Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

افغان پناهگيرن بابت نئين پاليسي: صوبن کان ته پڇو! 07 آگسٽ 2013ع

افغان پناهگيرن بابت نئين پاليسي: صوبن کان ته پڇو!
اربع 07 آگسٽ 2013ع
جيئن جيئن افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسيءَ جي تاريخ ويجهي اچي رهي آهي، آمريڪي  ۽ يورپي ملڪن جي سرڪاري اهلڪارن جا خطي جي ملڪن ۾ دورا وڌي رهيا آهن، پر پاڪستان ۾ ساڃهه وند ماڻهن جي ڳڻتيءَ ۾ تهان وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي ته افغان پناهگيرن جو ڇا ٿيندو؟ اهو هن ملڪ جي ماڻهن جو فوري ئي نه، بلڪه ڊگهي پنڌ جو به مسئلو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب، پاڪستان ۾ باقي 16 لک افغاني وڃي بچيا آهن پر خيال آهي ته 4 لک کان 10 لک تائين ٻيا به افغاني آهن، جيڪي گڏيل قومن جي پناهگيرن وارن اداري وٽ رجسٽر ٿيل ناهن ۽ وٽن پاڪستان ۾ رهڻ جو قانوني پروانو ناهي، جڏهن ته روز اچڻ وارا افغاني ان کان علاوه آهن، جيڪي ڪاروبار، علاج، تعليم، مٽن مائٽن سان ملڻ جي بهاني ايندا ويندا رهن ٿا. ايڏي وڏي آباديءَ اسان جي سرزمين تي پنهنجا گهر اڏي ڇڏيا آهن، هو هتي روزي ڪمائي رهيا آهن، ٻارن کي تعليم ڏياري رهيا آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مقامي آباديءَ ۾ وڌندڙ بيچيني، محدود وسيلن ۽ شهري سهولتن توڙي امن و امان وارن معاملن جي باوجود پاڪستان انهن ”مهمانن“ جي پاڪستان ۾ ترسڻ لاءِ اڻ ڄاڻايل مدي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ڪمشنر جي ترجمان پاڪستان سرڪار پاران افغان پناهگيرن کي ملڪ ۾ ترسائڻ جي مدي ۾ واڌ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي، جيڪا هلندڙ سال 30 جون تي ختم ٿي وئي هئي.
 
پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ پناهگير ٽڪيل آهن. اهو ضياءُ الحق جي ان پاليسيءَ جو نتيجو آهي، جو هن 1979ع ۾ پاڪستان کي پراڪسي جنگ ۾ اڇلايو هو، ان بعد لکن جي تعداد ۾ هتي افغاني آيا. پاڪستان سرڪار ڪڏهن به باقاعدگيءَ سان ۽ دل سان افغان پناهگيرن جي ڳڻپ نه ڪئي آهي. بهرحال، گڏيل قومن جي اداري ان جا انگ اکر گڏ ڪيا آهن. پاڪستان جو اهو الميو آهي ته هي ڄڻ پناهگيرن ۽ بي گهر ٿيلن جو ملڪ ٿي ويو آهي. اهي افغان پناهگير، جن جو تعداد ٿلهي ليکي ويهارو لک کن بيهندو، سو پنهنجي جاءِ تي، پر آڪٽوبر 2002ع ۾ سوا ست لک اندروني طور بي گهر ٿيل ماڻهو IDPs موجود هئا، جيڪي خيبر پختونخوا ۽ سوات وغيره ۾ سيڪيورٽي آپريشن دوران بي گهر ٿيا هئا، جن جو پڻ ڳچ حصو ڪراچيءَ پهچي ويو آهي. سنڌ ۾ 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏ ۽ برساتن جا لکين ستايل به اڃا تائين واپس پنهنجن گهر ڏانهن موٽي نه سگهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ سالن کان غير قانوني طور رهندڙ لکين بهاري، برمي ۽ بنگالي ان کان سواءِ آهن. ائين پاڪستان ڄڻ بي گهر ماڻهن جو ملڪ لڳي ٿو، جتي ماڻهن جي ترقي ۽ سهولت لاءِ جيترو به پئسو خرچ ٿئي ٿو، سو ڄڻ وهي وڃي ٿو. ان کان سواءِ اهڙي صورتحال ۾ غير يقيني ڪيفيت، عدم استحڪام سان گڏ سياسي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي اثر به پئجي رهيا آهن.
 
