته تحريڪ انصاف علامه قادري کان پري ٿي بيٺي آهي، جنهن جو اظهار شاهه محمود قريشي جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير ۾ ملي ٿو. ڪالهه تائين اها پاڪستان عوامي تحريڪ سان گڏ بيٺي هئي ۽ اهي ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جون مددگار ۽ حامي بڻيل هيون. پر هاڻي اها ٻين سياسي پارٽين يا پارلياماني پارٽين سان گڏ بيٺي آهي. هن موقف بعد ٻئي ڪنٽينر الڳ الڳ بيٺا آهن. شروع کان ئي اها ڳالهه سمجهي پئي وئي ته جيڪڏهن ڪو هڪ ڪنٽينر راضي ٿي وڃي ٿو ته ٻئي ڪنٽينر کي راضي ڪرڻ يا وري هينڊل ڪرڻ سولو ٿي پوندو. حڪومت لڳاتار ان ڪوشش ۾ رهي. پر نواز ليگ لاءِ عمران خان جي ڀيٽ ۾ علامه قادري ڏکيو هو، ڇاڪاڻ جو وٽس ڳچ منظم ڪيڊر به هو، جنهن ۾ وڌيڪ وقت تائين جدوجهد جاري رکڻ جو حوصلو، جذبو ۽ ڪمينٽمينٽ به هئي. اها ڳالهه سياست کان وڌيڪ مذهبي هئي. ٻين سياسي پارٽين لاءِ عمران خان اهم هو، ڇاڪاڻ جو ان جي هڪ صوبي ۾ حڪومت هئي. سندس ووٽ بئنڪ مڃيل صورت ۾ سامهون اچي چڪو هو ۽ وٽس پارلياماني پارٽي موجود هئي.عمران خان جي انڪار کان پوءِ ڳالهين لاءِ راضي ٿيڻ ۾ ڪجهه شين وڏو ڪم ڪيو. هڪ اهو ته هو پنهنجي دعوا مطابق ”لکين“ ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيو، ان بعد ٻه آپشن پئي بيٺا. هڪ اهو ته احتجاج کي پرتشدد بڻائجي. ٻيو اهو ته معاملي کي ڊيگهه ڏجي، ايستائين جو ايمپائر جي آڱر کڄي، يا وري اهو ته ملڪ ۾ موجوده حڪومت مخالف ڌر به رستن تي نڪري اچن. هو پنهنجي اها ڪمزوري لڪائڻ لاءِ سُرتال کي گهڻو مٿي کڻي ويو ۽ موقف ۾ سختي به ان لاءِ آندي ته جيئن پنهنجي سوديبازي جي پوزيشن کي مضبوط ڪري سگهي. بحران کي نبيرڻ لاءِ دفاعي اداري ۽ سپريم ڪورٽ جون آڇون به ناڪافي ثابت ٿيون. مٿان وري چيني صدر جي دوري جو پروگرام به اچي ويو. چيني صدر سرڪاري ذريعن موجب 34 ملين ڊالر جا ٺاهه ڪرڻ لاءِ اچي رهيو هو، جنهن ۾ ڪجهه دفاعي معاهدا به شامل آهن. خطرو اهو ڏيکاريو پئي ويو ته اهڙي سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ اهو دورو ملتوي ٿي ويندو. ان ڪري وس واريون ڌريون سرگرم ٿي ويون. ڌرڻي ۾ گهڻي ڊيگهه، ڪارڪنن جو ٿڪجڻ، عام ماڻهن جي بيزاري، موسم جي بي رحمي به عمران خان کي ان طرف ڌڪيو ته هو ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃي. مٿان وري پارليامينٽ جو گڏيل طور غير لچڪدار موقف هو. اهو ته سڀ ڪجهه ٿي ويو. سوال اهو هو ته عمران خان ۽ علامه قادري کي به ته ڪجهه ڏيڻو آهي، جنهن کي عرفِ عام ۾ فيس سيونگ چيو وڃي ٿو. ڏٺو وڃي ته علامه قادري جا مطالبا حڪومت هڪ لحاظ کان مڃي چڪي آهي. نواز شريف، شهباز شريف ۽ ڪجهه وزيرن خلاف ماڊل ٽائون واقعي جو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ان ۾ دهشتگردي ٽوڙ قانون جون شقون به شامل ٿي چڪيون آهن. واقعي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جڊيشنل ڪميشن جنهن تي جتوڻيڪ علامه قادري عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي پر اها پنهنجي تحقيقات مڪمل ڪري رپورٽ حڪومت جي حوالي ڪري چڪي آهي. ان رپورٽ جا ڪجهه تفصيلا جيئن ميڊيا ۾ آيا آهن. واقعي جيڪڏهن اصل رپورٽ ۾ ائين آهي ته ان رپورٽ جي ظاهر ٿيڻ بعد شهباز شريف جو حڪومت ۾ رهڻ مشڪل ٿي پوندو. ائين عملي طرح سان علامه جا مطالبا پورا ٿي وڃن ٿا. علامه جي مطالبن کي اوليت جي بنياد تي مڃڻ حڪومت ضروري پئي سمجهيو، ڇاڪاڻ جو کيس ان مان وڌيڪ ڊپ محسوس ٿي رهيو هو، جو هو نواز ليگ جي بيناد يعني پنجاب ۽ لاهور ۾ مسئلو پيدا ڪري ٿي سگهيو. عمران خان جا ڇهه مطالبا هئا جنهن ۾ ڏکيو مطالبو وزيراعظم نواز شريف جي استعيفا هو. ان ڪري حڪومت طرفان ڪڏهن پنج ته ڪڏهن ساڍا پنج مطالبا مڃڻ واري ڳالهه ڪئي پئي وئي. ساڍا پنج ان ڪري جو وزير اعظم جي استعيفا کي جڊيشنل ڪميشن جي رپورٽ سان مشروط بنايو پئي ويو. يعني اهو ته جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن چونڊن ۾ ڌانڌلين کي ثابت ڪري ٿي ته وزير اعظم استعيفا ڏي. عمران خان لڳي ٿو ته بضد آهي ته ان ۾ استعيفا جو لفظ هجي. حڪومت جي موقف بابت اهو چيو پيو وڃي ته لفظ ”استعيفا“ شامل ئي نه هجي. عمران خان ڇاڪاڻ جو پنهنجي پارٽي کي هڪ ئي پرڪشش نعري تي کڻي آيو هو. اهو هو استعيفا. هاڻي جيڪڏهن ان کان هٽي ٿو ته هو اهو سمجهي ڄڻ هو خالي هٿين واپس وڃي رهيو آهي. عملي طرح ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن چونڊن کي ڌانڌلي واريون قرار ڏي ٿي ته حڪومت ختم ٿي وڃي ٿي. ان لاءِ استعيفا جو لفظ ڀلي ٺاهه ۾ نه وڌو وڃي. هن بحران کي نبيرڻ ۽ ٺاهه ۾ وڃڻ لاءِ سياسي ڌريون نه رڳو سرگرم آهن، بلڪه اهي پارليامينٽ يا پارليامينٽ ۾ موجود پارٽين کي ضامن طور به ڏيڻ لاءِ تيار آهن. ائين حڪومت توڙي عمران خان ٻنهي جي سياسي ضمانت ٿي وڃي ٿي. ڳالهيون هلندڙ آهن، بظاهر لڳي ٿو ته ڊيڊ لاڪ ٽٽي چڪو آهي، پر اڃا ڪنهن ٺاهه تي وڃڻ لاءِ طور طريقن ۽ Modalities تي به اختلاف سامهون ايندا ۽ ننڍا وڏا ڊيڊلاڪ به ٿيندا. جيستائين عمران خان کي ڪجهه هڙ حاصل ٿيڻ جو تعلق آهي ته حڪومت جيڪڏهن استعيفا نه به ڏي، پر پوءِ ان جو غرور ٽٽي چڪو آهي. چيڪ اينڊ بيلنس اچي ويو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته چونڊن جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ اڻ ٽر ٿي ويو آهي. جيڪڏهن اهي سڌارا اچي وڃن ٿا ته اها وڏي ڪاميابي هوندي. عمران خان کي ٻي کڻي ناڪامي ملي، پر اها وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جو ڪريڊٽ کيس ضرور ملڻ گهرجي. اصل ڳالهه ماضي جو ليڪو ڪُٽڻ جي نه، پر مستقبل تي نظر رکڻ جي آهي. 2013ع جون چونڊون ريٽڻ بدران مستقبل واريون چونڊون حقيقي معنائن ۾ درست ڪرايون وڃن ٿيون ته ان سان عوام جو وڏو ڀلو ٿيندو. عمران خان ۽ ملڪ جي سمورين پارٽين کي گهرجي ته اهي انهن سڌارن کي يقيني بنائين.

