Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

ٿر جي ڏڪار تي ٿيندڙ سياست: 15 نومبر 2014ع

ٿر جي ڏڪار تي ٿيندڙ سياست !
ڇنڇر 15 نومبر 2014ع

بعد از خرابيءِ سيار سنڌ ڪابينا مٺيءَ ۾ اجلاس ڪري، ڄڻ ڏڪار کي ٿر مان ڀڄائي ڇڏيو ۽ ٿر جي ماڻهن تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو. اجلاس جي بريفنگ ۽ فيصلن جو گهرو مطالعو ماڳهين حڪومت جي وڌيڪ پت وائکي ڪري ڇڏي ٿو. سُٺي حڪمرانيءَ جي نشاني اوڏي مهل چِٽي ٿي وئي، جڏهن پتو پيو ته ٿر جي ڏڪار لاءِ رکيل رقم مان اڌ رقم مس خرچ ٿي سگهي آهي. حڪومت ۽ چونڊيل عيوضين جون اوڏي مهل به اکيون نه کُليون، جڏهن بريفنگ ۾ ئي ٻُڌايو ويو ته سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٿر لاءِ 17 ارب 66 ڪروڙ رپيا رکيل هئا، پر ان مان هن وقت تائين ست ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا آهن. حڪومت جي سنجيدگيءَ جو اهو عالم آهي، جو ٿر ۾ ڇهه مهينا اڳ جيڪي ڊاڪٽر ۽ استاد ڀرتي ڪيا ويا، انهن کي اڃا تائين پگهارون به نه مليون آهن.

 اجلاس جنهن ۾ ٻن وزيرن مخدوم جميل الزمان ۽ منظور وساڻ شرڪت نه ڪئي، ڇاڪاڻ جو هو حڪومت لاءِ، حڪومت انهن لاءِ تڪراري بڻيل آهي. مخدوم جميل ۽ سندس ڀاءُ مخدوم عقيل الزمان خلاف ست مهينا اڳ ڏڪار جون تباهه ڪاريون ظاهر ٿيڻ تي قدم کنيو ويو هو. منظور وساڻ وري تڪراري رپورٽ سبب ”گڊ بوڪس“ ۾ نه ٿو لڳي. ڪابينا جي فيصلي موجب ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو بل سومر ڏينهن اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو، ان بل جو مسودو ماهرن، آفيسرن ۽ چونڊيل عيوضين تي ٻڌل ڪميٽيءَ ٽي مهينا اڳ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو هو. 
ڪميٽي ڏڪار پاليسيءَ جو مسودو به گهڻو اڳ حڪومت کي ڏنو هو، پر ان کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي. شايد ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي ان ڪري ٺاهي پئي وڃي، جو ان لاءِ بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ رپيا رکيل آهن. ڏڪار پاليسي آڻڻ جي صورت ۾ حڪومت مجبور ٿي ويندي ته اُها ڏڪاريلن کي ڪجهه ڏي. ترقياتي ڪمن ۾ ته ڪميشنون آهن. حڪومت سنڌي ميڊيا کي ليکڻ لاءِ تيار نه هئي. ڏڪار جو معاملو ان ڪري ٻيهر ياد آيو آهي، جو مين اسٽريم ميڊيا، اسيمبليءَ اندر اپوزيشن ۽ ڪجهه ٻين جماعتن اُن کي سوڙهو ڪيو. تعجب جي ڳالهه آهي ته رليف لاءِ رکيل گهٽ رقم خرچ ٿيڻ، ڪرپشن، رليف جو سامان ضايع ٿيڻ ۽ ٻين اهڙن معاملن جو ڪابينا ڪو به نوٽيس نه ورتو ۽ صرف ڏيکارڻ خاطر فيصلا ڪيا. حڪومتي حلقن وٽان هڪ ئي ساهه ۾ ٻه ڳالهيون چيون پيون وڃن. 
حڪومت مڃي ٿي ته ٿر ۾ ڏڪار آهي. اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته 15 آگسٽ بدران ٻه مهينا دير سان ڏڪار ڊڪليئر ڇو ڪيو ويو. حڪومت چوي ٿي ته ٻار ڏڪار سبب نه پيا مرن، اُن لاءِ داين هٿان ڄم کي ڪارڻ ڄاڻايو پيو وڃي. حڪومت عالمي اداري طرفان غذائيت جي کوٽ واري رپورٽ تي غور ڪرڻ ۽ پيٽ وارين عورتن جي غذائيت نه هجڻ واري معاملي تي ويچارڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن داين هٿان ڄم ٿيڻ ئي ٻارن جي موت جو ڪارڻ آهي ته اُن لاءِ به حڪومت ئي ذميوار آهي، جيڪا ويم جون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ 650 ليڊي هيلٿ ورڪرز سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪرايون آهن. زميني حقيقتون حڪومتي دعوى کي رد ڪن ٿيون. اهو موقف ته ٻارن جو مرڻ ڏڪار سان نه، پر صحت سان واڳيل آهي، اهو عقل جي ڏاهن کي ڪير سمجهائي ته ٻارن ۾ صحت جو معاملو حمل دوران شروع ٿئي ٿو، ان بعد ماءُ جي ٿڃ سان واڳيل آهي. هڪ بُکايل ۽ گهٽ خوراڪ واري ماءُ ۾ ڪيتري ٿڃ ٿي سگهي ٿي؟ 

