Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

ٿر جي ڏڪار تي ٿيندڙ سياست: 15 نومبر 2014ع

ٿر جي ڏڪار تي ٿيندڙ سياست !
ڇنڇر 15 نومبر 2014ع

بعد از خرابيءِ سيار سنڌ ڪابينا مٺيءَ ۾ اجلاس ڪري، ڄڻ ڏڪار کي ٿر مان ڀڄائي ڇڏيو ۽ ٿر جي ماڻهن تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو. اجلاس جي بريفنگ ۽ فيصلن جو گهرو مطالعو ماڳهين حڪومت جي وڌيڪ پت وائکي ڪري ڇڏي ٿو. سُٺي حڪمرانيءَ جي نشاني اوڏي مهل چِٽي ٿي وئي، جڏهن پتو پيو ته ٿر جي ڏڪار لاءِ رکيل رقم مان اڌ رقم مس خرچ ٿي سگهي آهي. حڪومت ۽ چونڊيل عيوضين جون اوڏي مهل به اکيون نه کُليون، جڏهن بريفنگ ۾ ئي ٻُڌايو ويو ته سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٿر لاءِ 17 ارب 66 ڪروڙ رپيا رکيل هئا، پر ان مان هن وقت تائين ست ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا آهن. حڪومت جي سنجيدگيءَ جو اهو عالم آهي، جو ٿر ۾ ڇهه مهينا اڳ جيڪي ڊاڪٽر ۽ استاد ڀرتي ڪيا ويا، انهن کي اڃا تائين پگهارون به نه مليون آهن.

 اجلاس جنهن ۾ ٻن وزيرن مخدوم جميل الزمان ۽ منظور وساڻ شرڪت نه ڪئي، ڇاڪاڻ جو هو حڪومت لاءِ، حڪومت انهن لاءِ تڪراري بڻيل آهي. مخدوم جميل ۽ سندس ڀاءُ مخدوم عقيل الزمان خلاف ست مهينا اڳ ڏڪار جون تباهه ڪاريون ظاهر ٿيڻ تي قدم کنيو ويو هو. منظور وساڻ وري تڪراري رپورٽ سبب ”گڊ بوڪس“ ۾ نه ٿو لڳي. ڪابينا جي فيصلي موجب ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو بل سومر ڏينهن اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو، ان بل جو مسودو ماهرن، آفيسرن ۽ چونڊيل عيوضين تي ٻڌل ڪميٽيءَ ٽي مهينا اڳ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو هو. 
ڪميٽي ڏڪار پاليسيءَ جو مسودو به گهڻو اڳ حڪومت کي ڏنو هو، پر ان کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي. شايد ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي ان ڪري ٺاهي پئي وڃي، جو ان لاءِ بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ رپيا رکيل آهن. ڏڪار پاليسي آڻڻ جي صورت ۾ حڪومت مجبور ٿي ويندي ته اُها ڏڪاريلن کي ڪجهه ڏي. ترقياتي ڪمن ۾ ته ڪميشنون آهن. حڪومت سنڌي ميڊيا کي ليکڻ لاءِ تيار نه هئي. ڏڪار جو معاملو ان ڪري ٻيهر ياد آيو آهي، جو مين اسٽريم ميڊيا، اسيمبليءَ اندر اپوزيشن ۽ ڪجهه ٻين جماعتن اُن کي سوڙهو ڪيو. تعجب جي ڳالهه آهي ته رليف لاءِ رکيل گهٽ رقم خرچ ٿيڻ، ڪرپشن، رليف جو سامان ضايع ٿيڻ ۽ ٻين اهڙن معاملن جو ڪابينا ڪو به نوٽيس نه ورتو ۽ صرف ڏيکارڻ خاطر فيصلا ڪيا. حڪومتي حلقن وٽان هڪ ئي ساهه ۾ ٻه ڳالهيون چيون پيون وڃن. 
حڪومت مڃي ٿي ته ٿر ۾ ڏڪار آهي. اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته 15 آگسٽ بدران ٻه مهينا دير سان ڏڪار ڊڪليئر ڇو ڪيو ويو. حڪومت چوي ٿي ته ٻار ڏڪار سبب نه پيا مرن، اُن لاءِ داين هٿان ڄم کي ڪارڻ ڄاڻايو پيو وڃي. حڪومت عالمي اداري طرفان غذائيت جي کوٽ واري رپورٽ تي غور ڪرڻ ۽ پيٽ وارين عورتن جي غذائيت نه هجڻ واري معاملي تي ويچارڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن داين هٿان ڄم ٿيڻ ئي ٻارن جي موت جو ڪارڻ آهي ته اُن لاءِ به حڪومت ئي ذميوار آهي، جيڪا ويم جون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ 650 ليڊي هيلٿ ورڪرز سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪرايون آهن. زميني حقيقتون حڪومتي دعوى کي رد ڪن ٿيون. اهو موقف ته ٻارن جو مرڻ ڏڪار سان نه، پر صحت سان واڳيل آهي، اهو عقل جي ڏاهن کي ڪير سمجهائي ته ٻارن ۾ صحت جو معاملو حمل دوران شروع ٿئي ٿو، ان بعد ماءُ جي ٿڃ سان واڳيل آهي. هڪ بُکايل ۽ گهٽ خوراڪ واري ماءُ ۾ ڪيتري ٿڃ ٿي سگهي ٿي؟ 