Labels: ,

هن سياسي بحران جو ”آخري سين“ ڪهڙو هوندو؟ 28 آگسٽ 2014

سهيل سانگي
هن سياسي بحران جو ”آخري سين“ ڪهڙو هوندو؟
خميس 28 آگسٽ 2014ع
اربع خميس رات 12 بجي تائين ٿيل چرپر ۽ ميڊيا جي رپورٽن ماڻهن جو تجسس وڌائي ڇڏيو آهي. ساڳئي وقت تي کين اها به اُميد ٿي آهي ته اهي گذريل ٻن هفتن کان وفاقي گادي واري شهر جي ڌرڻن ۽ ميڊيا جي لائيو ڪوريج سبب اعصابي بخار ۾ ورتل هئا، تنهن جي پُڄاڻي اچڻ واري آهي. علامه قادري رات دير سان ڳالهين جي ناڪامي جو اعلان ڪيو. پر ان جي باوجود حاوي راءِ اها آهي ته ٽٽل ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اهو رستو وڌيڪ گند جو آهي. نواز حڪومت شروع کان وٺي، هن گهوٽالي کي صحيح طرح سان سمجهڻ ۽ ان کي هينڊل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي، ان ڪري سمورين مکيه سياسي پارٽين جي حمايت جي باوجود اها پنهنجي انيشيئٽو وڃائي چڪي هئي، سا وقت گذرڻ سان گڏ پوئتي ڌڪبي رهي. تعجب جي ڳالهه آهي ته ايڏي وڏي بحران ۾ نواز ليگ پنهنجي پارٽي جو اجلاس نه گهرائي سگهي، جنهن ۾ ان صورتحال تي غور ڪري سگهجي. هاڻي اها صورتحال وڃي بيٺي آهي، جو حڪومت وڌ ۾ وڌ جيڪا ڳالهه آڇڻي هئي سا به آڇي چڪي آهي. ۽ وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ جڏهن اهو چيو ته سڄي معاملي جي پٺيان ڪير آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ان جو مطلب اهو ته ان کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ڳالهه جهيڙي ۾ هلي ويندي. اها ڳالهه ميڊيا رپورٽن موجب ماڊل ٽائون واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ ننڍي ميان صاحب يعني شهباز شريف جي استعيفى. اها ايف آءِ آر جيڪا سمجهيو پيو وڃي ته ڪيڏي به مهل ڪاٽي ويندي، اها ايف آءِ آر دراصل لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن جج جي هدايتن تي ئي ڪاٽي ويندي. عدالتون اٽڪل هفتو کن اڳ اهڙو فيصلو ڏئي چڪيون آهن، پر پوليس يا ائين کڻي چئجي ته پنجاب حڪومت اهو ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي هئي. جڏهن هن بحران جي پڄاڻي جا آخري سين هلي رهيا آهن، تڏهن اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته دراصل هاڻي عمران خان جي بدران علامه قادري ڇانيل آهي ۽ ڳالهين جو بريڪ ٿرو به ان جي ذريعي ٿيندو نظر اچي ٿو. حڪومت بنيادي طرح سان علامه جا ئي مطالبا مڃي رهي آهي، جيڪو پنهنجي مريدن سان گڏ لاهور مان ماڊل ٽائون سانحي جي مارجي ويلن لاءِ انصاف وٺڻ نڪتو هو. جڏهن ته عمران خان جا مطالبا وزير اعظم جي استعيفى ۽ ڌانڌلين جي بنياد تي سڄي قومي اسيمبلي جي جي تڏا ويڙهه ۽ نيون چونڊون هو. سندس مطالبا جن جي آئيني ۽ قانوني پوزيشن تي شڪ ڏيکاريا پئي ويا، اهي مطالبا في الحال پاسيرا بيٺل نظر اچن ٿا. حڪومت جي گذريل ٻن ڏينهن کان اها ڪوشش رهي ته اهي احتجاج ڪندڙ ٻنهي ڌرين کي ڌار ڌار ڊيل ڪري ۽ ڪنهن هڪ ڄڻي سان جيڪڏهن ڊيل ٿي وڃي ٿي ته ٻئي کي منهن ڏيڻ سياسي اخلاقي توڙي انتظامي حوالي سان سولو ٿي پوندو، پر ٻنهي اڳواڻن جي اها حڪمت عملي هئي ته ڊيل ٻنهي سان هڪ ئي وقت ٿئي، الڳ الڳ ٿيڻ ۾ نقصان آهي. اهو ئي سبب آهي، جو علامه قادري شام جو حڪومتي ٽيم سان ڳالهين بعد عمران خان کي فون ڪري صلاح مشورو ڪيو، شايد اهو ئي پيغام ڏنو ته معاملو اڳتي وڌي پيو ۽ ان پيڪيج ۾ کيس به ڪنهن طرح سان شامل رکيو پيو وڃي.صورتحال ڪجهه هن طرح جي بيهي ٿي ته شهباز شريف کان ان بنياد تي استعيفى نه پئي ورتي وڃي ته ڪو هو ڌانڌلين ذريعي چونڊيو آهي يا هن ڌانڌليون ڪرايون آهن، بلڪه ان ڪري ته هو مبينا طور ماڊل ٽائون واري واقعي ۾ ملوث آهي. جيڪڏهن 77ع واري پي اين اي جي تاريخ جو اڀياس ڪيو وڃي ته اها تحريڪ چونڊن ۾ ڌانڌلين جي شڪايت تي شروع ٿي، جيڪا معاملي کي ذوالفقار علي ڀٽي خلاف قتل ڪيس کلڻ ۽ کيس ان ڏوهه ۾ ڦاهي چاڙهڻ تائين وٺي وئي، يعني ان ۾ سياسي ايجنڊا يا سياسي پارٽين جو مطالبو پاسيرو رهجي ويو، هتي به ان صورتحال سان هڪجهڙائي جو عڪس ملي ٿو. معاملو چونڊن ۾ ڌانڌلين تان شروع ٿيو ۽ هاڻي قتل ڪيس داخل ٿيڻ تي ختم ٿي رهيو آهي. حڪومت عدالتي فيصلي جي روشني ۾ هر حال ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهي، پر اها هن معاملي کي شروع ۾ ان ڪري ٽاري رهي هئي ته ڪو بچاءُ جو رستو نڪري، پر پوءِ ان لاءِ ته جيئن ان کي علامه قادري سان ڊيل جو حصو بڻائجي، هاڻي ان جو حصو بڻايو ويندو. پر ڇا عمران خان ان ڳالهه لاءِ راضي ٿي ويندو؟ شايد اها ڳالهه علامه قادري کيس سمجهائي سگهيو هوندو ته انهيءَ استعيفى ۽ ڪيس داخل ٿيڻ جو منطقي نتيجو اهو ئي نڪرندو، جيڪو هو چاهي ٿو. ها اهو ٿي سگهي ٿو ته اهو نتيجو نڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي. اهو وقت تجزيه نگارن موجب ڪو گهڻو ڪو نه ٿو لڳي، پر ڇا عمران خان ان لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ مڃي وٺندو؟ پر سندس سياسي عزت بچائڻ يا ”فيس سيونگ“ جو ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن هو علامه جي پيڪيج ۾ نٿو اچي ته ان بعد حڪومت کيس گرفتار ڪري يا کيس ويٺل ئي رهڻ ڏي ۽ هن ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۽ شهباز شريف جي استعيفى ڏيڻ جون ڪيئي معنائون بيهن ٿيون، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پنجاب ۾ ڀلي نواز ليگ جي حڪومت هجي، پر شريف خاندان جي حڪومت نه هوندي. اتي خود نواز ليگ ۾ مختلف گروپ ۽ لابيون آهن، جيڪي وڌيڪ سرگرم ٿي وينديون، ائين پنجاب شريف فيملي جي پيرن هيٺان نڪرندي محسوس ڪندي، نواز شريف هن وقت سياسي توڙي قومي اسيمبلي ۾ سيٽن جي حوالي سان پنجاب تي ئي انحصار ڪري ٿو، اتي ڪمزور ٿيڻ سندس اسلام آباد ۾ حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو، ان بعد اهو ڪيس ڪهڙو رُخ اختيار ڪندو ۽ اسلام آباد ۾ حڪومت ڪيترا ڏينهن رهندي، اهي سوال بڻجي ويندا. اها ڏاڍي عجيب ڳالهه ٿيندي ته ماڻهن کي تبديلي، انقلاب، چونڊ جي سرشتي کي عوام جي امنگن مطابق بنائڻ جا خواب ڏيکاريندڙ پڇاڙي ۾ سياسي ايجنڊا کي ڇڏي، ڪرمنل ڪيس داخل ٿيڻ تي اچي بيهندا. ائين سڄي بحران ۾ جنهن سڄي ملڪ کي ايڏي بخار ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ اسلام آباد جي ڪاروهنوار مفلوج ڪري ڇڏيو هو، ان مان عوام کي ڇا ملندو؟ هونئن اهڙي قسم جي ڊيل جي صورت ۾ انهي الزام کي به ڌوئڻ جي ڪوشش ٿيندي ته پارليامينٽ جي ٺهرائن ۽ سياسي پارٽين جي گڏيل موقف کي مڃتا ڏني وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ حڪومت کي هٽائي يا مارشل لا نه لڳائي رهي آهي. بس ڇا ڪجي نواز ليگ جي اڳواڻن خلاف قتل جو ڪيس آهي. معاملي جو هڪ پاسو اهو به آهي، جيئن ميڊيا رپورٽن موجب 90ع واري ڏهاڪي کي کڻي شامل نه ڪجي، پر جنرل مشرف جي وڃڻ کان پوءِ هڪ وزير اعظم يعني گيلاني کي لاٿو ويو. ٻئي وزير اعظم سان چڱي خاصي جُٺ ڪئي وئي ۽ هاڻي ٽئين وزير اعظم کي بي اختيار بڻائي ڇڏيو پيو وڃي. موجوده بحران جي پويان اسٽيبلشمينٽ آهي، جنهن لاءِ تجزيه نگار ۽ ميڊيا ۾ گهڻو ڳالهايو پيو وڃي، ان کي اهو ڪجهه حاصل ٿي چڪو آهي؟ يعني پرڏيهي پاليسي، انڊيا سان تجارت، طالبان سان حڪومت جو رويو، جنرل مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ وارا معاملا طئي به ٿي ويا آهن ته ڇا وزير اعظم نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ جا لاڳاپا دلي طور هڪٻئي لاءِ وڻندڙ رهندا، ان جو گهٽ امڪان لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو هڪ دفعو ٽُٽل اعتبار ٻيهر بحال نه ٿيندو. ٻئي ڌريون هڪٻئي تي شڪ ڪنديون رهنديون ۽ اهو شڪ ٻئي ڌريون پنهنجي نموني دور ڪنديون. بحران جنهن ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، تنهن جو دراصل مستقل حل نه نڪري سگهيو آهي، اهو ڪيئن اُڀرندو رهيو ۽ ان جون ڪهڙيون شڪليون هونديون، سو وقت ٻڌائيندو.

