Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

بجليءَ جو بحران ۽ نواز ليگ طرفان ڪالاباغ ڊيم تي ٿيندڙ سياست 25 آگسٽ 2013ع

 بجليءَ جو بحران ۽ نواز ليگ طرفان ڪالاباغ ڊيم تي ٿيندڙ سياست

آچر 25 آگسٽ 2013ع

حڪمران جماعت نواز ليگ وري ورجايو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ان جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. پاڻي ۽ بجليءَ واري وزير خواجه آصف ۽ بعد ۾ مملڪتي وزير شير علي قومي اسيمبلي ۾ اعلان ڪيو ته سندس پارٽي اهو ڊيم ضرور ٺاهيندي. ان کان اڳ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور به ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته هاڻي بال عمران خان جي ڪورٽ ۾ آهي، جنهن جي پارٽي  جي خيبرپختونخوا ۾ حڪومت آهي. پنجاب سمجهي ٿو ته ملڪ جي موجوده صف بندي ۾ هي بهترين موقعو آهي، جو هو اهو تڪراري منصوبو شروع ڪري سگهي ٿو. پنجاب سان واسطو رکندڙ نواز ليگ جي انهن اڳواڻن وري به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي ته هن ڊيم لاءِ اتفاق راءِ جوڙڻ ضروري آهي. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته نواز شريف هڪ اهڙي موقعي تي اهو تڪراري معاملو اٿاريو آهي، جڏهن قوم دهشتگردي ۽ امن امان جي صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي، جنهن لاءِ ٻڌيءَ جي ضرورت آهي. لوڊ شيڊنگ، مهانگائي، بدامني، معيشت جي بدحالي، ڪرپشن جي خاتمي وارن معاملن ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
 
هر ڪو ڄاڻي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم تي نه اتفاق راءِ پيدا ٿي سگهندو ۽ نه وري فوري طور تي رقم موجود آهي، جيڪڏهن لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو خواب ڏيکاري هن ڊيم جي اڏاوت جو ڪم شروع به ڪجي ته ان کي ڏهه سال لڳي ويندا. ڪٿي ائين ته ناهي ته حڪومت بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ واري دعوا کان ڀڄڻ لاءِ اهو تڪرار اٿاري رهي آهي ته جيئن ماڻهن کي اهو ٻڌائي سگهي ته جيڪڏهن ڊيم ٺاهڻ ڏنو وڃي ها ته مسئلو ئي حل ٿي وڃي ها. جيستائين اتفاق راءِ جي ڳالهه آهي ته اهو ڪيئن پيدا ٿيندو؟ جوڻيجو کان وٺي جيڪي به حڪومتون آيون، تن سڀني ان ڊيم لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. خود نواز شريف به گذريل دور ۾ ڊيم جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ ۽ پختونخوا جي ڀرپور احتجاج بعد اهو معاملو ٺپ ٿي ويو. ماڳهين چند مهينن کانپوءِ سندس حڪومت ئي ختم ٿي ويئي. جنرل مشرف پڻ ڀرپور مشق ڪئي هئي، پر ڳالهه اڳتي نه وڌي سگهي. عوامي نيشنل پارٽي هن ڊيم جي شروع کان مخالف رهي آهي. ولي خان اها ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن اهو ڊيم ٺاهيو ويو ته هو پنهنجي پيٽ سان بم ٻڌي ڊيم ۾ ٽپو ڏيندو. اسفند يار ولي چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن. عمران خان جي پارٽي جي وزير اعلى پرويز خٽڪ چٽيءَ طرح چيو آهي ته هو هن ڊيم جو مخالف آهي. سنڌ ۾ سموريون پارٽيون ويندي جماعت اسلامي ۽ نواز ليگ تائين هن ڊيم جون مخالف آهن. سنڌ جو موقف اهو آهي ته ان موضوع تي ڳالهه نه ٿيندي. بلوچستان کي به هن ڊيم تي تحفظات آهن. ٽن صوبن جون اسيمبليون وقت بوقت هن منصوبي خلاف ٺهراءُ پاس ڪري چڪيون آهن. يعني خاص ڪري سنڌ ۽ پختونخوا ۾ چاهي ڪنهن به پارٽي جي حڪومت هجي، اها ڊيم جي مخالفت ئي ڪندي. ڇا اهڙي صورت ۾ اتفاق راءِ جو سوچي سگهجي ٿو، جنهن جي نواز ليگ ڳالهه ڪئي آهي. پيپلز پارٽي جي گذريل دور حڪومت ۾ قومي اسيمبلي به هن ڊيم خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي، انهن سڀني لڳاتار مخالفتن ۽ اعتراضن جي باوجود هن منصوبي کي کوٽي ڪڍيو ويو آهي.گذريل دور حڪومت ۾ هن ڊيم لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويو. هن فني ۽ سياسي معاملي کي عدليه جي ايڪٽو ازم ذريعي اڪلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
 