ٿر ۾ بلاشبه طبي سهولتن جي کوٽ آهي، پر اها حڪومت جيڪا پي پي ايڇ آءِ جي ذريعي هڪ ڳوٺاڻي صحت مرڪز کي ايتري بجيٽ ڏي ٿي، جيڪا ڪنهن وزير جي ٿر جي هڪ دوري جي خرچ کان به گهٽ آهي. دراصل حڪومت ان مان ٻه فائدا وٺڻ گهري ٿي، هڪ اهو ته صحت جو اشو سڄي صوبي ۾ آهي، ان ڪري ٿر ۾ ان جو هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. ان ڪري سڄي غير معمولي صورتحال کي معمولي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ٻيو اهو ته جيئن ته اهو معاملو صحت سان واڳيل آهي ۽ صحت واري وزارت گذريل 15 سالن کان ايم ڪيو ايم وٽ آهي، ان ڪري اها ذميواري حڪومت يا پيپلز پارٽي جي نه، پر ايم ڪيو ايم تي اچي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته حڪومت ان کي هروڀرو سياسي بڻائي، حڪومت بمقابله ايم ڪيو ايم ڪرڻ گهري ٿي ته جيئن اها تنقيد کان بچي سگهي. هاڻي ٻئي جماعتون ڏي جواب، وٺ جواب ۾ لڳي ويون آهن، ٿر جو معاملو ڇُٽو. ايم ڪيو ايم کي وري وجهه لڳو، اها پنهنجي سياست کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ان کي ڪوٽا سسٽم سان ڳنڍي رهي آهي. ائين غريب ٿرين ۽ ڏڪار تي سياست ٿي رهي آهي، جنهن ۾ حڪومت توڙي ايم ڪيو ايم ٻنهي جو ڀلو ٿي رهيو آهي. 

