Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, April 17, 2022

ملڪي جمهوريت لاءِ هڪ ٻيو موقعو

The Time News - Pahenji Akhbar -April 15, 2022

 ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو. اسٽيبلشمينٽ کان وٺي عوام تائين، هڪ ٻئي جي مخالف ڌر کان وٺي عدليه تائين سڀ هڪ پيج تي اچي ويا. اهو ڪپتان جي حڪومت جي ڪارڪردگي جو ڪمال هو يا وري سندس اقتداري ڪاريڊور ۾ مختلف لابين کي مينيج نه ڪري سگهڻ جي اهليت نه هجڻ جو. جيڪڏهن عمران خان سرپرائيز وارو اڌ کيڏيل پتو نه کڻي ها ته ڇا صورت حال بيهي ها؟ بهرحال اهو طئي آهي ته حڪمران طبقن ۽ اقتداري ڌرين جي رڌڻي ۾ ته رولو هو. اهو رولو جڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ حل نه ٿي سگهيو ته پارليامينٽ ۾ سياسي ڌرين ڏي بال اڇلايو ويو. سرمائيداري نظام ۾ اندروني جهيڙا حل ڪرڻ لاءِ عدليه آخري فورم آهي. اتان جڏهن به فيصلا آيا آهن ۽ جهڙا به آيا آهن اهي ڪنهن حڪمران طبقي ۽ اقتداري ڌرين جي اندروني جهيڙا ٻين روايتي فورمن تي حل نه ٿيڻ بعد آيا آهن.

 هاڻي سڄي ملڪ ۾ اهو تاثرڏنو پيو وڃي ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو آهي. اهڙو اشارو عسڪري ادارن کان وٺي مک سياسي ڌرين تائين ايتري قدر جو نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف ۽ سڄي جوڙجڪ کي عملي شڪل ڏيڻ جي ڪاريگر طور سامهون ايندڙ آصف علي زرداري به اهو ئي چيو آهي. هن بي اعتمادي واري رٿ جي رات پارليامينٽ ۾به چيو هو ته هڪ شخص کي ڇڏي سڀني سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. ڪالهه انٽرويو ۾ به اهو چيائين ته زرداري سب تي ڀاري نه پر سڀ سان ياري. اهي سڀ اشارا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه کي چٽو ڪن ٿا ته نظرين، خيالن، حڪمت عملين ۾ گهڻ رنگي آهي، ان گهڻ رنگي کي گڏ کڻي هلڻو آهي. اصل سياسي رويو سهپ ۽ اڪموڊيٽ ڪرڻ ئي آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ ڪامياب ويندو آهي. اهو سوال پنهنجي جاءِ تي اڃا به طئي ٿيل ناهي ته پاڪستان جي حڪمران طبقي۽ ڌرين مجموعي طور ان گهڻ رنگي کي ڪيترو دلي طور مڃيو آهي. گهڻ رنگي صوبن جي حوالي سان آهي . گهڻ رنگي ٻولين ۽ ثقافت جي حوالي سان آهي. اهو به مڃڻ باقي آهي ته ملڪ اڃا تائين سياست، معيشت، ثقافت ۽ سماجي حوالن سان اهڙو رنگ پيدا نه ڪري سگهيو آهي جيڪو خودبخود اڳ موجود، ٻين رنگن تي چڙهي وڃي.