Labels: ,

ڇا اختيار ”پنڊي“ ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن؟ 22 آگسٽ 2014


ڇا اختيار ”پنڊي“ ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن؟
سهيل سانگي
جمع 22 آگسٽ 2014ع
بامقصد ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت کانپوءِ مذاڪرات جون ميزون لڳي ويون آهن. ڪجهه روسامو، ڪجهه ضد ۽ انا، ان سان گڏوگڏ ڇڪ ڇڪان ڀلي هجي، پر ڳالهيون اوير سوير ٿيڻون آهن. انهي سڄي ڊرامي کي ڪٿي ته کٽائڻو آهي. في الحال هڪڙي ڌر تي ئي ڳالهين لاءِ دٻاءُ آهي، پر اهي ڳالهيون تيستائين نه ٿينديون، جيستائين ٻي ڌر کي به سمجهايو نه ويندو. سمجهيو پيو وڃي ته ٻن مارچن ۽ ڌرڻن جو نتيجو هاڻي ميز تي نڪرندو. اتي جيڪو نتيجو نڪري سو نڪري، پر هيستائين ڪجهه نتيجا نڪري چڪا آهن، جن لاءِ ڳالهين جي ميز جو انتظار به نه ڪيو ويو. سڀ کان وڏو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو هن سڄي بحران بعد هاڻي سويلين جو اختيار ۽ اقتدار تي ڪنٽرول نه هجڻ جي برابر بيٺو آهي. اميد هئي ته 2008ع ۾ جنرل مشرف جي وڃڻ بعد ملڪ ۾ سويلين اختيار رائج ٿي ويندو. سمورن سياسي توڙي غير سرڪاري ادارن ۽ ماڻهن گهڻو ڪجهه سکي ورتو آهي. هاڻي اهو اختيار آهستي آهستي پختو ٿيندو ويندو، پر تڏهن اها ڳالهه خوش فهمي ثابت ٿي، جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي دور حڪومت ۾ ان اختيار کي استعمال ڪرڻ لاءِ هٿ پير هنيا. ان کي ميموگيٽ کان وٺي، وزير اعظم کي توهين عدالت جي ڪيس تائين اڌ ڊزن کن واقعن کي ڀوڳڻو پيو. ان بعد اها پارٽي ان ڳالهه تان هٿ کڻي وئي. نواز شريف حڪومت ۾ اچڻ بعد ان معاملي کي ٻيهر کنيو. هن جو خيال هو ته سندس تعلق پنجاب سان آهي، ان ڪري هو بهتر پوزيشن ۾ آهي ته اسٽيبلشمينٽ تي حاوي ٿي وڃي ۽ سويلين اختيار ۽ اقتدار حاصل ڪري وٺي. هن اهڙي ڪوشش پنهنجي گذريل دور حڪومت ۾ به ڪئي هئي، پر اها ناڪام ويئي. نتيجي ۾ کيس حڪومت تان برطرفي، قيد ۽ جلاوطني ملي. هن ڀيري ٻيهر ڪوشش ڪئي وئي ته ملڪ سياسي بحران جو شڪار ٿي ويو. تاريخ ۽ سياست جا شاگرد ڄاڻن ٿا ته دفاعي ادارن جا پنهنجا طور طريقا ۽ ڪلچر هوندو آهي ۽ سندن مائينڊ سيٽ به مختلف هوندو آهي. اڪثر محقق ۽ تجزيه نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته اهي ادارا خارجه پاليسي، دفاعي معاملا وغيره پنهنجي ئي اختيار ۾ رکڻ چاهين ٿا. هو سويلين سياستدانن کي صلاحيتن کان عاري سمجهن ٿا. اهڙو اظهار ماضي ۾ سويلين حڪومتون ختم ڪري، ملڪ ۾ مارشل لا هڻندڙ ڌريون چِٽن لفظن ۾ ڪري چڪيون آهن. پنجاهه کان ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي تائين ملڪ ۾ سڌي مارشل لا لاڳو ٿيندي رهي. نوي جي ڏهاڪي ۾ ايوان صدر ۽ ڪنهن حد تائين عدليا کان ڪم ورتو ويو. هاڻي طريقو تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي اسٽيبلشمينٽ سڌي طرح اچي ۽ مارشل لا هڻي حڪومت ڪرڻ بدران اڻ سڌي طرح حڪومت ڪرڻ جو نئون طريقو اختيار ڪيو آهي. اهو آهي دٻاءُ ۽ سياسي چوائيس، پنهنجون ڳالهيون دٻاءُ وجهي مڃرايو. اها ڳالهه ميڊيا ۾ اچي چڪي آهي ته ڪيئن وزير اعظم بي اختيار ۽ بيوس بڻجي ويو آهي. لاهور ۾ جڏهن اهو مارچ شروع ٿي رهيو هو، اتان کان وٺي اسلام آباد ۾ ڌرڻي شروع ٿيڻ تائين، ان کان ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان وٺي مظاهرين جي پارليامينٽ جي گهيري تائين، ڪيئن حڪومت هدايتون وٺندي رهي ۽ انهن تي عمل ڪندي رهي. معاملا اڳتي وڌندا ويا. اهڙن احتجاجن کي نه حڪومت وقت ائين منهن ڏيندي آهي ۽ نه ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، سو به اهڙي حالت ۾ جڏهن آرٽيڪل 245 لاڳو هجي، جنهن ۾ آرمي کي بي پناهه اختيار به ڏنا ويا هجن. هن سڄي قصي ۾ ڪٿي به حڪومت جي رٽ نظر نٿي اچي، جيڪا قانون جي نفاذ ذريعي ٿيندي آهي ۽ قانون وري ادارن جي ذريعي لاڳو ٿيندو آهي. وزير اعظم پاڻ کي ڪو حڪم جاري ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه پئي سمجهيو يا وري سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ وارو معاملو وچ ۾ پئي ڦاٿو، تنهن ڪري هن ان ۾ ئي بهتري سمجهي ته پهرين معلوم ڪري پئي ورتائين ته جن حڪمن تي عمل ٿي پئي سگهيو، سي حڪم پئي جاري ڪيائين. سويلين اٿارٽي جي ڪمزور ٿيڻ جي اها انتها هئي. هن سڄي قصي ۾ اهو به ٿيو، جو ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين نواز ليگ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اهميت گهٽجي وئي. ان جي ڀيٽ ۾ احتجاج ڪندڙ ڌئونس ڏيندڙ يا ننڍين پارٽين جي اهميت وڌي وئي. مسلم ليگ حڪمران جماعت هئي، پر هو ڪو سياسي انيشيئٽو (تحرڪ) نه وٺي سگهي. هڪ ٻه اعلان ڪيائين، پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. حڪمران جماعت بحران جي شدت جو اڳواٽ اندازو نه ڪري سگهي. جيڪڏهن ٻه ٽي مهينا اڳ جڏهن بحران جي ديڳ چلهه تي چڙهي هئي، تڏهن ڪي سياسي اپاءَ وٺي ها ته معاملو سياسي حدن ۽ سياسي جمهوري ادارن جي دائري ۾ رهي ها. هو سمورين سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي پئي سگهي. سياسي جماعتن جنهن يڪجهتي جو مظاهرو بعد ۾ ڪيو، سي اڳ به ڪري پئي سگهيون. نواز حڪومت سياسي اپاءَ تڏهن ورتا، جڏهن معاملو