سوال آهي ته ڇا پيپلز پارٽي ٿر ۾ صحت جون سهولتون پهچائڻ جي جڏهن ڪا ڪوشش ڪئي ته ڇا ايم ڪيو ايم ان ۾ رنڊڪون وڌيون؟ اهڙو ڪو به رڪارڊ ڪو نه ٿو ملي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ائين ڪيو به ته صحت جي شعبي ۾. خيرپور، نوابشاهه يا لاڙڪاڻي جي معاملن ۾ ان ائين ڇو نه ڪيو؟ ۽ جيڪڏهن ڪيو، ان جي باوجود حڪومت اهي رٿائون عمل ۾ آڻي ڇڏيون! ٻن منٽن لاءِ کڻي مڃجي ته ايم ڪيو ايم جو رڪارڊ سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ اهڙو رهيو آهي، اُن ٿر لاءِ به ائين ڪيو هوندو، پر اها جماعت ٿر جي ڏڪار جي مستقل حل ڳولڻ يا ٻن اهم شعبن، زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ ته آڏي ٽنگ نه پئي ڏني، انهن شعبن کي ڇو ترقي نه ڏياري وئي؟ جيڪڏهن انهن شعبن کي پيپلز پارٽي ترقي ڏياري ها ته اڄ ڏڪار، اِهي اثر نه ڏيکاري ها. سنڌ ۽ وفاق جي وچ ۾ قومي مالياتي فنڊ جي رقم جاري ڪرڻ تي ڦڏو هلندڙ آهي. 
وفاقي حڪومت سنڌ کي ٻن طريقن سان دٻاءَ ۾ آڻڻ گهري ٿي، هڪ اهو ته ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ٻيو اهو ته سنڌ پوليو مهم بابت سنجيده ناهي. اهو پوليو افغانين جي ڪري پکڙجي رهيو آهي، جيڪي وفاق جي پاليسين سبب سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن. تعجب جي ڳالهه آهي ته انساني المئي کي وفاق ۽ صوبائي قرار ڏنو پيو وڃي. ٿر وانگر ڀارتي صوبي راجسٿان ۾ به ڏڪار ايندا آهن، پر اُتي سٺ واري ڏهاڪي کان قومي مالياتي ڪميشن ڏڪار لاءِ ڌار رقم رکندي آهي. ٿر رڳو سنڌ جو ئي نه، پر پاڪستاني رياست جو به حصو آهي. وفاق چين سان توانائي شعبي لاءِ ٺاهه ڪري رهيو آهي، پر سولر سسٽم رائج ڪرڻ لاءِ سولر پينل ۽ سولر پليٽون مقامي طور ٺهرائڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن وسيلي ماڻهن کي سهولتون به ملنديون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار به کُلندا. سنڌ حڪومت ٻه سال اڳ هر ضلعي لاءِ خاص ترقياتي پيڪيج ڏنا، پر هن ضلعي کي پسمانده ۽ ڏڪارن جي لپيٽ ۾ هجڻ جي باوجود اهڙو ڪو پيڪيج نه ڏنو ويو. 
ڪجهه ضلعن ۾ يونيورسٽيءَ مٿان يونيورسٽي، اداري مٿان ادارو کوليو ويو، پر ٿر کي ڪو ڪاليج به نه ڏنو ويو. وفاق يوٿ لون اسڪيم تحت به ٿر جي نوجوانن جي مدد ڪري سگهي ٿو ۽ صوبائي حڪومت بينظير اِسڪل ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي. ٻئي حڪومتون ٻُڌائين ته هن وقت تائين انهن ٻنهي پروگرامن تحت ٿر کي ڇا مليو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿر کي ڇا ڏيڻ گهرن ٿيون؟ ٿر جي ماڻهن سان هڪ سياست حڪومت ڪري رهي آهي، ٻي سياست وفاق ڪري رهيو آهي ۽ ٽئين سياست ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي. ٿر جي اڄوڪي صورتحال ڪيئي ڏهاڪن کان اُن کي نظرانداز ڪرڻ سبب آهي. لڳاتار ڏڪار پوڻ سان وسيلا سُسندا ويا، آبادي وڌندي وئي، حڪومت ترقياتي ڪم خير ڪو ڪيو، اُنهن سڀني ڳالهين المئي کي جنم ڏنو. اڄ حڪومت زميني حقيقتون ۽ ڪوتاهيون مڃڻ بدران ٿر جي معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي لاءِ ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهي آهي. 
مختلف ڌريون هڪ ٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ لاءِ ٿر جي ڏڪار کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن سان انهن سڀني ڌرين جو ته فائدو ٿي رهيو آهي، جو سڀ ذميوارين کان آجيون ٿي وڃن ٿيون، پر ٿر جو ڪو ڀلو نه ٿي رهيو آهي.

