طاهرالقادري جي اصل ايجنڊا، اسٽيبلشمينٽ ۽ عوام . جنوري 2013ع
طاهرالقادري
جي اصل ايجنڊا، اسٽيبلشمينٽ ۽ عوام
سهيل سانگي
خميس 3 جنوري 2013ع
علامه طاهر القادري جي اوچتي داخلا ۽ لاهور ۾ وڏي سياسي شو،
سياست ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. علامه جا مطالبا، شرط ۽ ان
ڏانهن حڪومت جي ٻن اتحادين جي ساٿ هيڪاري صورتحال کي منجهائي ڇڏيو آهي.
ماڻهو اڃا تائين اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته ايترا سال ڪئناڊا ۾ رهندڙ
ماڻهوءَ جي سڏ تي لکين ماڻهو گڏ ڪيئن ٿيا؟ عين نگران حڪومت جي ٺهڻ ۽ چونڊن
ڪرائڻ جي موقعي تي سندس پهچڻ جي پويان اصل مقصد ڪهڙا آهن؟ جيڪڏهن علامه جو
سياسي نظريو ايترو مقبول ۽ تنظيم اڪيلي سر ايتري مضبوط هئي ته ايترن سالن
تائين ان جو ڪو اظهار ۽ عمل آخر ڇو سامهون اچي نه سگهيو؟ عام بحثن ۾ اڪثر
ڌرين جو خيال آهي ته هي سڀ اڪيلي علامه قادري جو ڪمال ناهي، ان جي پويان
ڪي سگهارا ادارا ۽ ڌريون موجود آهن
.
پاڪستان جي سياست ڪا ايتري سولي ڪونهي، جيتري بظاهر نظر اچي ٿي. ان جا پنڌ
۽ پيچرا به گهڻا آهن ته ان ۾ روپ ۽ ٻهروپ گهڻا آهن. هر نئين سياسي موڙ تي
سگهاريون ڌريون، جيڪي سياست ۽ حڪومت کي پنهنجي ماتحت رکڻ گهرن ٿيون ۽ ملڪ
جون گهرو توڙي پرڏيهي پاليسي پنهنجي مرضي جي رکڻ گهرن ٿيون، سي ڪڏهن ڪنهن
شڪل ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ڪيمو فلاج ۾ ڪو نئون تاش جو پتو ميدان ۾ لاهينديون آهن
.
سال کن اڳي عمران خان جي سونامي اچي رهي هئي، ان کي به لاهور توڙي ڪراچي ۾
وڏا وڏا جلسا ڪري ڏنا ويا. پر هن ’ انقلابي‘ به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. هاڻي ان
سونامي جا ڪڪر هٽي چڪا آهن. هاڻي علامه طاهر القادريءَ جو ’انقلاب‘ اڳيان
آيو آهي، جي عمران خان جو انقلاب سونامي هو، ته ڇا علامه جو ’انقلاب‘
تباهه ڪندڙ طوفان آهي؟ هن جو مقصد اهو پيو ٻڌايو ۽ ڏيکاريو وڃي ته سندس
مقصد موجوده ڪرپٽ سياستدانن کان ملڪ جي جان ڇڏائڻ آهي. ڪرپشن اڄ جي سياسي ۽
معاشي نظامن جو ايئن حصو آهي، جيئن دنيا ۾ وياج ۽ سيڙپڪاري. اهو نعرو ته
ڏاڍو خوبصورت آهي، خاص ڪري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي حڪمراني ۽ ان جي طريقن
جو بُرو حال هجي، پر ان مان جان ڇڏائڻ ايڏو آسان ڪونهي. اهو ڪنهن هڪ يا
ٻن ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان لاءِ ملڪ جي بنيادي ٽن چئن ادارن ۽ سسٽم
جو ٺيڪ هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪرپشن جي ڳالهه آهي، ته شايد عمران ان ڏس ۾
بهتر ماڻهو ٿي سگهي ٿو. ڇا علامه صاحب ايئن ڪري سگهي ٿو؟ وڊيو، تقريرون ۽
مواد هاڻي انٽرنيٽ تي ۽ خود ميڊيا ۾ موجود آهي، سو علامه جو مختلف پروفائيل
ظاهر ڪري ٿو، ته هو مختلف معاملن تي ڪڏهن هڪڙو ڪڏهن ٻيو ۽ وقت اچڻ تي ٽيون
موقف اختيار ڪندو رهيو آهي.