ٿر ۾ بلاشبه طبي سهولتن جي کوٽ آهي، پر اها حڪومت جيڪا پي پي ايڇ آءِ جي ذريعي هڪ ڳوٺاڻي صحت مرڪز کي ايتري بجيٽ ڏي ٿي، جيڪا ڪنهن وزير جي ٿر جي هڪ دوري جي خرچ کان به گهٽ آهي. دراصل حڪومت ان مان ٻه فائدا وٺڻ گهري ٿي، هڪ اهو ته صحت جو اشو سڄي صوبي ۾ آهي، ان ڪري ٿر ۾ ان جو هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. ان ڪري سڄي غير معمولي صورتحال کي معمولي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ٻيو اهو ته جيئن ته اهو معاملو صحت سان واڳيل آهي ۽ صحت واري وزارت گذريل 15 سالن کان ايم ڪيو ايم وٽ آهي، ان ڪري اها ذميواري حڪومت يا پيپلز پارٽي جي نه، پر ايم ڪيو ايم تي اچي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته حڪومت ان کي هروڀرو سياسي بڻائي، حڪومت بمقابله ايم ڪيو ايم ڪرڻ گهري ٿي ته جيئن اها تنقيد کان بچي سگهي. هاڻي ٻئي جماعتون ڏي جواب، وٺ جواب ۾ لڳي ويون آهن، ٿر جو معاملو ڇُٽو. ايم ڪيو ايم کي وري وجهه لڳو، اها پنهنجي سياست کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ان کي ڪوٽا سسٽم سان ڳنڍي رهي آهي. ائين غريب ٿرين ۽ ڏڪار تي سياست ٿي رهي آهي، جنهن ۾ حڪومت توڙي ايم ڪيو ايم ٻنهي جو ڀلو ٿي رهيو آهي. 