Labels: , , , , , , ,

امداد جي ورهاست وارو روايتي طريقو ۽ غير شفافيت جا امڪان


امداد جي ورهاست وارو روايتي طريقو ۽ غير شفافيت جا امڪان

سهيل سانگي

اڱارو 11 مارچ 2014ع

هاڻي سڀني جو رخ ٿر ڏانهن آهي، وزير اعظم نواز شريف ۽ پيپلز پارٽي جو نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڏڪاريل علائقي ۾ پهچي ويا آهن، سپريم ڪورٽ به نوٽيس وٺندي سنڌ سرڪار کي ٿر جي حالتن لاءِ ذميوار قرار ڏنو، فوج به امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهي آهي، بلڊر ٽائيڪون ملڪ رياض فوتي ٻارڙن جي وارثن لاءِ 5-5 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آءِ بي اي سکر توڙي ٻيا انيڪ سرڪاري نيم سرڪاري ادارا ۽ ماڻهو ڏڪار ستايلن جي امداد لاءِ ميدان ۾ لهي پيا آهن، ڊونر ۽ اين جي اوز ته هونئن ئي اهڙن موقعن تي ميدان ۾ اچي ويندا آهن، لڳي ٿو ته ٿر واسين جي واهر ٿيڻ واري آهي، انهن جي مدد جو سامان ٿيڻ وارو آهي. وزير اعظم هڪ ارب رپين جو اعلان ڪيو، ساڳئي وقت تي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪيو، ۽ چيو ته ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ٻارن جو موت ڪيئن واقع ٿيو ۽ امدادي ڪڻڪ ڇو نه ورهائي ويئي؟ سوال پنهنجي جاءِ تي درست آهن. اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم به گذريل مئي وارين چونڊن کان پوءِ پهريون ڀيرو ٿر ۾ ڏسڻ ۾ آيو، سندس چوڻ هو ته امداد جي ورهاست کي شفاف بڻائڻ لاءِ رابطي ڪاري ضروري آهي، ائين نه ٿئي جو رڳو هڪ پارٽي جي ماڻهن کي امداد ملي. وفاقي حڪومت جي اعلانيل امداد بعد ٿر ۾ ارباب رحيم جو ڪردار هڪ دفعو ٻيهر اڀري رهيو آهي، ورنه چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي وڏي پيماني تي فتح ۽ سندس گروپ جي هار بعد هو بنهه گم لڳو پيو هو. بهرحال انهيءَ ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ٿر جي ڏڪار ۽ ان جي امداد تي به ڪا سياست ٿئي. ڏڪار واري معاملي تي سنڌ حڪومت جيئن ستن مهينن تائين خاموش رهي ۽ ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار نه ڏنو، ٽي مهينا اڳ ڏڪاريل ماڻهن لاءِ اعلانيل ڪڻڪ به نه ورهائي، ان سان گڏوگڏ بدانتظامي ۽ خراب حڪمراني جي ڪري ڳالهه حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي. وڌيڪ خرابي ان وقت ٿي، جڏهن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي گذريل هفتي واري دوري دوران غلط بريفنگ ڏني ويئي. اها نه رڳو غلط، غير منطقي هئي، بلڪه چڙ ڏياريندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ هئي. ان ڳالهه ماڳهين حڪومت جي ساک کي ئي لوڏي وڌو. اهو سٺو ٿيو جو وڏي وزير غلطي جو اعتراف ڪندي معاملي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ بريفنگ ۽ ان کان اڳ واري انتظامي توڙي صحت جي صورتحال مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ٿر ۾ سرڪاري ادارن ۽ اتي ويٺل آفيسرن جا ڪهڙا افعال هوندا. رڳو ايترو ئي نه، ساڳئي وقت چونڊيل عيوضي به اوترا ئي ذميوار آهن، جو اهي سڀ آفيسر فرمائشن تي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جا