Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, March 19, 2022

مني بجيٽ، نواز شريف جي واپسي ۽ حڪومتي تبديلي

   Pahenji Akhbar Dec 31, 2021

وڏو ٿرٿلو مٿل آهي ته نوازشريف ٿو اچي، اجھو ٿو اچي، نواز ليگ جو چوڻ ته ٺهي به ٿو جو هو چوي ته ڇوڪرا ڇوڪرا پاسي ٿيو نوازشريف ٿو اچي. پر پاڻ حڪومتي صفن ۾ به ٿرٿلو متل آهي، وزيراعظم کان وٺي ان جي خاص صلاحڪارن تائين سڀني جي وات تي اها وائي آهي ته نوازشريف ٿو اچي، جو حڪومتي ڌر چوي ٿي ته هو ايئن ڪيئن ايندو؟ مٿس ڪيس هلندڙ آهن، قيد جي سزا آيل آهي، هو ايئن ڪيئن وزيراعظم ٿي ويندو، هرڪو پنهنجي طور تي اهو راڳ ڳائي رهيو آهي، ايڏو گوڙ ۽ شور متل آهي جو ٻيو ڪو آواز ٻڌڻ ۾ يا وري سمجھه ۾ نٿو اچي. حڪومتي ڌر ايئن ڇو پئي ڪري؟ هي هڪ وڏو سوال آهي. هڪ خيال اهو آهي ته نوازشريف صرف تڏهن اچي سگھندو جڏهن عمران خان نه هوندو. عمران خان هوندو ته ڪنهن نه ڪنهن نقطي تي هو آڏو اچي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن هڪ ڀيرو ميان صاحب ڦاٿو ته اتان نڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو ۽ هن پنهنجي توڙي ميان شهباز شريف جي لنڊن روانگي واري تجربي مان اها ڳالهه ضرور سکي هوندي، يعني نوازشريف جو اچڻ بنهه عمران خان جي وڃڻ سان مشروط آهي.

لنڊن توڙي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ گذريل ٻن هفتن کان جيڪي ڳالهيون هلي رهيون هيون تن جو اڃا تائين ڪو حتمي نتيجو نه نڪتو آهي يا ايئن کڻي چئجي ته ڪو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي پر بظاهر لڳي ٿو ته ڪجھه نه ڪجھه ٿيو ضرور آهي. ڪجھه نه ڪجھه ٿيڻ واري ڳالهه ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندي رهي آهي، ظاهر آهي ته وزيراعظم عمران خان جا ذريعا وڌيڪ موثر ۽ باخبر آهن جن کيس پڪي پختي خبر ڏني هوندي، ان ڪري هو اهو ئي سمجھندو ته کيس هٽايو پيو وڃي. هو پنهنجي بچاءَ ۾ مختلف شيون چئي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ سماجي توڙي غير مصالحتي حلقن ۾ سندس خامي توڙي نواز شريف جي مخالفن کي معاملي کان آگاهه ڪري رهيو آهي، هونئن به چئي سگھجي ٿو ته هو نوازشريف مخالف پنهنجي موقف تي بيٺو آهي. پر هرڪو ڄاڻي ٿو ته عمران خان رڳو موقف تي بيهڻ وارو ماڻهو ناهي، هو “يوٽرن” وٺندو رهيو آهي ۽ يوٽرن وٺڻ کي جائز به سڏيندو رهيو آهي.

ان ڪري ڳالهه اصولي موقف کان اڳتي اچي وئي آهي، اهو ڊپ ته نوازشريف کي ايندو ته سندس حڪومت هلي ويندي، ته حڪومتي ڌر  طرفان ته نواز شريف اچي پيو جي بيان جي حمايت جو هڪ ٻيو سبب اهو به چيو پيو وڃي ته ان سڄي گوڙ ۾ باقي سموريون شيون دٻجي وڃن ۽ غير اهم ٿي وڃن. خاص طور تي مني بجيٽ، جيڪا ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وئي. ان بجيٽ لاءِ پاڪستان بابت آءِ ايم ايف جي ڇهين نظرثاني رپورٽ جي لاءِ ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو 12 جنوريءَ تي ٿيندڙ آءِ ايم ايف جي بورڊ ۾ پاڪستان کي قرض جاري رکڻ بابت فيصلو ٿيڻو آهي. مني بجيٽ ۾ رڳو ٽئڪس ۽ عوام کي مختلف اسمن تي ملندڙ رعايتن يا سهولتن جي خاتمي جي حوالي سان اپوزيشن جماعتن جا بيان پنهنجي جاءِ تي پر معيشت جا ڄاڻو چون ٿا ته ان بعد ملڪ جو سمورو مالي نظام اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعي آءِ ايم ايف وٽ هليو ويندو. ملڪي ادارن يا پارليامينٽ جي وس ۾ ڪو به مالي معاملو نه هوندو، هنن کان اڳ  ملڪ جو  رڳو معاشي نظام ٻاهرين ادارن يا ملڪن جي حوالي هو پر هاڻي مالي نظام به انهن وٽ هليو ويو آهي، ڊالر جي قيمت ۾ جيڪا لاڳيتي واڌ ٿيندي ٿي رهي،