وزيراعظم شهباز شريف قسم کڻڻ بعد ملڪ جي باني قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڏيڻ لاءِ سنڌ جي گاديءَ جي واري شهر ڪراچي پهتو. اها تڪڙ هن انهي ڪري به ڪئي جو 2013ع وارين چونڊن کانپُوءِ ٿيل وزيراعظم نواز شريف ڪيترن ئي مهينن تائين باباءِ قوم جي حاضري ڀرڻ نه آيو هو. شهباز شريف جڏهن سنڌ چيف منسٽر هائوس ۾ سنڌ حڪومت ۽ اتحادي ايم ڪيو ايم سان ميٽنگ ڪئي ته هن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هر فرمائش پوري پئي ڪيائين. وڏي وزير کيس ڪراچي کي پاڻي پهچائڻ، بجلي، رستن، ٽرانسپورٽ جي رٿائن لاءِ ڊگهي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم سندس هر ڳالهه مڃيندو ويو، ڄڻ چوندو هجي ته “ هور ڪوئي حڪم؟”. ان صورتحال جو فائدو وٺندي وڏي وزير وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ تڪرار هيٺ آيل ٽن وڏين اسپتالن جي ڳالهه ڪئي.ساڳئي وقت ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ مرڪزي پاليسي ۽ مرڪزي ٽيسٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. وزيراعظم اها ڳالهه به مڃي ورتي. پوءِ ڳالهه ان  نقد ترقياتي قرض جي به ڇيڙي. ايئن پئي لڳو ته سنڌ جي وڏي وزير وٽ مطالبن جي لسٽ ختم ٿي وئي آهي.

اهو صحيح آهي ته هن وقت نواز ليگ سخت سوڙهه ۾ آهي. اهو به صحيح آهي ته شهباز شريف سان آصف علي زرداري جيڪي لڪي ملاقاتون ڪيون، جنهن جو ذڪر خود زرداري صاحب پنهنجي تازي انٽرويو ۾ به ڪيو آهي. زرداري جي هن اٽڪل شهباز شريف کي وزرات عظميٰ ڏياري. ان جو هڪ پاسو اهو به آهي ته نواز ليگ ڄڻ مائنس نواز شريف ٿي وئي. نواز شريف ۽ مريم نواز ٻئي پارليامينٽ کان ٻاهر آهن. اها سياست گردي پنهنجي جاءِ تي پر اصولي طور پنجاب جي سياسي طور تي نمائندگي ڪندڙ جماعت مسلم ليگ نواز سنڌ حڪومت جا مطالبا مڃيا. انهن مطالبن جو جوهر اهو ئي آهي جيڪو 18هين ترميم جو آهي. بلڪه ٿيڻ ايئن گهربو هو، بلڪه اڃا به وقت آهي ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۽ واڌو اهي پارٽيون جيڪي عمران خان جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ نئين حڪومت جوڙڻ ۾ گڏ هيون، سي ان وچن کي ورجائين ته ارڙهين ترميم جي لفظي معنائن ۽ اصلي جوهر سان عمل ڪيو ويندو. ايئن ايندڙ وقت موجوده  گڏيل حڪومت جيڪا قانون سازي ڪرڻ گهري ٿي، بلڪه پي ٽي آءِ جي عملي طرح سان استعيفائون ڏيڻ جي نتيجي ۾ انهن پارٽين کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ملي ٿي ته آئين ۾ ارڙهين ترميم کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ  ۽ ان تي عمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جا نقطا به شامل ڪري.

عسڪري ادارن جي ميڊيا ونگ جو اهو بيان ملڪ جي ماڻهن کي ضرور سٺو لڳو هوندو ته ملڪ ۾ هاڻ مارشل لا نه لڳندو. تاريخ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا موقعا ڏيندي آهي، جيڪڏهن انهن موقعن جو بروقت فائدو نه ورتو ويندو آهي ته اهي ضايع ٿي ويندا آهن.ملڪ جي تاريخ ۾ شايد پهريون موقعو، ايوب خان جي خلاف اٿيل تحريڪ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو هو. پر تڏهن ان موقعي کي وڃائڻ سان گڏ اڌ ملڪ به وڃايو ويو. ٻيو موقعو بنگلاديش ٺهڻ بعد جڏهن اقتداري ڌرين ذوالفقار علي ڀٽو کي حڪومت جون واڳون ڏنيون. ڀُٽي جي حڪومت سنڀالڻ کانپُوءِ اٽڪل سال ڏيڍ سال تائين اهڙي صورتحال هئي جو جيڪي هو چاهي ها سو ٿي پئي سگهيو. ٽيون موقعو ايم آر ڊي جي تحريڪ کانپوءِ 1988ع جي چونڊن کانپوءِ آيو هو. تڏهن بينظير ڀٽو تي دٻاءُ وڌو ويو ته هو هرحال ۾ شرط قبول ڪري ۽ اقتدار وٺي. جيڪڏهن هو تڏهن شرط نه قبولي ها ته شايد صورتحال مختلف هجي ها. اوڏي مهل بينظير ڀٽو حڪمرانن جي ايئن مجبوري هئي جيئن بنگلاديش ٺهڻ کانپُوءِ ڀٽو مجبوري هو. جيڪڏهن ڏسجي ته چوٿون موقعو محترمه جي شهادت کانپوءِ 2008ع وارين چونڊن جي موقعي تي آيو هو. حالانڪه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف “جمهوريت لاءِ ٺاهه” چارٽر آف ڊيموڪريسي صحيح ڪيو هو. پر ان کي ٻئي مُک پارٽيون توڙ تائين نڀائي نه سگهيون.

