ترڪش ۾ اڃا به تيرَ باقي آهن 31 جنوري 2013ع
ترڪش ۾ اڃا به
تيرَ باقي آهن
خميس 31 جنوري 2013ع
ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ لاءِ هلندڙ چوٻول، صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾
اتحادين جي اجلاس کان پوءِ هيڪاري وڌي ويندو. ان سان نه رڳو سياسي سرگرمين
۽ سياسي ڀڃ ڊاهه ۾ اضافو ٿيندو، بلڪه افواهن جي بازار به گهڻي گرم ٿي ويندي.
هر ڪا لابي ۽ ڌر سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح نگران سيٽ اپ لاءِ نالا تجويز ڪندي.
نه رڳو ايترو پر نگران سيٽ اپ جي اعلان تائين، حڪومت جي گرفت جيڪا ڪيترن
ئي معاملن ۾ هونئن به خيرڪا هئي، سا ماڳهين وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندي. ادارن جي
ڪمزور هجڻ ۽ ڪرپٽ انتظامي اهلڪارن جي ڪري، ايندڙ ڪجهه هفتا عوام کي وڌيڪ
ڀوڳڻو پوندو.
جيتوڻيڪ ايندڙ ٻن هفتن اندر اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ نگران حڪومت جوڙڻ جو فيصلو
ٿيڻو آهي، جنهن جو ذڪر حڪمران جماعت جي اتحادين جي اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي، پر
ملڪ اندر جيترو آئيني ۽ سياسي بحران موجود آهي ۽ حڪمران اشرافيه (اسٽئبلشمينٽ)
اندر بالادستيءَ جي هلندڙ جنگ جي نتيجي ۾ سنجيده حلقن کي ڊپ آهي، ته آئيني
۽ سياسي تقاضائن کي پورو ڪندڙ نگران سيٽ اپ شايد جڙي نه سگهندو. هونئن ته
نگران سيٽ اپ کي رڳو وقت اندر چوندون ئي ڪرائڻيون آهن، پر ماضيءَ ۾ اهو
ٿيندو رهيو آهي ته نگران سيٽ اپ جي جوڙ جڪ مان اندازو ٿيندو رهيو آهي، ته
چونڊن جي نتيجي ۾ ڪنهن جي حڪومت ٺهندي. موجوده حالتن ۾ نگران سيٽ اپ
هيڪاري وڌيڪ اهم آهي، جو ملڪي اسٽئبلشمينٽ اندر طاقت جو توازن تبديل ڪرڻ
جون خواهان ڌريون خود نگران سيٽ اپ به پنهنجي مرضيءَ جو رکڻ گهرن ٿيون،
جنهن مان سياسي حلقن ۽ ساڃاهه وند ڌرين کي ڊپ آهي ته اهو نگران سيٽ اپ ٽن
مهينن کان وڌيڪ عرصي وٺڻ لاءِ، متان ’پهرين احتساب پوءِ انتخاب،‘ جو نعرو
نه هڻي ويهي. ان ڪري نگران سيٽ اپ بابت حڪمران جماعت توڙي مخالف ڌر جي وڏي
جماعت نواز ليگ وڌيڪ محتاط آهن. جيتوڻيڪ حڪومت لڳاتار اهو واضح ڪندي رهي
آهي ته نگران سيٽ اپ لاءِ آئين موجب مخالف ڌر کي اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽
ساڳئي وقت آئين جي اها گهرج هجي يا نه، پر ملڪ ۾ موجود ٻين مکيه سياسي ڌرين
سان به صلاح مشورو ڪيو ويندو، پر ان معاملي تي نواز ليگ ڪجهه شرط وجهي
ڳالهه کي اينگهائي ڇڏيو آهي. هڪ اهو ته نواز ليگ، پنجاب اسيمبليءَ کي ملڪ
جي باقي اسيمبلين سان گڏ (جيڪو آئيني طور تي ڪجهه هفتا وقت کان اڳ ٿيندو)
ٽوڙڻ لاءِ تيار ناهي. اها به عجيب ڳالهه آهي ته علامه قادري، جنهن جو هيڊ
ڪوارٽر لاهور ۽ بيس پنجاب آهي، سو ان معاملي تي پنجاب حڪومت يا نواز ليگ تي
دٻاءُ نه پيو وجهي، ته هو ٻين اسيمبلين سان گڏ پنجاب اسيمبليءَ کي به ٽوڙي.
ان ڪري اهو معاملو ماڳهين پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ تڪرار جو ڪارڻ
بڻجي رهيو آهي.