جڏهن اها صورتحال هجي جو هڪڙو صوبو چوندو هجي ته ڊيم کي بم سان اڏايو ويندو، ٻيو صوبو اهو چوي ٿو ته اهو ڊيم لاشن تي ٺهي سگهي ٿو ته ڇا اهڙو ڊيم ٺهي سگهي ٿو؟ يا اهڙي تڪراري منصوبي کي هٿ وٺي اٿارڻ ڪو ڏاهپ جو ڪم آهي؟ حڪومت ڪن معاملن کان بچڻ گهري ٿي يا توانائي جي وسيلن گيس، تيل، بجلي وغيره جي استعمال جي ورڇ اهڙي انداز سان ڪرڻ گهري ٿي، جو ان مان پنجاب کي فائدو پهچي. ان لاءِ ڪالاباغ ڊيم جو اشو کڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن خاص ڪري سنڌ کان اها ڳالهه مڃائي وڃي ته اها گيس، تيل ۽ بجلي جي نئين سر ورهاست بابت ڪو اعتراض نه ڪري. اصل ۾ نواز شريف ڪالاباغ ڊيم تي سياست به ڪرڻ چاهي ٿو. اڄ جي صورتحال ۾ هن رٿا کڻڻ جا ڪيئي سبب آهن ۽ جيترا سبب آهن، اوترا اثر به آهن. سنڌي ڪيئي سالن کان لڳاتار هن منصوبي خلاف سراپا احتجاج آهن. هن مرحلي تي اهو مسئلو ڇيڙڻ سان ماڳهين پيپلز پارٽي کي بال هٿ ۾ ڏنو ويندو ته اها سنڌ اندر پنهنجي راند ڪري ۽ سنڌي پارٽي طور پنهنجي سڃاڻپ کي پختو ڪري. ان سان پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان جون ڪيئي منفي پوائنٽس ڍڪجي وينديون.ٻئي طرف نواز ليگ جي سنڌ اندر عام چونڊن ۾ عدم دلچسپي ۽ صدارتي چونڊن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ سبب بنهه ڪمزور پچ تي هلي وئي هئي، سا وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندي. مٿان وري نواز ليگ جي ايم ڪيو ايم سان قربت ٿي، جنهن بعد سوال ٿيڻ لڳو ته سنڌ ۾ نواز ليگ جي ڪا سياسي دلچسپي آهي يا نه؟ سنڌ نواز شريف جي ايجنڊا تي به آهي يا نه؟سنڌ مان ممتاز ڀٽو، لياقت جتوئي وغيره جي نواز ليگ ۾ شموليت تي پنجاب ۾ خوشيون ملهايون ويون هيون. پر هاڻي اهي سڀ ماڻهو، جن ۾ حڪيم بلوچ، شفيع محمد ڄاموٽ جو به اضافو ٿي ويو آهي، پارٽي کان بدظن ٿي ويا آهن ۽ نيون سياسي واٽون ڳولهي رهيا آهن. ڪو نئين پارٽي ٺاهڻ چاهي ٿو ته ڪو وري پنهنجي پراڻي پارٽي بحال ڪرڻ ٿو گهري ته ڪو وري ماڳهين سياسي گوشه نشيني طرف وڃي رهيو آهي. ان بابت نواز ليگ بطور پارٽي ڇا سوچي رهي آهي؟ ان بابت اڃا تائين ڪوبه مثبت اشارو نه آيو آهي.
 
ايم ڪيو ايم سان قربت کان پوءِ ڪالاباغ ڊيم کي پارٽي جو ايجنڊا قرار ڏيڻ سان نواز ليگ جا سنڌ ۾ اتحادي قوم پرست ۽ فنڪشنل ليگ به ڏچي ۾ اچي ويا آهن، انهن لاءِ مجبوري ٿي ويئي آهي ته اهي پنهنجو پاڻ کي نواز ليگ کان پري رکن. اهو به سوال آهي ته هاڻي انهن ڌرين جو نواز ليگ سان ڪهڙو رابطو ۽ ڪهڙو تعلق رهندو؟ اهي جيڪڏهن نواز ليگ جو ساٿ ڏين ٿا ته ماڻهن ۾ ايڪسپوز ٿي ويندا. ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو اٿاري نواز ليگ عمران خان جي پارٽي تحريڪ انصاف کي حساس پچ ڏيئي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن کي هو پنجاب ۾ پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي رهي هئي. اهو ئي سبب آهي جو گورنر پنجاب چٽن لفظن ۾ چيو هو ته هاڻي بال عمران خان جي ڪورٽ ۾ آهي. يعني هو خيبر پختونخوا مان ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڏياري  يا پنجاب ۾ پنهنجي حمايت تان هٿ کڻي، پر عمران خان خيبر پختونخوا ۾ موجود مقبول نعري جي ابتڙ ڪو فيصلو نٿو وٺي سگهي.
 
سنجيده حلقن کي اٿندي ئي شڪ هو ته نواز شريف جي حڪومت ۾ اچڻ سان صوبن جي شڪايتن ۾ اضافو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اها پنجاب پسند پارٽي آهي ۽ ٻين صوبن ۾ ان جو حقيقي معنائن ۾ ڪو اثرائتو وجود ناهي. پر ان سان گڏو گڏ اها به اُميد ڪئي پئي ويئي ته هن ماضي جي تجربن مان ضرور سکيو هوندو ۽ پنجاب پسند پارٽي هجڻ جي باوجود ان کي ”پنجاب جي پارٽي“ طور نه رکندو ۽ پنهنجي پاليسين، فيصلن ۽ روين ۾ تبديلي آڻيندو. پر هن وقت تائين جي فيصلن ۾ اهڙي ڪنهن به تبديلي جو عڪس ڪونه ٿو ملي.

Labels: , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home