افغانين جو تعداد هاڻي ڪجهه گهٽيو آهي، جو گڏيل قومن جي اداري جي افغان پناهگيرن واري ڪمشنر مطابق، 2002ع کان پوءِ 38 لک افغانين کي واپس وطن موڪليو ويو آهي. هر واپس ويندڙ افغان پناهگير کي گڏيل قومن جو ادارو 150 ڊالر ڏئي ٿو، جيڪي کين سرحد پار ڪرڻ وقت ڏنا ويندا آهن.
ڏٺو وڃي ته افغان پناهگيرن جي واپسيءَ واري پاليسي زميني حقيقتن سان ٺهڪندڙ ناهي. ڪراچيءَ ۾ گڏيل قومن جي اداري رڳو ستر هزار افغانين کي رجسٽر ڪيو آهي. غير جانبدار ذريعن جو چوڻ آهي ته اتي موجود افغانين جو تعداد ان کان ڪيئي ڀيرا گهڻو آهي. اهي پناهگير پاڻ کي ان ڪري رجسٽرڊ نٿا ڪرائين، جو کين ائين ڪرڻ سان اوير سوير واپس وڃڻو پوندو. انهن هتي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان شناختي ڪارڊ ۽ پاڪستاني شهريت جا ڪاغذ پٽ ٺهرائي ورتا آهن. اتي جيتوڻيڪ انهن لاءِ ٻوليءَ جي رڪاوٽ، مناسب رهائشي سهولتون، روزگار هٿ ڪرڻ وڏا مسئلا آهن پر ان جي باوجود هو هتي مستقل طور رهڻ گهرن ٿا. کين رهائش، معاشي سرگرمين ۽ تحفظ جي حوالي سان جيڪي هتي سهولتون حاصل آهن، سي سندن پنهنجي ملڪ ۾ ميسر ناهن. انهن لاءِ گڏيل قومن طرفان آڇيل ڏيڊ سئو ڊالرن جي اهميت ناهي. هو ٻارن جي تعليم، روزگار جو پڪو وسيلو، محفوظ هجڻ جو احساس ۽ غير يقيني ڪيفيت جو خاتمو گهرن ٿا. کين ڪابه اهڙي شئي نه پئي آڇي وڃي ۽ نه ئي وري ڪا اهڙي شئي پنهنجي ملڪ ۾ ڏسن ٿا، جو سرحد پار ڪن. کين هتي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ، مسواڙ تي گهر وٺڻ، سفر ڪرڻ، اسڪول يا اسپتال ۾ داخلا جي قانوني اجازت آهي، جڏهن ته اهي غير قانوني طور تي زمينن تي قبضا به ڪريو ويٺا آهن. کين پنهنجي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جو خطرو لامارا ڏيندي نظر اچي ٿو.
 
ڪجهه بنيادي حقيقتن کي سمجهڻ ضروري آهي. افغان پناهگير پاڪستان ۾ سُک لاءِ آيا آهن. ايندڙ وقت ۾ انهن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو افغانستان ۾ ايندڙ چونڊن ۽ 2014ع ۾ آمريڪي فوجين جي واپسيءَ بعد جيڪا افراتفري ٿيندي ۽ غير يقيني حالتون ٿينديون، ان جي نتيجي ۾ پناهگيرن جي نئين کيپ اچڻ جو امڪان آهي. ائين پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي ادارن ۽ سگهارن ملڪن جي دٻاءُ ۾ اچي ويندو ته اهو انهن پناهگيرن کي پاڻ وٽ جڳهه ڏئي. آمريڪي اهلڪار جان ڪيري اچي يا برطانوي وزير، ان ڳالهه جو گهٽ امڪان آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان بابت ڪنهن اهڙي حل تي متفق ٿين، جيڪو ٻنهي ڌرين جي مفاد وٽان هجي. اهو معاملو ٻنهي ڌرين جو  اسٽريٽئجڪ اثاثو آهي. جيستائين بنيادي سوچ ۾ تبديلي نه ايندي، تيستائين يڪراءِ عمل جو امڪان ناهي.
 