علامه طاهر القادري جي لانگ مارچ کان پوءِ ملڪ جي سياسي قوتن جنهن ٻڌيءَ جو
اظهار ڪيو ۽ جمهوريت کي بچائڻ جو عزم ڪيو، تنهن واقعي وقتي طور تي جمهوري
عمل تي ٿيندڙ وار گُسايو، پر ترت ئي اهي سياسي قوتون پنهنجي ٻڌي برقرار رکي
نه سگهيون. هنن جو خيال هو ته ’ هاڻي سڀ خير ٿي ويو آهي.‘
نواز ليگ، جنهن علامه جي ڌرڻي جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍڻ لاءِ، سياسي ڌرين کي گڏ
ڪيو هو، تنهن نگران سيٽ اپ ۾ پنجاب اندر مخالف ڌر يعني پيپلز پارٽي کي ڪا
لفٽ نه ڪرائي، ٻئي پاسي سنڌ اندر نگران سيٽ اپ ۾ پاڻ کي اسٽيڪ هولڊر قرار
ڏنو. حالانڪه سنڌ ۾ نواز ليگ وٽ نه ڪا اسيمبلي جي سيٽ آهي ۽ نه ئي وري ڪا
پارٽيءَ جي باقاعده تنظيم، ان جي باوجود ان جو اهو مطالبو شايد پير پاڳاري
۽ ٻين قوم پرست اتحادين کي خوش ڪرڻ لاءِ آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان جي موٽ
۾ صدر زرداريءَ اهو پتو کيڏيو ته هو پير پاڳاري کي نگران وزير اعظم بنائڻ
لاءِ تيار آهي.
پنجاب ۾ نوَن صوبن ٺاهڻ بابت ڪميشن جي رپورٽ به سياسي ڌرين کي ورهائڻ جو
سبب بڻي. نواز ليگ جيڪا ان مقصد لاءِ جوڙيل پارليماني ڪميٽي جي ميمبر هئي،
تنهن ڪميشن جي آخري اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ڪميشن طرفان بهاولپور ڏکڻ پنجاب
صوبي ٺاهڻ واري سفارش کي رد ڪندي، مطالبو ڪيو ته اها سڄي ملڪ ۾ نوان صوبا
ٺاهڻ گهري ٿي، ان ڪري ڪميشن کي ان پوائنٽ تي سفارشون ٺاهڻ گهرجن ۽ غور ڪرڻ
گهرجي، ن ليگ جو اهو مطالبو رڳو سياسي هو، ڇاڪاڻ جو ڪميشن کي پارليمينٽ
وٽان محدود مينڊيٽ مليل هو، ته رڳو پنجاب ۾ نوَن صوبن بابت سفارشون جوڙي،
ان ڪري اها ان پوائنٽ تي غور ئي نٿي ڪري سگهي. هن وقت پيپلز پارٽي هر حال
۾ اهي سفارشون ٺهراءُ جي شڪل ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ائين
ڪرڻ سان
اها سرائيڪي بيلٽ ۾ پنهنجي لاءِ جڳهه پڪي ڪرڻ جي خواهشمند آهي. آئيني طور
تي نئين صوبي ٺاهڻ بابت ٺهراءُ واسطيدار صوبائي اسيمبلي مان به اچڻو آهي،
ان ڪري انهن سفارشن جي بنياد تي اتان به ٺهراءُ جي ضرورت پوندي، پر هتي ٻئي
وڏيون پارٽيون هڪ ٻئي سان سياست ڪرڻ گهرن ٿيون. سندن اها سياست هڪ دفعو وري
سياسي ڌرين کي ورهائڻ جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي، جنهن سان غير سياسي ڌريون
مضبوط ٿي رهيون آهن.