لڳايل آهن، ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر ۾ اهي خبرون هلن ٿيون ته انهن آفيسرن کي خاص مقصدن لاءِ لڳايو ويو آهي، وڏو مقصد اهو آهي ته ترقياتي ڪمن توڙي سار سنڀال وارن فنڊن مان سندن حصو پتي نڪري. الزام وڏا آهن، ماڻهن وٽ شاهديون به آهن، ان جي ضرور جاچ ٿيڻ گهرجي. ڳالهه اها پئي ٿي ته انهن عيوضين به وڏي وزير کي صحيح صورتحال نه ٻڌائي، ٻين لفظن ۾ اهو ته اهي نمائندا عوامي مينڊيٽ جو احترام نه ڪري سگهيا. ڇا ٿر جي ماڻهن کي اهو حق نٿو پهچي ته اهي انهن نمائندن تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪن ۽ کين ايوانن مان واپس گهرائي وٺن ۽ ٿر جي ماڻهن سموريون رڪاوٽون توڙي هن ڀيري انهن نمائندن (پيپلز پارٽي) کي تاريخي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ انهن جي مينڊيٽ جو اهو حال ڪيو ويو، ان بابت خود پارٽي قيادت کي انهن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. سنڌ جو وڏو وزير ٿر ۾ خراب صورتحال جي حوالي سان ستن آفيسرن کي اڳ معطل ڪري چڪو آهي ۽ ڪالهه ڪجهه وڌيڪ آفيسرن خلاف قدم کنيو ويو آهي. ڳالهه هڪڙي نظر ۾ ٺيڪ لڳي ٿي، پر انهن آفيسرن جي مقرري، انهن جي اهڙي خراب ڪاڪردگي توڙي رويي کي خود پارٽي جي ڪن اڳواڻن جي پُٺ حاصل آهي، ان ڪري رڳو انهن آفيسرن جي معطلي سان ڪم ڪونه هلندو. ڪي حلقا اهو پيا چون ٿا ته ڏڪار آهي ئي ڪونه، اهو ميڊيا جو وڌل ڏڪار آهي، اها ميڊيا هائيپ آهي، اها ڳالهه شروع ۾ سنڌ جي وڏي وزير به چئي هئي، ٻئي ڏينهن تي کيس پاڻ کي درست ڪرڻو پيو. 15 آگسٽ تائين برساتون نه پوڻ کانپوءِ ميڊيا لڳاتار حالتن بابت خبرون ڏيندي رهي ۽ حڪومت جو ڌيان ڇڪائيندي رهي ته علائقي ۾ امدادي سرگرميون شروع ڪيون وڃن پر حڪومت ائين نه ڪيو، ٽي مهينا اڳ مختلف رپورٽن جي روشنيءَ ۾ حڪومت 60 هزار ٻوريون ڪڻڪ به موڪلي. مهينو کن اڳ اسيمبلي ۾ به ان ڏڪار جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ ائين ميڊيا ۾ اهو سلسلو لڳاتار هلندو اچي، جنهن کان حڪومت ۽ انتظاميا ڪن لاٽار ڪندي رهي. ڪي حلقا، خود انتظاميا ۾ ويٺل ماڻهو چون ٿا ته گذريل سال ساڳئي موسم ۾ وڌيڪ ٻار موت جو شڪار ٿيا هئا، بلڪه اها ڳالهه خود صوبائي وزير شرجيل ميمڻ به چئي آهي. اهي انگ اکر ضرور صحيح هوندا، پر کانئن اهو پڇي سگهجي ٿو ته تڏهن به ته پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي ۽ انهن موتن لاءِ به اها ئي ذميوار آهي، پوءِ انهيءَ لاءِ به حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو. ڏڪار سبب پيدا ٿيل غذائي کوٽ ۽ مال لاءِ چاري جي اڻ هوند آهستي آهستي اثر ڏيکاري رهي آهي، ريڍو مال وڌيڪ ڪمزور ٿيندو آهي ۽ اهو ڏڪارن ۽ بکن ۾ سڀ کان پهرين شڪار ٿيندو آهي، هن ڀيري به ائين ٿيو. ڏڪار جي سٽ وارو معاملو ان وقت کليو، جڏهن بيماري وگهي رڍون هزارن جي تعداد ۾ مرڻ لڳيون، ٿر جا ماڻهو جن کي اڳ به ڪيترن ئي ڏڪارن جو تجربو آهي، تن سمجهي ورتو هو ته هاڻي ڏڪار اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي، ان ڳالهه ميڊيا جو ڌيان به ڏڪار جي اثرن طرف ڇڪايو. جڏهن اسپتالن جو ٽن