انتظامي ۽ امن امان جي دائري ۾ اچي ويو هو. پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي ۽ اپوزيشن جي جماعت آهي. مٿس جمهوريت ۽ نظام کي بچائڻ لاءِ وڏيون ذميواريون اچن ٿيون. حڪومت مخالف جماعتون پارليامينٽ ۾ هجن يا پارليامينٽ کان ٻاهر، کيس انهن جي اصولي طور تي اڳواڻي ڪرڻي آهي ۽ حڪومت تي چيڪ ۽ اينڊ بيلينس رکڻو آهي. هڪ اهڙو ميڪنزم ۽ ماحول جوڙي رکڻو آهي، جنهن سان جمهوري ۽ سياسي عمل اڳتي وڌي، پر ٿيو ائين جو اها پنهنجو حقيقي رول ادا ڪرڻ بدران حڪمران جماعت سان چنبڙيل رهي. ان الڳ ۽ پنهنجي طور تي ڪو انيشيئٽو نه ورتو. بحران جي شروع وارن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ رڳو ٻه سياسي بيان (Narrative) هئا، هڪ حڪومت جو ۽ ٻيو عمران خان جو. پيپلز پارٽي جو مکيه سياسي وهڪري ۾ ڪو ذڪر فڪر ئي نه هو. ڪجهه ڏينهن بعد پيپلز پارٽي ڪجهه سرگرميون ڪيون، پر سي به ڀڳل دل سان. ائين ملڪ جي ٻنهي وڏين جماعتن جي هٿن مان Initiative (تحرڪ) نڪري ويو. سندن اهميت به گهٽجي وئي. اهي ٻئي جماعتون اڳتي وڌي ڪا حڪمت عملي، ڪو رستو ٺاهڻ بدران احتجاجي پارٽين جي عمل جي موٽ ۾ روز مره واريون سرگرميون ڪري رهيون هيون. پيپلز پارٽي مصالحتي ڪوششون ڪيون، تڏهن هڪ ته ان جي اڳواڻي جماعت اسلامي ڪري رهي هئي، ٻيو اهو ته ان جو موقف گهڻو چِٽو نه هو. اها چونڊ سرشتي ۾ سڌارن جهڙن مطالبن کي اهميت نه ڏيئي رهي هئي، جن جي عام ماڻهن ۾ بهرحال مقبوليت هئي. ٻئي جماعتون شُڪر ڪن جو عمران خان ۽ علامه قادري ٻئي آمريت جي مخالفت ڪندڙ ماضي رکندڙ نه هئا ۽ نه وري ڪا سندن سڌي طرح عوامي مطالبن لاءِ ڪا جدوجهد هئي، نه ته انهن ٻنهي جماعتن کي ڏاڍي اڪيلائي ڏسڻي پوي ها. هڪ ٻي اهم ڳالهه اها ٿي، جو ٻن ننڍين جماعتن جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي اهميت وڌي وئي ۽ اهي ڳالهين ۽ ثالثي ۾ اڳيان رهيون. هڪ دليل اهو به آهي ته خود اسٽيبلشمينٽ انهن جماعتن کي اهميت نه ڏيئي رهي هئي، بلڪه انهن جي اهميت گهٽائڻ پئي چاهي. ان جي بدران ننڍين جماعتن کي اهميت ڏيئي رهي هئي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته وڏين جماعتن مان اسٽيبلشمينٽ کي خطرو هو يا اعتبار نه پئي بيٺو يا وري انهن جماعتن سان کيس معاملات ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي. اهو به دليل آهي ته پيپلز پارٽي مڪمل طور نواز شريف سان گڏ بيٺي هئي، تنهن ڪري ان کي ڪو ڪردار ڏيڻ يا اهميت ڏيڻ جو معاملو نه پئي جُڙيو. هن بحران جي خصوصيت اها به رهي، جو ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان لاتعلق رهيا، انهن ٻنهي ننڍن صوبن جا اهنج مطالبن ۽ بيانن ۾ آيا ۽ نه ئي وري انهن صوبن ڏي ٻنهي احتجاجي ليڊرن رجوع ڪيو، ڄڻ اها پنجاب جي پنهنجي اندر جي جنگ هئي، پر تبديلي اها پاليسي جي هجي يا حڪومت جي، اسلام آباد ۾ پئي آئي. ان قصي ۾ انهن صوبن جو وزن ئي نه پئي ڳڻيو ويو. ٻنهي ڌرين طرفان پيش ٿيندڙ مطالبن جي مڃتا ۽ سندن تشفي (جيئن هو هوڏ تي بيٺل آهن) تڏهن ممڪن آهي، جڏهن آئين ۾ ترميم ٿيندي. آخرڪار اهي به صوبا پاڪستان جو حصو آهن، اهي ته هن سڄي گوڙ گهمسان جو حصو ئي ناهن، انهن کان پڇڻ بنا ڪيئن ترميمون ڪيون وينديون؟ اها به عجيب ڳالهه آهي ته عمران خان ۽ علامه قادري جي تحريڪن ۾ رڳو سندن حامي ۽ مريد شامل آهن. باقي سمورو ملڪ ٻئي پاسي آهي. يعني نه گراس روٽ عوامي احتجاج آهي، نه مطالبن ۾ سڌي طرح عوامي مطالبو آهي. سياسي طور تي ٻئي ڄڻ اڪيلا آهن، جو سموريون پارٽيون جمهوري عمل کي بچائڻ جي نالي ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. ٻه ڪورٽون سندن مطالبن کي نامناسب ۽ آئين کان مٿڀرا سڏي چڪيون آهن، پر پوءِ به هو اسلام آباد کي گهيريو بيٺيون آهن. حڪومت انهن اڳيان لاچار بڻيو بيٺي آهي. جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جون ڌريون اسلام آباد تي ائين ”حملو“ ڪن ته حڪومت ۽ رياستي ادارن جو اهڙو رويو هوندو؟ بهرحال هن بحران هڪ روايت قائم ڪئي آهي، جنهن کي مدرسن کان وٺي قوم پرستن تائين ڪا به ڌر ايندڙ وقت ۾ آزمائي سگهي ٿي. سياسي گهوٽالي ۾ ميڊيا جو رول به سواليه رهيو. بقول اسان جي سماجيات جي ماهر دوست اڪبر زيدي جي، جيڪڏهن ٽي وي جون ڪئميرائون مارچ ۽ ڌرڻن تان کڄن ها ته اهو انقلاب اتي ئي بيٺو هجي ها. علامه قادري پنهنجي ڪنهن به سياسي ڪيريئر جو ذڪر نه ڪيو آهي، جڏهن ته عمران خان پڪو اميدوار آهي، پر هن به گهڻو ڪجهه وڃايو، اڳي هو لک کن ماڻهو گڏ ڪري وٺندو هو، هاڻي وٽس ڪيترا ماڻهو آهن، سو به هرڪو ڏسي پيو. هي سڄو بحران جنهن کي جدوجهد جو نالو ڏنو پيو وڃي، تنهن جا آخري سين هلي رهيا آهن، تنهن چِٽو ڪري ڇڏيو آهي ته سڄو اسڪرپٽ ڇا هو ۽ ان ۾ ڪير ڇا ڇا هو. جمهوريت اڃا گهڻي ڪمزور آهي. هن سڄي ايڪسرسائيز ٻڌائي ڇڏيو ته جهموري ۽ سياسي ادارا وڌيڪ ڪمزور ٿي ويا آهن. اختيار ۽ اقتدار جماعت اسلامي جي اڳواڻ سراج الحق جي چواڻي ته، اسلام آباد کان پنڊي منتقل ٿي ويا آهن. گادي واري شهر تي ”حملو ڪرڻ“ جي روايت جُڙي آهي. ٻه وڏيون سياسي جماعتون ڪمزور ٿيون آهن. مجموعي نقصان عوام جو ٿيو آهي. لڳي ٿو ته ملڪ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏهاڪو پوئتي ڌڪجي ويو آهي.