اهو ان ڳالهه ڏي شروعاتي اشارو هو ته مالي نظام آءِ ايم ايف جي وس ٿيڻ جا ملڪ جي معيشت، سماج توڙي سياست تي ڪهڙ اثر پوندا؟ ان بابت ماهرن جا رايا خطرناڪ حد تائين آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جون پارٽيون ۽ اڳواڻ ان جي چٽي تصوير عوام آڏو پيش نه ڪري رهيون آهن،  آءِ ايم ايف وارو اهو قصو هو جنهن لاءِ آصف علي زرداري چوي ٿو ته وٽس فارمولا آهي سو بهرحال حڪومت به انهيءَ ۾ خوش آهي ته مخالف ڀلي ان ۾ خوش هجن ته “مومل ٿي اچي” اسين پويان مني بجيٽ جي ذريعي پنهنجو ڪم ڪري وٺنداسين.

نواز ليگ جو خيال آهي ته کڻي ڪجھه ڪري وٺن، ڪمپني گھڻا ڏينهن هلي ڪونه سگھندي، بلڪه اهي سموريون حرڪتون هيڪاري نواز شريف جي ان موقف کي سگھارو ڪنديون ته هڪ دفعو آخري ڀيرو طئي ٿي وڃڻ گھرجي ته حڪومتي معاملا هلائڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي ۽ ٻيو اهو ته پنجاب جي قيادت سياستدانن کي ئي ڪرڻي آهي.

انهي بيانيي خلاف وڏي وٺ پڪڙ ٿي، ڪيس هليا، قيد ۽ ملڪيتون ضبط ٿيڻ جا فيصلاآيا، وڏي وٺ پڪڙ ٿي، ايتري قدر جوکيس ملڪ مان نڪرڻو پيو. نوازشريف پرڏيهه علاج ڪرائڻ لاءِ ويو اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي پر ان کان وڌيڪ اهم اهو آهي ته هو جيڪڏهن پاڪستان ۾ جيل اندر قيد رهي ها ته پنهنجي صحت ۽ وري پنهنجي سياست کي سنڀالي سگھي ها، اهي ٻئي سندس وس کان ٻاهر ٿي وڃن ها. هو ملڪ کان ٻاهر رهندي وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آزاد فضائن ۾ رهندي جيل واري پريشاني ۽ اذيت به ناهي. نوازشريف جو ملڪ کان ٻاهر هجڻ پارٽيءَ لاءِ به فائديمند آهي ڇاڪاڻ جو سندس پارٽي سان جيڪي سلهاڙيل حلقا آهن اهي سمجھن ٿا ته نوازشريف اڃا ايترو ڪمزور نه ٿيو آهي، ان ڪري اهي ان سان جڙيل رهڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.

2018ع جي الڪيشن جي موقعي تي، توڙي ان کان پوءِ نيب ۽ ٻين حلقن طرفان سمورا زور لاتا ويا، دٻاءُ، ڪيس، گرفتاريون، ڊپ، داٻا پر ان باوجود نواز ليگ جا اليڪٽيبل، ورڪر، ووٽر پارٽي سان جڙيل رهيا، اصل ۾ نوازشريف جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اها ئي آهي. چوندا آهن ته فوجي حڪمت عملي ۾ وڏي ۾ وڏو جنرل اهو ناهي جيڪو سٺي نموني سوڀ حاصل ڪري ٿو جڏهن طاقت آهي ته سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا وڏي ڪارڪردگي نه کپي، وڏو جرنيل اهو مڃيو وڃي ٿو جيڪو سٺي نموني شڪست کائي ٿو، يعني گھٽ ۾ گھٽ نقصان ٿئي. نوازشريف به انهيءَ حڪمت عملي تي عمل پيرا نظر اچي ٿو.