سوال آهي ته ڇا پيپلز پارٽي ٿر ۾ صحت جون سهولتون پهچائڻ جي جڏهن ڪا ڪوشش ڪئي ته ڇا ايم ڪيو ايم ان ۾ رنڊڪون وڌيون؟ اهڙو ڪو به رڪارڊ ڪو نه ٿو ملي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ائين ڪيو به ته صحت جي شعبي ۾. خيرپور، نوابشاهه يا لاڙڪاڻي جي معاملن ۾ ان ائين ڇو نه ڪيو؟ ۽ جيڪڏهن ڪيو، ان جي باوجود حڪومت اهي رٿائون عمل ۾ آڻي ڇڏيون! ٻن منٽن لاءِ کڻي مڃجي ته ايم ڪيو ايم جو رڪارڊ سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ اهڙو رهيو آهي، اُن ٿر لاءِ به ائين ڪيو هوندو، پر اها جماعت ٿر جي ڏڪار جي مستقل حل ڳولڻ يا ٻن اهم شعبن، زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ ته آڏي ٽنگ نه پئي ڏني، انهن شعبن کي ڇو ترقي نه ڏياري وئي؟ جيڪڏهن انهن شعبن کي پيپلز پارٽي ترقي ڏياري ها ته اڄ ڏڪار، اِهي اثر نه ڏيکاري ها. سنڌ ۽ وفاق جي وچ ۾ قومي مالياتي فنڊ جي رقم جاري ڪرڻ تي ڦڏو هلندڙ آهي. 
وفاقي حڪومت سنڌ کي ٻن طريقن سان دٻاءَ ۾ آڻڻ گهري ٿي، هڪ اهو ته ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ٻيو اهو ته سنڌ پوليو مهم بابت سنجيده ناهي. اهو پوليو افغانين جي ڪري پکڙجي رهيو آهي، جيڪي وفاق جي پاليسين سبب سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن. تعجب جي ڳالهه آهي ته انساني المئي کي وفاق ۽ صوبائي قرار ڏنو پيو وڃي. ٿر وانگر ڀارتي صوبي راجسٿان ۾ به ڏڪار ايندا آهن، پر اُتي سٺ واري ڏهاڪي کان قومي مالياتي ڪميشن ڏڪار لاءِ ڌار رقم رکندي آهي. ٿر رڳو سنڌ جو ئي نه، پر پاڪستاني رياست جو به حصو آهي. وفاق چين سان توانائي شعبي لاءِ ٺاهه ڪري رهيو آهي، پر سولر سسٽم رائج ڪرڻ لاءِ سولر پينل ۽ سولر پليٽون مقامي طور ٺهرائڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن وسيلي ماڻهن کي سهولتون به ملنديون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار به کُلندا. سنڌ حڪومت ٻه سال اڳ هر ضلعي لاءِ خاص ترقياتي پيڪيج ڏنا، پر هن ضلعي کي پسمانده ۽ ڏڪارن جي لپيٽ ۾ هجڻ جي باوجود اهڙو ڪو پيڪيج نه ڏنو ويو. 
ڪجهه ضلعن ۾ يونيورسٽيءَ مٿان يونيورسٽي، اداري مٿان ادارو کوليو ويو، پر ٿر کي ڪو ڪاليج به نه ڏنو ويو. وفاق يوٿ لون اسڪيم تحت به ٿر جي نوجوانن جي مدد ڪري سگهي ٿو ۽ صوبائي حڪومت بينظير اِسڪل ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي. ٻئي حڪومتون ٻُڌائين ته هن وقت تائين انهن ٻنهي پروگرامن تحت ٿر کي ڇا مليو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿر کي ڇا ڏيڻ گهرن ٿيون؟ ٿر جي ماڻهن سان هڪ سياست حڪومت ڪري رهي آهي، ٻي سياست وفاق ڪري رهيو آهي ۽ ٽئين سياست ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي. ٿر جي اڄوڪي صورتحال ڪيئي ڏهاڪن کان اُن کي نظرانداز ڪرڻ سبب آهي. لڳاتار ڏڪار پوڻ سان وسيلا سُسندا ويا، آبادي وڌندي وئي، حڪومت ترقياتي ڪم خير ڪو ڪيو، اُنهن سڀني ڳالهين المئي کي جنم ڏنو. اڄ حڪومت زميني حقيقتون ۽ ڪوتاهيون مڃڻ بدران ٿر جي معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي لاءِ ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهي آهي. 
مختلف ڌريون هڪ ٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ لاءِ ٿر جي ڏڪار کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن سان انهن سڀني ڌرين جو ته فائدو ٿي رهيو آهي، جو سڀ ذميوارين کان آجيون ٿي وڃن ٿيون، پر ٿر جو ڪو ڀلو نه ٿي رهيو آهي.

Labels: , , , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home