Labels: ,

آزادي مارچ جي پويان ”گهڻو ڪجهه“ آهي! 06 آگسٽ 2014ع

آزادي مارچ جي پويان ”گهڻو ڪجهه“ آهي!
سهيل سانگي
اربع 06 آگسٽ 2014ع
ايندڙ چند هفتن ۾ ملڪ وڏي سياسي چرپر مان لنگهڻ وارو آهي. وفاقي حڪومت ۾ پچندڙ کچڻي جي خوشبوءِ ۽ سيڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محسوس ٿي رهيو آهي. تحريڪ انصاف ”آزادي مارچ“ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. عمران خان مُڙڻ لاءِ تيار ناهي، هو هر حال ۾ حڪومت ۽ رياستي ادارن کي امتحان ۾ وجهڻ چاهي ٿو. 

عمران سياسي جنگ ۾ نواز حڪومت کي گهڻو دٻاءَ هيٺ آڻي ڇڏيو آهي پر في الحال لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ هن معاملي کي عمران خان ۽ نواز شريف جي وچ جو مسئلو قرار ڏيئي نواز حڪومت جي پاسي بيهندي نه پئي نظر اچي. عمران خان ڳالهه چئن تڪن ۾ آڱوٺن جي تصديق ۽ ٻيهر ڳڻپ کان شروعات ڪئي، جيڪا اڳتي وڌي گذريل سال وارين سمورين چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ کان ٿيندي، مڊ ٽرم چونڊن تائين پهتي. عمران خان جي هن تحريڪ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا هو چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين جي جاچ، ڌانڌلي وارن تڪن ۾ ٻيهر چونڊ چاهي ٿو يا وچ مدي واري چونڊ چاهي ٿو؟ يا ماڳهين اهو اهي سڌارا چاهي ٿو، جنهن جو ماڻهن کي گهڻو آسرو ڏنو پيو وڃي؟ ان باري ۾ هو پاڻ ڪليئر ناهي، ڇاڪاڻ جو سندس مطالبي ۾ هاڻي نواز شريف حڪومت جي خاتمي واري ڳالهه به شدت سان اچي وئي آهي. اهو مڃڻو پوندو ته عمران خان ملڪ اندر سياسي بحران پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان بحران پيدا ڪرڻ لاءِ نواز ليگ سمورا وجهه کيس فراهم ڪيا، جو نواز ليگ نه ماڻهن کي ڪجهه ڏيئي سگهي ۽ نه ئي گورننس ٺيڪ ڪري سگهي. عمران خان اسلام آباد ۾ وڏو جلسو ڪري وٺي، ان تي نه ڪنهن کي اعتراض هو ۽ نه ئي ڪو شڪ. 
اصل ڳالهه اها آهي ته جنهن ڳالهه کي کڻي هو اهو طاقت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي سا سڄي نظام ۽ جمهوري عمل تي هاڃيڪار اثر ڇڏڻ واري آهي. ان ڪري سياسي حلقن ۾ ان تي ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي. ائين ٿو لڳي ته عمران خان 90ع واري ڏهاڪي ڏانهن وڃي رهيو آهي، جڏهن اپوزيشن حڪمران جماعت خلاف مهم هلائيندي هئي ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اچي حڪومت جو خاتمو ڪندي هئي. اقتدار احتجاج ڪندڙ پارٽي کي ملندو هو. ڇا نواز شريف جي حڪومت کي ٽيون ڀيرو به پنهنجي آئيني مدت پوري ڪرڻ کان اڳ ختم ڪيو ويندو؟ صورتحال اهڙي غير يقيني بڻجي رهي آهي جو حڪومت کان ٻاهر ويٺل سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ پيون گهرن ۽ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ٿيون چاهين. گذريل هفتي تائين معاملو رڳو عمران خان ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ هو ته علامه طاهر القادري به ميدان ۾ ٽپي پيو. عمران خان ۽ علامه قادري جيڪي هڪ ٻئي جي سرگرمين جا مددگار رهيا آهن پر هن ڀيري علامه کي لفٽ گهٽ ڪرائڻ سبب هن عمران جي ڌرڻي کان چار ڏينهن اڳ شهيدن جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ائين علامه، عمران کان گوءِ کڻي ويو. هونئن به تحريڪ انصاف ٻي ڪنهن پارٽي کي پاڻ سان کڻڻ لاءِ تيار ناهي. سمورو ”ثواب“ پاڻ کڻڻ گهري ٿي. ائين عمران خان جيڪو سڄي ملڪ جي سياسي حلقن ۽ ميڊيا جو مرڪز بڻيل هو، تنهن ۾ هاڻي علامه به پنهنجو حصو پتي ڪڍڻ وارو آهي. ايم ڪيو ايم ته گهڻو اڳتي وڌي ڳالهه ڪئي. ان صلاح ڏني آهي ته نواز شريف استعيفا ڏئي. ايم ڪيو ايم تاش جو اهو پتو آهي، جيڪو پيپلز پارٽي هجي يا نواز شريف يا وري مشرف سڀني سان فِٽ آهي. پيپلز پارٽي جيڪا هن کان اڳ جمهوري نظام بچائڻ خاطر نواز شريف جو ساٿ ڏيئي رهي هئي ان به تبديل ٿيل صورتحال ۾ پنهنجو موقف مٽايو ۽ خورشيد شاهه اعلان ڪيو ته هاڻي سندس پارٽي فرينڊلي اپوزيشن جي بدران حقيقي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي. پيپلز پارٽي وٽ في الحال اجاگر ڪرڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج گهرائڻ ۽ ان کي اختيار ڏيڻ وارو معاملو آهي. پر هي ڪمزور پچ وارو مطالبو آهي، جنهن تي اها پارٽي گهڻي دير بيهي ڪونه سگهندي. بهرحال پيپلز پارٽي کي اهڙو موقف وٺڻ ان ڪري به ضروري هو جو ميدان ۾ حڪومت کان پوءِ عمران خان ئي ماڻهن جي زبان تي اچي رهيو هو. پيپلز پارٽي جيڪا ملڪ جي وڏي پارٽي سمجهي پئي ويئي سا ٻئي نمبر کان ڌڪجي ٽئين نمبر تي پئي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه هڪ ئي ساهه ۾ ٻه ڳالهيون چيون ته احتجاج ڪرڻ عمران خان جو حق آهي پر سسٽم ڊي ريل نه ٿيڻ گهرجي. اها ڏاڍي عجيب منطق هئي، ڇاڪاڻ جو عمران خان جي تحريڪ جو منطقي نتيجو حڪومت جي خاتمي تي ٿيڻو آهي. نيون چونڊيون ٿين ٿيون يا نه، چونڊ سڌارا ٿين ٿا يا نه اهو نتيجو پوءِ جو قصو آهي. ان وچ ۾ پيپلز پارٽي ٻه ٻيون اٽڪلون ڪيون، هڪ اها ته صوبائي حڪومت جي سطح تي بجلي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو، ٻيو اهو ته هڪ دفعو وري عوامي نيشنل پارٽي کي پاڻ سان ملائي نظام بچائڻ جو موقف اختيار ڪيو ويو. هلندڙ صورتحال ۾ سنڌ رڳو ٻن موقعن تي پنهنجو اظهار ڪري سگهي آهي، ورنه هن سڄي قصي جي حوالي ۾ ئي نه رهي آهي. پهريون موقعو اتر وزيرستان جي بي گهر ٿيلن جي سنڌ اچڻ خلاف احتجاج هو. هفتي کن جي مظاهرن بعد اهو به ختم ٿي ويو ۽ قوم پرست ڌريون ٿڪجي پيون. ٻيو موقعو پيپلز پارٽي جو بجلي جي کوٽ خلاف احتجاج هو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف کي هٽايو ويندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا ان خلاف ڪو احتجاج، تحريڪ يا هُل هنگامو ٿيندو؟ اسٽيبلشمينٽ وٽ حساب ۾ اها ڳالهه آهي ته سنهو ٿلهو احتجاج پارٽي جي ڪن وفادار ڪارڪنن طرفان ضرور سامهون ايندو. پر اهو ڪنهن تحريڪ جي شڪل اختيار نه ڪري سگهندو. احتجاج نه ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته نواز شريف کي هٽائڻ جي آجيان ڪرڻ لاءِ ماڻهو آتا آهن يا وري اهو ته جمهوري ڌريون ان کي ڪو نقصان نٿيون سمجهن. دراصل اهو جمهوري عمل لاءِ وڏو نقصان ٿيندو پر سياسي ڌريون ان تي تحريڪ ان ڪري نه هلائينديون جو نه نواز ليگ احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار آهي، نه وري نواز شريف جمهوري ڌرين سان ناتا رکيا آهن. مڊ ٽرم چونڊن جو مطالبو ته ڪيو پيو وڃي پر اهي ٿينديون ڪيئن؟ آئين جي موجوده شڪل ۾ اهي چونڊون رڳو ٻن صورتن ۾ ٿي سگهن ٿيون، پهريون اهو ته وزيراعظم صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو مشورو ڏي. ٻيو اهو ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ اسيمبلي منظور ڪري ۽ اسيمبلي ۾ نئون وزيراعظم نه چونڊجي سگهي. هڪ ٽئين صورت به ٿي سگهي ٿي ته اسيمبلي جا اڌ جيترا ميمبر استعيفائون ڏين، ليڪن عمران خان وٽ رڳو 34 ميمبر آهن، جن جون استعيفائون وٺي هو کيسي ۾ وجهڻ وارو آهي. اهو انگ به نئين چونڊن جي شرط کي پورو نٿو ڪري. ان ڪري استعيفا جي ڌمڪي سياسي اٽڪل بازي ته ٿي سگهي ٿي پر ڪا مضبوط ۽ اثرائتي حڪمت عملي نه. جيڪڏهن اهي 34 ميمبر استعيفا ڏين ٿا ته اليڪشن ڪميشن انهن جي تڪن ۾ ڇوٽي چونڊ ڪرائڻ لاءِ تيار ويٺي آهي، جنهن جو هو اظهار به ڪري چڪي آهي. نواز شريف کي هٽائڻ بعد آپشن ڇا آهن؟ ۽ انهن آپشنز ۾ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟ فوج، عمران خان، قادري يا چوڌري برادران، انهن مان ڪنهن وٽ ڪو ٺوس سياسي، معاشي يا سماجي پروگرام ناهي. انقلاب جون ڳالهيون ڪرڻ وارن وٽ ڪا به واضح شڪل ۾ حڪمت عملي نه آهي ۽ نه وري هو عوام کي ان لاءِ ڪجهه ٻڌائڻ چاهين ٿا. اهو انقلاب ڇا هوندو؟ ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ جو ميڪنيزم ڇا هوندي اهڙي ڪا شيءِ ٻڌائڻ جي بدران سڄي ڳالهه کي انقلاب جي چادر ۾ ويڙهي نعري طور پيش ڪيو پيو وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گورننس خراب آهي. فيصلي سازي ۾ پارليامينٽ ۽ ٻيون سياسي پارٽيون شامل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه خود حڪمران جماعت به ان ۾ شامل نظر ڪونه ٿي اچي. اهو به صحيح آهي ته ملڪ ۾ چونڊ سڌارا ٿيڻ گهرجن. پر اهو سڀ ڪجهه ڪهڙي قيمت تي؟ ۽ انهن لاءِ ايڏي تڪڙ ڇو پئي ڪئي وڃي؟ نواز ليگ ۽ ان جا هم خيال ان جو مقابلو ڪيئن ڪندا. ڇا اهو ممڪن آهي ته وزيراعظم قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي پلان جو اعلان ڪري؟ ممڪن آهي ته اهڙي اعلان ۾ ڪجهه دير ٿي ويئي آهي، پر اهو صحيح رُخ ڏي قدم هوندو. جمهوري عمل ۽ تسلسل ضروري آهي. تسلسل لاءِ صبر ۽ تحمل به ضروري آهي. ساڃهه وندن جي انهيءَ شڪ ۾ وڏو وزن آهي ته جيئن سونامي کان آزادي مارچ يا انقلاب تائين جو نعرو هنيو پيو وڃي، يا تاثر ڏنو پيو وڃي، سڀ ڪجهه ائين ناهي. ان جي پويان ٻيو ڪجهه آهي ۽ اهو ٻيو ڪجهه گهڻو ڪجهه آهي، جيڪو جمهوري ۽ سياسي عمل لاءِ ڪنهن به طور تي فائديمند ناهي.