مهينن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ته ڊيڄاريندڙ صورتحال سامهون آئي، رڳو مٺي سول اسپتال جا انگ اهو پيا ٻڌائين ته سراسري طرح چاليهارو کن ٻار هر مهيني اجل جو شڪار ٿيا آهن، هي ڪو ميڊيا هائيپ ڪونهي، بک ۽ ڏڪار ڪو گولي يا بم ڪونهي، جو ان جو ڌماڪو ٿئي ۽ ماڻهو مري وڃي، هي ته لڳاتار ڪمزور ڪندڙ، چيچلائي ماريندڙ عمل آهي، ٿر جو ماڻهو ان مان گذري رهيو آهي، 5 سالن جو ننڍڙو ٻارڙو انهيءَ غذائي کوٽ جي سٽ نٿو سهي سگهي، ان ڪري سٽ ۾ اهو ئي متاثر ٿيو، مدافعت جي سگهه نه هجڻ ڪري موت جي منهن ۾ هليو ويو، جيڪڏهن هي ميڊيا هائيپ آهي ته انڊيا جي راجسٿان ۾ به ڏڪار پيو آهي، ان کي ڇا چئبو! مٺي شهر جو منظر ٻڌائي ٿو ته سنڌ توڙي وفاقي حڪومت ۽ عالمي ادارا ٿر ڏانهن اٿلي پيا آهن، هڪ وڏي امداد اچڻ واري آهي، ان ڪري هاڻي اصل سوال اهو آهي ته اها امداد ۽ خوراڪ غريب ۽ مستحق ماڻهن تائين ڪيئن پهچي؟ سرڪار امداد ورهائڻ جو اهو انتظام ڪيو آهي جو اهو ڪم انهن ماڻهن جي حوالي ڪيو آهي، جيڪي هن کان اڳ به ٿر ۾ سفيد ۽ سياهه جا مالڪ هئا، اهي ماڻهو اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي ذميواري کان آجا ناهن ۽ ان ڪري امداد جي ورهاست ۾ به شفافيت بابت شڪ ۽ شبها آهن. ٻيو طريقو روايتي اين جي اوز جو آهي، اين جي اوز هاڻي عوام جي خدمت ڪرڻ يا عوام کي ڪجهه ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ تبديل ٿي ويون آهن. انهن گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ عوام جي نالي تي ۽ تباهين جي ازالي لاءِ آيل پئسن مان پنهنجو پاڻ کي ته ٺاهيو آهي پر عوام کي ڪجهه به نه مليو آهي. ڊونر ادارا مٺي يا اسلام ڪوٽ تائين ئي پنهنجيون ڪئمپون قائم ڪندا، باقي ڪم انهن روايتي وڏين اين جي اوز کي ڏنو ويندو ، بزنس ڪندڙ انهن اين جي اوز جو ڪردار مارڪيٽ جي ٻوليءَ ۾ وچيئن ڌر وارو هوندو، پر اهي انهيءَ امداد کي اڳتي نه وڌائينديون. ٿيڻ ڇا گهرجي؟ (1) حڪومت کي گهرجي ته ڪنهن هڪ پارٽي يا چونڊيل عيوضيءَ تي ڀاڙڻ بدران ڳوٺ جي سطح تي ڪميٽيون ٺاهي. ڪن ڳوٺن ۾ اڳ ئي ڳوٺاڻيون تنظيمون قائم آهن، انهن کان ڪم ورتو وڃي، ڪميٽين ۾ هر مڪتبه فڪر ۽ گروپ جا ماڻهو کنيا وڃن ته جيئن امدادي ڪم جي ورهاست ۾ شفافيت اچي سگهي. (2) ڊونر ادارن کي گهرجي ته اهي به ڪجهه هيٺ لهن ۽ انهن ”ايجنٽ“ اين جي اوز جي بدران ڳوٺاڻين تنظيمن کي اڳتي آڻين ۽ امداد جي ورهاست انهن جي ذريعي ڪئي وڃي. (3) ٿر ۾ پوندڙ ڏڪار جو مستقل حل ڳولڻ لاءِ انڊيا جي تجربي مان به سکيو وڃي، جتي ٽيوب ويلن ۽ ڪئنال جي ذريعي پوکي ڪئي وڃي ٿي. (4) ٿر جي ڪوئلي کي استعمال کان اڳ ٿر جي نوجوانن کي هنري ۽ ٽيڪنيڪل تعليم ڏيئي اتي سئو سيڪڙو انهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. (5) ٿر ۾ معياري تعليم کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ذهين ٻارن کي اسڪالرشپون ڏيئي بهتر نوڪرين لاءِ تيار ڪيو وڃي. (6) هن وقت ٿر جا ماڻهو چوپائي مال ۽ برسات تي ٿيندڙ فصلن تي ڀاڙين ٿا، ان جي بدران سندن روزگار جو ذريعو تبديل ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن.

Labels: , , , , ,