گڏيل قومن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن مئي 2012ع ۾ زور ڀريو هو ته پاڪستان انهن پناهگيرن لاءِ ڪو قانون ٺاهي، يعني سياسي پناهه وغيره جي ڪا واٽ ڪڍي. مطلب اهو هو ته ايڏي وڏي آباديءَ کي پاڪستان جي شهريت ڏني وڃي ۽ ان کي قانوني طور پنهنجي آباديءَ ۾ ضم ڪيو وڃي. هن وقت پاڪستان ۾ سياسي پناهه جو ڪو قانوني فريم ورڪ موجود ناهي. گڏيل قومن جو پناهگيرن بابت ڪمشنر پاڪستان تي زور ڀري رهيو آهي ته پاڪستان ريفيوجي ڪنوينشن تي صحيح ڪري ۽ مهاجرن بابت ملڪي قانون جوڙي. پاڪستان کي اهو ڊپ آهي ته ٻوڏ جو اهو دروازو هڪ دفعو لکيو ته پوءِ ڪڏهن به بند نه ٿي سگهندو. پاڪستان ۾ تجارت ڪندڙ افغاني ڪارپيٽ، امپورٽ، ايڪسپورٽ، گاڏين جي شو رومن جو ڪم ڪندا آهن. افغاني ڪروڙن جو ڌنڌو ڪن ٿا پر ٽيڪس نٿا ڏين. رڳو پشاور ۾ 12 هزار افغاني ٺيڪ ٺاڪ ڪاروبار ڪن ٿا پر ٽيڪس کان جواب آهي. پاڪستاني حڪام کي جرئت ناهي جو کانئن پڇي به سگهن. ٽيهه سال گذرڻ بعد به حڪومت ڪا پاليسي ٺاهي نه سگهي آهي. ڪجهه افغاني ٽيڪسي ڊرائيور آهن يا وري ٺيلهن تي فروٽ وغيره وڪڻن ٿا. هزارن جي تعداد ۾ ننڍو وڏو ڪاروبار، نوڪريون يا مزدوري ڪن ٿا، جنهن سان مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا گهٽجي وڃن ٿا.
 
اصل قصو اهو آهي ته افغانستان هن مرحلي تي ايترا پناهگير واپس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، جو ان سان گڏوگڏ افغان حڪومت وٽ به ڪاروبار، روزگار يا استحڪام بابت ڪا شئي آڇڻ لاءِ ناهي. ٻئي طرف گڏيل قومن جو مهاجرن بابت ادارو ڪئناڊا، آسٽريليا، جرمني، سوئيڊن وغيره ۾ افغانين کي سياسي پناهه ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي. جڏهن اها صورتحال هجي ته ظاهر آهي ته گهٽ پناهگير واپس وطن وڃڻ بابت سوچيندا. ڪيئي افغان پناهگير پاڪستان ۾ ئي ڄاوا آهن ۽ اهي 30 سالن کان هتي رهن پيا، پر اهي افغاني شهري شمار ٿين ٿا. ساڍا ڇهه هزار افغان شهري پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا. پئسي وارا افغاني پنهنجا ٻار سٺن اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا. گڏيل قومن جي اداري جو زور آهي ته افغان پناهگيرن کي اهي سهولتون ۽ حق ڏنا وڃن، جيڪي پاڪستان جي ڪنهن شهريءَ کي پنهنجي ملڪ ۾ حاصل آهن.
 
پاڪستان افغانين بابت نئين پاليسي جوڙي رهيو آهي. ان نئين پاليسيءَ تحت افغان پناهگيرن کي ڊسمبر 2015ع تائين پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت هوندي. خيبر پختونخوا، سنڌ ۽ بلوچستان افغان پناهگيرن جي بار سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل آهن، پر افغان پناهگيرن بابت رٿيل پاليسيءَ ۾ انهن صوبن جي راءِ شامل ناهي ۽ نه ئي صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي يا ٻڌايو ويو آهي. دراصل افغان پناهگيرن جي موجودگيءَ مان جيڪي مسئلا پيدا ٿيندا، سي صوبن کي ئي ڀوڳڻا پوندا. تعليمي، طبي سهولتون، روزگار، امن امان جا معاملا سڀ صوبن سان ئي واسطو رکن ٿا. سنڌ جو مسئلو ان ڪري به آهي، جو هتي هڪ ئي شهر ۾ ٻه ٽي لک افغاني رهن ٿا.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home