Labels: , ,

عمران خان جو ايندڙ ”شو“ ۽ بحرانن ۾ ڦاٿل حڪومت, 22 جولاءِ 2014ع

سھیل سانگی
عمران خان جو ايندڙ ”شو“ ۽ بحرانن ۾ ڦاٿل حڪومت
اڱارو 22 جولاءِ 2014ع
لڳي ٿو ته في الحال حڪومت بهتر پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، فوج سان تعلقات بهتر ٿي ويا آهن، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي وچ ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٻه ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، پيپلز پارٽيءَ جي قومي اسيمبليءَ ۾ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه عمران خان کي 14 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ بدران جلسو ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو آهي، پر اهو سمورو انتظام عبوري آهي، بلڪه مشروط آهي. ڪجهه شيون حڪومت کي ڪرڻيون آهن، ان بعد آهستي آهستي اهو دٻاءُ گهٽ ٿي سگهي ٿو، ڇا حڪومت اهو سڀ ڪجهه ڪندي؟ عمران خان جو مطالبو ”تارا ٽوڙي ڏيو ۽ سارا آڻي ڏيو“ وانگر هو، اڳي هُو چئن سيٽن تي آڱوٺن جي تصديق جو مطالبو ڪري رهيو هو، هاڻي سندس فرمائشون وڌي ويون آهن، هُو گُذريل سال واري سڄي اليڪشن جي آڊٽ لاءِ چئي رهيو آهي، سندس نئون منطق اهو آهي ته، جيڪڏهن افغانستان ۾ صدارتي چُونڊن جي ٻيهر ڳڻپ ٿي سگهي ٿي، ته پوءِ هتي ڇو نه؟ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداريءَ به هن معاملي ۾ پنهنجو وزن عمران جي هڙ ۾ وڌو آهي ۽ چيو آهي ته، چئن تڪن ۾ آڱوٺن جي تصديق سان ڪو آسمان ڪونه ڪري پوندو، زرداريءَ جي هن بيان بعد سندس پارٽيءَ جي قومي اسيمبليءَ ۾ اڳواڻ خورشيد شاهه عمران خان سان رابطو ڪري کيس اسلام آباد ۾ رڳو جلسو ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي، زرداريءَ جي انهيءَ موقف سان نواز ليگ کي رليف مليو آهي، هوڏانهن آمريڪا طرفان عمران خان کي صرف جلسي ڪرڻ کي جائز سڏيو ويو آهي، پر نواز ليگ کي اهو خوف پنهنجي جاءِ تي آهي ته، عمران خان ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ نئين ويجهڙائي ڪنهن نئين صف بنديءَ جي شروعات ته ناهي؟ هن کان اڳ پيپلز پارٽي مڪمل طور تي نواز ليگ جي سهڪاري ٿي بيٺل هئي، هونئن پيپلز پارٽيءَ کي اها ناراضگي پنهنجي جاءِ تي آهي ته، نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کان پڇڻ بنا ايم ڪيو ايم کي سِيني سان لڳايو. عمران خان پنهنجو شو ڊائون في الحال ملتوي ڪيو آهي يا پنهنجي پوري حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي؟ اها خبر ايندڙ چند ڏينهن ۾ پوندي پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته ها، رڳو مهلت آهي، عمران خان جنهن قسم جو مطالبو ڪيو آهي، ان مان حڪمت عملي تبديل ڪرڻ جي اُميد نٿي رکي سگهجي، حالتون ۽ سياسي منظر تي رونما ٿيندڙ واقعا ٻڌائين ٿا ته، سندس انهن چالن مان کيس ڪجهه ورڻو آهي، جيڪڏهن هو نواز شريف جي حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ٿو، ته ان جو فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ملندو. ها، اهو صحيح آهي ته چئن تڪن تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪُجهه به نه. اُن جو ڪارڻ اهو آهي ته سندس اسٽيبلشمينٽ وٽ بطور وزير اعظم طور مڃتا وارو سوال ڪيترين ئي اگر مگر ۽ رڪاوٽن جو شڪار آهي، ان کان علاوه خان صاحب ”يڪي سر بهادر لکن سان لڙي“ واري حڪمتِ عملي تي هلندو آهي، يعني نه ٻئي ڪنهن سان ٺاهي رکجي ۽ نه ڪنهن کي ساڻ کڻبو. ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي به تڏهن اقتدار ملندو رهيو آهي، جڏهن انهن ٻين سياسي قوتن سان اتحاد، ويجهڙائپ، مفاهمت يا هم آهنگي ڏيکاري. عمران خان گذريل سال جي چونڊن کي تڪراري بنائڻ گهري ٿو، اهي چونڊون کڻي ڪهڙيون به هيون، انهن کي مختلف قُوتن ۽ اقتداري ڌرين جي پُٺ حاصل هئي، جنهن ۾ موجوده سيٽ اپ جو نقشو ڊزائين ڪيو ويو هو، اُنهن چونڊن کي شڪي يا تڪراري بنائڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته، انهن سمورين ڌرين جي مفادن توڙي حڪمت عملي کي چئلينج ڪجي، جنهن ۾ سياسي توڙي غير سياسي ڌريون شامل آهن، اهڙي حڪمت عملي سان به عمران خان اڪيلو ٿي وڃي ٿو، اهو صحيح آهي ته چونڊون انصاف ڀريون ٿيڻ گهرجن پر مسئلو اهو آهي ته، ان سان ملڪ جو سياسي نقشو ئي تبديل ٿي ويندو، اصل ۾ اسان جي حڪمران طبقي بشمول اسٽيبلشمينٽ کي انصاف واريون چونڊون راس اچن، ان ڪري اهي سڀ ڌريون ٽيلر يا انجنيئرڊ ٿيل چونڊن جي حق ۾ هونديون آهن. ملڪ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته، جڏهن به چونڊن کي تڪراري بڻايو ويو آهي، تڏهن گڙٻڙ ضروري ٿي آهي ۽ ملڪ هڪ وڏي سياسي بحران جو شڪار ٿي ويو آهي. 70ع وارين چونڊن جا نتيجا نه مڃيا ويا ته ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ حصو الڳ ٿي ويو، 77ع جي چونڊن کي تڪراري بڻايو ويو ته ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿي ويئي ۽ ضياءَ الحق بنا پيرن جي فقير جيان يارهن سال عوام تي سوار رهيو. 88ع جي چونڊن جو اهو مينڊيٽ ۽ نتيجو نه هو جيڪو ڏيکاريو ويو، ان ۾ به انجنيئرنگ ۽ ڪاريگري ٿيل هئي، ان ڪاريگريءَ جي وسيلي پيپلز پارٽيءَ جي مينڊيٽ کي ننڍو ڪيو ويو ۽ آءِ جي آءِ کي سيٽون ڏئي ڊيل ڪري بينظير ڀٽو کي حڪومت ڏني ويئي. 90ع وارين چونڊن کي انجنيئرڊ چونڊون چيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ بينظير ڀٽو جو چوڻ هو ته، اهي چونڊون چورائجي ويون هيون، انهن چونڊن جي نتيجي ۾ ٺهيل حڪومت به مدت پوري نه ڪري سگهي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، جڏهن به چونڊن کي تڪراري بڻايو ويو، تڏهن اقتداري حلقا، يعني سگهارا هَٿ ان لاءِ شامل رهيا. هاڻي عمران خان 2013ع جي چونڊن کي تڪراري بڻائي رهيو آهي، ان جو فائدو به انهن سگهارن هٿن کي ٿي رهيو آهي، جيڪي ڪيڏي به مهل هٿ ڳنڍي سگهن ٿا. عمران خان اٻهرو آهي، هو پنهنجي اهڙي بي صبريءَ جو ذڪر ذاتي ڪچهرين ۾ به ڪندو رهيو آهي. ڳالهه اها آهي ته، گُذريل چونڊن ۾ جيڪڏهن هو ٻئي نمبر تي رهيو آهي، ته ايندڙ چونڊن جو انتظار ڇو نٿو ڪري، ”چند ووٽن“ جو ته فرق آهي، خيبر پختونخوا ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري اها ڪسر پوري ڪري سگهي ٿو، ڀارت ۾ مودي ۽ سندس پارٽي بي جي پي به اهڙي حڪمت عملي جوڙي هئي، گجرات ۾ مودي پاران ڏيکاريل ڪارڪردگي ۽ گڊ گورننس کي عام چونڊن ۾ ڪيش ڪيو ويو. عام ڳالهه اها آهي ته پنجاب ۾ عمران ٿورڙو پوئتي رهجي ويو آهي، هُو 2018ع جو انتظار ڇو نٿو ڪري. سياسي طور گرم موسم ۾ مشرف جو بيان به وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ هن تجويز ڏني آهي ته، فوج جي حمايت سان چند سالن لاءِ عبوري حڪومت ٺاهي وڃي، جيڪا سڀ ڪجهه درست ڪري وٺندي، حڪومت تي ٽي طرفا دٻاءُ آهن، اها انهن مان ڪيئن نڪري؟ کيس قادري ۽ عمران خان کي مُنهن ڏيڻو آهي، ساڳئي وقت وفاقي ادارن کي خوش ڪري پنهنجي پوزيشن مضبوط به ڪرڻي آهي، لڳي ٿو ته قادري ۽ عمران خان ڪا نرمي ڪرڻ وارا ناهن، هُو ”ساهي پٽي ٻيهر روئڻ“ شروع ڪندا، ها اهو ٿي سگهي ٿو ته، حڪومت جيڪڏهن آصف زرداريءَ جو پتو صحيح طرح سان کيڏي، ته في الحال انهن ٻن انقلابين مان مهلت ملي ويندي، مطلب ته ضمانت ٿي سگهي ٿي، زرداري، خورشيد شاهه جي ذريعي هڪ قدم اڳتي وڌايو آهي ۽ سڀني کي باور ڪرايو آهي ته، ”هو ڪم جو ماڻهو آهي“ هو قادري جي سلسلي ۾ به قدم وڌائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو قادري جي ”خندق جا ساٿي“ چوڌري برادران گذريل دور ۾ سندس اتحادي ۽ حڪمت عملي جو حصو رهيا آهن، وڌيڪ اهو ته اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ جو مشرف جي باري ۾ بيان به اهڙو رستو کولي چڪو آهي، سوال اهو آهي ته، پيپلز پارٽي هن پرائي قصي ۾ هروڀرو ڇو پوي؟ بروڪر ڇو بڻجي؟ اهو پيپلز پارٽي توڙي نواز ليگ لاءِ به سوال آهي، ٽيون ۽ اصلي دٻاءُ اسٽيبلشمينٽ جو آهي، ڇا اسٽيبلشميٽ نواز شريف کي اهو سمجهائي وٺندي ته، هو ڪم سان ڪم رکي ۽ پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري، نه ته ٻي صورتحال لاءِ تيار رهي؟ هتي به ٻه سوال آهن، ڇا نواز حڪومت کي 99ع وانگر تختو اونڌو ڪري يا 93ع واريون ڌمڪيون ڏئي هٽائي سگهجي ٿو؟ ٻنهي طريقن جا پنهنجا پنهنجا نقصان آهن، جيڪي ڪنهن به طرح ڪي مثبت ناهن، ڪنهن ٽئين رستي جي ڳولا آهي، ڇا فوج سڌيءَ طرح حڪومت جون واڳون اچي سنڀالي؟ پر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ هلندڙ فوجي ڪارروائيءَ جي پيشِ نظر اهو ممڪن ناهي، هڪ ته فوج جي سڌيءَ طرح اقتدار سنڀالڻ سان ان جو ڌيان انهن ڪاررواين تان هٽي ويندو، ٻيو اهو ته خود انهن فوجي ڪاررواين کي سياسي حمايت جي اشد ضرورت آهي، يا اهو ته مڊٽرم چونڊون ٿي سگهن ٿيون؟ پر پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ مخدوم امين فهيم چوي ٿو ته، مڊٽرم چونڊون نه پيون ٿين. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته، مڊٽرم جو آپشن صرف ان شرط تي ٽري سگهي ٿو، جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي پتي رکڻ بنا ان پس منظر ۾ پنهنجو رول ادا ڪري، ڇا نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي اهو ڏيڻ ۽ پيپلز پارٽي اهو رول ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟

Labels: ,

حڪومت – اسٽيبلشمينٽ وڇوٽين جو عمران ۽ قادري کي فائدو ٿيندو؟ 02 جولاءِ 2014


سھیل سانگی
حڪومت – اسٽيبلشمينٽ وڇوٽين جو عمران ۽ قادري کي فائدو ٿيندو؟ اربع 02 جولاءِ 2014ع
ملڪ ۾ لڳاتار اهڙا ۽ ايترا واقعا رونما ٿي رهيا آهن، جو عام ماڻهو ته ڇڏيو پر چڱي خاصي پڙهيل لکيل ماڻهن کي به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته صورتحال ڇا ٿيڻ واري آهي؟ ڪهڙي واقعي جو اڳ وارن واقعن سان ڪهڙو تعلق آهي؟ هڪ ئي وقت ڄڻ ٽي چار قسم جا وهڪرا وهي رهيا آهن. ان معاملي کي ميڊيا وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪنهن ننڍي واقعي کي وڏو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو يا اينڪرپرسن ان جي تشريح ڪجهه اهڙي ڪن ٿا، جو اصل حقيقتون گم ٿي وڃن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو ملڪ جي حاڪم طبقن جي پاڻ ۾ ايڊجسٽ مينٽ نٿي ٿئي. ڪنهن کي اقتدار ۽ اختيار توڙي وسيلن ۾ ڪيترو حصو ملڻ گهرجي، ان جو ڪو پائيدار حل ۽ نظام به موجود ناهي. اقتدار، اختيار ۽ معيشت جي پراڻي ورڇ ڪيئي ڀيرا رد ٿي چُڪي آهي، پر هاڻي جاگيردار، واپاري يا صنعتڪار پنهنجون شڪليون تبديل ڪري ڇڏيون آهن. خود انهن طبقن ۾ به ڪجهه نوان گروپ سامهون آيا آهن. ائين نوان طبقا، نوان سياسي ۽ معاشي مظهر سامهون آيا آهن، جيڪي نه رڳو پنهنجي اڪوموڊيشن گهرن ٿا، بلڪ پنهنجو ”صحيح“ حصو پتي به گهرن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ بحراني صورتحال بڻيل آهي ۽ ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کليل شڪل ۾ نظر اچي ٿو. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ ان ٽڪراءَ کي حل ڪرڻ جو ائين ئي وڏو نسخو هو، جيئن 1973ع وارو آئين ڪنهن زماني ۾ هو. بدليل صورتحال ۾ نئون آئين ڏيڻ بدران چارٽر آف ڊيموڪريسي جو رستو اختيار ڪيو ويو، پر هن نسخي ۾ ٻه اهم ادارا عدليه ۽ عسڪري ڌر ٻاهر هئا، ٽيون اهم شعبو ميڊيا جو هو، سوبه ڄڻ هن نسخي ۾ شامل نه هو. مشرف جي اقتدار ۽ ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ هن نسخي تي دٻاءُ پوڻ لڳو، جيڪي ڌريون توڙي ادارا هن نسخي کان ٻاهر رهجي ويا، هئا، تن زور لڳائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي پراڻي حيثيت جي بحالي يا فارمولي ۾ پنهنجي لاءِ “مناسب جڳهه“ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. مختلف لاهين چاڙهين جي باوجود پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ان قصي ۾ هڪ صفحي تي رهيون. گذريل سال جون چونڊون جيڪي هاڻي ڪنٽرولڊ چونڊو چيون وڃن ٿيون، تن هڪ نئين صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. عمران خان جو فيڪٽر مينڊيٽ سان سامهون آيو، جيڪو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ طئي ٿيل گيم جو حصو نه هو. ظاهر آهي ته اهو ڪمال انهيءَ فارمولي کان ٻاهر رهجي ويل ڌرين جو هو. ائين اهي ڌريون گڏ ٿيڻ لڳيون، جيڪي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي خلاف هيون. انهن ڌرين جي گڏ ٿيڻ علائقي ۾ بدلجندڙ صورتحال ۽ طالبان جي وڌيل رول جي ڪري ملڪ ۾ ساڄي ڌر جي ردِ عمل (رائيٽ ري ايڪشن) جو خطرو وڌي ويو. بهرحال ساڄي ڌر جون اهي قوتون اڃا تائين ڪنهن اهڙي ٺاهه تي متفق نه ٿي سگهيون آهن، انهن جا مفاد ان حد تائين گڏيل آهن، جيستائين جو موجوده حڪومت ۽ ان سان گڏوگڏ هن سيٽ اپ کي تبديل نه ڪري وٺن. اهي قوتون اختيارن جي ورڇ مهل ماڳهين هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ان ڪري عمران خان، چوڌري برادران ۽ علامه قادري جو هڪ ٻئي سان تعاون ضرور آهي، پر اتحاد ڪونهي. ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کليل نموني هلندڙ سال تڏهن سامهون آيو، جڏهن مشرف جي جان ڇڏڻ وارو سوال ٿيو. پر هن ٽڪراءَ جو سبب رڳو مشرف نه هو، ڪجهه ٻيا سبب ۽ مظهر به ڪارڻ هئا. مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ آءِ ايس آءِ جي ڀيٽ ۾ جيو جو ساٿ ڏيڻ، اتر وزيرستان ۾ آپريشن شروع نه ڪرڻ ۽ انڊيا سان واپار وارن معاملن تي دفاعي ادارو ۽ نواز حڪومت هڪ ٻئي کان پري بيٺل رهيا. ان مان اهو تاثر اڀريو ته فوج سڌي يا اڻ سڌي طرح اقتدار تي قبضو ڪرڻ گهري ٿي، يا پنهنجي من پسند ماڻهن تي ٻڌل نگران حڪومت جوڙڻ گهري ٿي. پر اهو تاثر درست نه هو، ڇاڪاڻ جو نه پنجاب پنهنجي قيادت تبديل ڪرڻ پيو گهري ۽ نه ئي وري دفاعي ادارا گذريل سال جي چونڊن ۾ جيڪو ”اتفاق راءِ“ پيدا ٿيو آهي، تنهن کي ختم ڪرڻ گهرن ٿا. ها اهو ضرور آهي ته فوج پنهنجي حيثيت ضروري رکڻ ۽ مڃائڻ گهري ٿي، پر انهي اتفاق راءِ کي ٽوڙڻ جي قيمت تي نه- جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هيستائين اهو سڀ ڪجهه ٿي چڪو هجي ها، جنهن جو خدشو ڏيکاريو پئي ويو. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ سافٽ پاور جي اصول تي عمل پيرا آهي. اها پردي جي پويان رهي معاملا هلائڻ گهري ٿي (ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪي ڌريون ۽ ڪردار گهربل هوندا آهن). اها سول حڪومت کي پنهنجي حدن ۾ رکڻ ۽ فيصلا پنهنجي تابع رکڻ گهري ٿي. اهو ئي جديد دور جو ڏاڍو آزمايل فارمولا آهي، جنهن زرداري دور ۾ به ڏاڍا سٺا نتيجا ڏنا- زداري کي اهو فارمولا پيپلز پارٽي جي ماضي جي تجربي ۽ سندس تعلق پنجاب مان نه هجڻ يا پنجاب ۾ سندس نمائندگي نه هجڻ ڪري سمجهه ۾ اچي ويو. نواز شريف کي اها ڳالهه وري دير سان پئي سمجهه ۾ اچي. اسٽيبلشمينٽ جي انهيءَ حڪمت عملي جي پويان دفاعي اداري جي قيادت جي ڏاهپ پنهنجي جاءِ تي، پر ڪي زميني حقيقتون به آهن (1) علائقي جي حالتن، ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي ۽ طالبان واڌو ٻن صوبن ۾ رياست کان دوري جي تحريڪن جي ڪري بهرحال دفاعي اداري کي سياسي اتفاق راءِ، رياستي ادارن ۽ ميڊيا جي حمايت جي ضرورت آهي. ان لاءِ سياسي نظام يعني چونڊيل حڪومت ضروري آهي، پوءِ کڻي ان حڪومت تي سئو تهمتون ڇو نه هجن. ظاهر آهي ته انهيءَ ڪم لاءِ عمران خان هجي يا طاهر القادري ٻنهي مان ڪو به فٽ ڪونه ٿو بيهي. دفاعي ادارا ملڪي سالميت وغيره جي حوالي سان ڪجهه مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. ان حڪمت عملي مطابق سياسي جماعتن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۽ قومي ادارن مان عدليه ۽ ميڊيا کي ٻاهر رکي اهي مقصد حاصل نٿا ڪري سگهجن. عمران خان ۽ قادري سياسي تقسيم جا حامي آهن، جڏهن ته هتي سياسي اتحاد گهربل آهي. وڌيڪ اهو ته عمران خان سمورين ڪوششن باوجود ملڪ گير يا مين اسٽريم جي پارٽي نه بڻجي سگهيو آهي. وڌ ۾ وڌ سندس تماشائي طبعيت مين اسٽريم پريشر گروپ جي شڪل اختيار ڪئي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وڌيڪ اهم آهن. علامه قادري جي آچر ڏينهن لاهور ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس به ان کي وڏي سياسي وهڪري ۾ شامل نه ڪري سگهي، پر ڪانفرنس آل پارٽيز جي بدران اسٽبلشمينٽ جي اڳواڻن ۽ اتحادين جي ڪانفرنس بڻجي وئي. قومي سياسي وهڪري جي ٻن مکيه پارٽين يعني نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان گڏوگڏ اي اين پي ۽ جي يو آءِ به ان ۾ شريڪ نه ٿيون. ٻيو اهو ته عمران خان پڻ علامه قادري سان گڏ هلڻ کان لنوائي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هو ڪنهن به ”انقلاب“ ۾ ثانوي پوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي. عمران خان هڻي هڻي هاڻي ان هنڌ تي وڃي بيٺو آهي ته موجوده حڪومت جو خاتمو اچڻ گهرجي ۽ نيون چونڊون ٿيڻ گهرجن، پر هو علامه قادري جي غير آئيني اپاءَ کان پاڻ کي پري رکي ٿو. بهرحال هو اهو سمجهي ٿو ته علامه قادري موجوده يا پيپلز پارٽي-نواز ليگ فارمولي کي ٽوڙڻ ۾ ڪم اچي سگهجي ٿو. هو اهو ڪم ڪري سگهي ٿو جيڪو 9 ستارن واري پاڪستان قومي اتحاد جي تحريڪ ضياءُ الحق لاءِ ڪيو هو. ان کي سنجيدگي وچان يا کل ڀوڳ ۾ تجزيه نگار چون ٿا ته علامه قادري جو وزيراعظم عمران خان آهي. لڳي ٿو ته عمران خان پنهنجو رول تبديل ڪيو آهي. تجزيه نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيتوڻيڪ هو پنڊي جي پيداوار آهي، پر پوءِ به هاڻي هو ڪجهه پنهنجون ڳالهيون به ڪرڻ لڳو آهي. ان حد تائين ته ٺيڪ آهي ته عمران خان جا اڪثر قدم عسڪري ڌرين کي فائدو ڏين ٿا، پر اهو نٿو لڳي ته اهي عسڪري ڌريون عمران خان کي وزيراعظم به بڻائي وٺنديون. اڄ جي عسڪري اسٽيبلشمينٽ آئيني، قانوني، سياسي ۽ سماجي صورتحال ۾ انتهاپسندن کان پاسو ڪري ٿي، ڇاڪاڻ جو هو انهن معاملن ۾ انتهاپسندي ڏي وڃي نه ٻين کي ۽ نه ئي وري پنهنجو پاڻ کي امتحان ۾ وجهڻ گهري. هو نظام ۾ پنهنجي طاقت برقرار رکڻ چاهي ٿي، ان لاءِ حڪومت توڙي ٻين ڌرين کي داٻي ۾ ضرور رکڻ گهري ٿي.

Labels: , ,

چونڊن واري نظام ۾ سڌارا ۽ اليڪشن ڪميشن جي خودمختياريءَ جو سوال 15 مئي 2014ع

چونڊن واري نظام ۾ سڌارا ۽ اليڪشن ڪميشن جي خودمختياريءَ
سھیل سانگی
خميس 15 مئي 2014ع
ملڪ اندر چونڊ سڌارا بحث جو موضوع بڻجي ويا آهن. مخالف ڌر جي پارٽين کان وٺي حڪومت تائين ايتري قدر جو خود اليڪشن ڪميشن به ساڳئي خيال جو اظهار ڪيو آهي. عمران خان پنجاب جي 65 تڪن تي ڌانڌلي جو الزام کڻي نڪتو، پر پوءِ رڳو 4 تڪن جي مطالبي تي اچي بيٺو، ان سان گڏ هن موجوده اليڪشن ڪميشن کي ٽوڙڻ جو به مطالبو ڪيو. 
عمران خان جي مطالبي کي پيپلز پارٽي ۽ حڪمران جماعت نواز ليگ چونڊن واري نظام ۾ سڌارن جي ڳالهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير احسن اقبال قومي اسيمبليءَ ۾آڇ ڪئي ته،”حڪمران جماعت سمورين پارٽين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ لاءِ تيار آهي.“ جيڪا چونڊ سڌارن بابت سفارشون ٺاهڻ، مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه وري اپوزيشن جي پارٽين کي هن نقطي تي گڏائڻ لاءِ باقاعده اجلاس گهرائڻ جي رٿ ڏني آهي. مطلب ته ملڪ جون به مکيه پارٽيون نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي عمران خان جي الزام کي اهو رنگ ڏيڻ ۾ ڪامياب ويون ته، جيڪڏهن ڪا ڌانڌلي ٿي آهي ته ان جو ڪارڻ سسٽم ۾ موجود نقص آهن. 