نواز ليگ هڪ سبق مشرف دور ۾ سکيو ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ڪيون، جنهن جو اصل روح هو ته فيصلا سياسي ڌريون ۽ پارليامينٽ ڪري. خبر ناهي ته اسان جي سياسي ڌرين خاص طور تي ٻن وڏين سياسي پارٽين انهن سڀني واقعن ۽ تحريڪن مان ڪيترو سکيو آهي ۽ ان دوران ڪيل غلطيون ٻيهر نه ورجائڻ جا جتن ڪيا آهن؟ جيڪڏهن اهي سياسي جماعتون غلطيون نه ورجائڻ جا جتن نٿيون ڪن ته پوءِ معاملا ڊگهي وقت تائين هلي نه سگهندا. پنجن ستن سالن ۾ وري اهڙي صورتحال وڃي بيهندي جو ڪو عمران خان ڪو مشرف، ملڪ جي ڳچي ۾ پوندو.

گذريل پنجن ستن سالن جي واقعن مان ڪجهه ڳالهيون ضرور اڀري اچن ٿيون، جن تي اسان جي اهم ادارن کي طئي ڪري ڇڏڻ کپي. هڪ اهو ته جمهوريت ڪو پروجيڪٽ ناهي. هي هڪ لڳاتار جاري رهندڙ عمل ۽ پروسيس آهي، ملڪي معيشت ۽ ترقي لاءِ ان جو جاري رهڻ ضروري آهي. دنيا جون جمهوريتون ۽ سٺيون حڪمرانيون ٻڌائين ٿيون ته اهو عمل پنهنجي ليکي شين جي ڇنڊڇاڻ ڪندو آهي. ان کي فلٽر ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو برطانوي وزيراعظم چرچل کان پڇيو ويو ته جمهوريت ۾ ڪيتريون خرابيون اچن ٿيون. ان جو حل ڪهڙو آهي. هن وراڻيو هو ته ان جو حل وڌيڪ جمهوريت آهي. اهو ذهن ۾ رکڻ کپي ته جمهوريت جو مطلب رڳو چونڊون ڪرائڻ، هڪ پارٽي کي هٽائي ٻي کي آڻڻ ناهي. بلڪه اڄ جي دنيا ۾ جمهوريت جو مطلب اسان جا بنيادي حق، گهڻي سهپ، گھڻ رنگي ماڻهن جا معاشي سياسي ۽ ثقافتي حق، سُٺي ۽ صاف سٿري حڪمراني، پارليامينٽ ۽ حڪومت کي وڌ ۾ وڌ نمائنده بڻائڻ به شامل آهي. اهو سبب خود پاڪستان جي تاريخ مان به ملي ٿو. ڏسڻو اهو آهي ته ملڪ جي مُک سياسي پارٽيون ڪيتري قدر ذميواري جو ثبوت ڏين ٿيون. اها ذميواري رڳو عوام کي ئي نه بلڪه انهن پارٽين کي فائدو ڏيندي سندن ئي اچڻ وڃڻ جا رستا ٺهندا ۽ صاف ٿيندا.جيڪڏهن ايئن نٿيون ڪن ته پاڻ به ڏچي ۾ اينديون رهنديون ۽ ان سان گڏ ملڪ کي به ڏچي ۾ وجهنديون رهنديون.

 

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home