پاڪستان جي سياست ۽ ان جي محرڪ جزن
Dynamics
تي نظر رکندڙ تاريخ دانن ۽ تجزيه نگارن جو خيال آهي، ته لڳي ٿو ته ملڪ جا
سگهارا ادارا پراڻن سياستدانن مان ٿڪجي پيا آهن يا اهو ته اهي سياستدان
پنهنجي الڳ حيثيت ٺاهي ويا آهن ۽ رياست، سياست ۽ پرڏيهي معاملن جي مڪينزم
کي سمجهي ويا آهن، ان ڪري ڪيتري معاملن ۾ پنهنجي هلائين ٿا، تنهن ڪري انهن
پراڻن ۽ تجربيڪار سياستدانن مان جان ڇڏائي وڃي ۽ ڪي نوان سياسي رانديگر
ميدان ۾ لاٿا وڃن. پر اهو سڀ ڪجهه غير محسوس طريقي سان ڪيو وڃي، جو برائي
انهن بادشاهه گر ڌرين جي کاتي ۾ نه اچي. ساڳئي وقت تي اهو به لڳي ته سڀ
ڪجهه قانوني ۽ سياسي طريقي سان ٿيوآهي. ان لاءِ ڪڏهن بنگلاديشي ماڊل ته
ڪڏهن وري مصري ماڊل جون ڳالهيون اڳيان آنديون وڃن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾
علامه قادريءَ جو ڪردار ڏاڍو اهم بڻجي ٿو، جيڪو اها رٿ ڏي ٿو ته چونڊون
تيستائين نه ڪرايون وڃن، جيستائين چونڊن بابت سڌارا نٿا آندا وڃن. يعني
اهڙا سڌارا جيڪي پراڻن سياستدانن جا رستا روڪي سگهن.
جيڪڏهن واقعي ايئن آهي
ته اهڙي تبديليءَ واري منصوبي کي رڳو ملڪي سگهارين ڌرين جي ئي نه، پر ڪن
سگهارن ملڪن جي ضرور حمايت حاصل هجڻ گهرجي. اهي سگهارا ملڪ، جيڪي وچ اوڀر
کان وٺي ڏکڻ ايشيا تائين خاص پلان رکن ٿا ۽ هتي جي سياسي معيشيت ۽ سماجي
زندگيءَ کي پنهنجي ماتحت رکڻ گهرن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ ان جا
پاليسي ساز ادارا ايڪيويهين صديءَ کي ايشيا ۽ پيسفڪ جي صدي سڏائيندا رهيا
آهن
.
اڄ پاڪستان جي صورتحال اها ئي آهي، جيڪا 1977ع ۾۽ 80ع واري ڏهاڪي جي شروع ۾
هئي. آمريڪا ۽ ٻيون اولهه واريون ڌريون مذهبي انداز واري سياست ۽ سياسي
ڪلچر کي پروان چاڙهڻ گهرن ٿيون. پر هن منظر نامي ۾ روايتي مذهبي ڌريون آئوٽ
آهن، ڪجهه ماڊريٽ ۽ ماڊرن قسم جون ڌريون سامهون آيل آهن، جيڪي سياسي ۽
ثقافتي طور اولهه وارن ملڪن کي به قابل قبول آهن. انهن ملڪن جو شايد خيال
آهي ته مذهبي رنگ پاڪستان ۾ وڌيڪ آهي، جنهن کي هو پنهنجي مقصدن لاءِ
استعمال ڪري سگهن ٿا. گستاخيءَ جي حوالي سان ڪارٽونن ۽ فلم جي ٺهڻ ۽ ان
خلاف ٿيل احتجاج کي جڏهن اڄوڪي منظر نامي ۾ ڏسجي ٿو، ته ڏاڍو عجيب محسوس
ٿئي ٿو، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه اڄوڪي صورتحال جي ڪري هجي. عجيب ڳالهه آهي ته
پرڏيهي هٿ، جيڪي هڪ دفعو وري مذهب جي نالي کي استعمال ڪرڻ گهرن ٿا، تن کان
اها ڳالهه وسري ويئي آهي ته افغان جنگ دوران ايئن ڪرڻ بعد نتيجو ڇا نڪتو هو
.