نوازشريف جي وطن ورڻ واري ڳالهه سندس پارٽي جي ماڻهن توڙي ورڪرن ۾ جوش خروش پيدا ڪيو آهي، بلڪه نئون ساهه وڌو آهي. هي هڪ اهڙو موقعو آهي جڏهن حڪومت پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ ڏي وڃي پئي، ان ئي موقعي تي نواز ليگ ۾ ٻيهر سگھه اچڻ کيس چونڊون کٽڻ ۾ سولائي پيدا ڪندي، ان کي جيترو نواز ليگ اڀاريو، ان کان وڌيڪ حڪومتي ڌر اڀاريو، هاڻي چوٻول اهو ئي آهي ته نواز ٿو اچي، نواز شريف وطن واپس ڪهڙي صورت ۾اچي سگھي ٿو؟ پهرين اها جيڪا وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وزير سمجهي رهيا آهن، يعني وزيراعظم عمران خان حڪومت جي ختم ٿيڻ بعد ئي هو ايندو، ٻين لفظن ۾ اهو ته عمران خان جيستائين وزيراعظم جي عهدي تي آهي، هو نه ايندو. ٻيو اهو ته پاڪستان سرڪار پنهنجو ڪيس ٺاهي،

انٽرپول کي چوي ته اسان جو ڏوهاري لنڊن ۾ ويٺو آهي، ان کي پڪڙي اسان جي حوالي ڪيو پر انٽرپول ۾ اهو ڪيس رکڻ ۽ اتي پنهنجو موقف مڃائڻ ايڏو سولو ڪم ناهي، نئين صورت اها ٿي سگھي ٿي ته نوازشريف کي برطانوي حڪومت نيڪالي ڏئي. جيتوڻيڪ نوازشريف جي ويزا ختم ٿيل آهي پر سندس اپيل بابت برطانوي حڪومت اڃا ڪو فيصلو نه ڪيو آهي هو اتي انساني همدردي جي بنياد تي رهيل آهي. نواز شريف ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهيو آهي ۽ پاڪستان جي هڪ مقبول پارٽيءَ جو ميمبر آهي خود لنڊن ۾ نواز ليگ جا ڪيترائي حامي آهن جيڪي برطانوي شهريت وٺي ووٽ جو حق رکن ٿا، ان ڪري ايڏي تڪڙ ۾ ۽ آسانيءَ سان انگريز سرڪار وٽان فيصلو نه ايندو.

ان سڄي قصي ۾ آخري ٻه ڳالهيون يعني انٽرپول جي ذريعي گھرائڻ يا برطانوي سرڪار وٽان نيڪالي مشڪل نظر اچي ٿي. شروع واري ڳالهه پاڪستان جي وس ۾۽ پاڪستان جي حالتن سان ٺهڪندڙ آهي. ان ڏس ۾ ڪجھه ڳالهيون ٿيون آهن، ڪجھه اڃا ٿيڻيون آهن، معاملو ته مارچ تائين وڃي سگھي ٿو، هونئن به نواز ليگ کي ڪهڙي کٽي کنئي آهي جو اها مني بجيٽ ۽ ٻيا معاملا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي. سو نواز شريف به ايندو  پنهنجي مرضيءَ سان ايندو. سو هو اچي ٿو يا نٿو اچي. بهرحال سندس پارٽي اچي ٿي. ستارن جي ڪجھه گردش ٿي آهي، ڪجھه ڳالهيون اڳتي وڌيون آهن پر اڃا مڪمل نه ٿيون آهن ڪجھه معاملا رهيل آهن، تيستائين هي حڪومت جھڙي به آهي ان مان ڪم هلائڻو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها ڏينهو ڏينهن وڌيڪ ڪمزور ٿيندي پئي وڃي پر مسئلو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪهڙو ۽ ڪنهن جو سيٽ اپ هجي ان تي اتفاق راءِ نه پيو بيهي.

Pahenji Akhbar Dec 31, 2021 
Mini Budget, Nawaz Sharif's homecoming, Change of PTI govt? by Sohail Sangi

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home