قصو ڪنهن ٻن چئن تڪن يا گذريل سال وارين چونڊن جو ناهي، اهو معاملو مستقبل ۾ ٿيندو رهندو، ان ڪري ان جو مستقبل جي بدران مستقل ڪو بندوبست ڳولجي. هوڏانهن پيپلز پارٽي، سول_ ملٽري ڇڪتاڻ ۾سول حڪومت جو پاسو کنيو هو، تنهن پڻ ضروري سمجهيو ته اها پاڻ کي حڪومت کان ٿورو وڇوٽي تي رکي ته متان فرينڊلي اپوزيشن جو نه الزام لڳي. واڌو اهو ته اسلام آباد واري شو بعد بحث جو موضوع عمران خان بڻيل هو. 
ان صورت ۾ سياسي معنائن ۾ ڄڻ پيپلز پارٽيءَ کان مخالف ڌر واري حيثيت کسجي پئي وئي، ان ڪري ان ضروري سمجهيو ته اها هن منظر ۾ ڪا سرگرمي ڪا چر پر ڪري، ان ڪري پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ خورشيد شاهه چونڊ سڌارن لاءِ اپوزيشن جي ميٽنگ گهرائڻ سان گڏ اهو به مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي استعيفا ڏيڻ گهرجي. 

ان ڏس ۾ هڪ وڌيڪ سرگرمي اها ٿي آهي، جو تحريڪ انصاف ۽ قاف ليگ پنهنجو گڏيل اجلاس ڪيو آهي، جنهن ۾ چونڊ سڌارن بابت ويچاريو ويو آهي، اهو اجلاس سياسي موقف ۾ هڪ جهڙائي رکندڙ پارٽين ان ڪري به ڪيو، ته جيئن پاڻ کي پيپلز پارٽيءَ کان الڳ ظاهر ڪري سگهن ۽ هڪ حد تائين پيپلز پارٽيءَ کي اڪيلو ڪن. ورنه اليڪشن ڪميشن ۽ چونڊ سڌارن بابت جيڪو موقف پيپلز پارٽيءَ هاڻي اختيار ڪري رهي آهي، سو تحريڪ انصاف يا قاف ليگ جي موقف کان ڪو گهڻو مختلف ڪونهي. اليڪشن ڪميشن تبديل ڪرڻ جي حوالي سان خود اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جو به موقف آيو آهي. 
اليڪشن ڪميشن جي گذريل ڏينهن واري اجلاس ۾ ان معاملي تي ويچار ڪرڻ بعد اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي جوڙ جڪ چونڊيل اداري پارليامينٽ جي ذريعي هڪ سڄي پروسيس سان عمل ۾ آئي آهي، جنهن کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي. اهو صرف آئين جي آرٽيڪل 209 جي تحت ٿي سگهي ٿو، جنهن موجب ميمبرن بابت ريفرنس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ويندو. اجلاس ۾ اهو به موقف رکيو ويو ته خود سپريم ڪورٽ ٻه مهينا اڳ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن تي اعتماد جا ريمارڪس ڏئي چڪي آهي. 
اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين توڙي ميمبر سپريم ڪورٽ/ هاءِ ڪورٽ جا حاضر سروس جج آهن. جڏهن انهن کي اليڪشن ڪميشن مان هٽائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته، ان جو مطلب اهو ٿيندو ته پهرين کين بطور جج جي هٽايو وڃي. اليڪشن ڪميشن ۾ تبديلي بابت حڪومت جو موقف به اهو آهي ته ان کي ٽوڙي نٿو سگهجي. 
پاڪستان جو سياسي توڙي چونڊن وارو نظام اهڙو رهيو آهي، جو ذري گهٽ سمورين چونڊن بابت مختلف وقتن تي سياسي ڌريون عدم اعتماد جو اظهار ڪنديون رهيون آهن. ٿيندو ائين رهيو آهي جو سواءِ چونڊون کٽيندڙن جي ٻين کي اهي نتيجا قبول نه هوندا آهن، ساڳي صورتحال گذريل مئي وارين چونڊن جي آهي. چونڊن کان پوءِ جيڪي احتجاج ٿيا، تن جو پڙاڏو اڃا تائين فضائن ۾ گونجي پيو. نواز ليگ کي ڇڏي، باقي سمورين جماعتن يعني پيپلز پارٽي، قاف ليگ، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم انهن چونڊ نتيجن کي اڳواٽ رٿيل قرار ڏنو. چونڊن جي هڪ سال کانپوءِ هاڻي عمران خان رستن تي نڪري آيو آهي. پتو پيو آهي ته پيپلز پارٽي چونڊن بابت ”ڪچو چٺو“ (وائيٽ پيپر) شايع ڪرڻ ڏي پئي وڃي. 
مطلب ته واقعي ڪابه پارٽي چونڊن جي موجوده نظام مان خوش ناهي. خود اليڪشن ڪميشن به ان ۾سڌارا آڻڻ گهري ٿي. گذريل سال تڏهوڪي چيف اليڪشن ڪميشن فخر الدين جي ابراهيم جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ سفارش ڪئي وئي هئي ته اهڙو قانون جوڙيو وڃي، جو اليڪشن ڪميشن ڀارت جي طرز تي بااختيار هجي. 
فيبروري 2013ع ۾ گذريل پارليامينٽ ۾ اهڙو بل به پيش ڪيو ويو هو، پر ان کي اڳتي نه وڌايو ويو، شايد ان بل ۾ حڪومت ۾ ويٺل ڌرين جي ڪا دلچسپي نه هئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي جو نئين پارليامينٽ کي وجود ۾ آئي سال ٿي ويو آهي، پر اهو بل ٻيهر جيئرو نه ڪيو ويو آهي. هن بل جي خاص خاص ڳالهين ۾ چونڊن واري عمل ۾ مداخلت ڪرڻ يا ان جي شفافيت ۾ رڪاوٽ وجهڻ تي اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري يا آءِ جي پوليس کي به معطل ڪري سگهي ٿي. 
هاڻي اليڪشن ڪميشن 13 نقطن وارو هڪ اسٽريٽجڪ پلان سمورين پارٽين ۽ سول سوسائٽي توڙي پارليامينٽ جي سمورين ڪميٽين کي موڪليو آهي ۽ کين چيو آهي ته، ”ڪي ٺوس يا قابل عمل تجويزون ڏنيون وڃن“. ڀارتي اليڪشن ڪميشن جي بااختيار هجڻ جو جهجهو حوالو ڏنو پيو وڃي. ڪالهه هڪ انگريزي اخبار ۾ انڊيا جي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر مسٽر قريشي جو ڏاڍو ڇرڪائيندڙ انٽرويو ڇپيو آهي. ان سان گڏ اها خبر به ته انڊيا ۾ آرمي چيف جي مقرري لاءِ اليڪشن ڪميشن کان منظوري ورتي ويئي آهي. اهو ان ڪري جو ملڪ اندر چونڊون ٿي رهيون هيون. اڳوڻي لوڪ سڀا جو مدو پورو ٿي چڪو هو، ان ڪري حڪومت پنهنجي پاڻ کي اخلاقي طور ان قابل نه پئي سمجهي، جو آرمي چيف جي مقرري ڪري، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کان پڇيو ويو. 

ڳالهه مسٽر قريشي جي انٽرويو جي پئي هلي، هن جو چوڻ آهي ته، ”چونڊن جي اعلان کانپوءِ چونڊن جي عمل سان واڳيل ڪو به عملدار، گورنر، وزير اعلى يا وزير اعظم وغيره سان نه ملي سگهي ٿو ۽ نه فون تي ڳالهائي سگهي ٿو.“ اڃا به مزيدار ڳالهه اها چئي آهي ته، ”چونڊن لاءِ عملي جي مقرري بابت باقاعده جاچ ڪئي ويندي آهي ۽ شڪايتون ٻڌيون وينديون آهن ۽ ان عملي جي مقرري ۾ ڪنهن به سياسي جماعت يا حڪومتي عهديدار جي نه ٻڌي ويندي آهي. اليڪشن ۾ ٿيندڙ خرچ بابت هر اميدوار لاءِ لازم آهي ته اهو ان بابت الڳ اڪائونٽ کولي.“ 

واڌو اهو ته اليڪشن ڪميشن اميدوار جي استعمال ايندڙ مختلف شين جا اگهه به پاڻ وٽ رکندي آهي ۽ سختيءَ سان اليڪشن بابت قانون ۽ قاعدن تي عمل ڪرائيندي آهي. اتي فوج ته اليڪشن واري عمل کان ڪوهين ڏور هوندي آهي، پر اسان وٽ تيستائين سياسي جماعتن کي سڪون نه ايندو آهي، جيستائين ووٽرن جي داخلا کان وٺي پولنگ تائين ۽ هاڻي ته پولنگ اسٽيشن جي اندر به فوج ٿي بيهاري وڃي. يعني اسان وٽ ٻن اهم ادارن فوج ۽ عدليه کي چونڊن جي عمل ۾ شامل رکيو ويندو آهي، بلڪه انهن کي فري هينڊ ڏنو ويندو آهي، پر پوءِ به شڪايتون ئي رهنديون آهن. 
اليڪشن ڪميشن جو خودمختيار هجڻ بايو ميٽرڪ سسٽم ذريعي ووٽنگ، چونڊن جي قانون ۽ قاعدن ۾ سڌارا ۽ سختي ۽ انهن تي مڪمل عمل تمام ڀلي ڳالهه آهن. سوال اهو آهي ته ڇا اسٽبلشمينٽ اليڪشن ڪميشن کي ايتري خود مختياري ڏيڻ ۽ قاعدن قانونن تي ايترو عمل ڪرڻ جي اجازت ڏيندي؟ چونڊ سڌارا ٿيڻ گهرجن، اها بنيادي طرح سان هاڻي حڪومت جي ذميواري آهي. هن وقت جڏهن سڄو اهڙو ماحول جڙيوآهي ته ان نيڪ ڪم ۾ هٿ وجهڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي.

Labels: , , , ,