علامه قادريءَ جو چوڻ آهي، ته هو اسيمبلين ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن بابت
آئين جي ڪن شقن تي مڪمل طور عمل ڪرڻ کان اڳ چونڊون ٿيڻ نه ڏيندو. هن ڊسمبر
جي پڇاڙيءَ ۾ پرڏيهه مان لاهور پهچڻ تي جڏهن اهو الٽيميٽم ۽ ڊيڊ لائين ڏني،
تڏهن 17 ڏينهن باقي هئا. عجيب ڳالهه آهي ته هڪ پاسي آئين جي شقن تي عمل
ڪرڻ جو مطالبو آهي ته ٻئي طرف آئين جي ڪن شقن تي عمل ڪرڻ کان روڪڻ جي ڳالهه
ٿي رهي آهي. آئين جي ارڙهين ترميم موجب نگران حڪومت، حڪمران جماعت ۽ مخالف
ڌر جي گڏيل مشوري سان ٺهڻي آهي، پر علامه جو چوڻ آهي ته مشوري ۾ عدليه ۽
فوج کي به شامل ڪيو وڃي. آئين ۾ ڪٿي به اهڙو ذڪر ناهي ته عدليه ۽ فوج جو به
ڪو حڪمراني جي معاملن ۽ سياست ۾ دخل هوندو. بلڪه اهو آئين جي شقن ۽ روح جي
خلاف آهي. جيڪڏهن واقعي علامه ايئن چاهي ٿو ته پوءِ هو 73ع جو آئين ختم ڪرڻ
۽ نئين آئين جي ڳالهه ڇو نٿو ڪري؟
هو هڪ دفعو اهو سڌو مطالبو ڪري ته ڏسي ته
کيس خبر پئجي ويندي ته گهڻي ويهين سئو آهي. مولانا قادري چواڻي ته چونڊون
90 ڏينهن ۾ ضروري ناهن. هي فارمولا به ڪو نئون ڪونهي، ايوب خان به عام
چوندن کان ڀڄڻ لاءِ سياستدانن خلاف ڳالهايو ۽ ”ايبڊو“ ۽ ”پروڊا“ جهڙا قانون
آندا. ملڪ ۾ بنيادي جمهوريتن جي نالي ۾ نئون سياسي نظام ۽ نئين قيادت مڙهڻ
جي ڪوشش ڪئي. پر کيس وري به ساڳين سياستدانن سان گڏ ويهڻو پيو. ان سڄي چڪر
۾ ٻيو ڪجهه ڪونه ٿيو، پر قوم جا پورا ڏهه سال ضايع ٿي ويا. ماڻهن کي جڏهن
موقعو مليو ته هنن ايوب خان ۽ سندس هٿرادو جوڙيل ۽ مڙهيل نظام کي اڇلائي
ڦٽو ڪيو. يحى خان به سياست کي ٺيڪ ڪرڻ جا ساڳيا ’ نيڪ خيال‘ کڻي آيو. هن
چونڊون ته ڪرايون پر نتيجا نه مڃيا، ڇاڪاڻ جو اهي نتيجا کيس ’هاڪاري‘ نه
لڳا. نتيجو اهو نڪتو جو اڌ ملڪ هٿن مان ويو.