علامه قادري جي ڌرڻي ختم ٿيڻ مهل عاصمه جهانگير ۽ ٻين سنجيده حلقن طرفان
انديشو ڏيکاريو ويو هو ته اسٽئبلشمينٽ طرفان جمهوري عمل ۾ رڪاوٽ وجهڻ واري
ڪوشش ڌرڻي ختم ٿيڻ سان ختم نه ٿي ويئي آهي، سندن خيال هو ته ترڪش ۾ ڪي تير
اڃا به باقي آهن. انهيءَ جو اظهار تازو پيپلز پارٽيءَ جي اهم اڳواڻ رضا
رباني به ڪيو آهي. هن انديشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪي ڌريون چونڊون ملتوي ڪرڻ
گهرن ٿيون ۽ 77 جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ گهرن ٿيون. جڏهن ڀُٽي جي حڪومت جي
تڏا ويڙهه ٿي هئي ۽ ضياءَ الحق مارشل لا لاڳو ڪيو هو. رضا رباني جي خدشي جي
تصديق اسلام آباد ۾ موجود ڄاڻو حلقا به ڪري رهيا آهن. سندن چوڻ آهي ته غير
سياسي ۽ غير جمهوري قوتن جا لامارا شروع ٿي ويا آهن، جيڪي رڳو چونڊن تائين
ئي نه، بلڪه چونڊن بعد نئين وزير اعظم جي اچڻ بعد به جاري رهندا. رضا
رباني جي هن بيان جي حمايت نيب جي چيئرمين ريٽائرڊ ايڊمرل فصيح بخاري جو
صدر کي لکيل خط به ڪري ٿو، جنهن ۾ چونڊن ۾ عدليه جي مداخلت ۽ چوندن ۾
ڌانڌلين کي جواز بنائڻ جو ذڪر ڪيل آهي. رضا رباني ۽ ايڊمرل بخاري ٻئي
ذميوار ماڻهو ۽ ذميدار عهدن تي ويٺل آهن، جن وٽ پنهنجا ذريعا به آهن. جڏهن
ته ملڪ جي موجوده حالتن کي انهن ٻن ’ چتائن ‘ جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ٿو، ته لڳي
ٿو ته ’گيم از ناٽ اوور‘.
اقتداري ڌرين ۾ طاقت جو توازن تبديل ڪرڻ ۽ بالادستيءَ واري ڇڪتاڻ جو نبيرو
ٿيڻ اڃا باقي آهي، ته وري ڪي اهڙيون ڌريون به ڪنهن نه ڪنهن جي حمايت يا
مخالفت جي نالي ۾ زوري انهيءَ ڇڪتاڻ واري راند ۾ پوڻ چاهين ٿيون، جيڪي
اسٽئبلشمينٽ جي موجوده جوڙ جڪ کان ٻاهر آهن. ان جو هڪ روپ ۽ آپشن علامه
قادري هو، جنرل مشرف وري ان جو ٻيو روپ ٿيڻ چاهي ٿو. مشرف تازو واشنگٽن ۽
نيويارڪ ۾ ڪجهه سرگرميون ڪيون آهن ۽ اسلام آباد جي حلقن کي اهو تاثر ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، ته هو آمريڪا کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ لڳو پيو آهي، بلڪل ائين
جيئن محترمه بينظير ڀٽو پئي ڪيو. مشرف اتي پنهنجي پارٽي جي ڪارڪنن کي اهو
به ٻڌايو هو ته چوندن کان ٻه اڍائي مهينا اڳ پاڪستان وڃڻ چاهي ٿو، ۽ چونڊن
۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو. يعني قادري اسيمبلين جي مدي پوري ڪرڻ تي پيرا شوٽ ذريعي
لٿو ۽ هاڻي مشرف وري چونڊن جي موقعي تي لهڻ چاهي ٿو. هن جي ڪوشش آهي ۽ اهو
تاثر به ڏيڻ چاهي ٿو ته هو ملڪ ۾ هلندڙ سياست تي اثر انداز ٿيندو. مشرف جو
اچڻ جن ڌرين لاءِ نقصان ڪار ٿي سگهي ٿو، تن وري اڳوڻي چيف آف اسٽاف جنرل
شاهد عزيز کي اڳيان آندو آهي، جنهن جو ڪارگل واقعي تي ايندڙ چند هفتن ۾
ڪتاب به اچڻ وارو آهي ۽ في الحال هن اهو چيو آهي ته ڪارگل آپريشن جي مشرف
سميت رڳو چئن جنرلن کي خبر هئي، ائين عوام ۽ چونڊيل حڪومت کي ان سڄي آپريشن
کان بي خبر رکيو ويو، جنهن جا ملڪ جي سياست، معيشت ۽ پرڏيهي پاليسيءَ تي
وڏا اثر پيا.
هن سڄي پس منظر ۾ اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته نگران حڪومت ۽ چونڊن بابت ڪا
هڪ ڌر يا ادارو فيصلو نه ڪندو، بلڪه ان بابت هڪ کان وڌيڪ ادارن ۽ ڌرين کي
فيصلو ڪرڻو آهي. اهي ڌريون ڪنهن هڪ نقطي تي يڪراءِ ٿي وڃن، اهو ناممڪن ناهي،
تڏهن به ڏکيو ضرور آهي. جيڪڏهن ڪا ڌر ٻي ڌر جي ڳالهه مڃي وٺي، ته ضرور ڪا
ڏي وٺ به ٿيڻي آهي. ان ڪري ايندڙ وقت عام ماڻهن لاءِ توڙي هن ملڪ جي لاءِ
ڏکيو ۽ ساڳئي وقت فيصله ڪن پڻ آهي.
Labels: 2013, عاصمه جهانگير
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home