جولاءِ 77ع ۾ جنرل ضياءِ الحق
اسلام جي سپاهي هجڻ جي دعوى ڪري آيو. ضياءِ ملڪ جي گهرو توڙي پرڏيهي
پاليسيءَ سان اهو حشر ڪيو، جو اهي زخم اڄ ٽيهه سال گذرڻ بعد به نه ڇٽا آهن.
ضياءَ الحق به ملڪ ۾ نئون سياسي نظام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. غير جماعتي چونڊون،
آئين ۾ انتها درجي جون ترميمون وغيره وغيره. نيٺ کيس پراڻي نظام ڏي ئي وڌڻو
پيو. قوم کي تڏهن ڇوٽڪارو مليو جڏهن هو جهاز جي حادثي ۾ مري ويو
.
ان بعد اڌ جمهوري دور رهيو، جنهن ۾ به ساڳيا هٿ سرگرم رهيا. نه ڪنهن حڪومت
پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ نه ئي ڪو جمهوري ۽ سياسي نظام پوريءَ طرح ٺهي سگهيو.
هڪ دفعو وري سياستدانن ۽ سياسي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جنرل مشرف ميدان ۾
آيو. هن ماڳهين اقتدار ۽ اختيارين کي هيٺئين سطح تي لاهڻ جي نالي ۾
تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪجهه به تبديل نه ٿي سگهيو. هن به ملڪ جي ٻن
وڏين پارٽين کي سياست ۽ حڪومت کان ٻاهر رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ٻيو ڪجهه نه
ٿيو، عوام پنهنجي محبوب ليڊر بينظير ڀٽو کي وڃائي ويٺو ۽ مشرف کي ملڪ ڇڏڻو
پيو. ته ملڪ ۽ عوام کي ’نجات ڏياريندڙ‘ مشرف جڏهن ملڪ ڇڏيو ته پويان معيشت،
سياست، ادارا تباهه هئا ۽ ملڪ ۾ دهشت گرديءَ جو راڄ هو ۽ ملڪ عالمي قوتن جي
ماتحتيءَ ۾ هليو ويو هو.
ايئن ڏٺو وڃي، ته وڏو عرصو فوجي حڪومتون رهيون،
انهن ئي ملڪ جي سياسي نظامن کي ٺاهڻ ۽ ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر علامه ان
معاملي تي ماٺ آهي. هن وقت تائين علامه قادريءَ سان گڏ رڳو اهي ڌريون گڏ
بيهي سگهيون آهن، جن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي اسٽيبلشمينٽ جي سياست
ڪنديون آهن. علامه قادريءَ جي حڪمتِ عملي ۽مطالبا اهي اشارا ڏيئي رهيا آهن
۽ عام بحث به اهو آهي ته هن جي پويان ڪٿي فوجي اسٽيبلشمينٽ آهي. اها ڳالهه
ايتري وڌي ويئي، جو فوج جي ترجمان کي وضاحت ڪرڻي پئي ته علامه قادريءَ جي
سياست وغيره سان فوج جو تعلق ڪونهي.
عجيب ڳالهه آهي جو ايم ڪيو ايم جنهن پي پيءَ سان ’ڪڏهن جدا نه ٿيڻ جا واعدا‘
پئي ڪيا، سا به علامه قادريءَ واري مارچ جو حصو بڻجي رهي آهي. ايم ڪيو ايم
جو چوڻ آهي ته اها جاگيردارن جي خلاف آهي ۽ هي انقلابي مارچ هن نظام جي
خلاف آهي. جاگيردار ڪير آهن؟ ايم ڪيو ايم ته 88ع کان وٺي اڄ تائين سمورين
حڪومتن جو، خاص ڪري مشرف دور کان وٺي اڄ سوڌو حڪمران ڌر ئي رهي آهي، ٻين
لفظن ۾ اهو ته انهن جاگيردارن سان گڏ ويٺل رهي آهي ۽ سمورن فيصلن ۽ پاليسين
جو حصو رهي آهي.
ارڙهين ترميم، جنهن تحت نگران حڪومت حڪمران پارٽي ۽ مخالف ڌر جي صلاح مشوري
سان ٺهڻي آهي، ايم ڪيو ايم ان جي حامي ۽ قبول ڪندڙ رهي آهي، ان کي اوڏيءَ
مهل خيال ڪونه آيو. ساڳيءَ طرح چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرريءَ ۾ به هنن جي
صلاح شامل آهي. راتو رات ان کي الهام ٿي ويو ته ارڙهين ترميم به غلط، چيف
اليڪشن ڪمشنر جي مقرري به درست ناهي وغيره وغيره.اصل ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي
عجيب و غريب موقف جي ڪري سياسي اڪيلائپ ۾ هلي ويئي هئي. ڪراچيءَ ۾ ووٽر
لسٽن جي چڪاس ۽ نئين سر تڪ بندي، مسلسل ٿيندڙ قتل جي واقعن، ڀتا خوري وغيره
جي نه رڪجڻ وارا معاملا بنياد بڻجي رهيا هئا. ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو
به اچي ويو هو. ساڳيءَ طرح پنهنجي وڏي اتحادي پيپلز پارٽيءَ کي مڪاني نظام
سبب پنهنجي تڪن ۽ ووٽرن ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. ايتري اڪيلائپ جو ان کي ’ڪهڙو
پاڪستان کپي‘ وارو ريفرينڊم ۽ سپريم ڪورٽ خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻي وارا سڏ
به واپس وٺڻا پيا، جو انهن ٻنهيءَ لاءِ ملڪ جي سياسي ڌرين ۽ ادارن وٽان کيس
حمايت ۽ موٽ نه ملي. علامه قادريءَ ڄڻ ايم ڪيو ايم جي ضمانت ڪرائي وڌي ۽
اها هڪ حد تائين مکيه سياسي وهڪري ۾ اچي رهي آهي
.
شهري سياست تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته هي شهري جماعت پنهنجو احتجاج هڪڙن
مطالبن لاءِ ڪندي آهي، پر سندس در اصل ٻيا مطالبا هوندا آهن، جيڪي
مڃرائيندي آهي. طاهر القادريءَ کي پنهنجي هيڊ ڪوارٽر نائن زيرو تي سڏائڻ تي
پيپلز پارٽي کي به ڪاوڙ لڳي. ان مڪاني ادارن واري قانون ۾ ترميمون ڪرڻ جي
ڌمڪي ڏني آهي. هوڏانهن گهرو وزير رحمان ملڪ صدر زرداري جو نياپو کڻي الطاف
حسين سان ملڻ لاءِ لنڊن ويل آهي. اڪثر تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ايم ڪيو
ايم هن مارچ ۾ شرڪت نه ڪندي، ڇاڪاڻ جو مڪاني نظام، ووٽر لسٽن ۽ نئين سر تڪ
بنديءَ وارن معاملن ۾ کيس گهربل حمايت ملي ويندي
.
بهرحال هي وقت آهي ته ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون جيڪي اقتدار ۽ پارليامينٽ
جو حصو آهن ۽ هي سڄو سانگ انهن جي ئي خلاف رچايو ويو آهي، محسوس ڪن ته اهو
سڀ ڪجهه سڄي نظام جي تڏا ويڙهه آهي، ڇا اهي اڃا به هڪ ٻئي جي مخالفت ۽
سياست بازي ڪنديون يا هن نظام کي بچائينديون؟
Labels: 2013, Agenda of Tahirul Qadri, Qadri, اسٽيبلشمينٽ, جنرل ضياءِ, سونامي, عمران خان, قادري
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home